شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

زندگيءَ سان پيار

زندگيءَ ڪيڏي حسين،
زندگيءَ ڪيڏي جوان،
زندگيءَ جون قربتون ڪيڏيون عجيب!
حسن حيرت ۽ جواني جون گھڙيون
ھر محبت جي فساني جون ڪڙيون:
آرزوئن جي زمين،
حسرتن جو آسمان،
ھر جوانيءَ جي نگاھن جو نصيب.

زندگيءَ جھومي پئي،
زندگيءَ ڳائي پئي،
زندگيءَ سان جھوم جھوم،
زندگيءَ سان ڳاءِ ڳاءِ،
موت کان انڪار ڪر،
زندگيءَ سان پيار ڪر،
زندگيءَ سان پيار ڪر!

(ماھوار ”روح رھاڻ“ حيدرآباد جون 1964ع)