ڪاڪ محل
جنھن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان،
دور کان دل لڀائي، نه اچڻ ڏئي ويجھو،
ڪير آھي جو لنگھي پار پوي مشڪل مان؟
جيڪو اڳتي ٿو وڌي، کائي اھو ڪيئي فريب،
جادونگريءَ مان بچي ڪير سگھي، ڪير ڀلا؟
ڪن کي نوميدي ڪڍي ڏند پئي ڊيڄاري،
ڪن کي ڏائڻ جيان ڏڪائي ٿو پيو موت، الا!
روز اميد، ڪري ھار ۽ سينگار نوان،
پاڻ کي خوب سجائي، ٿي لڀائي دل کي،
عارضي سونھن تي ھِرکي ڪئين جوڌا ۽ جوان،
راھ ڀلجي ۽ وساري ٿا ڇڏن منزل کي.
ڪير منزل کي رَسي؟ ڪير ٿو ماڻي مومل؟
جان جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سھي!
ڪوئي لاھوتي لنگھي اڳتي، وڃي مقصد ڏانھن،
ڇال ڇورين جا ڏسي، ڪوئي لنوائي ته سھي!
ھا، مگر مينڌرا منزل کي رَسي ئي رھندا،
جادونگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رھندا!
عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي،
پنھنجي حالات جي مومل کي پسي ئي رھندا!
مال موھي نه سگھيو، ڪاڪ کان جھلجي نه سگھيا،
ڇال ڇورين جا لنگھي ڪاپڙي وڌندا ئي رھيا:
مون کي شاھ ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،
پنھنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.