پيشڪش
زندگيءَ جو شھرُ، شھرِ لازوال،
شورشن ۽ حادثن جي سلطنت،
جنھن جي ھڪڙي ڪنڊ تي،
شورشن ۽ حادثن جي آسپاس،
دور اُفتاده بلنديءَ جو مقام،
جنھن تي قائم آھي ھڪڙو خوشنما حيرت جو باغ،
پُرسُڪون ۽ پر فِضا، تنھائين، خاموشين جي سرزمين.
وقت جو مالھي عجيب،
ڪنھن عجب اڻڄاڻ شھزاديءَ جي لاءِ منتظر،
دل کي اکين ۾سمائي،
درد جو دريا وھائي،
پيو سدا پوکي محبت جا نوان تازا گلاب
پيشڪش جي لاءِ خوشبو جو ثمر.
مدتن کان پوءِ ڪڏھين، اوچتو،
شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شاھزادي،
زندگيءَ جو حسن بانو،
وقت جي اڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر:
دل ئي دل ۾ مسڪرائي،
قرب جون ٻانھون وڌائي،
پيار سان پنھنجو بنائي،
ٿي ڪري،
درد جو تحفو قبول