لطيفي لات
چوطرف خاموشين شورش ڪئي،
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،
روشني چپ چاپ منھن موڙي وئي،
روح کي بيچينيون گھيري ويون،
دانھن کان مايوس ٿي، سُڏڪا ڀري،
زندگيءَ قيديءَ جيان روئندي رھي:
ڪيئي صديون، ڪيئي سال،
عقل جي تاريخ موٽي پئي وئي.
تنھن گھڙيءَ،
وقت جي شاعر جي دل تڙپي اٿي!
ڌيان جي کڙڪي کُلي،
روح کي پرواز جي طاقت ملي،
ذھن ۾ لھرائي ويئي زندگيءَ جي روشني،
۽ اچي ويئي نظر،
پنھنجي ماضيءَ جي خبر:
شاعرن جو شھنشاھ مصروف ھو،
پنھنجي نغمن ۾ ڀريائين پئي اثر:
ڪُل زمانو وقت جي آلاپ سان سرشار ھو،
۽ سڄي تاريخ ڄڻ بيھي رھي،
ڪو زمانو ٿي ويو،
ظلمتون ۽ روشنيون اينديون رھيون،
دوبدو ٿينديون رھيون،
ھر گھڙي ھڪ آزمائش،
ھر گھڙي ھڪ امتحان،
ڪير ڪنھن جو ترجمان؟
ھر طرح جون نعمتون موٽي ويون ٺڪرائجي،
ھار کائي ويا زماني جا فريب،
آخر ڀڙڪي اٿي دوزخ جي آڳ،
يعني مرڪي پئي جنت جي ڪنيز:
ظلمتن جا ڇا خبر،
وقت جو شاعر مگر مصروف ھو،
جنھن جي دل ۾،
روشني جو راڄ ھو، سوراج ھو.
وقت تي حالات جا پاڇا پيا،
چوطرف خاموشين شورش ڪئي،
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،
ڪيئي صديون، ڪيئي سال:
وقت جو شاعر اڃا ڳائي پيو،
زندگيءَ جي ساز تي،
پنھنجي لطيفي لات کي!