قوالي
واھ جو ٿي ڳالھه وئي يَرَ، وا ته وا – وا ٿي وئي . . .
ڪيئن الائي آئي ھئي، ۽ ڪيئن وري کسڪي وئي،
جنھن جي لئهِ جھلياسين پادر، سا ته سا – سا ٿي وئي. . .
بس رڳو مُنھن ميل ٿيو محبوب سان ھڪ منٽ جو،
ڇا ٿيو، ڇا ڇا نه ٿيو، پر، ڇا ته ڇا – ڇا ٿي وئي. . .
ڪجھه نه ھو، يَرَ ڪجھه نه ھو، پر کَرَ خرابي ڪئي وڏي،
ھن ھَلايو اھڙو چڪر ، آ ته آ – آ ٿي وئي. . .
واٽ ويندي ويا ورائي جواڻ ٺونشيبازَڪي،
مفت ۾ ماريائون شاعر، ٺا ته ٺا – ٺا ٿي وئي. . .
پنھنجو چاھي، ڀل رھي خوش يار پنھنجي خرچ تي،
ٽا، ڪئيسين پاڻ ھيڪر، ٽا ته ٽا – ٽا ٿي وئي. . . .