چنڊ سان چاھ
سونھن جي سچ کي ھڪوار پسڻ جي خاطر،
سچ ۽ سونھن جا ساکي سھي سنبري نڪتا،
زندگيءَ جا لاءِ اڳو پوءِ مرڻ جي خاطر.
ھڪڙو موسي ھو ويو طور، تجليءَ خاطر،
ھڪڙو عيسيءَ ھو چڙھيو دار، تسليءَ خاطر،
شاه گوتم ھليو بنواس ھو جوتي ماڻڻ،
ويو محمد حِرا حسنِ ازليءَ خاطر.
چنڊ ۽ چنڊ جي چانڊاڻ سراپا سھڻي!
چنڊ ۽ چنڊ جي چانڊاڻ سراپا سچي:
چنڊ جي چاھ، ته بي انت چڪورا ماريا،
سونھن ۽ سچ جي سَڌ ۾ ڪا حياتي نه بچي.
ھڪڙو ھو رام، نه جيڪو ھو ٿيو تيسين رام،
چنڊ جھولي ۾ جُھلي آيو نه جيسين ھن جي،
ڪوڙ جي سونھن اڃا تائين ڏئي پيئي فريب،
اڄ جي ھر رام کي آرسي آھي نڪ تي.
منھنجي لئه طور تجلي، سو ته ناممڪن،
منھنجي لئه دار تسلي، سو ته ناممڪن،
ملي گوتم جي ٻُڌي مونکي، سا تقدير ڪٿي،
مان ڏسان حسن ازلي، سو ته ناممڪن.
چنڊ سان چاھ ته ھر حال ۾ رکڻو آھي،
روح ريجھي ته پوءِ رام ٿيڻ ۾ ڇاھي:
ڪوئي چانڊاڻ ۾ ڏئي آرسي منھنجي ھٿ ۾،
چنڊ کي جھول ۾ گھوري ته ڏسان، ڪيئن آھي!