جيسين سج اڀري
سوجھري جو ڪوئي ڪرڻو ڪنھن ھنڌان ڏسجي نٿو،
ٿڌ ايڏي سخت، توبھه،
پھرئين ئي پھر پارو پيو پوي!
سيءُ سنڌن کي سڪائي، لڱ ڇڏي لوساٽيو،
پير ھٿ پٿر جيان ڄميو پون،
ساھ سان ڄڻ برف پئي ڦڦڙن اندر سيِرون ڪري!
اھڙي حالت ۾ ڀلا،
ڪير ٿو ٻاري ڏيئا،
۽ وري ڪنھن کي سُجھي ٿو گھر جي درين ۽ درن کي بند ڪرڻ؟
بُت رڦن پيا، ڄاڙيون کڙڪن پيون،
ڪير ٿو ويھي ڪچھريءَ ۾ کِلي ڳالھيون ڪري؟
ايڏي اوندھ، ايڏي ٿڌ!
اڳ ته اھڙي رات ڪڏھين ڪانه آئي
سڀ سويري ئي وڃي سوڙين اندر آھن پيا!
ٻارڙا سوين منجھان گھونگھٽ ڪڍي، اکين کي مچڪائي پيا گھورين اوندھ جو اگھور
جنھن ۾ ڪوئي سج ناھي،
جنھن ۾ ڪوئي چنڊ ناھي،
جنھن ۾ ڪوئي تارو به چمڪي ڪونه ٿو
ذھن جي تاريڪ پڙدن تي فقط چمڪن پيا اوندھ جا ڪارا ترورا.
ڳوٺ کان ٻاھر، وڏي ميدان تي،
شاھي ڪو آڙاھ پيو ڀڙڪا ڪري،
جنھن جون لاٽون اڀ تائين ٿيون پُڄن:
ٿڙڪندڙ شعلن جي دھشتناڪ پاڇولن وچان،
بيرحم ٽھڪن ۽ وحشتناڪ واڪن، ھوڪرن سان،
ساروئي ماحول ڪچڙي گاھ جيان لزري پيو:
ناچ شيطاني ھلي پيو شام کان.
چوطرف آڙاھ جي،
ڪئين سوين شيطان ھنبوڇيون ھڻن پيا:
ڌڙ سڀن جا ساڳيا ماڻھن جيھا،
پر منڍيون تن تي مِرُن جون مختلف
ڪي بگھڙ، ڪي ڀولڙا، ڪي رڇ ۽ سوئر پيا ڏيکارجن،
ڪي وڇون، ڪي نانگ ڪارا، ڪي ڳجھن جھڙا لڳن :
پڇ لوڏي، ڏند ٽيڙي،
کِل کيچل سان وڏا واڪا ڪري،
باھ ۾ ھڪ ھڪ ڪري وجھندا وڃن،
سڀ اھو سامان، جيڪو ڀاڳين جي ننڊ ھوندي،
شھر جي کليل گھرن مان گڏ ڪري آندو اٿن.
ڳوٺ جي ھڪڙيءَ پراھينءَ ڪنڊ ۾،
جھوپڙي ۾ ليٽيل ٻن ٻارڙين، رلين جي ھيٺان ٿڙڪندي سُس ڦُس ڪئي.
”شاھ سائينءَ جو رسالو مون رکيو آھي لڪائي، پنھنجي ڇاتي سان لڳائيءَ.“
”مورتي مُھين جي نچڻيءَ واري آھي مون به سوگھي ڪئي لڪائي،
پنھنجي ڇاتي سان لڳائي“
”بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا“
”ھائو، جيسين سج اڀري“
ڄامشورو 20.10.1995