شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

محاذ (بلوچن جي مزاحمتي جنگ بابت)

ھڪڙي پاسي بم بارود،
۽ ٻئي پاسي دل جو ودو:
جنگ لڳي وئي آھي زود!

بستيءَ بستيءَ آھي ھجوم،
ھڪڙا ظالم ٻيا مظلوم،
ھر ھنڌ آھي ھڪڙي ڌوم،
رھڻو ناھي ڪو محڪوم،
مارينداسين سڀ مردود،
جن جي فاتحا ۽ نه درود:
بند ڪريو سڀ ساز سرود،
جنگ لڳي وئي آھي زود!

(ماھوار ”روح رھاڻ“ حيدرآباد جولاءِ 1964ع)