تخليق
ڪئين ڪروڙين سال آدم جو جنم:
دم بدم تخليق جي ميدان ۾،
پيار پُڄائڻ شرط ھستي ۽ عدم.
ڪيترو نئون ۽ وري ڪيڏو قديم،
زندگيءَ جي راھ جو ھر ھڪ قدم:
ھر گھڙي گويا ازل کان ٿي شروع،
ھر گھڙي گويا ابد تي ٿي ختم.
سونھن ۽ سرھاڻ جي تقدير ۾،
مُکڙين جي مرڪ لٽبي ئي رھي:
سجُ ڪِرڻا ئي اپائيندو رھيو،
چنڊ جي چانڊاڻ ساڳئي ئي رھي.