شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

پيروڊي: سنڌڙيءَ کي سر ڪو به نه ڏيندو

گھُمي ڏسو بازار، او يار،
سنڌڙيءَ کي سر ڪو به نه ڏيندو،

جھول جھلي جنھن وقت ڀٽائي،
ٿيندا ڀوڳ ھزار، او يار . . . . .

ملڪ مڙئي ميدان ٿي ويندو،
ڪنبندي پوءِ ڪٽار، او يار . . .

گھڙا کڻي گھڙنديون سئو سُھڻيون،
کنگھندا ڪونه ميھار، او يار . . . .

ڪانگ ڀلا ڇا ڪيرائيندا،
دوکي جي ديوار، او يار . . . .

ماھيا ويٺا ڳائين سنڌ ۾،
ٻيجل جا سڀ ٻار، او يار . . .

(شيخ اياز جي وائي ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ جي پيروڊي)