شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

ڌمال

ڌم ڌما ڌم مست قلندر سندڙي دا،
جڳ دي ڪارڻ بڻيا سھارا جندڙي دا.
ڌم ڌم ڌم ڌم نوبت وڄي،
سُڻ سُڻ آپي دشمن ڀڄي،
جھنڊا جھولي کٻي سڄي،
ميندي شانان والي کڄي،
روح جنھين ڪو ڏيک رڄي
جڳ دي ڪارڻ بڻيا سھارا جندڙي دا . . . .

ڪٿان ڪٿان خلقان اچن،
شھر سيوھڻ وچ ميلي مچن،
در در ڌوم ڌمالان لڳن،
گھر گھر گھنڊ گھڙيالي وڄن،
مست مگن سب ناچو نچن،
جڳ دي ڪارڻ بڻيا سھارا جندڙي دا . . . .

سنڌڙي پياري پرور دي ھي
سنڌڙي سھڻي سرور دي ھي
سنڌڙي حاڪم حيدر دي ھي
سنڌڙي شاھ سُخنور دي ھي
سنڌڙي سچل شاعر دي ھي
نا بيدرد تونگر دي ھي
نا ڪنھن سگ ستمگر دي ھي
سنڌڙي لعل قلندر دي ھي
ڌم ڌما ڌم مست قلندر سنڌڙي دا . . .