لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

دنيا جون شاعر عورتون

هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
Title Cover of book دنيا جون شاعر عورتون

ڪجهه نوٽس

ماڻهو ٿيڻ ڏکيو آ
ماڻهوءَ جو ڀاءُ ماڻهو نه، چاقو آ!
پنهنجي ٻوليءَ کي شاهوڪار، وڌيڪ شاهوڪار ڪرڻو آهي ته ٻين ٻولين جا شهپارا جيڪي توهان پڙهيا هجن، جن توهان جي روح کي ڇهيو هجي، جن جو ڦهلاءُ اَپار آهي، اهي زندهه جاويد آهن، انهن تي فنا ناهي، اهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻيو – پر اهو اهم ۽ ڏکيو ڪم آهي. تخليق ۾ ته تخليقڪار آزاد آهي پر ترجمو ڪندڙ نه، آخر روح کي، عصر کي ترجمو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ پيڙ کي لفظ جي صورت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ اهو هڪ اهڙو تجربو آهي، جنهن مان تخليقڪار نٿو گذري. هو لاشعوري طور لکي ٿو، پر ترجمي ۾ شعور پيڙهه آهي، ٻنهي ٻولين، جنهن مان ترجمو ٿئي ۽ جنهن ۾ ٿئي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئڻ کپي. ساڳئي وقت رڳو لفظ به ناهن، انهن جي معنيٰ به آهي. ان رچنا/ ڪويتا/ شاعريءَ/ نظم / تخليق .... جو هڪ وايو منڊل آهي، فضا آهي، منظر آهن، ماڻهو آهن، جذبا ۽ احساس آهن، هڪ سج آهي جو لٿل ناهي – هڪ سج آهي جو لٿل آهي:
آءٌ هن سرد گهر ۾ ڏڪان ٿي
شهر جو لٿل سج
ان ڪري به ترجمي جو ڪم تخليق کان وڌيڪ نه، ته گهٽ به ڪونهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ان جي اهميت وڌيڪ ئي هوندي آهي. خاص ڪري تڏهن تخليق جو چٽڪو هڻي ”ٻئي نمبر“ جو مال اگهايو وڃي ٿو! آءٌ ادب ۾ ۽ شاعريءَ ۾ جنس جي تخصيص نٿو مڃان. شاعر يا ته شاعر آهي يا ناهي. يورپ ۾ ته اها تخصيص Poet ۽ Poetess واري ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي آهي، خود هن ڪتاب جو نالو ”دي پينگئن بُڪ آف وومين پوئٽس“ آهي، ان ڪري آءٌ شاعر کي شاعر ئي سڏيندس- نه ڪي شاعرا يا شاعره. فهميده به ٻئي صيغا ڪتب آندا آهن:
”هوءَ پنهنجي دور جي وڏي ۾ وڏي شاعر هئي“

(شهزادي نوڪاڊا)

ان ڪتاب ۾ ڏنل شاعري گهرن جذبن جو اظهار آهي. ”وڌ ۾ وڌ ثقافتن“ کي نمائندگي ڏيڻ جي، اصل ڪتاب جي مهاڳ ۾، ڪوشش جي ڳالهه ڪيل آهي. ان ڏس ۾ ناڪاميءَ جو اعتراف به آهي. ڪارڻ؟ ”معقول ترجمن“ جي اڻهوند. ان ڪري ان ۾ سنڌو ماٿر جي ڪنهن به شاعر جو ڪلام ناهي. ٻين سڀني قديم تهذيبن – مصر، يونان، هندستان، چين جي شاعري ان ڪتاب ۾ موجود آهي، پر سنڌو ماٿر جي عظيم ۽ قديم تهذيب جي شاعري عدم موجود! ”ڪارڻ“ ان عظيم ۽ قديم تهذيب جي لپي (Script) پڙهجي ناهي سگهي! موهن جي دڙي جي عظيم ۽ قديم تهذيب پراچين مهان سڀيتا – سسٽميٽڪ ۽ آرٽسٽڪ شهر، مهرون، مورتيون، رانديڪا، ٿانو، انهن جي اڏاوت، گهڙاوت، لکاوت، بناوت ۽ انهن سڀني اهڃاڻن آڌار چئي سگهون ٿا ته هتي شاعريءَ جو وجود اوس هوندو. ”ناچڻي“ آهي ته سنگيت به هوندو. ته ٻول به هوندا! ڪتاب ۾ قبل مسيح جي شاعري موجود آهي، پر سنڌو ماٿر جي شاعري عدم موجود! سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون به ان جو ڪارڻ آهن، جن ۾ نه رڳو انسان جو ڪوس ٿيو، پر ڪتب خانا به ساڙيا ويا. سنڌ سان ايئن ٿيندو آيو آهي:
سنڌ صدين کان دلوراءِ جي نگري آهي!
ان ڪتاب ۾ سنسڪرت، تامل، ڪنڙا، گجراتي، هندي ۽ پنجابي شاعري به موجود آهي، پر سنڌي نه! جڏهن ته اسين اها به هام هڻون ٿا ته ويد سنڌوءَ ڪناري تي لکيا ويا آهن. خود ديوناگري لپيءَ ۾ به گرنٿ موجود آهن. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته فهميده هي ڪتاب ترجمو ڪري، ان ڏس ۾ ڳنڀيرتا سان سوچڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جو پڻ احساس ڏياريو آهي.
ڪي لائبريريون اسان پاڻ دريا بُرد ڪري ڇڏيون. ڪي ڌارين جي ڀڙڪايل باهه جو بُک ٿي ويون. سنڌالاجيءَ کي ساڙڻ وارو واقعو اسان جي ئي سامهون ٿيو آهي.
سنڌي شاعريءَ جي قدامت جو تاريخي حوالو هي شعر آهي:
اِرهه برهه ڪنڪرهه
ڪراڪري مندرهه
جيڪو به عرب دور جو آهي، جنهن ۾ به وقت جي خليفي جي ثناخواني آهي، ان ڪري اسان جو آڌار لوڪ شاعري آهي، جيڪا سيني به سيني، نسل در نسل، سفر ڪندي اسان تائين پڳي آهي. فهميده سچ چيو آهي ته:
”اسان جي لوڪ شاعريءَ جون ته اڪثر صنفون آهن ئي عورتن جون چيل، جن ۾ لولي، ڳيچ، سهرا، لوڪ گيت، هيرا، ڪوڏاڻا، انيڪ چوڻيون، ٻاراڻا ٻول شامل آهن.“