لارن پاراسڪي: فنلئنڊ (١٨٣٣ع کان ١٩٠٤ع)
[b]ڌيءَ سان زوري ٿيڻ تي ھڪ ماءُ جا تاثر
[/b]منهنجي ننڍڙي پياري ڌيءَ
ڌرتيءَ تي بي سڌ پيل آھي
منهنجي پکيءَ جا پـَـر پٽيل آھن
ڪاش آءٌ ڄاڻي سگھان ھا
ته اھو ظالم ڪير ھو؟
جنهن منهنجي ٻچڙيءَ کي ھيئن سٽيو ھو
شل ھو ڪينئرو ٿئي
شل ھن کي ڪو نانگ ڏنگي
جھنگ جي باھه ۾ سڙي
ڪنهن گھري ڌٻڻ ۾ ڦاسي
ڪني پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري!
***
[b]عورت جلد پوڙھي ٿيو وڃي
[/b]سھڻو نه رھيو آ منهنجو چھرو
لال گلابي جي ھئا، سي نه رھيا منهنجا ڳل
اڇي اُجري سھڻي کل – آھي ھاڻ ٿڪل
عمر جھٽ گذري وئي
جواني بس گذري وئي
سال ۾ مس ڪو ڇيلو ملي ٿو
مھيني ۾ ڪو گابو اچي ٿو
ڇا خدا مون کي ان لاءِ خلقيو
ته سال ۾ ھڪ ڇيلو کاوان
مھيني ۾ مس گابو ماڻيان
اڪثر مڙس جي پاسي ۾ ھوندي
سڙان پچان ٿي ۽ پڄران ٿي!
نوٽ: ھن نظم ۾ ڇيلو ۽ گابو مڪاني علامتون آھن.
***
[b]ڪونج اداس آھي
[/b]ڪونج اُداس آھي
سياري جي سرد پاڻيءَ ۾ ترندي
اھا اداسي اڃا ته وڌندي
گھر کان بي گھر جڏھن ٿيندي
ويتر وسيع دنيا ۾ گھمندي ڦرندي
مٺڙي پکيءَ جي اداس دلڙي
جڏھن ڌاريو داڻو چڳندي
اڃا به روئندي ۽ رڙندي
ننڍڙي جھرڪيءَ جي ڳچي جيئن ٿڙڪي
برف جا ڪڻا چـُڳندي
ان کان به وڌ اُداس آھيان مان
ان کان به وڌ سيءَ منجھ ٿي ٿڙڪان!
***