الخنساء (اسلام کان اڳ جي عربي شاعر)
الخنساء اسلام کان اڳ جي انهن چئن عربي شاعر عورتن مان آهي جن کي مڃيو وڃي ٿو. انهن سڀني مان وڌيڪ مشهور تمعذير بنت عامر هئي جيڪا ٥٩٠ع ڌاري ڄائي ۽ ٦٤٤ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پويان هڪ ڌيءَ عامره نالي ڇڏيائين جيڪا پاڻ به شاعر هئي. بهرحال هن جي زندگيءَ جو اهو واقعو مشهور ٿيو ته هن هڪ پوڙهي ماڻهوءَ سان شاديءَ کان انڪار ڪيو هو. سندس شادي مشهور جنگجو مرداس سان ٿي. پنهنجن ٻن ڀائرن جي موت تي جيڪو ڏک پهتس ان جي ڪري شاعري ڪيائين. هوءَ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن ڏانهن موڪليل اسلامي وفد ۾ به شامل هئي.
الخنساء جو شاعر وارو ڪردار هڪ مرثيه گو جو هو جيڪو عربن وٽ روايتي طرح عورتون ئي ادا ڪنديون هيون. ڪيتريون زباني روايتون ڏانهس منسوب آهن.
[b]پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ
[/b]روئو، روئو، روئو!
روڄ ۽ ماتم اِهو
منهنجي ڀاءُ لاءِ آهي
مٽيءَ جيڪو پردو وڌو آهي
سو ڪڏهن به هٽي نه سگهندو
ڀائڙا! تون ان کاري پاڻيءَ ڏانهن ويو آهين
جيڪو هڪ ڏينهن
هر ڪنهن کي چکڻو آهي
تون جو معصوم هئين
گناهن جي پاڇي کان دُور هئين
۽ چيو هيئي؛
”حياتي تير جي چهنب جيتري جاءِ مٿان
ڄڻ ڪنهن گهريتڙيءَ جي ڀون ڀون آهي“
پر اي منهنجي ابي امڙ ڄايا
منهنجي دل ۾ تون زنده آهين
۽ آءٌ لُڪ ۾ لوساٽيل گاهه جيان
سڙي رهي آهيان سدائين
مون پنهنجو پاڻ کان گهٻرائي
پاڻ کي اندر پوري ڇڏيو آهي
سڀ چون ٿا:
هو مري ويو آهي – ها اهو ئي
جو اسان جي قبيلي جي ڍال هو
جو اسان جي گهر جي پيڙهه هو،
ڄڻ اسان تي آفت ڪري پئي آهي
هو مري ويو آهي، ها اهو ئي
جو سورهين جو سُونهون هو
هو جو دُور جبل تي ٻريل
بهادرن جي لاءِ هڪ مشعل هو
هو مري ويو آهي – ها اهو ئي
جو مُلهه مهانگن گهوڙن جو سوار هو
سهڻن ويس وڳن جو سينگار هو
ڪلهي ۾ پاتل پٽي وارو اهو هيرو
ها اهو ئي – مري ويو آهي
سونهن ۽ ويرتا وارو سورهيه
جُنگ جوان هاڻ جيئرو ڪونهي
سخاوت جي ساڄي ٻانهن ڇڻي پئي آهي
ڏاڙهيءَ بنان سُونهندڙ
اسان جي قبيلي جو سردار
هاڻ اسان ۾ ناهي
۽ هُن پٿر هيٺان ستو پيو آهي
چئو هن جي گهوڙيءَ الوا کي
ته روئي ۽ سوڳ ملهائي
هاڻ هميشه جي لاءِ
مٿس ڪو به سوار نه چڙهندو!
***
[b]ڀائڙا!
[/b]جڏهن ڳاڙهي پٿر جي جنڊ ۾
جوانيءَ جا ڳاڙها گل پيٺا هئا
تو هزارين گهوڙن جا دستا
انهيءَ الوا کي اَڙي هڻي اُڏايا هئا
۽ ڪيئن چانديءَ جي زره کي پاتو هو
تو نيزن کي نئين سر جياريو هو
تن جي تجلن کي تڙپايو هو
او منهنجا زره پاتل شير دل ڀاءُ!
بي پرده گهمندڙ سهڻين نارين کي
صبح پهر تو ڪيئن بچايو هو
اهي ڄڻ ته هرڻين جي ولر جيان هيون
جن جي سُونهن ڄڻ
مينهن جي پهرين قطرن کي
پريشان ڪرڻ جهڙي هئي
تو جيڪي جنگ جا نغما ڳايا هئا
وچ ميدان ۾ وڏي سُر سان
ڪيئن تيرن جيان وڃي کــُتا هئا
او منهنجا مٺڙا سهڻا ڀاءُ
تو پڄاڻا اهي زنده رهندا
اسان جي سينن ۾!
***
هاڻ ڀل ته ستارا اجهامي وڃن سدا
ڀل ته سج اُلهي وڃي
۽ کڻي وڃي پنهنجا سڀ شعاع
اهو ئي اسان جو سج، اسان جو تارو هو
نما شام مهل ڪير وڃي هاڻي
اجنبي مسافرن کي آڻيندو
جڏهن اتر جي تيز هوا جا گُهوگهٽ وڄندا؟
***
اي مسافرو! هن مٽيءَ ۾ اڄ
اوهان جنهن کي پوريو آهي
ان ميزبان اوهان کي کارايو پياريو هو
۽ اوهان جي آجپي لاءِ
اگهاڙي تلوار کي اُلاريو هو
توهان هن کي اونداهيءَ ۾ لاهي
نازبوءَ جي گلن سان سجائي
ابن ڏاڏن جي مقام ۾ سمهاريو آهي
جتي ڏينهن، مهينا ۽ ورهيه گذري ويندا
جيئن ابن ڏاڏن کي گذريا آهن
اهو اوهان لاءِ هاڃو، مون لئه ڏک آ
او سليمانين جا ٻچڙا!
هاڻ آءٌ ڪڏهن به نه کلنديس
او سليمانين جون ڌيئرو!
اکين ۾ ڳوڙها آڻي ماتم ڪريو
پار ڪڍو ۽ روئو، روئو!
***