لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

دنيا جون شاعر عورتون

هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
Title Cover of book دنيا جون شاعر عورتون

ٻه لفظ

اهو سچ آهي ته هن معاشري جي ابتدا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عورت مرد کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي. اڄ به ڌيءُ ڄمڻ تي نه پر پٽ ڄمڻ تي خوشيون ڪيون وينديون آهن ۽ سهرا ڳايا ويندا آهن.
آدم ۽ حوا کان اڄ ڏينهن تائين هن ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي جاگرافيائي ۽ تواريخي تبديليون ته آيون آهن، وهڪرن گس بدلايا آهن، نيل ۽ فرات کان وٺي سنڌو نديءَ ڪيئي شهر ٻوڙي ڇڏيا آهن ته ڪيئي آباد ڪيا آهن. ڪيئي تهذيبون ختم ٿي چڪيون آهن ته ڪيئي جنم وٺي چڪيون آهن. سائنس ترقي به ڪئي آهي ته تباهي به آندي آهي، پر ازل کان ابد تائين انسان جي من جي دنيا ۽ احساسن جي ڪائنات ۾ ڪا به اهم تبديلي نه ٿي آهي. عشق، محبت، پيار، نفرت ۽ ڌڪار، ڳوڙها، کلڻ، مرڪڻ، روئڻ، جنگين ۽ جهادن جي تذڪرن، مذهبي ڪٽرپڻي، جهاد ۽ ان جي نالي تي ٿيندڙ بربريت ۽ بربادي ۽ اهڙين ٻين حقيقتن ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي.
هومر کان وٺي حسن درس تائين ۽ سيفو کان وٺي پشپا ولڀ ۽ ارم محبوب تائين شاعريءَ جا موضوع ساڳيا رهيا آهن. محبت، عشق، جدائي، قرب، ظلم ۽ تشدد خلاف جدوجهد جو آواز يا وطن دوستي ۽ جنگين جا قصا - اسلوب بدلجن ٿا، ڏات ۽ ڏانءُ ۾ فرق آهي پر جذبن، احساسن، موضوعن ۽ حالتن ۾ هڪجهڙائي آهي.
ستين صدي عيسوي جي عرب شاعره الخنساء جو پنهنجي جنگجو ڀاءُ جي موت تي لکيل ڪيڏارو، ڀٽائيءَ جي ڪيڏاري کان ڪنهن به طرح مختلف ناهي.
نائين صدي عيسويءَ جي بزنطيني يونان جي شاعره ڪاسيه جڏهن چوي ٿي:
”دولت گناهه کي ڍڪي ٿي
۽ غريب سُئيءَ وانگر اگهاڙا آهن.“
ته مون کي ڀٽائيءَ جو اهو بيت ياد اچي ٿو ته:
پاڇائي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ.


جپان جي شهزادي شڪيشي جڏهن ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ چوي ٿي ته:
”چيريءَ جا ڳاڙها گل
سرهاڻ وڃائي چڪا آهن
توکي ته اچڻ گهرجي ها،
هوا کان به اڳ، مٺل!“

ته ڀٽائيءَ جو هي بيت ازخود ئي دماغ تي تري ٿو اچي ته:
سَر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.

***
جڏهن ادي (ڊاڪٽر) فهميده حسين مون کي فون ڪري چيو ته ادا مون هڪ انگريزي ڪتاب، جنهن ۾ دنيا جي شاعرائن جو ڪلام آهي، سو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي توهان مهرباني ڪري اهو نظر مان ڪڍي ڏيو ۽ پنهنجي پاران به ٻه لفظ لکي ڏيو ته سچ پچ مون کي ڏاڍي خوشي به ٿي ۽ ڪجهه عجب پڻ لڳو.
خوشي ان ڳالهه تي، ته اسان جي پياري ۽ سڄاڻ ڀيڻ پهريون ڀيرو مون کي ڪو ڪم چيو آهي، جڏهن ته مون کوڙ ڀيرا کين تڪليف ڏني هوندي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ماهوار پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيڻ، مهتاب اڪبر راشديءَ سان ملهايل شام ۾ پيپر پڙهڻ وغيره لاءِ.
مان ۽ منهنجا سنڌي ادبي سنگت جا ٻيا دوست سٺن ادبي پروگرامن ۾ ڪنهن اديب عورت کان سٺي مقالي پڙهائڻ جو جڏهن سوچيندا آهيون ته هن گوناگون شهر ۾ پهريون نالو جيڪو ذهن تي ايندو آهي سو آهي فهميده حسين جو. پاڻ ايتري ته سدوري (Graceful) آهي جو مجال آهي جو کڻي ڪنڌ ڪڍرائي. ”ها ادا“، ”حاضر ادا“ اها آهي اسان جي معروف اديب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين.
عجب ان ڳالهه تي لڳم ته ڊاڪٽر سورلي جي ڪتاب ڀٽ جو شاهه Shah Abdul Latif of Bhit جي ترجمي کي نظر مان ڪڍندڙ ۽ سڌاريندڙ هڪ پي.ايڇ.ڊي ڊاڪٽر جي پورهئي کي وري مان نظر مان ڪڍان ۽ ان تي ٻه اکر به لکان سو ڪهڙي قانون ۾؟ مون اخبارن ۾ چؤسٽن لکڻ ۽ ڪجهه ڪچي ڦڪي شاعريءَ کان سواءِ ٻيو ڪيو ڇاهي جو علم، ادب، صحافت ۽ شاعريءَ جي هڪ ئي وقت اهڙي سُريلي، سُڄاڻ، سگهڙ ۽ سانده، لڳاتار ۽ گهڻي ۽ معياري تخليقڪار ليکڪا بابت لکان!
سچل سائينءَ چيو هو:
”ماٺ ڪريان ته مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافر.“
انڪار ڪرڻ جي ته گنجائش هئي ڪانه سو کڻي چيم ”ادي حاضر.“
مَسودو ادي انيس ميمڻ (انيسه رحمٰن) هٿان مليو جيڪا سندس ڀيڻ به آهي ۽ پاڻ به سٺي شاعره ۽ ليکڪا آهي.
مَسودي سان گڏ جيڪڏهن اصل انگريزي ڪتاب به ملي سگهي ها جنهن تان هي ترجما ڪيا ويا آهن ته شايد مون کي ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوي ها پر مون جڏهن سمورو ترجمو پڙهي پورو ڪيو ته ڄڻ مون اِن ڳالهه جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ته ڪو اصل ڪتاب هجي ها.
ترجمي ۾ ٻولي، سٽاءُ، ردم ۽ ان جي موسيقيت کي برقرار رکيو ويو آهي. ڏکين انگريزي لفظن توڙي محاورن کي نج سنڌي لفظ ڏئي شاعرن جي اصل جذبن جي ترجماني اهڙي نموني ڪئي وئي آهي جو ان جي روح ۽ جذبي کي لهس نه آئي آهي.
شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻوليءَ جو اڪثر خانو خراب ٿي ويندو آهي ۽ ان تي اردوءَ جو اثر حاوي ٿي ويندو آهي. پر ڇو ته ادي فهميده جو تعلق اهڙي گهراڻي سان آهي جتي علم ۽ ادب جا واهڙ وهن ٿا، تنهنڪري سندس قلم جي ڌارا به اهڙي تز، تکي ۽ تيز آهي جهڙو مهراڻ جو وهڪرو. سندس ٻوليءَ ۾ شهري اثر بنهه ڪونه ٿو ڏسجي.
شاعريءَ جو ترجمو، نثر کان ڏکيو ۽ مشڪل هوندو آهي ڇو ته شاعريءَ ۾ موسيقيت (Rhythm)، نظم، ضبط، لفظن جي پابندي ۽ اهڙو جڙاءُ هجي ٿو جيئن ڪو هار هجي. ترجمي جو مطلب ٿيو ته ان هار جي تند کي ٽوڙي ان کي ٻيهر ٻئي ڌاڳي ۾ پوئڻ - اصل سرجڻهار جي جڙيل هار کي جڏهن ٻيو سرجڻهار ٻئي ڌاڳي ۾ پوئي ٿو ته اصل ۽ نقل جو فرق ضرور بيهي ٿو. شاعري خوشبوءِ مثال آهي. جيئن خوشبوءِ جي احساس جو ترجمو نه ٿو ٿي سگهي اهڙي طرح ترجمو ڪندڙ اصل شاعر جي مطلب کي ته ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو پر ان جي خوشبوءِ ۽ اونهي احساس کي نه.
غير ملڪي ۽ ڌاري زبانن جي شاعري، اُن جي محاورن، استعارن ۽ تشبيهن کي سنڌي زبان ۾ آڻڻ ۽ احساسن جي اصلوڪيت قائم رکڻ ته آهي ئي مشڪل ڪم. پر اسان سنڌي زبان جي مَهان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اردو توڙي ٻين زبانن ۾ ترجمن کي ئي مثال بڻايون ته انهن ۾ خود ايتري ٻاڙائي آهي جو مفهوم ته ڇڪي تاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي پر اها چَسَ، اهو چاههُ، اهو روح جي گهرائيءَ تائين گهڙي ويندڙ احساس ترجمن منجهان نه ٿو اڀري، جيڪو شاهه جي اصل بيتن منجهه سمايل آهي.
اصل ڪتاب “The Penguin book of women Poets” جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ هن ريت اظهار ڪيو ويو آهي:
”اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ثقافتن مان شاعري ڏيئي سگهون پر ان جي باوجود ائين نه ڪري سگهياسون ڇو ته انهن جا معقول ترجما نه ٿي سگهيا.“
شاعريءَ جي ترجمن جي انهن سڀني ڏکيائن جي باوجود ايڏي وڏي تعداد ۾ شاعرائن جو ايتري ٿورڙي عرصي ۾ ايڏو سُٺو ۽ سُوڌ ترجمو، ساڳيوئي شاعراڻي يا نثراڻي نظم ۾ اهڙي انداز ۾ ڪرڻ جو اصل شاعريءَ جي مفهوم جي احساس ۽ سچائيءَ کي به لهس نه اچي، هر ڪنهن جو ڪم نه آهي.
قبل مسيح کان وٺي دور حاضر جي مختلف ملڪن جي سَوَن شاعرائن کي ترجمو ڪري هڪ هنڌ سهيڙي وري انهيءَ ۾ شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين لکندڙ يقيناً چاليهارو سنڌي شاعرائن جي شاعري ۽ سندن مختصر تعارف کي ساڳئي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ليکڪا، ايڏو ته ڪارنامو ڪيو آهي جنهن سان نه فقط اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ غير ملڪي ۽ سنڌي شاعري پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ شاگردن جي رهنمائي ٿيندي پر هر ادب کي به پرڏيهي توڙي سنڌي عورتن جي شاعريءَ ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ۽ هينئر به گهڻو لکندڙ شاعرائن جي نه فقط شاعري پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ملندي پر انهن جي زندگين بابت ڏنل ٿوري گهڻي ڄاڻ مان پڻ فائدو حاصل ٿيندو.
تسنيم يعقوب ۽ ادي فهميده حسين (ساڳي ڳالهه آهي) سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ جنهن نهٺائيءَ سان ۽ سواءِ ”مان“ جي اعلان ڪرڻ جي، خدمت ڪري رهي آهي ۽ لڳاتار لکڻ ۽ معيار قائم رکڻ جي جيڪا خوبصورت روايت رکي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ کيس نوبل پرائيز ملي نه ملي باقي لکيل پڙهيل سنڌي معاشري ۾ هوءَ نهايت اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪي آهي ۽ سڀڪو کيس وڏي عزت جي نگاه سان ڏسي ٿو.
اهو ئي وڏو انعام آهي.
هدايت بلوچ
ڪراچي
مهاڳ

گهڻا سال اڳي، منهنجي هڪ جنم ڏينهن تي هميشه وانگي ادا سراج هڪ ڪتاب آڻي ڏنو هئم ”دي پينگئن بڪ آف وومين پوئيٽس“ جي نالي سان ۽ چيو هئائين ته اهو ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جهڙو ڪتاب آهي، مون ڪتاب پڙهيو ۽ ان کي ترجمو ڪرڻ جو به ارادو ڪيم پر پوءِ ڪجهه مصروفيتن وڌڻ ڪري اها ڳالهه دل تان ئي لهي ويم ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن گهر پئي شفٽ ڪيم ته اوچتو ان ڪتاب تي نظر پيم، بس پوءِ پڪي ارادي سان ترجمو شروع ڪيم ۽ نيٺ هي ڪتاب مڪمل ٿي توهان جي هٿن تائين پهتو.
هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين – يونان جي سيفو کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين جي شاعر عورتن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن ۾ سماجي سطح تي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن زيادتين جو هڪ لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو. ڇهين صدي ق.م ۾ يونان جي قديم شاعر سيفوءَ ننڍڙي نياڻي ٽماس جو جيڪو حال لکيو آهي، اسان وٽ اڄ به ساڳيو حال آهي. نياڻين نماڻين جو.... پنجين صدي ق.م ۾ ”ڪورينا“ نالي شاعر پنهنجي سماج ۾ مرد شاعرن اڳيان ڪنهن عورت جي شاعري ڪرڻ کي ڏوهه جهڙو سمجهڻ واري خيال کي پڌرو ڪيو آهي. اسان وٽ اڄ به عورتن جي اظهار تي پابنديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪا عورت اهڙي سگهه ساري به ٿي ته نقاد سندس فن کي پرکڻ مهل هڪ لحظي لاءِ به اهو ڪونه وساريندا آهن ته اها هڪ عورت آهي. ٻي صدي عيسويءَ جي ”سائي يين“ جي شاعري پڙهي خبر پوي ٿي ته ان دور ۾ به عورتن کي اغوا ڪيو يا کڻايو ويندو هو ۽ کين زوريءَ سريتون بڻايو ويندو هو. اڄ به اسان وٽ ائين آهي ۽ سماج ۾ عورت جي مرضيءَ جي ڪا اهميت ڪانهي. اينگلو سيڪسن (پراڻي انگريزي) جي يارهين صديءَ جي هڪ شاعره ”زال جو ڏک“ لکيو آهي جيڪو هزار سال گذرڻ کان پوءِ به بلڪل تازو آهي - اڄ به ڪيئي زالون اهڙو ڏک ڀوڳين ٿيون. ساهرن جا سهم، طعنا، مهڻا، مڙس جي دوري ۽ مجبوري اڄ به زال ذات سان لڳل آهن. ٻارهين صديءَ جي هڪ ڪوريا جي شاعر جو نظم ”ترڪي بيڪري“ پڙهي سماج جي مختلف طبقن طرفان عورت سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيءَ بابت معلوم ٿئي ٿو. اڄ به گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم ڪار لاءِ نڪرندڙ عورتن کي ماڻهو اکين سان، هٿن سان ۽ اشارن سان ائين ئي تنگ ڪندا آهن ۽ اڄ به سندن خلاف ڳالهيون پکيڙيندڙن جو ڪو انت ڪونهي. اڪيلائيءَ جو، بيوفائين جو، پيار ۾ دوکا کائڻ جو ۽ وري جسماني قيد بند سهڻ جو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان جتي اها خبر پوي ٿي اتي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شاعر عورتن نه صرف پنهنجا – عورتن جا ڏک سور پيش ڪيا آهن پر ڌرتيءَ جي ڏکن سورن کي به اندر ۾ محسوس ڪيو آهي، پنهنجن اباڻن ۽ پنهنجن ديس واسين جي پيڙائن کي به اندر ۾ اوتي لکيو آهي. ١٩ صديءَ جي ڪيوبا جي جلاوطن شاعر وطن ڇڏڻ مهل جيڪو درد محسوس ڪيو آهي اهو اندر ۾ وڍ وجهيو ڇڏي - چوي ٿي:
الوداع! منهنجا وطن، منهنجا عدن
جي ڪڏهن مون ساڻ قسمت ڪاوڙي
تنهنجو مٺڙو نالو منهنجو من پرڀائيندو
منهنجي دل ۽ روح کي ريجهائيندو.


يا جيئن برلن جي يهودي شاعر پنهنجي وطن مان نازين جي ڊپ کان ڀڄي فلسطين پهچي ٿي ته اوپري ماحول، اوپري ٻوليءَ ۾ ڪيئن ٿي محسوس ڪري ۽ ڪيڏي درد مان ٿي چوي:
آڪاس ۾ رلندڙ بادلن کي
ڇا چوان نه ٿي ڄاڻان
وطن جي تارن جي تصور کي ٿي چمان
ته منهنجا چپ چمڪي ٿا پون.
آئوَري ڪوسٽ جي انوهاڪاني نالي شاعر پنهنجي نيگرو نسل ۽ ڪاري چمڙيءَ واري قوم لاءِ ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ ان ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن ٿي سوچي جنهن ۾ سندس جڙون کتل آهن سو سندس نظم ”آفريڪا تو جيڪي ڪجهه مون کي ڏنو آهي“ پڙهي مون کي اياز جون هي سٽون ياد اچي ويون؛
جت لڪ لڳي جت اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو
جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن ڪڙهن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.


آفريڪا جي پس منظر ۾ انگريزيءَ ۾ به هڪ ترانو آهي. ”ڪم بئڪ افريڪا“ جنهن جي طرز تي فيض احمد فيض به هڪ نظم لکيو هو ۽ سنڌيءَ ۾ نورالهديٰ شاهه به هڪ ڪهاڻيءَ تي اهو ساڳيو عنوان رکيو هو. ان نظم پڙهڻ سان نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ ٿا لڳن ۽ مارئيءَ جو وچن ٿو ياد پوي ”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“.
انهن موضوعن کان سواءِ ڪيترين شاعر عورتن فلسفي، عشق ۽ ٻين تجريدي موضوعن تي پڻ لکيو آهي. منجهن حقيقت پسندي به نظر اچي ٿي ته رومانويت به موجود آهي. فني لحاظ کان به انهن ۾ ڪا ڪچائي ڪانه ٿي نظر اچي، گهٽ ۾ گهٽ انگريزي ترجمي مان اهڙي ڳالهه محسوس ڪانه ٿي ٿئي. هنن نثري نظم به لکيا آهن ته پابند شاعري به ڪئي آهي، پنهنجي پنهنجي دور جي رجحانن، تحريڪن ۽ خيالن جي به عڪاسي ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ اها دعويٰ ڪيل آهي ته اهو دنيا جي تقريباً سڀني خطن جي شاعرائن کي شامل ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هنن هندستان جي شاعرائن کي شامل ڪري ائين سمجهيو هجي ته اهو خطو (هندو پاڪ) اچي ويو پر ته به مون کي سنڌ کي نه شامل ڪرڻ جو ٿورو دل ۾ ڏک رهجي ويو، بلڪه ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي ڪا به شاعره هن ۾ شامل ڪانهي. ايتريقدر جو اردو ٻوليءَ کي به شامل ڪونه ڪيو اٿن، ان ڪري مون پنهنجي هن مهاڳ ۾ سنڌ جي شاعرائن جو مختصر احوال ۽ سندن شاعريءَ مان مثال ڏئي انهيءَ ڪميءَ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي رڪارڊ تي اچن.
اسان وٽ لوڪ شاعريءَ جون ته اڪثر صنفون آهن ئي عورتن جون چيل، جن ۾ لولي، ڳيچ، سهرا، لوڪ گيت ڪوڏاڻا، انيڪ چوڻيون، ٻاراڻا ٻول شامل آهن، پر باقاعده شاعريءَ ۾ به ٻي سموري معلوم شاعريءَ جيان عورتن جي شاعري سومرن جي دور کان ملي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي پهرين معلوم شاعر سومرن جي دور ۾ يعني ستين صدي هجري (اٽڪل 12صدي عيسوي) ڌاري ٿي گذري آهي جنهن جو نالو هو ”مائي مرکان شيخڻ.“
سندس ڪلام تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ڪلام مرکان شيخڻ“ نالي سان 1971ع ۾ محمد سومار شيخ بدين مان ڇپرائي پڌرو ڪيو جنهن ۾ سندس سوانح عمري، همعصر دور ۽ ان جا ٻيا شاعر ۽ سندس ڪلام جو نمونو ڏنل آهي.
هيءَ شاعره درگاهه شيخ قرهيي ڀانڍاريءَ سان وابسته هئي جيڪا سومرن جي آخري تختگاهه روپا ماڙيءَ کان ٽي چار ميل پري اوڀر اتر طرف آهي.
مرکان شيخڻ جي مڙس جو نالو راڌڻ هو ۽ سندس ذات چاوڙو هئي ۽ پاڻ ذات جي پڻياڻي هئي، پنهنجي مرشد شيخ قرهيي ڀانڍاريءَ جي ڪري شيخڻ سڏبي هئي. هن جو گهڻو ڪري سمورو ڪلام پنهنجي مرشد جي عقيدتمنديءَ ۾ چيل آهي. سندس ڪجهه ٻول هن ريت آهن؛
هيءَ ڪانڊيرڙي لس، هيءَ واسيرڙي وس
ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾، آءٌ کلندي ڪڏندي اچان.


ان کان سواءِ مختلف موقعن تي پنهنجي پير جي ساراهه ۾ چوي ٿي:
ٻيڙو قرهيل پير جو
زوران زور ڀريو
لک مبارڪون شيخن کي
جنهن جي پاس لڙيو
نماڻيون اکڙيون
ائين ستيون ڪوهه ڪريو
مون نماڻيءَ جو ڀاڳ وريو
چشمن ساڻ چمان
قرهيل چوڙ جهليو
نماڻيون اکڙيون
ائين ستيون ڪوهه ڪريو
مون ولهيءَ کي
وارث جاڳائي ڏيو
اڇا پڙ قرهيل جا
اڇو پاڻ رسول ڙي!
قبي مٿي ڪونجڙي
پئي لامارا ڏي
مريد سڏايم ڦٽرا
پيرل تنهنجي در تي
پير سڀئي مصريون
هلو ڄام ڏاتار تي.
انهيءَ کان سواءِ مرکان ڳيچ به چيا آهن جيڪي اڃا تائين ان درگاهه تي مريدياڻيون ڳائينديون آهن.
ارغونن جي زماني ۾ هڪ شاعره ”مائي ساران“ جو نالو به ملي ٿو جنهن جي مڙس کي سرڪار بي گناهه سزا ڏني جنهن سبب هو ٻيلي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وڃي ڌاڙيل ٿيو. سندس جدائيءَ ۾ مائي ساران ڪجهه ڪلام چيو جيڪو وقت جي دز ۾ گم ٿي ويو البت هڪ ٻي شاعره ”جادل جتڻي“ نالي ٿي گذري آهي جنهن جو هڪڙو ”ڇلو“ ملي ٿو. هن شاعره لاءِ چون ٿا ته تمام خوبصورت هئي ۽ جنهن زماني ۾ شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ان زماني ۾ پنهنجي تر ۾ پنهنجي سونهن سبب مشهور هئي. سندس ڇلي جا ٻول آهن؛
ڇلا پورب پتڻي،
جيوي جادل جتڻي
جنهن جي ته نٿ آهي نچڻي
شاهه لطيف جي دور ۾ ”مائي نعمت“ پڻ ٿي گذري آهي جنهن کي شاهه صاحب جو سمورو ڪلام ياد هو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪلام چوندي هئي پر اهو موجود ناهي.
انگريزن جي دور ۾ به ڪي شاعر عورتون ملن ٿيون. پني عاقل جي پاسي هڪ شاعره غلام فاطمه لعل نالي ٿي گذري آهي، جنهن 1925ع ۾ وفات ڪئي. سندس مڙس جوانيءَ ۾ مري ويو هو جنهن جي غم ۾ شاعري ڪيائين جيڪا سندس جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي:
رهندس ڪانه منجهه ڀنڀور، پنهل پڄاڻا جيڏيون،
نڌر ڇڏي ويا ننڊ ۾، ڪانه ڪيائون تڪ تور،
ور وٺي ويا وڻڪار ڏي، ڏني چانگن کي چور،
هزارين هوتن جا، اٿم هينئڙي ۾ هور،
ڪنهن سان ڪنديس ڳالهڙيون، رڙيندس اور،
لطف ڪجا لعل مٿان، مديني جا مور.
ان کان پوءِ شڪارپور جي هاسي ٻائي عرف رڪي ٻائي عرف ”نماڻو فقير“ سچل جي مريدياڻي ٿي گذري آهي. جنهن سچل کان متاثر ٿي صوفياڻو ڪلام چيو آهي. هن ١٩٢٥ع ۾ سچل جو هڪ رسالو به مرتب ڪري ڇپايو هو. هوءَ ١٨٨٨ع ۾ ڄائي ۽ سندس وفات ١٩٦٣ع ۾ بڙودي (هندستان) ۾ ٿي. سندس هڪ ڪافي آهي؛
اديون عشق نه اٿوَ آسان
پر جي پيو پير ان ميدان
جيڪا سڪ جو سبق پڙهندي
دنيا کان سا منهن موڙيندي
طعنا تنڪا سر تي سهندي
ڏاج ڏکن جو پلئه پائيندي
اديون عشق نه اٿو آسان.


هن ئي دور ۾ لاڙڪاڻي جي پاسي جي هڪ شاعره ”ڀڳواني“ نالي پڻ ملي ٿي جنهن پڻ مڙس جي موت کان پوءِ سندس ياد ۾ شاعري ڪئي؛
پتي پران پيارا کپي ڌيان تنهنجو
اندر ۾ رهي سدائين گمان تنهنجو
اڪيلو ڪري مون کي موهن وئين تون
سنڀاري ٿي داسي، درشن جي پياسي.

هڪ ٻي شاعره ”ڀڳوان داسي“ جي شاعريءَ ۾ به وڇوڙي جا ورلاپ ملن ٿا. اها پڻ انگريزن جي دور ۾ ٿي گذري آهي:
پرين منهنجا پيارا پياسڻ ڇڏي وئين
ڏئي ڏکڙا ڏاتر ڏهاڳڻ ڇڏي وئين
ڪيل قول پنهنجا نه پاڙيئي پريم
اڪيلي ڪري ڇو اڀاڳڻ ڇڏي وئين.

”راما ٻائي“ نالي هڪ شاعره پڻ ٿي گذري آهي. سندس ڪلام جو نمونو هتي ڏجي ٿو:
ڇڏيو نه داسي وساري ديالو
سگهڙي لهجو منهنجي سنڀار
عيب اوڻايون مون ۾ اپار
ڄاڻو ٿا ڄاڻڻهار
مهر ڪريو مسڪين تي
سوامي مالڪ مون منٺار
پنڌ ڪرڻ جي پهچ ناهي
پريتم جي ٻڌجو پڪار
وار وار ڪري وينتي
”راما“ ڪجو نه چرنن کان ڌار.


هن دور ۾ ”ڪملا ڪيسواڻي“ هڪ ڪاليج ۾ پڙهيل عورت پڻ شاعره هئي ۽ اڪثر رسالن ۾ باقاعده شاعري ڪندي هئي. هن ڪجهه تنقيدي مضمون پڻ لکيا آهن. هن جو هڪ مزاحيه نظم ڏاڍو مشهو ٿيو هو جنهن جو نالو هو ”گوگڙن جي ڀاڄي:“
ڇاتيءَ جو ٺار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي
ماکيءَ جي لار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي
آلو به آهن سوادي پر ڪجهه اثر ۾ بادي
دل جو غبار لاهي ڀاڄي ته گوگڙن جي.
توريون پسند ڪن کي، ڪن کي وڻن پڪوڙا
منهنجو آڌار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي.
”گوپي هڱوراڻي“ نالي شاعره جو هڪ نظم ”مکڙي“ نالي عورتن جي آزاديءَ جي لاءِ باقاعده پهريون اظهار چئي سگهجي ٿو جيڪو ڪنهن عورت ڪيو آهي. هن علامتي انداز اختيار ڪيو آهي جيڪا شايد وقت جي ضرورت هئي:

مکڙي
هن بند ۾ اي باندي
آهين اجايو ماندي
تو لئه ڪڏهن آزادي؟
سائو لباس لاهي
ٻاهر آءُ ڪوٽ ڊاهي
پنهنجو پسائي مکڙو
راڻي ايڏو ڇو نخرو
آئي آهي رُت بسنتي
هر چيز ۾ آهي مستي
هر جاءِ آهي هٻڪار
۽ آهي پرينءَ جي پچار
لوئي هيءَ لال اوڍي
پنکڙيون هوا ۾ لوڏي
سڳنڌ سونهن وڌاءِ
جيون سندءِ وڌاءِ.
سنڌيءَ ۾ جنهن پهرين شاعر جو شاعريءَ جو ڪتاب ”لهرون“ نالي ڇپيو سا هئي ”سندري ٽهلراماڻي“. هيءَ ڊي جي ڪاليج جي شاگردياڻي هئي ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ شاعري ڪندي هئي. هن جو هڪ نظم انسان بابت هن ريت آهي؛
دل جي اٿاهه درياهه اندر ٽٻيون هڻين ٿو
انمول موتي آڻي دنيا اندر رکين ٿو
ڪڏهن ڪرين ٿو الوليون ڪڏهن اداس آهين
يا جڳ کي ڏين دلاسا يا خود نراس آهين
هستي پتنگ جي ڇا سچ پچ پتنگ تون ئي
چُپ چاپ ويهي ڇيڙين تون ساز زندگيءَ جو
ٿيو لفظ لفظ تنهنجو آواز زندگيءَ جو.
هن دور ۾ سنڌي مسلمان عورتن مان شڪارپور جي ”روشن آرا مغل“ چڱو نالو ڪڍيو. جيڪا ڪاليج ۾ به پڙهي هئي ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪندي هئي. سندس هڪ نظم جون سٽون آهن:
رت آئي، مکڙي ڇا کان شرمائي
ڪرڻا آيا، هر جاءِ ڇايا
چُمي چُمي گل چشمن چايا
ڏسندي ئي ڇو گهٻرائي
مکڙي ڇاکان شرمائي.
رُت آئي، ڀونئرن ڳايو
پل ۾ پاتو ڪنول سان نازڪ ناتو
هيءَ ڇو تنهن کان شرمائي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گهڻي وقت تائين ڪنهن اهم شاعر عورت جو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇڙيءَ ۽ سٺ واري ڏهاڪيءَ جي شروع وارن ڏينهن ۾ ”نور شاهين“ جي عروضي شاعري ڪيترن رسالن ۾ نظر اچڻ لڳي، جيڪا پوءِ مختلف مجموعن جي صورت ۾ به ڇپي. ”رس ۾ رسڻ گهريو“ سندس هڪ مجموعو آهي. ان کان سواءِ هن هڪ ناول ”ليليٰ“ به لکيو ته بيدل جو ڪلام ”پنج گنج“ نالي سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو. سندس مثنوي ”فتح استنبول“ سورنهن سو شعرن تي مشتمل آهي. هن بيت، ڪافيون، گيت، غزل، رباعي، مثنوي، هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. (هاڻ هن دنيا ۾ ناهي) سندس شاعريءَ جو نمونو هت پيش آهي:
آهيان سورن جي ڄڻ کاڻ اديون
ڪنهن ماڳ رسان مان هاڻ اديون
منهنجي اوندهه ئي چانڊاڻ اديون
هر آهٽ تي ڪن ڏيندي وتان
هر راهه گذر کان ٻيهر پڇان
ڏٺو ڪنهن هجي منهنجو يار متان
ڇڏي جيڪو ويو ٿم پاڻ اديون.


نور شاهين سان گڏ مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڌيءَ، ”ثريا سوز ڏيپلائي“ جڏهن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهندي هئي ته ان پڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي پر باقاعدگيءَ سان ستر واري ڏهاڪي ۾ لکيائين. هن ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. (تازو وفات ڪري وئي آهي) هڪ ننڍڙو نظم هي اٿس جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن جي شاعريءَ ۾ سماج ۾ عورت جي مرد کان گهٽ حيثيت تي احتجاج موجود آهي:
عورت ڪنهن کان گهٽ ته ناهي
مرد تي پيل ڪو ڇٽ ته ناهي
ڇو وکريل آهي، لٽ ته ناهي
همت ڪندينءَ ملندئي ماڳ
جاڳ سرتي جاڳ!
هڪ ٻي شاعره جنهن گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سٺي شاعري ڪئي آهي، اها آهي ”مريم مجيدي.“ سندس ڪلام جو مجموعو ”سروم دکم دکم“ ڇپجي چڪو آهي. هوءَ اڃا تائين شاعري ڪندي آهي. هن آزاد کان وڌيڪ پابند لکيو آهي ۽ عورت جي درد کي محسوس ڪري لکيو آهي:
عورت آهين مورت ناهين
سکڻي سهڻي صورت ناهين
لاکيڻي تون پاڻ وهيڻي
مور نه آهين هيڻي جهيڻي.
ستر جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي آزاديءَ ۽ سجاڳيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو ۽ سنڌيءَ ۾ ”سوجهرو“، ”اديون“ خاص عورتن جا رسالا نڪتا ۽ اخبارن ۾ خاص عورتن جا صفحا شروع ٿيا، جن مان هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ”سگهڙين سٿ“ صفحو مون سنڀالڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ صفحي جي ذريعي نثر ۽ شاعري لکندڙ ڇوڪرين جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي، اڳتي هلي انهيءَ مان ڪي نالا تمام اهم بڻجي ويا ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو بڻيا. ان کان اڳ جيجي زينت عبد الله چنا ”مارئي“ رسالي سان ان دور جي سرواڻي ڪئي.
ج.ع. منگهاڻيءَ جي شاعري انهيءَ ستر واري دور جي آهي. هوءَ تمام گهڻو لکندڙ ڇوڪرين مان هئي ۽ سٺو لکندي هئي ۽ اڃا لکي رهي آهي. سندس تعلق ڪراچيءَ جي بڪڪ خاندان سان آهي. سندس ان دور جي ڪلام مان هڪ مثال:
نيٺ ته ويندي، غم نه ڪر هيءَ رات ادي،
نيٺ ته ايندي ظلم ستم کي مات ادي.
دور اهو به جلد ئي ايندو جلد ئي ايندو
نيٺ ته وسندي خوشين جي برسات ادي.
گوندر ٿڏي خوشين جو بنياد وجهون
مبارڪ ڏيندي ساري ڪائنات ادي.
تازو گذاري ويل مشهور لوڪ فنڪاره زرينه بلوچ نه صرف سٺي ڳائيندڙ هئي پر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هئي. سندس ڪهاڻي ”جيجي“ هڪ شاهڪار افسانو آهي. هت سندس شعر جو نمونو پيش آهي:
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
ڪوڙي جڳ ۾ مورک انسان
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
جنم جنم جا ساٿي سڀ
ڌار ٿي ويندئي دوست دلارا
ساٿ ڇڏيندا جيءَ جيارا
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
نامياري شاعر ۽ ڪالم نگار سلطانه وقاصيءَ پڻ انهيءَ ساڳئي دور ۾ لکيو ۽ تمام گهڻو لکيو. هن نظماڻا نثر ۽ ننڍڙيون ڪويتائون لکيون آهن. ان کان سواءِ گهڻي وقت کان سنڌي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکي رهي آهي. سندس شاعري نوجوان نسل ۾ تمام پسند ڪئي وڃي ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ نالي سان ڇپيل آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو ڏجي ٿو:
ڪنهن کي نه ٻڌائيندم
ته به ٺهي ويندا
ڪيترائي فسانا
هن جڳ ۾.
***
هر قدم تي مليا
ڪيترائي خدا
سدا سهڻا
ڳالهيون مٺيون
پر
اوچتو ئي اوچتو
ظاهر ٿيو پوي
انهن جي اندر جو
ابليس.
***
”سحر امداد“ پهرين سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. سنڌيءَ جي مشهور شاعر امداد حسينيءَ سان شاديءَ کان پوءِ سحر امداد جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. سحر جي شاعريءَ جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هن آزاد توڙي پابند شاعري ڪئي آهي. غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، ٽيڙو.... جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ ڇپيل آهي. سحر امداد ڪهاڻيون به لکيون آهن ته تحقيقي ڪم به ڪيو اٿس. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي ۽ جديد شاعريءَ جي موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪري چڪي آهي. سندس هڪ غزل آهي:
بيڪل ويران ڪاري رات
اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات
دل ۾ دردن جي درٻار
تن کي هردم تنهنجي تات.
سوري پاڻ اچي تو اوڏو
تون ڪر سورهيه اهڙي بات!
ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
نور جا ڪرڻا پائن جهات
ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات
ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!


”تسنيم يعقوب“ منهنجو ئي ٻيو نالو آهي جيڪو مون شاعريءَ لاءِ اختيار ڪيو هو، 1972ع ۾ ”سوجهرو“ رسالو ڪراچيءَ مان جاري ٿيو، انهيءَ وقت منهنجو پهريون نظم ان ۾ انهيءَ نالي سان شايع ٿيو هو ۽ پوءِ ٻين به ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ نظم ڇپيا. ”سوجهرو“ ۾ ڇپيل پهريون نظم هتي ڏيان ٿي جنهن جو عنوان آهي ”تمنا“:
تو چيو هو:
”ڪاش مان ڪوي هجان ها
تو لاءِ گيت لکان ها جيڪر
تنهنجي مرگهه نيڻن تي
جن ۾ منهنجي تصوير آ
جن مان منهنجو پياسو من
جهاتيون پائيندو آ“!
تو چيو هو:
”ڪاش مان چترڪار هجان ها
ڪو چٽ چٽيان ها جيڪر
ٻن نيرين ڪارين ڍنڍن جو
جن جي بي انت گهراين ۾
منهنجو وجود
ڪنول جي گل جيان
ٻڏندو ترندو رهندو آ.“
هاڻ جڏهن تون نه ڄاڻان ڪٿي آن
منهنجو من ٿو چاهي
جي مان ڪوي هجان ها
توڏي گيت لکان ها:
”او هرجائي!
مرگهه نيڻن جي پياس وڌائي
هن جيون رڻ ۾
رڃ پويان ڇو رولي ويو آن؟“
منهنجو من ٿو چاهي
جي مان چترڪار هجان ها
تنهنجو چٽ چٽي پڇانس جيڪر
”او منهنجي من جا چور
منهنجو من گهائي
ڪهڙو ديس وسائي
ويٺو آن!“
...۽ جي مان خدا هجان ها!!
”شبنم موتي“ ساڳئي دور ۾ تمام گهڻو ۽ سٺو لکندڙ شاعره هئي جنهن هاڻ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. سندس ڀيڻ ”ثريا سنڌي“ پڻ شاعري ڪندي هئي. سندس وڌ ۾ وڌ شاعري ”سگهڙين سٿ“ ۽ ”اديون“ ۾ ڇپيس آهي:
سنڌ جي نياڻي جاڳ تون جاڳ
جاڳ ته جاڳي سنڌ جو ڀاڳ
تون قهري ڪوٽن کي ڪوري آءُ
هنن ڀتين کي تون ڀوري آءُ
اڄ سنڌ سڏئي ٿي اوري آءُ
آءُ ٻاري سوني سچ جي آڳ
سنڌ جي نياڻي جاڳ تون جاڳ
تون زندان زنجيرون ٽوڙي آءُ
هن قيدن کان منهن موڙي آءُ
اڄ واٽ وطن جي ووڙي آءُ
آ مونجهارن ۾ تنهنجو ماڳ
جاڳ ته جاڳي سنڌ جو ڀاڳ.


”شمشاد مرزا“ پڻ هن دور جي هڪ گهڻو لکندڙ شاعر هئي. مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل سان شاديءَ کان پوءِ لکڻ ڇڏي چڪي آهي. سندس هڪ نظماڻو نثر هت ڏجي ٿو:
آرسيون اکيون، لڙهندڙ پاڇا، سر سارنگ، سر ڪرهو
رنگ پکڙيل، ڇيرون ڇمڪار
ناٽ نٽڻيءَ جا، آدم جي اهنڪار
تالا، جند، ٻيڙيون بند، اڻ لکي انڊلٺ
ڪوي، چترڪار ٻن پيالن ۾ بند
آرسيون اکيون
نيڻ نم نم، ڇپ گم سم
لڙهندڙ پاڇا، لڙهندڙ ليٽ
ٻن پيالن ۾ بند
آرسيون اکيون گهٽيل ٻوٽيل
ڦٽ ڦٽ ڏار
ويڻ ورلاپ آڏو تنهنجي.
”انيس ميمڻ“ (هاڻي انيسه رحمان) پي آءِ اي ۾ مارڪيٽنگ مئنيجر آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان انٽرنيشنل رليشن ۾ ماسٽرس ڪيل اٿس ۽ شاگرد سياست ۾ به ڪافي فعال رهي. سگهڙين سٿ ۾ لکڻ کان ابتدا ڪيائين. پوءِ ٻين به ڪيترن رسالن ۾ لکيائين. هڪ رسالو ”سگهڙين سٿ“ نالي پڻ ڪڍيائين. سندس شاعريءَ ۾ مختصر لفظن ۾ وڏي معنيٰ هوندي آهي:
ٻه اکيون، ٻه چپ!
چپ - چپ چاپ ڏسندا رهيا
اکيون - ڄڻ ته ڳالهائينديون رهيون.
سگهڙين سٿ رسالي ۾ ڇپيل نظم ”ماءُ“:
سوچيم پئي
خيالن ۾ لهي ويس هيٺ
شعور ۽ لاشعور کان دور
چنڊ جي مٺي مٺي روشنيءَ
سڪون ڦهلائي ڇڏيو هو
ماٺ هئي ايتري
چانڊوڪيءَ جي به ڄڻ
چاپ ٿي ٻڌم
شڪ ٿيم
اڄ به تنهنجا چپ
منهنجي نراڙ تي
پنهنجي محبت جا
چٽ ٿا چٽين
خيالن مان موٽي آيس
شعور، لاشعور، تحت الشعور کان پري
ڏٺم ”ماءُ“ کي
سوچيم
سڀني شعورن کان اتم
سڀني خيالن جي اندر
تنهنجي ڪنهن سان ڀيٽ نه آ
محسوس ڪيم
خوشبو!
تنهنجي خوشبو
مٽيءَ جي خوشبو
ان مٽيءَ جي خوشبو
جنهن ۾ منهنجي اور پوريل آهي
پوءِ ڀانيم
ته سڀني شعورن منجهه
سڀني خيالن اندر
منهنجون ٻئي مائرون
هڪ جنهن جنم ڏنو
هڪ جنهن جي ڪڇ ۾
موت کان پوءِ
وڃڻو اٿم!
اڳ ۾ ئي هڪ ماءُ
منهنجي اور
ٻيءَ ماءُ وٽ امانت طور پورائي آ
۽ اهي منهنجي نراڙ تي
پنهنجي محبت جا چٽ چٽي
مون کان جاڳرتا جي جوت جلائڻ جو
وچن پيون وٺن
۽ مان
ڪيئن پنهنجي مائرن جو
وچن نه پاڙيان؟
”زبيده ميتلو“ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي پهرين اتي ئي نوڪري ڪئي پوءِ مهراڻ يونيورسٽي وئي، اڄ ڪلهه تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ ۾ آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڏات ڏوهاري“ ڇپجي چڪو آهي. جنهن تي اڪئڊمي ادبيات پاران انعام به مليل آهي. سندس ڪلام:
اوندهه آهه ته ڇا ٿيو
ڪرڻا ڪرڻا لفظ لکان
ٻاري ڏات – ڏيو.
”نورالهديٰ شاهه“ سڀ کان پهرين ”سگهڙين سٿ“ ۾ ڪهاڻيون لکيون، پوءِ ٻين رسالن ۾ به لکيو. ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ڇپيل اٿس. ان کان پوءِ ڪجهه وقت شاعري به ڪيائين جنهن جو پڻ مجموعو ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ ڇپيو اٿس. سندس ٽي وي ڊرامن کيس سموري پاڪستان ۾ سڃاڻپ ڏياري آهي. سندس هڪ نظم سگهڙين سٿ ۾ ڇپيل ڏجي ٿو:
ساڻو ساڻو ساهه
هيءَ ته ڪا ناري آ
ملهه لڳس وچ بازار
ڪنهن سيٺ هٿئون
وڪاڻي آ.
بکايل بکايل پيٽ
اڃايل اڃايل ساهه
نڪي پاڻيءَ ڦڙا
نڪي مانيءَ ڳڀا
ائين ئي مئا
هن جا ٻار.
انهيءَ ساڳئي دور ۾ گذريل دور جي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ جنهن جو نالو ادبي تاريخن ۾ اچي ٿو. ”جميله تبسم“ (جنهن جون ڪهاڻيون مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالن ۾ ڇپيون هيون) پڻ ٻيهر لکڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس ڪيترائي نظم سگهڙين سٿ ۾ ڇپيا هئا جن مان هڪ پيش آهي.
زنده خواب
جڏهن حقيقتون چئني طرفن کان باهه لڳائين
جڏهن سچ جو زهر
قطرو قطرو ٿي وجود کي ساڙڻ لڳي
ان لمحي دل چاهيندي آهي ته
ڪجهه ساعتون زندگيءَ کان جدا ٿي
اکيون بند ڪري خوابن جي دنيا ۾
گم ٿي وڃجي
انهن ڪوڙن لمحن جا خواب
ڪڏهن نه پورا ٿيڻ وارا خواب
چند گهڙين لاءِ سهي
دل کي خوش ڪندڙ خواب
اهڙا خواب ڏسجن
جن جي تعبير اکين کلڻ سان سچ هجي
سنڌ تنهنجي ۽ منهنجي هجي.
هن ساڳئي دور ۾ ”نسرين جوڻيجو“ به لکڻ شروع ڪيو ۽ تمام گهري جذبي سان لکيائين. پاڻ ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ هاڻ گهڻو نٿي لکي:
پيڙا
ڏاڍي ٿم اساٽ
تن ۾ گرمي
من ۾ گرمي
سوچ ۾ گرمي
لوچ ۾ گرمي
اڻ پورين آسن جي گرمي
خون ٿيل خوابن جي گرمي
اکين مان ٿا الا نڪرن
خيالن ۾ ٿا ڀنڀٽ ڀڙڪن
ڇاتيءَ ۾ ٿا ٽانڊا ٽچڪن
دل ۾ ڏک هزار
کامڻ جي ٿم شروعات
آهيان هينئر ٽانڊو ڳاڙهو
پوءِ ٿيندس ڪوئلو ڪارو
آخر ٿيندس رک
مٽيءَ جهڙي خاڪي رک
دل ٿي چاهي
دور وڃان مان
دکن دولابن جي نگريءَ کان
پنهنجي سکڻين
سوچن لوچن کان ڀي دور
پنهنجي زهري جيون کان دور
هماليه جي چوٽيءَ تائين
اتان کڻي مان ٽپو ڏيان
اونهي کاهيءَ منجهه ڪران
وري وڃيم ڪا برف مٿان
مليم ڪا ٿڌڪار
ٿڌڙي ٿڌڙي
موت جهڙي ٿڌڪار.
”شميم ميمڻ“ پڻ ڊاڪٽرياڻي آهي. هيءَ تمام ذهين ۽ حساس ليکڪا آهي. هن پهرين ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا پوءِ ڪجهه عرصو شاعري ڪيائين ۽ شاديءَ کان پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنائين.
اوسيئڙو
هاءِ ڙي جيون!
آندو ماندو
اوسيئڙو – اکيون جر ٿر
اڻڀا وار – ڳوڙها ڳل
ڪنهن لئه آ
ڪوئي پاڳل
ڪو به نه آيو
ماڻهن جي هن ميڙ ۾ ڪوئي
هيڪل وياڪل
من ٻالڪ کي
پرچائي پرڀائي
آس جي جوت جلائي
چؤواٽي تي نيڻ وڇائي
نهاري پل پل
ڪنهن اڻڄاتي آديسيءَ لاءِ.
هن ساڳئي دور ۾ ”نذير ناز“ پڻ شاعري ڪئي ۽ اڃا تائين ڪري رهي آهي ۽ اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻ ناري پبليڪيشن ذريعي عورتن جا ڪتاب پڻ شايع ڪندي رهي آهي. سندس شاعري هت ڏجي ٿي:
درشن پياسي، نيڻ اداسي،
ڇلڪن نير وهائي، تنهنجي ياد ستائي
تو بن سڃ ئي سڃ ٿي ڀانيان
جيون رڃ ئي رڃ ٿي ڀانيان
ساري سڪ مان جيڪي سرجيان
وکريل سپنا ساڀيان ٿيندا
ساجن تنهنجي آئي
تنهنجي ياد ستائي.
هن دور ۾ ٻيون به ڪيتريون اهم شاعرائون هيون جن مان نسرين شاهه، سوسن مرزا، عذرا جبين ميمڻ، سعيده ميمڻ وغيره. جا نالا اهم آهن. نئين ٽهيءَ مان پڻ ڪيتريون ئي شاعرائون تمام سٺو لکي رهيون آهن، جن مان ڪجهه اهم نالا هي آهن.
عطيه دائود، پشپا ولڀ، بانو محبوب، ارم محبوب، شبنم گل، امر سنڌو، تانيا ٿيٻو، گلبدن جاويد وغيره انهن مان ڪن جي شاعري هت ڏجي ٿي.
عطيه دائود (لاڙڪ) ستر جي ڏهاڪي کان سگهڙين سٿ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، پر سندس مڃتا پوئين دور ۾ ٿي جڏهن منجهس پختگي آئي. هن وقت سندس شاعريءَ جي اردو ۽ انگريزي ترجمي وڏي حلقي ۾ مڃتا ماڻي آهي. سندس هڪ نظم ”پيار جون سرحدون“ نالي هت ڏجي ٿو:
منهنجا محبوب، مون کي توسان محبت آهي
پر مان تنهنجي اڱڻ جو کوهه بنجڻ نٿي چاهيان
جيڪو تنهنجي اڃ جو محتاج هجي
جيترو ان مان پاڻي ڪڍجي ته شفاف ٿئي
جي نه ڪڍجي ته ٻاڙو ٿي وڃي
مان ڪڪر جيان وسڻ چاهيان ٿي
منهنجو اندر تولاءِ آتو آهي
پر اهو ناتو جيڪو ڀولڙيءَ ۽
مداريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي
سو مان نٿي چاهيان
تنهنجي قرب جي ڪشش مون کي ڏاڍو موهي ٿي
پر تنهنجي خواهشن جي گهاڻي ۾
چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڦرڻ نٿي چاهيان
تنهنجي اڱڻ تي ڀرم جي ڪليءَ سان ٻڌجي
وفائون ڀؤنڪڻ نٿي چاهيان
لولي لنگڙي سوچ سان لانئون لهي
انڌن ٻوڙن ۽ گونگن ٻارن کي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان
مان سڀ حواس رکندڙ آهيان
سو لوچيان به ٿي ۽ سوچيان به ٿي
بک، ڏک ۽ خوف موت جا پاڇولا بڻجي
منهنجي رت سان راند پيا ڪن.
۽ تون منهنجي اکين ۾ حيا ڏسڻ ٿو چاهين
ٻاهر جي درد جا ڀڀڙ پيا ٻرن
سا لهس ته مون کي به لڳي آهي
تون منهنجي چمڙيءَ کي گلاب جيان ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاهين
مان تنهنجي خيالن جي ڪينواس تي
ٺاهيل ڪا تصوير نه آهيان
جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رنگ ڀريندو رهين
۽ مان تنهنجي ڪٿيل فريم مان ٻاهر نڪري نه سگهان
ڄاڻان ٿي توکان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان
مون کان سواءِ تون ڪجهه نه آهين
محبت جو ماڳ ماڻڻ لاءِ
اچ ته هڪ ٻئي لاءِ آئينو بڻجي وڃون
منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي
مون سان چنڊ متعلق نه ڳالهاءِ
منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون ڪر
جيڪي دوستن سان ڪندو آهين.
”پشپاولڀ“ نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعره آهي. سنڌي اديب وليرام ولڀ جي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر آهي ۽ تمام سٺا نظم لکيا اٿس. سندس هڪ نظم آهي:
توکي ڪهڙي خبر
اسان توکي ڪيئن رکون ٿا
بند ڇپرن ۾
اکين وانگر
دنيا جي هر ڪک کان پري
بند ڪتابن ۾
گلابن وانگر
تنهنجي خوشبوءَ کان
هر ساهه ۾ سموئي
کليل اکين جي
هر خواب وانگر
جو تو سواءِ پورو ناهي
هڪ آس آهي
جنهن سهاري
زندگيءَ جي ڏاڪڻ جو
هڪ هڪ ڏاڪو چڙهجي ٿو
عذابن وانگر.
”امر سنڌو“ (اصل نالو سلميٰ لغاري) ٿرپارڪر (ميرپورخاص) سان واسطو رکي ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي. سندس ڪي سٺا نظم مختلف رسالن ۾ ڇپيا آهن. سندس نظم ۾ انداز تجريدي آهي:
ڇا!
تون پنهنجي
نظريي جو ڪمبل
مون کي اڌارو ڏيندين
مان!
پنهنجن سپنن کي
سيءَ کان بچائڻ ٿي چاهيان
هوءَ!
جنهن کان ڊگهي ڪس
وٺڻ چاهي هئي مون
رات!
ان جي سپنن سيءَ کان بچڻ لاءِ
خودڪشي ڪري ڇڏي.
”شبنم گل“ انگريزيءَ ۾ ايم اي آهي ۽ ليڪچرار آهي. هن جي سڃاڻپ شاعر هئڻ کان سواءِ ٽي وي ۽ اسٽيج جي ڪمپيئر جي پڻ آهي. سندس اصل نالو رضيه سلطانه لاشاري آهي.
وقت
مختلف روپن
مختلف چهرن
مختلف صورتن ۾
تنهنجا ڏنل سمورا درد
۽ منهنجي نالي ارپيل
سموريون پيڙائون
سمورا گهاءَ
ساهه ۾ سانڍي رکيا اٿم
۽
جيئن ڪو پهرين محبت جي
نالي کي
دل جي ڪتاب ۾
سنڀالي رکندو آهي.
ياد جون اڌ کڙيل
مکڙيون
انتظار جي علامت .
”ميمڻ روشن تبسم“ جو تعلق مٽياريءَ سان آهي. پاڻ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڪم ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو پڻ ڇپجي چڪو آهي. ڪلام جو نمونو ڏسو:
ماءُ جي قدمن ۾ جنت
دعائن ۾ رحمت
سندس پيار زندگي
خدا جي قدرت!
”زيب نظاماڻي“ – مرحوم نثار حسينيءَ جي جيون ساٿي، جتي ان سان گڏجي سنڌي ٿيئٽر کي جياريائين اتي خوبصورت شاعري به ڪيائين – هي ڏسو:
هيل موسم جيان
موٽ مون وٽ وري
آس جي اڀ تي
چنڊ وانگيان ٻري –
ڪونج گهاريل ٻڙي –
هاءِ ڏاڍو ڪري –
درد جي شام هي
هاڻ ويندي ٽري
واٽ وندر مٿي
وقت ويندو ڀري -
”بانو محبوب جوکيو“ جو نالو ادب جي دنيا ۾ تمام جلد ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ اهم بڻجي ويو. جنهن جو سبب سندس منفرد انداز آهي جنهن سان هوءَ تمام گهري معنيٰ ظاهر ڪري ٿي. سندس هڪ آزاد نظم ڏسو؛
ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
بنان ڀاڙي
مفت ۾ اجاڙي
سڪون جا تڏا پٽرائي
هاءِ اجاڙي
ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
مفت مفت ۾ منظر آڏو
غمن گوندرن جو گهلي گاڏو
بڻجي ڪاسائي، بڻائي پاڏو
هاءِ ڏاڍو ڦٿڪائي
ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
ماضي ڏاڍو ماري ٿو
ياد جي ڇيڻيءَ سان ڏاري ٿو
ماري وري جياري ٿو
من وجهي ٿو گهائي
ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
ساروڻيون جٿا ڪن ٿيون
دشمنن جيان حملا ڪن ٿيون
قرضين جيان ڪڍ لڳي
ڏاڍو بي حال بنائي
ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
وڃڻ وارا ويٺا آهن
يادن کي پويان بڇيندا آهن
ڏکن جا اسان لئه کاتا کولي
سکن کي ڏور سٽيندي
ويندا هن وَئلن جو واءُ گهلائي
ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي.
”گلبدن آصف“ هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر آهي ۽ هڪ سٺي شاعره آهي. شاديءَ کان پوءِ گلبدن جاويد مرزا سڏجي ٿي. سندس وائي:
منهنجو توسان چاهه الا – منهنجو توسان چاهه الا
هيءَ جواني دلبر جاني، صدقي توتان ساهه الا،

منهنجو توسان چاهه الا.
توکي ساريان هنجون هاريان، روز ڏسان پئي راهه الا،


منهنجو توسان چاهه الا.
رنگ رچائي، مچ مچائي، برهه تنهنجي باهه الا،


منهنجو توسان چاهه الا.
چوي ديوانو سارو زمانو، پيار ڪيو تنهنجي پاهه الا،


منهنجو توسان چاهه الا.
منهن مٽي دل ڦٽي، ڪيڏي ڪئي تو ڪاهه الا،


منهنجو توسان چاهه الا.
تڙپي تڙپي رات گذاريان، ورهه اسان جي واهه الا،


منهنجو توسان چاهه الا.

ٿر جي ڀٽن ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ گوري ولڀ گهٽ لکيو آهي پر تمام سٺو لکيو آهي. پنهنجي ديس لاءِ سندس هي خيال ڏسو:
اي ٿر جون ڀٽون
اي اڪ جا ٻوٽوءَ!
اي ڪونڀٽو
اي اونهاري جي گرميءَ ۾
پچندڙ پيرونؤ!
اي ڀٽن تي
ٽهوڪن وارا مورؤ!
منهنجي سڃاڻپ توهان سان آهي
منهنجي جسم ۾ موجود گرمي
هتي جي تتل واريءَ سان آهي
جڏهن مينهن جا ڦڙا
واريءَ تي ڪرن ٿا
ته ڄڻ آءٌ جاڳي پوان ٿي
تڏهن مان – مان نٿي رهان
ٿر ٿي پوان ٿي
”ارم محبوب“ نئين ٽهيءَ جي شاعره آهي ۽ مشهور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جي ڌيءَ آهي. نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ڪيل اٿس. سندس ڪلام:
ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي،
ها ڏاڍي ڪاري رات هئي
ويس ڍڪي اوڌر جي چانڊاڻ جو
چنڊ دريءَ مان مرڪيو ائين ٿي
ڄڻ ڊيڪوريشن پيس هيو ڪو
ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي
ها ڏاڍي ڪاري رات هئي
۽ من ۾ ڪيڏا ها طوفان
يادون يادن سان ٽڪرائجي
پار ڪڍي ڄڻ رُنيون ٿي
پر دل جو آواز ڇو ڪنهن نه ٻڌو پئي
ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي
ها ڏاڍي ڪاري رات هئي
۽ دنيا ڄڻ ڪائي قبر هئي
چنڊ اهو پسي ها پوءِ رنو هو
پوءِ وڃي ڪا ماٺ ٽٽي هئي
ڪاري رات کٽي هئي
۽ تڏهن وڃي ڪا باک ڦٽي هئي.

شگفته شاهه جو تعلق حيدرآباد سان آهي، پاڻ سٺي چترڪار به آهي، سندس هي شعر ڏسو:
نما شام
هيءَ تنها تنهاڪوئل
وڻ جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي اڏري
ڪنهن کي آخر ڳولي ٿي
ڪيڏي پيڙا مان
ڪُو ڪُو ڪوڪي ٿي
ٻول مٺا سي ٻولي ٿي
تانيه ٿيٻو، نسيم ٿيٻو ۽ رسول بخش پليجي جي ڌيءَ آهي، پاڻ گهٽ پر سٺي شاعري ڪئي اٿس.
ڊوڙيا هئا سين ننڍڙي پوپٽ لاءِ
مون ته ڏٺا ها، سپنا ها سي
گلڙن تي جي ويٺا ها
اونداهي چوڌاري
۽ ان جي پوئيواري
پرهه سڪينه گاد جي شاعريءَ ۾ عورت سان بي جوڙ شاديءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ ڪيس تي احتجاج ملي ٿو:
اڄ وري ڪا ناري
بنا جوڙ نڪاح جي
ٻنڌڻن ۾ ٻڌي وئي
اڄ وري ڪنهن جا سپنا
انا خاطر نراس ڪيا ويا
اڄ وري ڪنهن ناريءَکان
شرعي حق کسيو ويو
سندس ڏڪندڙ ۽ سڏڪندڙ
ڪنڌ کي زوريءَ لوڏي
هاڪار ڪرائي وئي
شاهدن مبارڪون ڏنيون
سندس ڀاءُ مبارڪون
وصول ڪيون!!
فرزانه شاهين مڱڻيجو اسي-نوي جي ڏهاڪن ۾ مشهور ٿي، سندس شاعريءَ جو پنهنجو ڌار لهجو آهي. هي غزل ڏسوس:
يادن جي گهيري ۾ آهيان
پوءِ به مان ٿي تنها ڀانيان
پنهنجو مون کي پاڻ لڳي ٿو
ڀيانڪ ڪوسپنو آهيان
احساسن کان خالي خالي
پٿر جي ڪائي مورت آهيان
من ۾ اوسيئڙي آهٽ
سپنن ۾ ٿي تو کي ڳوليان
ريکائن ڇو مات ڏني آ
رسمن جون ڇو رسيون پايان
نسرين نوري، مشهور شاعر آهي. سندس ٻين شاعرئن کان ڪجهه مختلف ڏسجي ٿي.
ڪي ڪي موتين داڻا ماڻهو
مکڻ جا ڄڻ چاڻا ماڻهو
پاڻهي هانو هندوري لوڏيان
اهڙا ساهه سيباڻا ماڻهو
قرب وارن سان ڪاوڙجي ڪي
ڏاڍا ڪن ٿا ماڻا ماڻهو
ڏک انهن کي ڏاج ٿي مليو
سورن ۾ ساماڻا ماڻهو
حميده قاضيءَ جو تعلق رتيديري جي مشهور قاضي خاندان سان آهي. جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ فنڪار فرد شامل آهن، قاضي مقصود گل، قاضي منظر حيات، قاضي خضر حيات وغيره. سندس نثر توڙي نظم جو پنهنجو منفرد انداز آهي.
پيڙائون پڄرن
ترقي پسند روايتن
۽ قدرن جو حامي
سماج ..... !
جنهن جي سيني تي
اسين ايئن آهيون ڄڻ
زندهه لاش!
ناريءَ جي هر قدم
هر وک جو ويري
هر وک تي ڏئيس ٿو
بنواس ..... !
تسليم زنئور جي وائيءَ جون ڪي سٽون ڏسو:
تو کي ڳوليندي رهيس
اڀاڳن جيان هر واٽ
ٿر ۾ ٿوهر ڦٽندا رهيا
لاش گلن جا منهنجي پلئه ۾
هيل بهارن منجهه سرٻاٽ
ٿر ۾ ٿوهر ڦٽندا رهيا
”رخسانا پريت چنڙ“ هڪ ڊاڪٽرياڻي آهي. هن جي ڪلام جو مجموعو ”پياسي ساڀيا – جل ٿل خواب“ ڇپجي چڪو آهي:
اڃا جيئون هر سزا مليل آ
اهڙي ڪنهن جي دعا مليل آ
تنها ئي ۾ اڀ چانڊوڪيون
چاهت آ يا چتا مليل آ
ڪوٽن کي اورانگهي وئي آ
شايد هن سان هوا مليل آ
”پارس عباسي“ مشهور شاعر مرحوم تنوير عباسيءَ جي نياڻي آهي. پر هن جو پنهنجو لهجو آهي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو به ڇپيل آهي، سندس شاعريءَ جو نيارو رنگ ۽ آهنگ آهي:
لهندڙ سج تڪيندا آهيون
ڇڻندڙ پن ڳڻيندا آهيون
آکيرن ڏانهن ورندڙ پنڇي
ڪرندڙ پنک جهٽيندا آهيون
اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي
ننڊ جا پير جهليندا آهيون
”نجمه نور ڦلپوٽو“ جو هڪ مجموعو ”اَجرڪ ۽ چنڊ“ ڇپجي چڪو آهي. هن جو ڪلام پختو آهي. سندس مجموعي ادبي حلقن جو ڌيان ڇڪايو آهي. پاڻ مسلسل لکي رهي آهي. ان جي گيت ”جشن بهار “ مان ٻه بند:
صحرا ۾ ڄڻ ساگر پلٽيو
پن ڇڻ پنهنجي آر نه پار
جشن بهاران جي آ بهار
ڌرتيءَ پنهنجا سور نه ساريا
اوٺي آيا موڙي مهار
جشن بهاران جي آ بهار
”اختر افروز شاهه“ ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. حيدرآباد ۾ رهي ٿي. پاڻ ڪهاڻيون به لکندي آهي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”دل پٿر ته نه آهي“ ڇپيل آهي:
نانگ مان زهر ڪڍي سگهجي ٿو
انسان مان زهر ڪڍڻ مشڪل آ
هت ماڻهو، ماڻهوءَ کي هر وقت ڏنگي ٿو
نانگ جيان ڳولهي بدلو وٺي ٿو!
”نجمه پنهور“ ڪهاڻيون به لکي ٿي ۽ شاعري به ڪري ٿي. ”سرتيون“ جي جوائنٽ ايڊيٽر آهي. پاڻ ڳچ عرصو ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر به رهي آهي.
ڏوهه سڀئي بخشائڻ اينديس
پيارن کي پرچائڻ اينديس
بسنت رت ۾ تڙپي پونديس
پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ اينديس
”بنفشه بهار“ ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. پاڻ ڊاڪٽرياڻي آهي. آزاد توڙي پابند شاعري ڪري ٿي. سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ تازگي آهي:
وساري به وسرن نٿا ڇا ڪجي
جي وسري وڃن ته به غضب ٿي وڃي
ستل سور دل ۾ کنيو ٿو وتان
جي جاڳي پون ته به غضب ٿي وڃي
* **
پنهنجا درد اُڌارا ڏي
مون کي اهي سارا ڏي
تنهنجا نيڻ سانوڻي بادل
مون کي اهي وسڪارا ڏي
”ثمينه ميمڻ“ ڪهاڻيون به لکيون آهن ته شاعري به ڪئي آهي. هوءَ ٽه – ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي چڪي آهي. ثمينه ”سرتيون“ جي ايڊيٽر به رهي آهي. هن وقت سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين آهي:
ڌنڌ ۾ ويڙهيل يادکي
مون کولڻ جو سوچيو هو جڏهن
مون کي ايئن هو لڳو ڄڻ
ڌنڌ ويندو هٽي
ياد ويندو جهٽي!
”بينا بيدل“ بيدل مسرور جي گهر واري آهي. هوءَ شاعريءَ کي گهٽ وقت ڏئي ٿي، پر سٺي شاعري ڪري ٿي. پاڻ ٽي وي آرٽسٽ رهي آهي. زلزلي تي ”سرتيون“ ۾ سندس ڪيترن ئي ڇپيل نظمن مان هڪ:
موت کي ساٿي ڪري
وقت (جيڪو ڪٿي بيهي نٿو!)
زندگيءَ سان راند ڪا اهڙي رچي
قدرت آڏو
فقط هڪ ڇڪيءَ سان
خاموش ٿي وئي زندگي!
”روبينه راجپوت“ حيدرآباد ۾ رهي ٿي. پاڻ سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪري ٿي.
تنهنجو منهنجي اڱڻ اچڻ
ائين آهي ڄڻ
خزان جي موسم ۾
ڪو گلابي گل ڦٽڻ
”حميره نور“ هڪ اين. جي. او سان لاڳاپيل آهي. پاڻ نثر ۾ به لکي ٿي ته شاعري به ڪري ٿي. هن جا موضوع توڙي اسلوب منفرد آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”درد جي خوشبو“ ڇپجي چڪو آهي:
وڃڻ کان اڳ نهاري وڃجان
ڪڏهن ڪنهن کي پڪاري وٺجان
ثواب خاطر يا احسان ڪرين
مئي جلدي ۾ پياري وٺجان
”زبي پروين ڏاهري“ ڳچ عرصي کان لکي رهي آهي ۽ سٺو لکي رهي آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”اسان جون نهارون“ ڇپيل آهي:
عورت لاءِ
زندگي زندان مثل آ
هن معاشري جي مقتل ۾
مائٽن جي گهر
ڄڻ هن لئه ٿاڻو – عارضي ٺڪاڻو!
”سيما“- هن ويجهڙائي ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي. هيءَ نثري شاعري ڪري ٿي. سندس موضوع منفرد، اظهار ۽ لهجو چڀندڙ ۽ گهرو آهي:
پکين جون ٻوليون
وڃائجي ويون آهن
گلن جي خوشبو باروت جي ڍير ۾
لتاڙجي وئي آهي
ٻارن جا رانديڪا کسجي ويا آهن
خوابن جا پوپٽ
اکين مان اڏامي ويا آهن
ننڊ سان گڏ!
مٿي ڏنل تفصيل ۾ مختلف دورن مان تمام گهڻا نالا ۽ انهن جي شاعري هتي شامل ٿيڻ کان رهجي وئي آهي. مون سنڌي شاعر عورتن کي هن مجموعي ۾ نمائندگي ڏيڻ جي خيال کان هر دور مان مختصر چونڊ ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ پڻ عورتن جو چڱو وڏو تعداد طبع آزمائي ڪري رهيو آهي ۽ سندن موضوع ڪائنات، انسان ۽ خاص ڪري عورت جون پيڙائون رهيا آهن. اها سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي هڪ ڪهڪشان آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻيا تارا جگمگائي رهيا آهن ۽ هر هڪ تارو پنهنجي جاءِ تي پنهنجي مدار ۾ هڪ سج آهي جيڪو اوندهه سان جهيڙي رهيو آهي !!
هن ڪتاب ۾ لفظ ”پوئيٽيس“ يا ”شاعره“ بدران ”وومن پوئٽ“ ”عورت شاعر“ يا ”شاعر عورت“ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جو سبب پڻ ڄاڻايو ويو آهي پر مون اهڙي ڪا به پابندي ڪانه رکي آهي. شاعر عورت يا شاعره ٻئي لفظ استعمال ڪيا آهن. اسين هروڀرو اهڙي ڪنهن ڪامپليڪس جو شڪار ڇو ٿيون؟ هاڻ ته اسان وٽ حالتون عام طرح گهڻيون سازگار آهن ۽ اسان جي ادب ۾ ليکڪائن ۽ شاعرائن پنهنجو پاڻ مڃرائي ورتو آهي ۽ هو ليکڪن ۽ شاعرن سان برابريءَ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿيون. تعداد ۾ نه سهي معيار ۾ ته هو ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن. هونءَ به تعداد (Quantity) کان معيار (Quality) وڌيڪ هئڻ گهرجي.
هن ترجمي ۾ به مون چونڊ ڪئي آهي جنهن جا ٻه سبب آهن، هڪ ته سڀني شاعرائن جي سڀني نظمن جي ترجمي سان ڪتاب تمام وڏو ٿي وڃي ها. ٻيو ته ڪيترا نظم اهڙا هئا جن ۾ لوڪل يا مڪاني ڏند ڪٿائون اهڙيءَ ريت آيل هيون جو انهن جي پسمنظر کان اڻواقف ماڻهوءَ کي اهي سمجهه ۾ ئي ڪونه اچن ها، ڪن نظمن ۾ وري ايترو ته کليل اظهار هو جيڪو اگهاڙپ جي دائري ۾ اچي ها جيڪو مون سنڌيءَ ۾ شامل ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو، ڇو ته هر سماج جا پنهنجا ڪي قدر ۽ تقاضائون هونديون آهن، جن جو لحاظ ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
منهنجي چونڊ اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندي. ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري انگريزي ترجمن ۾ به اها ئي صنف استعمال ڪيل هئي. ڪٿي ڪٿي ٽِه سٽا، چوسٽا به ڏنا اٿم.
آءٌ سنڌيءَ جي ناميارين شاعرائن سلطانه وقاصي، شبنم موتي ۽ عطيه دائود جي ٿورائتي آهيان جن هن ڪتاب تي هڪ نظر وجهي ان کي پسند ڪيو ۽ جلد ڇپرائڻ جو مشورو ڏنو، پر ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري ويا آهن، ڪجهه منهنجي سستي ڪجهه ...!!
ڀاءُ هدايت بلوچ جي پڻ ٿورائتي آهيان جنهن هن ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ جي مهرباني ان وقت ڪئي هئي، پر سڀ کان وڌيڪ ٿورائتي آهيان سنڌ جي ڀلوڙ جديد شاعر سائين امداد حسينيءَ جي جنهن نه صرف هن ڪتاب کي پسند ڪيو پر مون کي تمام ڪارائتا مشورا ڏنا. هن تسنيم يعقوب کي هن شاعريءَ جي ڪتاب جو ڪريڊٽ ڏنو آهي ۽ آءٌ ڀانيان ٿي ته جيئن ڪالم نگاريءَ مون کان ڪهاڻيون ڇڏائي ڇڏيون تيئن سنجيده تحقيقي ڪم شاعريءَ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. جيئن تازو مون پنهنجو ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرايو آهي تيئن ئي هن ڪتاب ذريعي مون تسنيم کي جاڳائي وڌو آهي. شايد جلد ڪو مجموعو اچي وڃي.


ڊاڪٽر فهميده حسين

اصل ڪتاب جو مهاڳ

1755ع ۾ هڪ ناليري انگريز ايڊيٽر عورتن جي شاعريءَ جو ڳٽڪو شايع ڪيو هو، جنهن جو عنوان هو: ”مشهور عورتن جون ڪوتائون“ (Poems of Eminent Ladies) ان ڪتاب جو مهاڳ پنهنجي نموني جو هڪ منفرد مثال هو ۽ ڄڻ ته ان ڳالهه جو هڪ تفصيلي جواز هو ته اهو ڪتاب ڇو پئي پيش ڪيو ويو. ان لاءِ ڪهڙا سبب هئا، ان جون ڪهڙيون حدبنديون يا پابنديون هيون، ان جي سائيز اهڙي ڇو هئي، ان مان ڪن کي ڇو خارج ڪيو ويو هو ۽ ٻين کي ڇو شامل ڪيو ويو هو؟ بلڪ خود ان جي وجود لاءِ به جواز ڏنل هئا... ان جو هڪ هڪ جملو، هڪ هڪ لفظ، ان جي مرتب ڪرڻ وارن جي انڪساريءَ سان ڀريل هو. تنهن هوندي به ڏٺو وڃي ته اهو ڪتاب شاعر عورتن جي تمام خيال سان ڪيل چونڊ جو سٺو مثال هو. ان ۾ افرابيهن جو بيباڪ جنسي اظهار به هو ۽ اين فرينچ جي بهترين ذهانت ۽ حاضر دماغي به هئي، مارگريٽ ڪيوينڊش جي تمام سنجيده تخيل سان گڏ ڪجهه گهٽ مشهور ليکڪائن جي طرفان ڪيل سچي ۽ حقيقت نگاريءَ واري شاعري به هئي، جن سماج ۽ ڪٽنب جي مخالفتن جي باوجود اها تخليق ڪئي هئي. اها ڏاڍي حيرت جي ڳالهه هئي جو اهڙي هڪ ايماندار ۽ سٺي ذوق واري ايڊيٽر ڪا اهڙي ڳالهه محسوس ڪئي جو هيئن به لکڻو پيس ته:
”ائين چوڻ ۾ ڪنهن جانبداريءَ جو خيال نه اچڻ گهرجي ته هن مجموعي ۾ پڙهندڙن کي مختلف موضوعن تي پنهنجي قسم جا بهترين اقتباس ملندا ۽ هيءَ چونڊ ڪنهن به ريت مردن جي ڪيل ڪم منجهان ٿيل اهڙي ڪنهن چونڊ کان گهٽ يا ڪمتر ڪانهي.“
گذريل ٻن صدين جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي سماجي ۽ ثقافتي تبديليون اچي چڪيون آهن پر تنهن هوندي به اڄ (١٩٧٧ع ۾) به اهو ضروري ٿو لڳي ته اهڙيون وضاحتون ۽ جواز ڏئي پوءِ عورتن جي شاعريءَ جي چونڊ پيش ڪجي. اڄڪلهه ڪيتريون ئي عورتون اهڙي زندگي گذارين ٿيون جنهن ۾ سندن ڏات ۽ صلاحيتن جي واڌ ويجهه کي ڪي به رڪاوٽون ڪونه آهن. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به وڌ ۾ وڌ عورتن کي همٿايو وڃي ٿو ۽ ڪيترين ته اهو سڀڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو ورجينا وولف ذهانت ۽ آرٽ جي ڦلجڻ ڦولجڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو هو.
مثلاً ”معاشي پاڻ ڀرائي“ ۽ هڪ بنهه پنهنجو ”ذاتي ڪمرو“. بهرحال اصلوڪيون رڪاوٽون، جهڙوڪ معاشي، سماجي، نفسياتي ٻنڌڻ، اڃا به عورتن جي فن جي پيدائش اڳيان ڪر کنيو بيٺيون آهن ۽ انهن کي فنڪارن جي حيثيت ۾ مڃتا حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا به اهي آڏو اچن ٿيون.
آرٽ جي پيدائش لاءِ سازگار سبب ڪهڙا به قطعي طور منجهيل هجن، ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته فنڪار عورتن کي پنهنجي جنس جي ڪري هميشه هڪڙي خاص حيثيت ملندي رهي آهي. پنجين صدي قبل مسيح جيتري قديم دور ۾ هڪ يوناني شاعره ڪورينا ڪيئن نه طنزيه نموني لکيو هو؛
آءٌ ته مر ٽسسِ کي ڏوهه ڏيندس
جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي،
ته به ڪيئن هن هڪ عورت هوندي،
پنڊار آڏو اچڻ جي سگهه ساري!

١٩ صديءَ جي يورپ ۾ جڏهن فڪشن جي ادبي مارڪيٽ ۾ گهڻي طلب هئي ۽ اهو انهيءَ سبب گهڻو وڌيو ويجهيو ته پبلڪ جي ليکڪائن ڏانهن مخصوص رويي سبب جارج اليٽ، برانتي سسٽرز، جارج سينڊ وغيره پنهنجا نالا مردانا رکي ڇڏيا هئا.
لفظ ”شاعر“ (Poet) جي عام طرح سان معنيٰ ۾ مذڪر جنس لاڳاپيل سمجهبي هئي، جڏهن ته ان جو مؤنث اکر شاعره (Poetess) اچارڻ سان يڪدم جذباتيت ۽ هلڪڙائيءَ جي معنيٰ ڏيڻ لڳندا هئا. اهڙي قسم جو ساڳيو تصور اسان جي دور تائين هلندو اچي. ايملي ڊڪنس جي شاعريءَ جي ١٩٣٠ع واري ايڊيشن جي مٿان صرف هڪ آرٽسٽ جي ٺاهيل ڪنهن شاعر جي تصوير نظر اچي ٿي جيڪا پڻ ڪنهن فوٽوءَ تان ورتل آهي ۽ فوٽوءَ واري سادگي ۽ سچائيءَ کي گهڻي رومانوي پورٽريٽ سان بدلايو ويو آهي. ائين هڪ بولڊ ۽ تيز وڍيندڙ شاعر کي ڦيرائي ”شاعره“ بنايو ويو آهي. ان ڪري ان ڳالهه تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته اڄ به ڪيتريون شاعر عورتون انهيءَ ڳالهه جي اجازت نه ڏينديون آهن ته ڪو سندن شاعريءَ کي ڪنهن اهڙي مجموعي ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو صرف عورتن لاءِ مخصوص هجي (انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ به ڪيترين اهڙين شاعر عورتن کي شامل ڪري نه سگهيا آهيون جنهن جو اسان کي افسوس آهي.)
شاعر عورتن کي عام طرح سان ٻئي درجي تي رکڻ جو رواج رهيو آهي ۽ ان سان گڏ سندن شاعريءَ کي نظر انداز ڪرڻ جو لاڙو پڻ عام آهي. هاڻي به، جڏهن وڌ ۾ وڌ عورتون شاعري ڪري ۽ ڇپائي رهيون آهن ۽ هر ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ سندن وڏو حصو آهي ته به انگريزي ترجمي ۾ قومي شاعريءَ جا مجموعا انهن مان تمام ٿورين کي شامل ڪندا آهن، ان ڪري هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ هڪ طرح جو توازن قائم ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهي. ان کان سواءِ موجوده دور ۾ عورتن جي فنڪارن واري حيثيت ۾ دلچسپيءَ سبب ماڻهن طرفان سٺي موٽ پڻ ملي ٿي.... جڏهن شاعر عورتن جي ڀرپور ڪاميابيءَ کي تاريخ ۾ جاءِ ملندي ۽ اهي ڪنهن ڀيٽ لاءِ اڳتي آنديون ويون ته سيفو، لوئس لابي، يي چنگ چائو ۽ اينا اخماتوف جهڙين شاعر عورتن جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻيون ڪيتريون شاعر عورتون جيڪي انگريزي پڙهندڙن لاءِ اوپريون آهن، انهن ڏانهن به توجهه ويندو ۽ اهي اها مڃتا ماڻينديون جنهن جون هو حقدار آهن.
اهو تمام مشڪل آهي جو هن ننڍڙي مهاڳ ۾ ايترين سارين شاعر عورتن جي سموري تاريخي پسمنظر کي بيان ڪجي، تڏهن به اهو نه ٿو وساري سگهجي ته انهن مان هر هڪ تاريخ جي ڪنهن دور ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي گهڻ رنگي روايت جو حصو رهي آهي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ گينديشائيم جي راهبائن جي اڳواڻ (Abbess) هرا سوٿا پنهنجي راهبائن جي روحاني رهبريءَ لاءِ به لکيو ۽ ٽيرينسس جي ڪلاسيڪي انداز ۾ لئٽن ٻوليءَ ۾ ڊراما به لکيا.
چيني شاعر عورت لي چنگ چائو (12-11 صديءَ ۾ سنگ حڪومت دوران) ”ٽروس“ (tzus) لکيو، جاپان جي اونونوڪوماچيءَ (9 صدي) ”ٽنڪا“ (Tanka) لکيو ۽ گاسپارا اسٽامپا پنهنجا ”سانيٽ“ لکيا، ائين انهن سڀني پنهنجي روايتي انداز ۾ گهرن جذبن جو اظهار ڪري بهترين تاثر قائم ڪيو.
چوڏهين صديءَ ۾ ڪرسٽين ڊي پسان دنيا جي پهرين عورت هئي جنهن پنهنجي گذر سفر لاءِ لکڻ جو رواج وڌو. يعني شهزادن ۽ نوابن جي خوشنودي ۽ حفاظت جي حوالي سان لکيائين. سندس رونڊيليو (rondeleaux) ۽ چانسن (Chansons) ۽ ٻي شاعريءَ وانگر هن به ڪي تمام اهم شيون لکيون جن ۾ همعصر دور جي سياسي ۽ ادبي معاملن جا حوالا آهن، جن مان هڪ ۾ هن عورتن جو بچاءُ پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ زان ڊي ميونگ (Jean De Meung) جي عورتن سان نفرت واري نظم ”رومن ڊي لاروز“ (Roman de la Rose) خلاف به لکيو ۽ جون آف آرڪ جي حمايت ۾ لکيو.
ان دور ۾ شاعر عورتون پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان جڙيل هونديون هيون. انهن کي هڪ ئي مجموعي ۾ گڏي پيش ڪرڻ سان موضوع جي مناسبت ختم ٿي وڃي ٿي، پر هڪ ئي وقت گهڻين ٻولين ۽ ثقافتن مان شاعريءَ جي چونڊ ڪري انگريزيءَ ۾ پيش ڪرڻ سان وري اهي وڌيڪ روشن ٿي پون ٿيون ۽ سندن ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
ان ڏس ۾ اها خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته هي ڪتاب اهڙي وقت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي جڏهن ڌارين ٻولين جي ادب سان دلچسپي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري شاعراڻن ترجمن جي رواج کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ ترجمن جي واڌاري سان حقيقت ۾ ترجمي جي ڏکيائين جي به ڄاڻ حاصل ٿي آهي. دراصل انهن مسئلن کي مختلف نقطئه نظر جي ماڻهن بحث هيٺ آڻڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي خيال ۾ هڪ سٺو شاعراڻو ترجمو اصل نظم جو مفهوم صحيح نموني واضح ڪري ٿو ۽ ان ۾ شاعر جي انفرادي جذبي ۽ اسٽائيل جي به گهڻي قدر ترجماني هوندي آهي ۽ ساڳئي وقت اها هڪ نئين انداز ۾ پڙهڻ جي شيءِ به ٿي ويندي آهي.
هن مجموعي ۾ شامل نظمن جي لاءِ اسان شاعرن، اسڪالرن ۽ پروفيشنل مترجمن جي وڏي تعداد کان ڪم ورتو آهي، لازمي طرح ترجما گهڻن ئي قسمن جا ٿي پيا آهن. همعصر اصطلاح ۾ آزاد نظم (Free Verse) ۾ ترجما به آهن ته وزن، بحر ۽ قافين وارا به آهن. ڪن قديم نظمن ۾ اهڙو اسلوب اختيار ڪيو ويو آهي جيڪو اڄڪلهه مروج ڪونهي ۽ ڪن ۾ وري انهن جو اصلوڪو نمونو پڻ قائم رکيو ويو آهي. يعني ضرورت آهر مختلف نموني جا ترجما ڪيا ويا آهن ته جيئن اصل وارو مفهوم ادا ٿي سگهي ۽ پڙهڻ ۾ به سولائي ٿئي. جيئن انگريزيءَ جا بهترين نظم هوندا آهن.
اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ثقافتن مان شاعري ڏئي سگهون پر ان جي باوجود ائين نه ڪري سگهياسين ڇو ته انهن جا معقول ترجما ميسر نه ٿي سگهيا. اسان کي احساس هو ته ٣٥٠٠ سالن جي وسيع عرصي جي چاليهن ادبي روايتن کي هڪ ئي واليوم ۾ پيش ڪرڻو آهي، ان کان سواءِ جڳهه جي تنگيءَ سبب اسان کي پنهنجي چونڊ ۾ محدود ٿيڻو پيو.
اسان جي مواد جي چونڊ ۾ ٽن ڳالهين کي مدنظر رکيو ويو آهي. پهرين اها خواهش ته گهڻ – ثقافتي رنگ ذريعي وڌ ۾ وڌ ٻولين جو ادب ڏجي، ٻي اها خواهش ته هر ڪنهن ٻوليءَ جي ادب جي صحيح نمائندگي ٿئي ۽ آخري پر سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ان ۾ اعليٰ ادبي خوبي هجي جنهن کي ٻين ڳالهين تي فوقيت هجي.
هن ڪتاب جو دائرو مخصوص ڪرڻ مهل اهو محسوس ڪيو ويو ته ڪيترين تهذيبن جي روايتي شاعريءَ جي وڏي دولت اسان جي دائري کان ٻاهر آهي. مکيه ادبي ۽ لوڪ روايتن ۾ موجود نامعلوم شاعرن جو ڪلام گهڻو ڪري خارج ڪري ڇڏيوسين، سواءِ انهن چند نظمن جي جيڪي عورت جي زبان مان ادا ڪيل هئا يا ڳائيندڙ عورتن مشهور ڪيا هئا. ان کان سواءِ جڳهه جي تنگيءَ سبب همعصر دور جي نوجوان ٽهيءَ کي شامل ڪونه ڪيو اٿئون ته جيئن قديم ۽ گذري ويل نسلن جـِـي شاعرن کي وڌ ۾ وڌ جڳهه ملي جن جي نظرانداز ٿيڻ جو انديشو آهي. اهو ڄاڻندي ته اڄ جي دور ۾ گهڻي تعداد ۾ شاعري لکجي رهي آهي، اسان موجوده دور جي شاعرن مان تمام مختصر چونڊ ڪئي آهي.
جڏهن به ڪو مجموعو انهيءَ مقصد سان ڇاپيو ويندو آهي ته متان ڪٿي ڪي اهم شاعر نظرانداز نه ٿي وڃن ته پوءِ چونڊ مهل ايڊيٽرن جي ذميواري هميشه کان وڌي ويندي آهي. اسان جيڪو مواد چونڊيو ۽ گڏ ڪيو آهي ان ذريعي اهڙي سـِـٽا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئون، جنهن سان مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ تعلق به محسوس ٿئي ته انفراديت به نمايان ٿئي. هن ڪتاب جي تنظيم کي تاريخوار رکڻ سان ئي اسان کي منطقي طرح تقابلي عنصر ملي سگهيو، ائين ڪرڻ سان اسان مختلف ملڪن جي غير معقول مجموعن جهڙو ڪو مجموعو ڪڍڻ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ساڳئي دور جي شاعرن کي گڏ پيش ڪبو ته انهن جي روايتن ۾ ڪهڙا به فرق هجن، انهن جون هڪجهڙايون ۽ مقصد وڌيڪ واضح ٿي بيهندا آهن. آهه زاري ڪرڻ يا رسمي مرثيو لکڻ يا ذاتي ڏک جي دانهن ڪرڻ به اڪثر ملڪن جي ادب ۾ مشترڪ آهي ۽ ڪن تهذيبن ۾ ته اهو ردالين يا ماتمي ڳائڻين ۽ اوسارڪندڙن لاءِ مخصوص هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ستين صديءَ جي بدوي شاعر عورت الخنساءَ جي پنهنجي ڀاءُ لاءِ چيل مرثيي ۽ نائين صديءَ جي هڪ نامعلوم ويلش شاعر عورت جي مرثيي ”ايگل آف پينگورن“ ۾ نمايان هڪجهڙائي ملي ٿي.
اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻارهينءَ کان سورهين صديءَ تائين هلندڙ تحريڪن جو عڪس هندستاني شاعرن مهاديويڪا ۽ ميران ٻائيءَ جي عقيدت واري شاعريءَ ۾ ۽ اسپين جي سينٽ تيريسا جي شاعريءَ ۾ نمايان آهي. ڪن حالتن ۾ اهڙيون هڪجهڙايون ان ڪري به نظر اچن ٿيون جو مختلف قومن جي اديبن ساڳي عالمي ادبي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. اهڙيءَ ريت يورپي جاڳرتا (Renaissance) واري مشهور سانيٽ واري نموني کي اٽليءَ جي گسپارا اسٽامپا، فرانس جي لوئي لابي ۽ نوآبادياتي ميڪسيڪو جي سار جوانا ڊي لاڪروز استعمال ڪيو آهي.
هن سموري شاهوڪار مواد مان اسان اهڙو ڪتاب ٺاهڻ چاهيو جيڪو شاعر عورتن کي نئين ۽ پرجوش تناظر ۾ پڙهندڙن آڏو آڻي سگهي. هر ڪنهن شاعر جي پٺيان پنهنجا پنهنجا پسمنظر ۽ حوالا آهن. قومي تاريخ، تهذيبي حالتون، انفرادي تجربا، انهن ۾ اسان هڪ نئين حوالي کي شامل ڪيو آهي. جنسي سڃاڻپ جو حوالو، جنهن سان زمان ۽ مڪان جي سلسلي ۾ شاعر عورتن تي ضرور اثر پوندو.
صدين کان شاعر عورتن پاڻ مڃائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هي ڪتاب اهڙيءَ طرح پيش ڪيو ويو آهي جو اسان کي اميد آهي ته هر هڪ نظم کي ان جي خوبين سبب سمجهيو ويندو ۽ اهو هر هڪ شاعر جي پنهنجي آواز ۾ چيل محسوس ٿيندو.