لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

دنيا جون شاعر عورتون

هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
Title Cover of book دنيا جون شاعر عورتون

منيوشو مان ورتل:جاپان (٦٥٠ع کان ٨٠٠ع)

منيوشو يا ڏهه هزار پنن جو مجموعو جاپاني شاعريءَ جي مجموعن مان سڀ کان پراڻو ۽ مشهور آهي. اٺين صديءَ جي وچ ڌاري اهو گڏ ڪيو ويو هو. ان ۾ ٤٥٠٠ نظم آهن، جن مان گهڻا درٻاري اميرن جا آهن. ان ۾ شاعر عورتن جي سٺي نمائندگي ٿيل آهي ۽ انهيءَ مجموعي ۾ انهن کي گهڻي اهميت مليل آهي.

[b]شهزادي نوڪاڊا
[/b]٧ صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ شهزادي نوڪاڊا ٿي گذري آهي، جنهن شهنشاهه ٽيمو جي دادلي سريت جي حيثيت ۾ کيس هڪ ڌيءُ ڄڻي ڏني ۽ ڪجهه وقت شاهي محل ۾ رهي. هوءَ پنهنجي دور جي وڏي ۾ وڏي شاعرهئي.
هتي ڏنل نظم جو پسمنظر اهو آهي ته هڪ ڀيري شهنشاهه ٽينجيءَ پنهنجي وزيراعظم فيوجي وارا ڪماتاريءَ کي چيو ته ”ٻڌاءِ، بهار ۾ ٽڙندڙ سهڻن گلن ۽ خزان ۾ پهاڙن تي داغدار پنن مان ڪهڙا وڌيڪ شانائتا آهن؟“ تڏهن شهزادي نوڪاڊا هن نظم ذريعي ان جو جواب ڏنو:

[b]بهار ۽ خزان
[/b]جڏهن سياري جي قيد مان ڇٽي
بهار اچي ٿي ته
پکي جيڪي سانت هئا سي چهڪن ٿا
گل جيڪي بند هئا سي مهڪن ٿا
پر ٽڪرين تي وڻن جي گهڻ وچان
گلن تائين پهچڻ مشڪل آ
۽ گلن سان گڏ ڪنڊن جي گهڻ مان
انهن کي هٿن ۾ کڻڻ مشڪل آ
پر جڏهن خزان ۾ ٽڪرين تي
اسين سڪل پن ڏسون ٿا
اهي پيلا پن ڪيڏا نه وڻن ٿا
جي هٿن ۾ کڻي سگهجن ٿا
پر – سبز پنن کي ساراهي
وڻن جي ٽارين ۾ ٽنگيل ڇڏيون ٿا
انهن کي هٿن ۾ کڻڻ جو مشڪل آ
۽ مون کي ان جو ڏک آهي
ته مون لاءِ آهن فقط
ڇو خزان جون ٽڪريون!
***