چُوشُو، چين:چين – (١٢ صدي عيسوي)
[b]آلو بخارَي جا گل
[/b]برف نچي ٿي، پارو وسي ٿو
بانس جي تيلين مان اڻپورو
نظارو ڏسجي ٿو
۽ آلوبخاري جي جهڪيل ٽارين جا پاڇولا
اوچتو ڪا ٿڌي مٺي سُرهاڻ
تاتاري بانسريءَ جي سُر سوڌي
اچي پردا کولي هنن ڏانهن وڌي ٿي
انهيءَ سُرهي هوا ۾ ويڙهجي
ڀلا خوشي ڪير نه ماڻيندو؟
منهنجا ڪارا وار وکري وڃن ٿا
مڌ جي مستيءَ کان وڌ، بي سڌ بنجي
اسين رُسُون ۽ پرچون ٿا
گلن سان جهنجهيل هنڌ جو مزو وٺون ٿا.
***