اينجلا فگيرا : اسپين (١٩٠٢ع)
عورتون – مارڪيٽ ۾
اڌڙوٽ عورتون ياعمر
ڄڻ کارو پاڻي، چن جو پٿر
پراڻي زنگيل عينڪ اندر
اکيون پيٺل برف جيان سرد نظر
وار خشڪ منجھيل ۽ وکريل
نسن ۾ کارو رت ڄميل
صبح سويري سودي لاءِ نڪرنديون آھن،
ھر شيءِ جي نوس نوسان کوٽ کوٽان
داغيل ٽماٽا، ڳريل نارنگيون ڳولينديون آھن
ڪوماڻل ڌپ ھاڻيون ڀاڄيون
سڙيل ٻـُوٽيون مٽيءَ جھڙيون
ڪاري ٿيل جيرانڊي ڳنهنديون آھن،
مُلھ ڏيڻ مھل اھي ويچاريون
تر تائين ھٿ سان ڦولي
ميري ٻٽونءَ مان پئسا ڳولي
پڇاڙڪي پائي جڏھن ڪڍنديون آھن
ته ڄڻ ڏک ۾ پيون ڏڪنديون آھن
ساڻن سدائين ھڪ ٻار ھوندو آ
ميرو گدلو، وار منجھيل
نڪ پيو جنهن جو وھندو آ
سڻڀي چولي ۾ ھٿ وجھي ھلندي ھلندي
ٽول وٺي ڏيڻ جي کيٽي ۾ سو
رون رون رون روئندو رھندو آ
يا ڪو ڦٿل ڪيلو صوف وغيره
چوسيندو گگون ڳاڙيندو ويندو آ
سندن اڱڻ به عجيب ھوندا آھن
جن ۾ ڪتن، ٻارن ۽مکين جي گھڻائي
۽ جھيڙاڪ پاڙيسرين جي جھڪ جھڪ ھوندي آ،
جت ڪاٺين جي دونهين، ميرن ڪپڙن جي ڍير کان سواءِ
تماڪ پگھر ۽ شراب جي ڌپ ھاڻو ھڪ ماڻھو
چاٻا ڏيندي، قسم کائيندي ٿڪيندو رھندو آ
ھو ھر رات ميري ڌپ ھاڻي ھنڌ ۾
بنان پيار ڪرڻ، مٺا ٻول ٻولڻ جي، وحشي بنجي
حيوانن وانگي بي صبريءَ سان
ھن جي پيٽ کي ڄڻ ته سزا ڏيندي
ان ۾ ھڪ نئون ٻج ڇٽيندو آ
۽ ھڪ ورچائيندڙ نئين ٻوجھھ جو ڊگھو عرصو
ھن کي ڀوڳڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو آ
نه نه، مان انهيءَ جي ڪارڻ تي نٿي سوچيان
ائين ڇو آھي، اھو پڻ نٿي سوچيان
پر زندگي صرف اھا ئي ڪانهي
ھن ڪائنات جا ٻيا ڪئين رخ آھن
حياتيءَ جا سھڻا سوين رنگ آھن!
***