مهاڳ
”هن ڪتاب ۾ دعويٰ ڪيل آهي ته اهو دنيا جي تقريبن سڀني خطن جي شاعرائن کي شامل ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هندستان جي شاعرائن کي شامل ڪري ايئن سمجهيو ويو هجي ته اهو خطو (هندو پاڪ) اچي ويو پر ته به مون کي سنڌ کي نه شامل ڪرڻ جو ٿورو دل ۾ ڏک رهجي ويو.“ ۽ فهميده کي پنهنجي (۽ اسان جي) ڏک جو دارُو ان ۾ سجهيو ته ”مهاڳ“ ۾ سنڌ جي شاعرن جو مختصر احوال ۽ سندن شاعريءَ مان مثال ڏئي، ڪاش! اسان جي لوڪ گيتن جو ترجمو به انگريزيءَ ۾ ٿيل هجي ها! ڪاش، ورهاڱي کان اڳي پوءِ جي شاعرن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ٿيل هجي ها! پر سنڌ سدائين اهڙن ڏچن ۾ رهي آهي، جو اهڙن ڪمن ڏانهن اسان جو ڌيان به نه ويو آهي. عطيه دائود جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ مڃتا به ماڻي چڪو آهي. سحر جي به ڪجهه نظمن جو ترجمو ٿيو آهي. پر دير سان.
ڪتاب ۾، ”اعليٰ ادبي خوبيون“ هڪ جهڙايون ۽ ”واضح مقصد“ جي آڌار تي چونڊ ڪئي وئي آهي. وَهي وَهي ٿي وڃي مٺ مان واريءَ وانگي، سونهن نٿي رهي اها، گرمجوشي نٿي رهي. بهار گذري ٿي، سرد موسم لڱ ٿڙڪايو ڇڏي. هيڪلايون، دوريون، وقت سڀ ڪجهه کسي ٿو وٺي. ڀڃي ڀوري ٿو ڇڏي سڀ ڪجهه. پر نٿو کسي سگهي – نٿو ڀڃي ڀوري سگهي ته اها آهي شاعري! جيڪا هزارن سالن گذرڻ کان پوءِ اڄ به زنده آهي، خوبصورت آهي. جوان آهي. تازي تواني آهي. ”الخنساء“ جي ڀاءُ جي ڳاتل نغمن وانگي نغمه ريز آهي:
تو جيڪي جنگ جا نغما ڳايا هئا
وچ ميدان ۾ وڏي سر سان
تو پڄاڻان اهي زنده رهندا
اسان جي سينن ۾!
انهن رچنائن تي ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. مثلاً ملڪ، تهذيبون، ڪردار، ويس، سڱ ٻنڌ، وَڻ ٽِڻ، گل، رويا، پهر، موسمون، لفظ، معنيٰ، رنگ، منظر، ماحول، سوچون، جذبا، احساس – سڀ کان وڌيڪ وقت (Time) ۽ وڇوٽي (Space) جنهن کي اورانگهي اها شاعري اسان تائين پڳي آهي. فهميده ان کي:
”اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ ...“
ٿي سڏي. مان سندس ان ”مهاڳ“ کي ”سَمُهاڳ“ ٿو سڏيان. منهنجي خيال ۾ فهميده جيڪو ”سگهڙين سٿ“ وسيلي ڪم ڪيو آهي، اهو به گڏ ڪرڻ گهرجي ۽ ڇپائڻ گهرجي. پنهنجي ”سَمُهاڳ“ ۾ به هن گهڻي ۾ گهڻا حوالا ”سگهڙين سٿ“ ۽ عورتن جي اڪيلي رسالي ”سرتيون“ مان ڏنا آهن.
”ترڪي بيڪري“ هڪ خوبصورت ۽ گهري رچنا آهي. ان ۾ چار بند ۽ انهن چئن بندن ۾ پنج ڪردار آهن - چار مرد ۽ هڪ عورت. پر پيڙ ساڳي آهي ۽ اها عورت جي آهي. نان، پوڄا، پاڻي،شراب- ان عورت جي قيمت/ مجبوري آهي. انهن چئن بندن، چئن شين ۾ بند آهي هڪ زندگي. هڪ عورت جي ندگي. هر بند جي پڄاڻي هن سٽ تي ٿئي ٿي: ”جتي سوڙه، اوندهه ۽ گرمي آهي“، ڇا عورت جو نصيب آهي اهو؟ سَوڙهه، اونداهه ۽ گرمي! ۽ زندگي جا آزاد آهي سا قيد آهي انهن ٽن لفظن ۾! ”سُور جي سٽ“ مان سُور ڇُلڪي ٿوپوي. توڙي جو اهو ”سائي يين“ جو ذاتي ڏک آهي. مال غنيم ۾ ور چڙهيل، تاتاري سردار جي زوريءَ سريت بڻايل، ڀنگ تي ورايل ٻه پٽ پٺيان رهجي ويل – پر ان سور جي سٽ جي سٽ صديون اورانگهي آئي آهي:
هت ماڻهو کَپَر کان وَڌ
زهريلا آهن، وحشي آهن
اهو زهر – اهو وحشيپڻو – ڪالهه به هو. اڄ به آهي ۽ سڀاڻي؟ ڪيترا ملڪ / قومون پنهنجي اهڙي ناانصافي، اڻبرابريءَ، ظلم، وحشي ۽ وهه وهاٽيل ”ڪالهه“ مان سبق پرائي، ان جو ٽوڙ/ ترياق ڳولي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ”اڄ“ کي انهن گندگين کان پاڪ ڪري، پنهنجي ”سڀاڻي“ کي محفوظ ڪري چڪيون آهن. اسين ڪڙهون پنهنجي ”حال“ کي، جيڪو ”بدحال“ آهي ۽ انڌو آئيندو! چين جيڪو اسان کان پوءِ آزاد ٿيو ۽ اڄ سپر پاور آهي ۽ اسين جيڪي هڪ سڌريل تهذيب جا وارث آهيون – اڄ لاوارث آهيون! چين جي ”سائي يين“ جون ٢٠٠ع ۾ جهونگاريل هي ”سُور – سٽون“ اسان جو ئي ته سُور سلين ٿيون:
۽ سُور جي ٻي سِٽَ جڏهن جهونگاريان ٿي
منهنجي ٽٽل دل ۽ ڇڳل ويساهه جيان
تار تنبوري جي به تڏهن
ڇڄي پوي ٿي!
”منهنجا پيءُ ۽ ماءُ“ جون هي سٽون ڪيڏي نه نرميءَ سان اسان کي ڇهي ٿيون وڃن. خاموشيءَ سان هڪ رشتو جوڙي ٿيون وڃن:
ٻنهي جي وچ ۾ خاموشيءَ جو رستو
ڄڻ سڳو ٻڌل آهي ڪو
وقت جو کنڀ نرميءَ سان کين ڇُهي ٿو
هي جي منهنجا پيءُ ۽ ماءُ آهن
۽ جنهن آڳ مان مون جنم ورتو هو
سا آڳ هاڻي سرد ٿي چڪي آهي
ساڳي رچنا جي هيءَ سٽ ڪيڏي نه سادي سودي آهي:
۽ رات سچ پچ ته رات ئي آهي!
۽ سچ پچ ته رات لاءِ، اهڙي سٽ، مون نه پڙهي آهي. توڙي جو اها سٽ پڙهي مون کي ”شمشير“ جي هيءَ سٽ ياد اچي وئي:
اسين رات کي رات چوندا رهياسين
”ڪاسيه“ جي هيءَ ڪويتا اڄ به نئين آهي ۽ موجوده حالتن وٽان آهي:
هڪ پڙهيل ڳڙهيل جاهل! خدا جي پناهه!
ڄڻ سوئر موتي پاتا هجن!
”گڏهن کي گج پائڻ“ واري اصطلاح جو به پسمنظر اهوئي آهي. ان موضوع تي منهنجون به ڪجهه سٽون آهن:
نااهل جي ماتحت ڪم ڪرڻ
ائين آهي
ڄڻ ڪنهن منهنجي مٿي تي جُتا رکي ڇڏيا هجن!
”ڪاسيه“ جي هڪ ٻي رچنا، جنهن ۾ قدرتي طور هڪ جڏي، عذر واري ماڻهوءَ تي – هڪ ڪوڙو دلال جيڪو پاڻ چور، قاتل ۽ شرابي آهي- ٺٺولي ٿو ڪري، تڏهن اهو جڏو ماڻهوکيس جيڪو جواب ٿو ڏئي، اهو لاجواب آهي. ”ڪاسيه“ جي ٩ صدي عيسويءَ ۾ لکيل هيءَ ڪويتا:
تون پنهنجي پرينءَ سان ملي جڏهن ٻهڪين ٿي
ته تنهنجو چهرو چمڪي سونو ٿي پوي ٿو
ڄڻ ته پارس ڇهي ورتو هجئي!
پڙهي ”تنوير“ جو هي شعر ياد اچي ويم:
اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون
پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون
يا لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ:
تون پارس آءٌ لوهه، سڃين ته سون ٿيان!
”ڪاسيه“ جي هڪ ٻي رچنا کي فهميده سنڌيءَ ۾ هيئن ڪمپوز ڪيو آهي:
غربت؟ دولت؟ ڪجهه به نه ڳول
هڪ سان هٿ سُڄي پون ٿا
۽ٻيءَ سان پيٽ سُڄي ٿئي گول
هڪ سوڄ محنت جي آهي – ٻي پيٽ ڀرائيءَ جي. اڄ به اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪن جا پيٽ پٺيءَ سان آهن، ته ڪن جا سڄيل، گول، اڳتي نڪتل.
”نياڻيءَ جو ڀاڳ“ رچنا ۾ ”سيفو“ ننڍي نيٽي ”ٽماس“ جي رک لوڙهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي پر سيفون سان زوريءَ پوريو ويو هو - ”اڻ پرڻيل ...!“ ٦ صدي قبل مسيح جي اها تخليق موجوده دور جي به عڪاس آهي. ”اونونو ڪماچيءَ“ جي هيءَ مختصر رچنا پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ئي ڀري سگهجي ٿو (سواءِ هڪ شاعر جي) اهو ڪومائجندڙ دل جو گل ڪنهن کي به نظر نٿو اچي:
هڪ گل جيڪو ڪومائجي ٿو
بنان ڪنهن کي نظر اچڻ جي
اهو آهي هن دنيا ۾
انسان جي دل جو گل!
”لارن پاراسڪي“ جي تخليق / رچنا ”ڌيءَ سان زوريءَ تي ماءُ جا تاثر“ هڪ دکي دل جي دانهن آهي جيڪا اڄ تائين ٻري ٿي، جنهن کي اها به ڄاڻ ناهي ته ڏوهاري ڪير آهي؟ يقيناً هڪ مرد! ”ڪولرج“ نظم لاءِ، سٽاءُ جي ڳالهه ڪري ٿو. سٽ سٽ سان، بند بند سان ائين جڙيل هجي جيئن انڊلٺ ۾ رنگ. ظاهر آهي ته ”نظم“ جي لغوي معنيٰ به اها آهي. سٽاءُ، ترتيب، ربط، وحدت، پر ڪنهن نظم جي ڪا سٽ/ ڪي سٽون يا هڪ اڌ بند وڌيڪ ڇو وڻندو آهي؟ ۽ اهي اسان کي يا ڄمار ياد رهجي ويندا آهن! پهرين اچو ته ”لارن“ جي ان نظم جي هيءَ سٽ پڙهون:
منهنجي پکيءَ جا پَرَ پٽيل آهن
پنهنجي ڌيءَ لاءِ، جنهن سان زوري ٿيل آهي، ان کان وڌيڪ ”تز پيڙيندڙ سٽ“ ٿي نٿي سگهي. هوءَ ڌيءَ کي ”پکيءَ“ سان ڀيٽ نٿي ڏي، پر ان کي ”پکي“ سڏي ٿي. پکي جيڪو آزاد هوندو آهي. سهڻو هوندو آهي. لاتيون پيو لنوندو آهي. سو ماريءَ جي ور چڙهي ٿو وڃي. ماري ان کي ماري نٿو، پر جيئڻ جهڙو به نٿو ڇڏي. ان جا پر پٽي ٿو ڇڏي! ان رچنا ۾ ”ڪاش“ ۽ ”شل“ ايڏي ته صحيح هنڌ تي ڪتب آيا آهن، جو انهن کي اتان ٿيڙي نٿو سگهجي. Translation ائين ئي Trans creation جي رتبي تي رسي ٿي. ”شل“ چئي هڪ بيوس ماءُ پٽون پاراتا ٿي ڏئي ان ظالم کي، جنهن هن جي ”ٻچڙيءَ کي هيئن سٽيو هو.“
گهٽ ۾ گهٽ، هن سنڌي ٽرانسڪرئيشن/ پنر رچنا لاءِ، فهميده جيڪي گهاڙيٽا (Formats) تخليق ڪيا آهن، انهن تي هڪ پئراگراف ضرور لکندس. فهميده پاڻ لکيو آهي:
”ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري انگريزي ترجمن ۾ به اها ئي صنف استعمال ڪيل هئي. ڪٿي ڪٿي ٽه سٽا چَوسٽا به ڏنا اٿم.“
شاعريءَ جي ترجمي لاءِ نثري شاعريءَ وارو گهاڙيٽو/ صنف سڀاويڪ آهي. آءٌ ان کي رچنا/ تخليق چوان ٿو. اسان وٽ نثري شاعريءَ کي سولو سمجهيو ٿو وڃي، جڏهن ته اها تخليقي سطح تي بيت کان به ڏکي صنف آهي. ڇاڪاڻ ته پابندين تياڳڻ سان هڪ ٻي پابندي اڳ ۾ ٿيو وڃي، پاڻ – هرتو. پابند صنف ۾ بحر وزن، قافيو، رديف، مخصوص صنف، فارميٽ، خانا، ليڪا، حد بنديون – الاءِ ڇا ڇا ملي ٿو وڃي، ان ڪري آسانيون – رعايتون ملي ٿيون وڃن. ڪڏهن ڪڏهن وزن جي پورائي لاءِ ڀرتيءَ جا لفظ به اچي ٿا وڃن. جڏهن ته نثري شاعريءَ ۾ اهڙي ڪابه رعايت ناهي! فهميده وٽ ”ٽيڙوءَ“ جو گهاڙيٽو به آهي:
رستو ڪيڏو سانت لڳي ٿو!
تنهنجو هَٿُ خوشيءَ مان جڏهين-
منهنجو هَٿُ ڇُهي ٿو!
جنهن کي فهميده ٽِه – سٽو ٿي سڏي. ان ريت ڪٿي پابند نظم جا اهڃاڻ به ملن ٿا:
ٿڌي هوا سان ٿڙڪي ٿڙڪي
لهرون ويرون دانهون ڪن ٿيون
جي آءٌ ٻڌان ٿي - ۽ سوچيان ٿي
”چمبيليءَ جهڙو ديوتا“ جو پهريون بند ته مڪمل پابند نظم آهي:
جئن ڪو پَٽ – ڪينئون
جوڙي ٿو پنهنجوگهرڙو
پيار مان اوتي ست سمورو
۽ مري وڃي ٿو تڙپي تڙپي
پنهنجي حياتيءَ جي ڌاڳن ۾ وچڙي
وَٽِ وٽيندي – ڏيندي ڦيرو
تئن آءٌ به تڙپي تڙپي
پنهنجو ساهه ڏيان ٿي.
۽ فهميده قافين کي صحيح هنڌ تي ڏنو آهي:
سهڻو نه رهيو آ منهنجو چهرو
لال گلابي جي هئا، سي نه رهيا منهنجا ڳل
اڇي اُجري سهڻي کل – آهي هاڻ ٿڪل
سو فهميده – پابند، آزاد، نثري – سڀني کان ڪم ورتو آهي ۽ مختلف تجربا ڪيا آهن جن ۾ هوءَ ڪامياب آهي. ”تسنيم يعقوب“ جي ڪري شايد! گهر، ور، ٻار، تدريس، لطيف چيئر- جي ڪمن ۾ فهميده ايترو رڌل رهي آهي، جوکانئس اهو وسري ويو آهي ته هوءَ تسنيم يعقوب کي، ڪنهن باغيچي جي اڪيلي بينچ تي ويهاري، جهٽ لاءِ اچڻ جو چئي آئي آهي،۽ ڪيتريون موسمون گذري ويون آهن ۽ هوءَ شاعر انهن موسمن کي اڃا ڀوڳي رهي آهي! ۽ مون کي ان جي هيڪلائيءَ تي الاءِ ڇو هيءَ تامل ڪويتا ياد اچي رهي آهي:
۽ هاڻي هيڪلائيءَ جي ڀوَ کان
ايئن ڳران ۽ مران ٿي
ڄڻ ڪنول گل کي
ڪو جيت لڳو آ!
هتي آءٌ ”تسنيم يعقوب“ جون هي سٽون ”فهميدهه“ تائين پهچائڻ چاهيان ٿو:
منهنجو من گهائي
ويٺو آن ڪهڙو ديس وسائي!
فهميده کي، سندس جنم ڏينهن تي، سراج ”دپينگئن بُڪ آف وومين پوئٽس“ تحفي ۾ ڏنو ۽ چيائينس ته اهو ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جهڙو ڪتاب آهي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين اهو ڪتاب ترجمو ڪري اسان کي تحفي ۾ ڏنو آهي ۽ سچ پچ ته اهو هڪ املهه تحفو آهي.
”گبريلا مسٽريل“ جي تخليق ”سڀ ڪجهه گول آهي“ پڙهي مون کي الاءِ ڇو سحر جي هڪ نظم جي پڄاڻي ياد اچي وئي: ”لال ڦيري – گل ڦيري“ گبريلا جو اهو نظم ٻارن جهڙو ئي سهڻو ۽ ابهم آهي ۽ ان ۾ سڄي دنيا ۽ هر دور جا ٻار اچي وڃن ٿا. ان رچنا / تخليق جي سٽ، سٽون يا هڪ اڌ بند ڏيڻ کان سٺو آهي ته توهين پورو نظم پڙهو - ۽ ٻار بڻجي وڃو.
”رڪار ڊاهج“ جي هيءَ تخليق ڄڻ ڦٽ تي لوڻ وانگر آهي:
تنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙها
ائين وهي تو کي هلڪو ڪن ٿا
جيئن مارچ مهيني ۾
برف ڳاري ڇڏيندي آهي هوا!
”فرخ فرخزاد“ هڪ ذهين ايراني شاعر، جيڪا ڦوهه جوانيءَ ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري وئي – پر هوءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ اڄ به زندهه آهي. هوءَ اڄ به انهيءَ گهٽيءَ ۾ گهمي رهي آهي جيڪا ڄڻ زندگي هجي:
هڪ گهٽيءَ منهنجي دل چورائي آ
منهنجي ننڍپڻ جي ياد جي خاني مان!
”مار گريٽ ڊي نوار“ جي نظم ”اهو سڀ ڪجهه ته اجايو آ“ کي توڙي جو مذهبي چيو ويو آهي، پر اهو هر مذهب لاءِ آهي ۽ ان جي هر بند ۾ هڪ چتاءُ آهي ۽ جيڪو هر دور لاءِ آهي:
ڪو اعلان ڪري خوشامد لاءِ
ته ”تون اُوچي کان اُوچو آهين“
ته اهڙي ڳالهه کان ڀڄجان
ڪڏهن ڪوڙو فخر نه ڪجان!
انهيءَ نظم جي بنيادي ٿيم اها آهي ته ”ڪوڙ کي فنا آهي“. دولت، عزت، شهرت بي بقا آهن:
فاني شيون جتان اينديون آهن
واپس به اوڏانهن وينديون آهن
مايا موهه، ڪوڙ، هٺ ۽ ڏيکاءُ – کي دنيا جي هر شاعر ننديو آهي. ”ساميءَ“ وٽ ته فلسفو ئي اهو آهي. ”جوليا ڊي برگاس“ نشي جي هيراڪ، اسپتالن ڀيڙي ٿي گمناميءَ ۾ مري وئي، پر هن جي شاعري نه مري سگهي. ”جوليا ڊي برگاس ڏانهن“ سندس هڪ عجيب تخليق آهي، جنهن ۾ هوءَ پاڻ سان ئي مخاطب آهي. هڪ سماجي ڪوڙن جي بي جان ڀوري، ٻي انساني سچ جي دکندڙ چڻنگ، هڪڙي دنيا وانگي خود غرض، ٻي سچ لاءِ سڀ ڪجهه گهورڻ واري. هڪ سنجيده بيگم ۽ ٻي:
آءٌ ته زندهه آهيان، قوت آهيان، هڪ عورت آهيان
تون پنهنجا وار ڇلا ڇلا ڪرين ۽ منهن کي گلابي رنگ ٿي هڻين
منهنجا وار هوا ٿي ٺاهي، منهن کي سج رنگ ڏنو آهي
تون گهر جي بيگم آهين صابر، شاڪر، ميسڻي
مردن جي هٺ ڌرميءَ اڳيان ڪنڌ جهڪائين
آءٌ ته هڪ ڪُميت آهيان آزاديءَ سان اُڏامندي وتان
۽ خدا جي انصاف جون وسعتون ٿي ماڻيان!
ڇا شاعري صرف پنهنجي لاءِ ٿي ڪجي؟ يا ٻين لاءِ (به)؟ ”ايملي ڊڪنس“ شاپنگ لسٽن، رسيدن، پني جي ٽڪرين ۽ ٽافين جي پنن تي ڪوتائون لکيون ۽ پيتيءَ ۾ بند رکيون. اهي هُنَ چو چواءُ باوجود به نه ڇپايون. سندس مرڻ کان پوءِ ڀيڻس اهي پيتيءَ مان ڪڍيون ۽ ڇپايون. ”قدرت جو بورچي“ ڏاڍي گهري تخليق آهي. ”سچل سرمست“ جي، فقير امير بخش (۽ عابده پروين) جي ڳايل ڪلام ”سُڻ بات برهه دي ڪيهي، ايهي عجب جيهي“ جي ان سان حيرت انگيز مماثلت آهي. فرق رڳو اهو آهي ته ”قدرت جو بورچي“ ۾ استعارو ”موت“ ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۾ ”برهه“ آهي.
”ڏوهاري ڪير؟“ سارجنا انس دي لاڪروز جو سوال آهي ۽ اڄ تائين اڻ جوابيل آهي. ان تخليق جو آخري بند انهن هٿ ٺوڪين نقادن لاءِ، هڪ آرسي آهي، جيڪي جڏهن ڪا عورت وڪڙ ۾ نه ايندن ته چوندا ته ”سخت ۽ سرد آهي“ ۽ سولائيءَ سان وڪڙ ۾ اچي وين ته چوندا ته ”چالو ۽ گرم آهي.“
”شهزادي شڪيشي“ جي هيءَ مختصر رچنا ”سيارو“ بنان ڪنهن ٽيڪا ٽپڻيءَ جي:
هوا سرد آهي
هڪ هڪ پن
رات جي آسمان مان
گم ٿي رهيو آهي
چنڊ باغ کي
ننگو ڪري رهيو آهي!
ادب جو ۽ خاص طور تي شاعريءَ جو، فن جو، مقصد جيڪڏهن سکڻي نعريبازي هجي ها ته پوءِ طبقاتي، معاشي، تهذيبي ۽ جنسي فرق شاعريءَ کي، فن کي، ڪڏهوڪو ڳڙڪائي چڪو هجي ها ۽ اهي شهپارا به معدوم ٿي چڪا هجن ها، جيڪي هن ڪتاب، توڙي ٻين ڪتابن ۾ زندهه آهن – ساهه کڻي رهيا آهن.
مون پنهنجي طويل نظم ”روٽس“ ۾ دنيا جي ٻين شاعرن سان گڏ ”سيفو، ميران ٻائي، قرة العين ۽ امرتا سان گڏ سحر“ جو ذڪر ڪيو آهي:
قرة العين – ”اَمرتا“ تائين
۽ ”سيفو“ کان ”ميران“ تائين
جوٺي جڳ جا ناتا ٽوڙي
سارا سڱ سياڪا ٽوڙي
پريت ريت جو ڌاڳو جوڙي
جڳ ڪلجڳ کي سپنو ڄاڻي
ڪنهن ڪوڙي جي ڪوڙ ڪهاڻي
جيون مٿيس مايا سمجهي
مايا ڇل ۽ ڇايا سمجهي
ميران ٻائي جو ڳڻ بڻجي
يڪتاري جي تند تپائي
هري نام جا ڀڄن سڻائي
ملڪي حد بندين مان نڪري
سمئه جي سيمائن مان اُڪري
جوٺي جڳ ۾ سچي ساڻيهه
سنڌڙيءَ لئه سا ”سحر“ ٿئي ٿي!
”ماڳڊا پور گل“ جي رچنا ”شڪ“ جون هي سٽون – وڍيندڙ سٽون:
ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
اهي ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل، ڏرا ڏنل ۽ آخري حد تائين ڊنل اکيون هن مهل به انهن سٽن مان اسان کي گهوري رهيون آهن ۽ اجهٽ لاءِ به ڇنڀجن نه ٿيون.
”انسان جي ماءُ“ پڙهي الاءِ ڇو مون کي زينت صديقيءَ جو ڳايل لوڪ گيت ”ڇو ٿي ڄڻئي اهڙيون ڌيئر امان“ ياد اچي ويو. اها به ڏاڍي گهري رچنا آهن. مهڙ ۾ ان جون ئي ٻه سٽون ڏنيون اٿم. هتي ساڳيون سٽون وري ڏيان ٿو:
ماڻهو ٿيڻ ڏکيو آ
ماڻهو، ماڻهوءَ جو ڀاءُ نه چاقو آ!
هتي ”ماڻهو“ کي چاقوءَ / چاقوءَ کي ماڻهوءَ سان تشبيهه نه ڏني وئي آهي، بلڪ ان کي ”چاقو“ چيو ويو آهي، جيڪو ڪُهي ٿو! ڇاڪاڻ ته ”چاقو“ ته هڪ بي جان شيءِ آهي ۽ انسان جي ئي ايجاد آهي. ڳالهه ان جي استعمال جي آهي، بلڪ ان هٿ جي آهي، جيڪو ائين استعمال ڪري ٿو:
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳنُ وڍيندڙ هٿ ۾!
اهو ڪَوڙو سچ نه رڳو ”انسان جي ماءُ“ رچنا جي دور جو آهي، شاهه سائينءَ جي دور جو آهي، پر موجوده دور جو به سچ آهي!
شاعريءَ کي پنهنجي هڪ طاقت آهي. ان جو اثر وقت جي سراڻ تي چڙهي وڌيڪ تکو ٿي ٿو وڃي. شاعريءَ جي حوالي سان ان کي ئي دائميت چئجي ٿو:
منهنجي دل تو کان باغي آهي
اڌ دل تو کي ڌڪاري ٿي
اڌ دل کي تو سان پيار به آهي!
اها ئي دل – اڌو اڌ دل – اسان / اوهان جي سينن ۾ اڄ به ڌڙڪي رهي آهي.
”وطن جي ياد“، ”الوداع اي وطن“، ”منهنجا مٺڙا بابلا“ ۽ ”وڃڻ مهل“ به ڏاڍا گهرا ۽ اهم نظم آهن. انهن مان هڪ نظم ۾ هڪ ڌرتيءَ جي ڌيءَ پنهنجي وطن لاءِ هڪ وڻ ٿي پوکي ۽ چئي ٿي ته انهيءَ کان وڌيڪ هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ هن جي شاعريءَ ۾ اهو پنهنجي وطن لاءِ پوکيل وڻ اڄ چهچ سائو سدائين لاءِ هڪ سرسبز استعارو. ڇا اسين پنهنجي وطن لاءِ هڪ وڻ نٿا پوکي سگهون. ”وڻ“ جيڪو صدقهء جاريه آهي. پر اسان ته وڻ ڇا ٻيلا وڍيا آهن!
”وَهِي ويندڙ وَهي به لهندڙ وير وانگي آهي
– جيڪا وري نٿي وري!“
(لهندڙ وير)
پر ”ويل وقت“ ۽ ”لهندڙ وير“ کي وارڻ جو ڪرشمو صرف ۽ صرف شاعريءَ ۾ ئي ممڪن آهي.
ائين وقت اڏامي ٿو، کڻي وڃي ٿو
سال سمورا، حياتيءَ جا پل
ڇا اسين به گل ڪنداسين وري ٽڙنداسين؟
يقيناً نه. ڇو ته:
موت کان سوا ڪجهه به يقيني نه آهي!
شاهه گدا لاءِ ساڳي سا مهل
موت نه ڪندو آهي ڪنهن تي ڪڏهن ڪا ڪهل!
پر اسين چئي سگهون ٿا ته شاعريءَ کي، جيڪڏهن اها شاعري آهي ته، موت نه آهي، فنا نه آهي. اهڙي ئي امر /آفاقي شاعري هن ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ ۾ آهي. پنهنجي مڪمل سونهن، تازگيءَ ۽ توانائيءَ سان!
امداد حسيني
ڄام شورو – سنڌ
١٧ سيپٽمبر ٢٠٠٦ع