خوشبودار خيالن ۽ سگهارين سوچن جو شاعر : بلوچ صحبت علي
عالمي سطح تي، منهنجا چار دؤرا ادبي نوعيت جا ٿي گذريا آهن، جي آهن:- 1990ع ۾ هندوستان جي ادبي ياترا، 1994ع ۾ ٿائلينڊ ۽ هانگ ڪانگ جو دؤرو ۽ وري 2001ع ۾ هندوستان جي دهلي، آگري، پونا، ممبئي ۽ اُلهاس نگر جا ادبي دؤرا. هي چارئي دؤرا ادبي نوعيت هجڻ ڪري، مون لاءِ فخر جو باعث آهن، جن جو خاص سبب ادب جي اصل وصف (Definition) کان آگاهي ملڻ آهي، هن وقت تائين ادب تخليق ڪرڻ جو اصل ڪارڻ مونکان لڪل رهندو پئي آيو هو، يا ائين چئجي، ته اهڙي روشنيءَ ۾ پهچڻ بدران، مان اوندهه جي اسرارن ۾ ڦاٿل پئي رهيو آهيان.
اڄوڪي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي دؤر ۾ ادب جي اهڙي وصف اِجهو هن طرح آهي:
”ادب جو سماجي، معاشي، فني، اصلاحي، سياسي ۽ آفاقي انقلاب يا تبديلين لاءِ هجڻ“
هن قسم جي وصف يا تشريح جو بُڻ بڻياد انگريزيءَ جي هڪ ئي جملي سان لاڳاپيل آهي، جو آهي:
“The poets are heart bingers of the scientists”
(شاعر، سائنسدانن جا نقيب يا رهبر هوندا آهن)
مطلب ته سماج جي آگاهي شاعر حاصل ڪندا آهن، جن جي رهنمائيءَ ۾، اُن روشنيءَ کي سائنسدان ڳولهي هٿ ڪندا آهن.
اسان جي بلوچ صحبت علي جي ڇپجندڙ شعري مجموعي ”من صحرا صحرا“ ملڻ سان، جا وڌ ۾ وڌ خوشي ٿي، اُها هن طرح آهي، ته بلوچ صحبت علي روزگار جي وسيلي ’وڪيل‘ هئڻ سان گڏ، شاعر به آهي، مطلب ته اڳتي هلي، بلوچ صحبت علي سائنسدانن جو نقيب به ٿي سگهي ٿو ڇو ته وٽس سماج جي آگاهي آهي.
بلوچ صحبت علي غزل، پابند نظم، آزاد نظم، وائي، گيت، بيت، ٽيڙو ۽ چؤسٽي جي صنفن جو شاعر آهي. سندس ڪيترن ئي غزلن، آزاد نظمن ۽ چؤستن ۾ اندر جي پيڙائن سان گڏ، اجتمائي فڪر جون به چوڏهينءَ جي چنڊ واريون جهلڪيون ملن ٿيون، جا خوبي جديد شاعريءَ جي خوبين جو پورائو ڪندڙ آهي. اچو ته شاعريءَ جي اهڙين خوبين جي ٿوري گهڻي نشاندهي ڪيون:
(1) اجتماعي مفادن جي شاعري
(Poetry of collective interests)
جي مارڻ گُهرو ٿا، ته ماري ڇڏيو
يا ’ٻارڻُ‘ ڪري، مونکي ٻاري ڇڏيو
پيئڻ جي گُهرو ٿا، اسان سان پيئو
اڪيلي پيئڻ کان ته هاري ڇڏيو
مٿين غزلن ۾ سماج جي اجتماعي مفادن (Collectivism) جي ترجماني ڪئي وئي آهي، جا ڪارج (Utility) جي حوالي سان، شاعري جي هڪ بهترين خوبي شمار ٿئي ٿي.
(2) شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج جو هئڻ
(A social utility in poetry)
شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج يا سڦلتا جو هجڻ، وڌ ۾ وڌ ضرورت واري خوبي سمجهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته شاعري جي تخليق، سماجي مسئلن ۽ ماحول جي مونجهارن تي ڪئي ويندي آهي. اهڙي شاعري، غزل يا ڪو گيت جنهن ۾ اِن قسم جي سڦلتا اڻ لڀ هجي، اُها انساني بستين لاءِ نه، پر خلائي زندگيءَ لاءِ ئي ٿي سگهي ٿي. بلوچ صحبت جون هيٺيون سٽون پڙهو ته انهن ۾ اوهان کي سماجي ڪارج نظر ايندو.
مان ڪمائي گناهه ايندو هان
هوءَ ڪمائي ثواب ڏيندي آ
حُسن هُن جو ليئا ٿو پائي اچي
توڙي مُک تي نقاب ڏيندي آ
اسانجي آ دشمن اسان کي ٻُڌايو
ٺهي ٿل ويو آ، ٺهي ٿل ويو آ
اسان سنڌ واسي. ٿا هُن کي ٻُڌايون
ڊهي ٿل ويو آ، ڊهي ٿل ويو آ
(3) شعر ۾ نواڻ (Novelty) يا جدت جو هجڻ
(A novelty in Poetry)
ڏيو ٿا ته دل ئي هٿن سان ڏيو
اسان کي نشانيون نه والا ڏيو
اسان نفرتون سڀ کڻائي وڃُون
گڏي شهر جا سڀ جي ٻالا ڏيو
نشانيون والن جي جاءِ تي، دل ڏيڻ ۽ نفرتن جي گندگيءَ کي ٻالن کان کڻائڻ شعر ۾ هڪ سٺي نواڻ آهي، ته ان سان گڏ، اجتماعي مفادن جي به سهڻي نموني ٿيل نمائندگيءَ جو مثال آهي.
(4) مزاحمت واري شاعري
(Poetry of resistance)
سماج ۾ استحصال ۽ حق تلفين کي روڪڻ لاءِ، مزاحمت، روائتي شاعريءَ جي به هڪ خوبي رهي آهي. شاهه لطيف جا داستان اهڙيءَ مزاحمت سان ڀريا پيا آهن. ”متو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿونا هڻين“ کان ”دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا“ شاهه وٽ اسان کي مزاحمت جون تلوارون لٽڪيل نظر اچن ٿيون. بلوچ صحبت کي پڙهو:
ڪيترو ماتم ڪجي، پنهنجن پراوَن جو هتي
ڪهڙي رهبر کي ڏسون، ۽ ڪهڙي رهزن کي ڏسون
(5) استحصال خلاف شاعري
(Poetry against exploitation)
ٿي بنجر وئي آ، هي ڌرتي اسان جي
ويو ڏيهه سارو ٿي آهي ڏڪاريل
غدارن سان پنهنجي لڳي آ، نه لڳندي
نه آهيون اي صحبت! وڏيرن جا قائل.
پابند شاعريءَ کانسواءِ، بلوچ صحبت آزاد شاعريءَ جي زمين ۾ به شاعراڻي زرخيزي ۽ شادابيءَ جو هَرُ هلايو آهي. آزاد نظم جيئن ته: بيلف Bailiff يا Tribute to missing person ۽ وسڪي شاعريءَ جا شاهڪار مثال آهن. هُن ٽه سٽن ۽ چؤ سٽن سان گڏ، بيتن ۾ به چڱي خاصي ڪوشش ڪئي آهي، جا اڳتي ٻئي ڪتاب ڇپائڻ وقت اُجاگر ٿي سگهي ٿي. في الحال، سنڌوءَ ڪناري، جهومندڙ کيت جهڙين هنن چئن سٽن تي پنهنجن ويچارن کي ختم ڪجي ٿو، اُهي بلوچ صحبت علي جي ڪائناتي محبوب جي سڳنڌ ڀرين زلفن جهڙيون سٽيون آهن:
نه ئي ايشور هو، نه ئي ڪو خدا
مگر زندگي پوءِ به هلندي رهي
اسان رات ڪينجهر ڪناري ڏٺو
اڪيلي جواني ڪا رُلندي رهي
بلوچ صحبت علي ننڍڙي وزن وارا غزل به ڏاڍا سٺا لکيا آهن، جن جي پڙهڻ سان، ترنم، ڇير جي ڇمڪي وارو محسوس ٿيڻ لڳي ٿو مثال:
ڀُلائي ڇڏين ٿي
رُلائي ڇڏين ٿي
سُڪن ساڻ ساوا
جلائي ڇڏين ٿي
تو ڏنو درد دل
توئي ساڙيو جگر
نيٺ ڏسبو وري
ڪو خوشيءَ جو نگر
آخر ۾، اُميد ٿي رکجي ته، اڳتي ’بلوچ صحبت علي‘ عشق مجاز تي وڌ ۾ وڌ شاعري ڪرڻ بدران، هن ڪائنات، ماڻهو، ڌرتي سنڌ ۽ سنڌوءَ جي آفاقي (Universalism) ۽ معروضي (Objectivism) پهلوئن تي وڌيڪ ڪاريءَ جي ڇٽ کيڙ ڪندو رهندو.
تاجل بيوس
ڪراچي