شاعر جي نوٽ بوڪ تان:
ديوارن جا نازڪ، نفيس سينسر
شاعري ڇو ڪندو آهيان. ان جو ڪو سبب به هوندو آهي، يا ائين ئي بغير سببن ۽ ڪارڻن جي ڪري به ڪو شاعري ڪري سگهجي ٿي. ان جي مون کي ڪا به سُڌ، ڄاڻ، ڪو به علم نه آهي. مون کي فقط ايتري خبر هوندي آهي ته جڏهن به ڪو خيال ذهن جي سمونڊ ۾ غوطا کائيندو آهي ته ان کي، پيار سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي وٺندو آهيان. پوءِ ان خيال کي لفظن جو روپ ڏيئي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾، ڪنهن سگريٽ جي خالي پيڪئٽ تي، ڪنهن سيرپ جي خالي کوکي تي، يا وري ڪنهن شادي ڪارڊ جي پوئين پاسي تي، تڪڙ تڪڙ ۾ اوتي وٺندو آهيان. پوءِ جڏهن به ڪو موزون وقت يا موڊ تي ويهي ان کي سينگاري سنواري شاعري واري ڪتاب جي شوڪيس ۾ سجائي رکندو آهيان.
مان سمجهان ٿو ته هوءِ مون کان نه وسري آهي ۽ شايد مان به هن کان نه وسريو هوندس، پر ممڪن آهي ته ائين نه به هجي. هوءِ مون کي وساري چڪي هُجي. ۽ مان به هن کي وساري چڪو هجان، پر شايد ائين به نه آهي. جي هوءِ مون کان وسري وڃي ها، ته هن ڪتاب جي سموري شاعري جنم نه وٺي ها. مون هن جي پُڇا ڳاڇا، هن جي ڳولها ڪٿي ڪٿي، ڪنهن ڪنهن کان نه ڪئي. هن جا پار ايندڙ ويندڙ هوائن کان، ستارن کان، روشنين کان، چنڊ کان سج کان، چيٽ کان ڪَتي کان، بارشن کان طوفانن کان، موسمن کان، سردين کان، گرمين کان، پيو پڇندو رهيس، لڇندو رهيس. پاڻ جسماني طور الڳ هجڻ جي باوجود، روحاني طور ته اڄ به زنجير جي ڪڙي جيان ٻڌل آهيون.
مون کي ائين لڳندو آهي ته هُن کي منهنجي باري ۾ سڄي ڄاڻ آهي. هوءِ منهنجي هر چرپر تي گهري نظر رکي ٿي. هوءِ هزارين ميل پري هوندي به منهنجي سامهون هوندي آهي. جيڏي مهل مان سگريٽ دُکائيندو آهيان ته هن کي خبر پئجي ويندي آهي ته مان هينئر سگريٽ جا گهرا گهرا ڪش هڻي رهيو آهيان. اها ته هن کي خبر آهي ته مان سموڪر آهيان، اها کيس ڪيئن ٿي خبر پوي ته مان هيئنر سگريٽ جي تماڪ سان گڏ پاڻ کي به ساڙي رهيو آهيان. اڄ سگريٽ جو تمام خاڪ ٿي ايش ٽري ۾ دفن ٿئي ٿو، سڀاڻي منهنجو جسم خاڪ ٿي قبر ۾ داخل ٿيندو. بلڪل ان ويل هن جي ڪال اچي ويندي آهي ته ”پليز ! سگريٽ وساءِ مونکي تڪليف ٿي ٿئي“. ”ديوارن کي ڪن هوندا آهن“، اها ته خبر هئي، پر ديوارن کي نازڪ، نفيس سينسر هوندا آهن، ان جي مون کي بنهه ڪا ڄاڻ ڪا نه هئي. اهي سينسر سگريٽ جي دونهين کي جهٽي، هن تائين سيڪنڊن ۾ پهچائين ٿا. جيئن ايجنسيون هڪدم خبر مالڪن تائين پهچائن ٿيون. مون کي ته ائين لڳي ٿو ته ديوارون به هاڻي واٽس اپ جو روپ ڌاري چڪيون آهن، ديوارن ڄڻ ته فيس بوڪ جو سوفٽويئر انسٽال ڪري ڇڏيو هجي، ۽ ديوارن ڄڻ ته ميسيجر ۽ ٽوئٽر کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو هجي.
منهنجي دل جي هر ڌڙڪن ۾ هوءِ سمايل آهي. منهنجي دماغ جي ٽنهي خانن ۾ هن جي بدن جي خوشبو جو وجود آهي. منهنجي روح ۾ هن جو وجود واسو ڪري ويو، ديرا ڄمائي ويٺل آهي. ان ڪري مون کي هن جي باري ۾ فڪرمند ٿيڻ جي ڪا به ضررورت نه آهي. ته هوءِ ڪٿي آهي، ڪهڙي حال ۾ آهي، ڏکن ۾ ڏٻري ٿي پئي آ يا سکن ۾ سهڻي ٿي پئي آ. ڇو ته جڏهن هو مون کي ياد آهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هجي ته مان هن کان وسري ويو هجان. منهنجي روحاني مرشد ڀٽائي سائين سر ڪلياڻ ۾ فرمايو آهي ته ؛
تو جنين تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي،
فازکروني اذکرکم، اي پروڙج بات،
هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي.
مون جيان ، منهنجي شاعري جا منهنجي پريتم سان روح جا رشتا آهن، رت جو گهرو تعلق ضروري نه آهي. منهنجي غزل جي هر بند جو هر لفظ ۽ ان جو هر اکر، منهنجي پريتم کي صبح و شام سجده ڪندو آهي. منهنجا نثري نظم ، منهنجي پريتم جي اوسيئڙي ۾ گلن جون ڪروڙين پتڙيون ڏينهن رات نڇاور ڪندا رهن ٿا. منهنجي شاعري جا لفظ اصل ۾ لفظ نه آهن، بلڪ اهي روح جا سجدا آهن، جيڪي عقيدت، محبت، پيار، ۽ احترام ۾ پريتم کي ارپيل ارپنا آهن. مان مري سگهان ٿو، ۽ جسماني طور مري ويندس، پر منهنجي شاعري فنا نه ٿيندي، ڇو ته اها منهنجي پريتم ۽ ڌرتي لاءِ سرجيل آهي. ڇو ته جيسين محبت جي دنيا ۾ روح جي رشتن جو وجود آهي، تيسين مان پنهنجي شاعري ۾ زنده رهندس. ۽ منهنجي شاعري اها بڙ جي گهاٽي ڇانو آهي، جيڪا محبتن ۾ ايندڙ نٽهڻ اُس کي ڌڪي دور ڪري ، ٿڌي ڇانو جو وجود مهيا ڪندي آهي.
مان فقط ايترو چوندس، ته تون آهين، ته مان به آهيان، پر ان کان اڳتي ، تون آهين ته منهنجي شاعري به آهي، منهنجي اکين جي روشني به آهي، منهنجي رهبري به آهي، ته منهنجي دوستي به آهي، نه ته مان ڪجهه به نه آهيان...
مان ٿورائتو آهيان، پنهنجي محسن، رهبر، جنهن هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي، جنهن منهنجي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ سيڪريٽري هجڻ دوران ، منهنجي حوصلا افزائي ڪئي. سنڌي ادب، سنڌي شاعري جي تمام وڏي نالي سائين تاج بلوچ صاحب جا وڏا وڙ جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون ڪڍي منهنجي هن شعري مجموعي “ من صحرا صحرا” جو بئيڪ ٽائٽل پيج لکي ڏنو. هن ڪتاب جو نالو به سائين پاڻ رکيو، ان لاءِ به مان سائين تاج بلوچ جو انتهائي ممنون و مشڪور آهيان.
هن ڪتاب جو مهاڳ هند ۽ سنڌ جي نالي واري ليکڪه محترمه اندرا پونا شبنم شهداپوري والا جا به وڏا وڙ، لک احسان ، جنهن وڏا وڙ ڪري منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو. ان سان گڏ مان انتهائي محبتي ماڻهو، سادڙو انسان، پيارو، نهٺو، سائين تاجل بيوس کي نه وساريندس، جنهن پنهنجي حياتي ۾ منهنجي شاعري تي تبصرو لکيو هو، جنهن جي ڪري به هن ڪتاب جي زينت ۾ اظافو ٿيو آهي، ڪاش! تاجل اڄ زنده هجي ها ۽ هي ڪتاب ڏسي ها جيڪر ڏاڍو خوش ٿئي ها. پر تاجل اڄ به سنڌ ۽ هند، جي سنڌي ادب ۾ زنده آهي، سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان،
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان....
ان سان گڏ پنهنجي دوست ابل اداس جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي شاعري تي ٻه اکر لکي مون کي احسانمند ڪري ڇڏيو.
مان پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس جي باني، محترم سائين ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ۽ قمر آفتاب ابڙو جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جنهن جي محبتن، ڪاوش، محنتن ۽ حد کان وڌيڪ دلچسپي جي ڪري، هي ڪتاب توهان جي نازڪ ۽ پاڪ هٿڙن ۾ آهي. ان سان گڏ مان پياري انور لغاري جو به احسانمند آهيان، جنهن هي شاعري ڪمپوزنگ ڪري ، سينگاري سنواري ، پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.
يا علي مدد
بلوچ صحبت علي
ڇاڻو شاهه آباد محله، دادو