انتساب : حسين قلي زاده نالي
حسين نه فقط منهنجو پراڻو دوست ۽ ڪلاس ميٽ آهي پر هڪ بيحد پيارو ۽ نيڪ انسان پڻ آهي. پاڻ هڪ سٺو آفيسر ۽ محب وطن ايراني آهي جنهن پنهنجو سر پنهنجي ملڪ تان قربان ڪرڻ جي نه فقط خواهش ڏيکاري پر ڪري به ڏيکاريو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس هن جهان ۾ رهڻ جا ڏينهن اڃا هئا جو هو جي رهيو آهي نه ته ”عراق ايران جنگ“ ۾ جنهن بي درديءَ سان هن تي عراقي فوجين ڪيميائي هٿيارن ۽ بمن بارودن سان ٽي کن حملا ڪيا ۽ جنهن حد تائين اسان جو هي ايراني دوست زخمي رهيو، هن جو بچڻ ڪنهن ڪرامت کان گهٽ ناهي.
حسين قليزاده سان منهنجي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ملاقات ٿي جڏهن اسان پنهنجي پنهنجي ملڪ جي حڪومتن طرفان UNO جي مالمو ۾ ٺهيل ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرئجويشن لاءِ داخلا ورتي هئي. هن يونيورسٽي ۾ اسين ٻئي ڪلاس ميٽ هئاسين. آءٌ مئرين انجنيئرنگ جي هڪ براچ MSA/E ۾ ۽ حسين جو ايران جي بندرگاهه سان واسطو هجڻ ڪري هو پورٽ ائنڊ شپنگ جي سبجيڪٽ ۾ M.S.C ڪري رهيو هو. اسان جا ڪيترائي سبجيڪٽ ساڳيا هجڻ ڪري ليڪچر روم ۾ گڏ ويٺاسين ٿي. فيلڊورڪ جي سلسلي ۾ ڀروارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ فنلئنڊ، جرمني ۽ هالينڊ گڏ وياسين ٿي. مالمو شهر ۾ اسان جي رهائش به هڪ ئي علائقي Holma ۾ هڪ اٺ ماڙ بلڊنگ جي فلئٽن ۾ هئي. سندس ٽن ڌيئن مان وچين منهنجي ننڍي ڌيءَ مارئي جيڏي هئي ۽ هي سڀ اتي جي ساڳي سئيڊش اسڪول ۾ ويون ٿي. ان ڪري حسين وارن سان اسان جي هڪ قسم جي فئملي دوستي رهي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.
حسين قليزاده ۽ ٻين ڏهاڪو کن ايراني ڪلاس ميٽن جي فئملين مالمو (سئيڊن) ۾ به سخت پردو ڪيو ٿي. سخت پردي مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته هنن جون زالون ۽ ڇوڪريون منهن ڍڪڻ وارا اڇا ڪارا برقعا پائي هلنديون هيون. هرگز نه ملئي مسلمان عورتن وانگر ايرانين جو به هڪ معيار آهي جنهن تي سڄو ملڪ عمل ڪري ٿو. ايرانين جون عورتون روسري (حجاب) سان مٿو ضروري ڍڪينديون هيون پر منهن کليل رکنديون هيون. هو بازارين ۽ پارڪن ۾ هلنديون هيون، ضرورت وقت مردن سان ڳالهائينديون به هيون- ويندي مالمو شهر ۾ سائيڪلنگ ڪنديون هيون. پردي جي سختي سان پابندي ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو ئي آهي ته هنن جو پردي جو معيار جيڪو ايران ۾ آهي (يعني مٿو ڍڪڻ ۽ چادر اوڍڻ) اهو هو هنن Scandinavian ملڪن ۾ به قائم رکنديون هيون. ائين نه ته اسان جي پاڪستاني عورتن وانگر ڪڏهن ستن پڙدن ۾ هجڻ جي باوجود پوش پوش پئي ٿئي ته ڪڏهن وري مٿي تي پوتي به نه!
حسين جي فئملي ۽ ٻين ايراني فئملين مان اها به ڄاڻ ٿي ته ايراني عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون نه فقط روزي ۽ نماز جون پابند آهن، پر سائنس، ڪمپيوٽر ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي علم ۾ پڻ هوشيار آهن، ايتري قدر جو هو گهوڙي سواري، سئمنگ، تير ڪمان ۽ رائيفل ذريعي نشانو چٽڻ ۾ به ماهر آهن. ۽ اهي سڀ شيون کين ايران جي اسڪولن ۾ سيکاريون وڃن ٿيون. ٻي ڳالهه ته سندن سڄي ملڪ جي اسڪولن جو سسٽم ساڳيو هجڻ ڪري ايران جو غريب توڙي امير، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جو ٻار هڪ جهڙو مستفيض ٿئي ٿو.
حسين قليزاده کان علاوه منهنجا ٻيا ايراني ڪلاس ميٽ جيڪي پڻ اسان جي پاڙي ۾ رهيا ٿي بيحد سٺا پاڙيسري هئا. گهرن ۾ ٻارن کي ته ماٺ ۾ رکندا هئا. پر ريڊيو يا ٽي وي جو آواز به مٿانهون نه ڪندا هئا متان پاڙيوارا ڊسٽرب نه ٿين. سندن گهر ته ڇا پر گهٽيون به پيون چلڪنديون هيون، ايتري قدر جو مالمو شهر جا مڪاني سيئڊش باشندا به چوندا هئا ته هن شهر ۾ جيڪي دنيا جا ڌاريان ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ فقط ٽي سٺا پاڙيسري آهن، هڪڙا انڊين آهن، ٻيا ايراني ۽ ٽيان احمدي (قادياني) مسلمان، جيڪي نه فقط پاڻ صاف سٿرا ٿي رهن ٿا پر اوڙي پاڙي جو به خيال رکن ٿا. هنن ۾ ڏوهن جو عنصر (Crime Rate) به نه برابر آهي. باقي ٻيا، چاهي آفريڪن هجن يا سائوٿ آمريڪن- بنگالي هجن يا پاڪستاني، عراقي هجن يا افغاني- وڏا مٿي جا سور آهن!
حسين قليزاده کي پڙهائيءَ جو به ڏاڍو خيال هوندو هو. ان معاملي ۾ ٻيا ايراني به تمام گهڻو سنجيده نظر آيا ٿي ۽ هنن کي هر وقت پنهنجي ملڪ جو فڪر رهيو ٿي، پر حسين ان معاملي ۾ ڪجهه وڌيڪ ٿي اڳڀرو هوندو هو. هو مذهب جي معاملي ۾ به اسان کي ليڪچر ڏيندو هو ته مسلمانو! يورپ جي رنگينين کان پاڻ بچايو، آخرت جو فڪر ڪيو، سٺا انسان ٿي رهو جيئن هتي جي گورن کي احساس ٿئي ته مسلمان سٺا ماڻهو آهن ۽ اسلام جي Teachings ۾ نيڪي آهي. هو ايتري قدر مذهبي ۽ حب الوطن هو جو ڪڏهن ڪڏهن اسان ان ليول تي هن کي سپورٽ ڪرڻ کان مجبور هوندا هئاسين. جيئن ته هو چاهيندو هو ته ”اسان مسلمان ملڪن جا شاگرد يونيورسٽي انتظاميه تي زور آڻيون ته يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ بيئر Serve نه ڪيو وڃي. خاص ڪري يونيورسٽي جي ساليانين ڊنرن ۾ ته هرگز نه.“
هاڻ ڀلا اهو ڪم ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۽ ڪهڙي منهن سان جڏهن يورپ جي گورن شاگردن کان وڌيڪ پيئڻ جا عادي اسان جي مسلمان ملڪن جا هئا. ويندي عرب ملڪن جا! ٻن سالن بعد ڊگري ملڻ واري فنڪشن تي جيتوڻيڪ يونيورسٽي وارن نٿي مڃيو پر اسان جي قليزاده جي زور ڀرڻ تي هنن مجبور ٿي ايراني شاگردن جو نالو پڪارڻ وقت هنن جي ملڪ جو نالو فقط ”ايران“ چوڻ بدران ”اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران“ انائونس ڪرڻ لاءِ رضامندو ڏيکاريو. حسين قليزاده اسان پاڪستانين کي به Convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان به ڦڏو ڪريون ۽ يونيورسٽي وارن کي مجبور ڪريون ته هو اسان کي ڊگريون ڏيڻ وقت اسان جي ملڪ جو به سڄو نالو ”اسلامي جمهوريه يا پاڪستان“ پڪارين، پر اسان مان ڪنهن قليزاده کي وٺ نه ڏنو.
بهرحال حسين قليزاده جتي سخت Disciplinarian ۽ اصولن جو پڪو ۽ مذهبي معاملن ۾ سخت مزاج وارو هو اتي نرم دل، چرچائي هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو ۽ معصوم طبيعت جو پڻ هو. هو دل جو بيحد صاف ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائڻ وارن مان هو. ساڻس گذاريل ڏينهن اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان، ڄڻ ڪلهوڪو ڏينهن هجي. هڪ ٻئي کي خط لکڻ يا فون ڪرڻ ۾ مون کان وري به ڪڏهن ڪڏهن سستي ٿي ويندي آهي پر هو هميشه اسان کي ياد رکندو اچي ۽ سندس ڌيئرون به جتي به رهن ٿيون ته منهنجي ڌيءَ (سندن ڪلاس ميٽ) کي ياد ڪنديون رهن ٿيون، جن مالمو (سئيڊن) جي ٻاراڻي اسڪول ۾ ٻه سال گڏ تعليم حاصل ڪئي. برف سان ڀريل شهر جي گهٽين ۽ پارڪن ۾ رانديون کيڏيون ۽ مختلف ميلا (Festivals) گڏ Enjoy ڪيا. اڄ جڏهن آءٌ حسين قليزاده جي ملڪ ايران جو سير ڪري ان جي روئداد سفرنامي جي صورت ۾ قلمبند ڪري رهيو آهيان ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هي ڪتاب آءٌ پنهنجي هن ايراني جهازي دوست، ڪلاس ميٽ ۽ سئيڊن ۾ منهنجي پاڙيسري کي ارپيان.
حسين قليزاده عمر ۾ مون کان اٺ سال ننڍو آهي. هو 15 سيپٽمبر 1953ع ۾ اتر ايران جي خوبصورت شهر ”نوشهر“ ۾ ڄائو جتي توهان جي نظرن اڳيان ڪئسپين سمنڊ جون لهرون آهن يا وري گهاٽا ٻيلا ۽ جنگل.
هن پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ”نوشهر“ جي خسروي اسڪول مان مڪمل ڪري 1972ع ۾ يونيورسٽي آف اصفهان ۾ داخلا ورتي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ان اسڪول جا محنتي ٽيچر ياد آهن، خاص ڪري تاريخ ۽ جاگرافي جو مسٽر سلطاني ۽ فارسي لٽريچر جو مسٽر واحد يونيورسٽي آف اصفهان ۾ قليزاده جو خاص سبجيڪٽ Training Sciences هو. اتي جي هڪ اهم شخصيت پروفيسر علي شريعت مداري پڻ هو. قليزاده ٻڌايو ”هو مون تي بيحد مهربان هو ۽ پيءُ برابر هو. هو اڃا حيات آهي ۽ منهنجا هن سان فئملي تعلقات هلندا اچن. هو منهنجي نظرن ۾ Training Sciences جو ايران ۾ پهريون ۽ بيسٽ پروفيسر آهي.“
1975ع ۾ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد حسين قليزاده هڪ ٽيچر جي حيثيت سان پنهنهجو ڪئريئر شروع ڪيو ۽ فراح (هاڻ نئون نالو ڊاڪٽر شريعتي) ٽريننگ ڪامپليڪس مزگاه ۾ پڙهايو. آگسٽ 1977ع ۾ حسين قليزاده جي شادي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوشهر مان ئي ٿي. سيپٽمبر 1980ع ۾ جڏهن عراق هن جي ملڪ ايران تي حملو ڪيو ته اسان جي يار حسين قليزاده گهر جو سک ڇڏي پنهنجو سر قربان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي فوج ۾ رضاڪارانه طور ڀرتي ڪئي. هن جنگ ۾، جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هو سخت زخمي ٿي پيو. سندس حياتي هئي جو هو اڄ اسان سان آهي.
ايران عراق جنگ بعد حسين قليزاده کي ڪيترن ئي وڏن عهدن جي آفر ٿي پر هن ٽيچر ٿي نوجوان نسل جي رهنمائي ڪرڻ چاهي ٿي. بهرحال 1984ع ۾ هن کي اباڻي شهر نوشهر ۾ رهي ڪري پنهنجي صوبي مزنداران جي بندرگاهن ۽ جهاز راني (Ports & Shipping) جي نظرداري جي جوابداري ڏني وئي. ست سال کن اها نوڪري ڪرڻ بعد کيس ايران جي حڪومت طرفان 1991ع ۾ سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مان ”جنرل مئريٽائيم ايئڊمنسٽريشن“ (GMA) جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. واپسي تي هن کي بندر عباس ۾ هورموزگان جي سمورن بندرگاهن ۽ اتي جي جهاز راني جو ”آپريشن مئنيجر“ مقرر ڪيو ويو. ان بعد هن کي پورٽس ۽ شپنگ آرگنائيزيشن (PSO) جي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. 2001ع ۾ هورموزگان جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، ان بعد 2006ع تائين هن کي پنهنجي ملڪ جي IMO(انٽرنيشنل مئيريٽائيم آرگنائيزيشن) ۾ نمائندگي ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ ترسايو ويو. 2006ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد به هن کي لنڊن ۾ رکيو ويو آهي جتي هو پنهنجي ملڪ جي شپنگ ايجنسيءَ جي فل ميمبر جي حيثيت سان نمائندگي ڪري ٿو.
هونءَ هتي اهو لکڻ جي جيتوڻيڪ ضرورت ناهي ته اسان جي دوست حسين قليزاده جا ٻار ڇا پيا پڙهن پر آءٌ سندس ڌيئرن: ريحانه، فائزه ۽ فاطمه بابت ضرور لکندس جو دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي خاص ڪري آمريڪا جهڙن مغربي ملڪن جي ماڻهن کي دماغ ۾ اها غلط فهمي ويٺل آهي ته ايران جا ماڻهو جاهل ۽ پراڻي خيالن جا آهن، خاص ڪري هنن جون عورتون- جيڪي سخت پردي ۾ رهن ٿيون ۽ کين پرائمري تعليم کان به محروم رکيو وڃي ٿو. اها ڳالهه سراسر غلط آهي ۽ اها مغربي دنيا جي ايران خلاف پروپئگنڊا آهي. ايران جون ڇوڪريون نه فقط اعليٰ تعليم ۾، پر ماڊرن ٽيڪنالاجي ، فوج ۽ پوليس ، جهاز راني ، بزنس ۽ انڊسٽري ، ميڊيڪل سائنسز ۽ ڪامرس ۾ به ڪافي اڳيان اڳيان آهن.
حسين قليزاده جي وڏي ڌيءَ ريحانه ايم.بي.بي.ايس ڪري هاڻ اصفهان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي ۽ هوءَ جنرل پرئڪٽيشنر سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪري رهي آهي. ٻيو نمبر ڌيءَ فائزه ايران مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ UNO جي مالٽا ٻيٽ تي قانون جي يونيورسٽي IMLI مان ”بين الاقوامي ميريٽائيم قانون“ ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي. ياد رهي ته هن يونيورسٽي جو اسان جي ملڪ ۾ فقط هڪ ڄڻو گرئجوئيٽ آهي ۽ اها به عورت آهي. مئڊم روبينا خرم. هن پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ ڪجهه سال پڙهايو هاڻ لنڊن ۾ رهي ٿي.
قليزاده جي ننڍي ڌيءَ فاطمه لنڊن ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي ۾ آرڪيٽيڪچر جي شاگردياڻي آهي جتي هوءَ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي ٿي.
الطاف شيخ