امام جو مطلب ۽ پارسي
اسلام ۾ ”امام“ ان شخص لاءِ استعمال ٿئي ٿو جنهن کي دين بابت اهم ڳالهين جي ڄاڻ هجي. هي لفظ عدد واحد (Singular) طور قرآن ۾ ست دفعا آيو آهي ۽ جمع جي صورت ۾ ”عائمھ“ پنج دفعا آيو آهي. اڄ جي دفتر ۾ امام جي معنيٰ هوبهو قرآن واري نٿي سمجهي وڃي پر مختلف مڪتبه فڪرن مطابق هن ۾ ڪجهه ردوبدل ايندي رهي آهي ۽ مختلف هنڌن تي امام جي مختلف معنيٰ ٿيندي رهي آهي. جن مان پنج معنائون اهم آهن... هنن ترڪ پروفيسرن ٻڌايو ته شيعا اسلام ۾ امام بنيادي ۽ اهم شيءِ آهي باقي سنين وٽ امام لفظ جي ڪا اهڙي وڏي اهميت ناهي. ۽ امام لفظ گهڻو ڪري لقب طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هنن لفظ امام جون هيٺيون پنج وصفون ٻڌايون:
1- مسجد جو امام:
مسجد ۾ جيڪو اڳيان اچي نمازپڙهائي ٿو يعني جيڪو جماعت جو ليڊر ٿئي ٿو اهو امام سڏجي ٿو. هونءَ عام طور امام ڪو عهدو ناهي ۽ نه وري ڪنهن جي Qualification آهي. ڪو به عزت وارو، نماز کان ڄاڻو، جيڪو اڳيان اچي نماز پڙهائي اهو امام ٿيو. گهڻو ڪري هر مسجد ۾ جيڪو مذهبي ڄاڻ کان گهڻو واقف ٿئي ٿو ان کي جماعتي عزت بخشڻ لاءِ پنهنجي ان وقت جي نماز پڙهائڻ لاءِ پنهنجو ليڊر يعني امام بنائين ٿا. پر اڄ ڪلهه ماڊرن دور ۾ خاص ڪري وڏن شهرن جي مسجدن ۾ امام عهدي طور مقرر ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو ڪم مسجد جي ڪم ڪار تي نظر رکڻ ۽ پنج وقت نماز پڙهائڻ آهي، جنهن لاءِ هن کي پگهار ڏنو وڃي ٿو، جو ظاهر آهي هن کي سمورو وقت مسجد کي ڏيڻو پوي ٿو.
2- سڀني جو اعليٰ اڳواڻ:
شيعن مطابق امام سڀني مسلمانن جو اڳواڻ ۽ سربراه آهي. اثنا عشري شيعن مطابق امام فقط شروع جي صدين ۾، يعني ستين کان نائين صديءَ تائين ٿيا. هنن مطابق امام هجڻ لاءِ اهل بيت هجڻ ضروري آهي. هن کي مذهب جي گهڻي کان گهڻي معلومات هجڻ ضروري آهي ۽ هن کي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ جي قابليت هجي. امام لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن جو پنهنجي ربّ سان ڊائريڪٽ ڳانڍاپو رهي ٿو ۽ هو خلق خدا کي مذهبي توڙي دنيا جي معاملن ۾ رهنمائي ڪري ٿو، هو قرآن ۽ حديث جو ڄاڻو ٿئي ٿو. اثنا عشري شيعن مطابق هڪ وقت ۾ فقط هڪ امام ٿي سگهي ٿو. ڪيترن شيعن جي اها به سوچ آهي ته امام ٻن قسمن جا آهن هڪڙا حقدار ۽ سچا ۽ ٻيا ڪوڙا. اميھ ۽ عباسيھ گهراڻن جي خليفن کي ڪوڙو يا نقلي امام سڏيو ويو ٿي ۽ حضرت علي (661-656) ۽ امام حسن (669-661) کان وٺي امام حسن العسڪري (873-868) ۽ آخري ۽ ٻارهون امام محمد المهدي(873) تائين سچا امام هئا. ترڪي جي هنن پروفيسرن ٻڌايو ته شيعن ۾ به مختلف گروپ آهن جيئن زيدي گروپ پهرين چئن امامن کي – يعني حضرت علي کان حضرت علي زين العابدين (713-680) تائين ته صحيح مڃين ٿا، ان بعد هو حضرت زيد کي صحيح امام سڏين ٿا، ان ڪري هو زيدي سڏجن ٿا. ڪجهه عرصي بعد هڪ اهڙو گروپ پيدا ٿيو جيڪو اثنا عشري (Twelvers) وارن ٻارهن امامن مان ڇهين امام جعفر الصادق (765-743) تائين کي صحيح سمجهن ٿا ان بعد هو ستون امام اسماعيل کي مڃين ٿا، اهي اسماعيلي سڏجن ٿا، هنن مطابق اڄ ڏينهن تائين امامت هلندي اچي ۽ اڄڪلهه آغا خان حاضر امام آهي. هو آغاخاني به سڏجن ٿا.
3- اڄڪلهه جي دؤر ۾:
اڄ ڪلهه جي دور ۾ آيت الله خميني جهڙا عالم ۽ نيڪ ماڻهو جيڪي مذهبي ۽ دنيائي معاملن ۾ ايرانين جي رهنمائي ڪن ٿا ۽ قابل ليڊر آهن. امام سڏجن ٿا.
4- سني مسلمانن مطابق خليفا:
مسلمانن جا حاڪم يا ليڊر هجڻ جي ناتي اسلامي دنيا جا خليفا امام سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه جيئن ته ڪو خليفو نه رهيو آهي، ان ڪري ان سلسلي ۾ ان Term (امام) جو واهپو گهٽجي ويو آهي.
5- اهم سني عالم:
ڪيترا دين جا ڄاڻو ۽ عالم، جن اسلام جي تبليغ ڪئي انهن کي سني مسلمان امام سڏين ٿا، جيئن ته امام حنبلي، امام غزالي، امام شافعي وغيره.
• امام جي پئي ڳالهه ڪئي سين، يعني شيعن جي ٻارهن امامن- امام علي رضا، امام جعفر صادق، امام موسيٰ ڪاظم وغيره. جي ته، منهنجي جهازي دوست ۽ ڪليگ ڪئپٽن مظهر حسين زيديءَ ٻڌايو ته شيعن جي عقيدي مطابق امام هر ڳالهه جو صحيح فيصلو ڏيڻ جي اهليت رکن ٿا ۽ هنن جو فيصلو قانوني نقطي نگاه کان هميشھ صحيح رهي ٿو.
راويت آهي ته امام رضا جو چاچو علي ابن جعفر هڪ وڏي معتبر ۽ ڄاڻو شخصيت جو مالڪ هو. هن جي ماڻهن تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي. مسجد ۾ يا جتي به هو ويو ٿي ته ماڻهو هن کي ورائي ويا ٿي ۽ ديني مسئلن بابت سوال ڪيا ٿي. هڪ دفعي محمد التقي (الجواد) نائون امام (835-810) مسجد ۾ داخل ٿيو. ٻين سان گڏ علي ابن جعفر (يعني امام محمد التقي جي ڏاڏي جو ڀاءُ) اٿي بيٺو ۽ امام جو هٿ چمي. هن جي ڀرسان بيٺو رهيو. امام محمد التقي چيس ته ”چاچا! توهان ويهي رهو.“ ان تي هن وراڻيو، ”آئون ڪيئن ٿو ويهي سگهان جڏهن تون بيٺو آهين.“
علي ابن جعفر جڏهن مسجد کان موٽيو ته سندس دوستن سندس ان ڳالهه تان ٽوڪيو: ”توهان وڏي عمر جا آهيو ۽ امام صاحب توهان جو اولاد آهي، توهان هن کي ايڏي عزت ڇو بخشي؟“
هن جواب ڏنو: ”ان بابت توهان کي خاموش رهڻ کپي. امامت هڪ عهدو آهي. هڪ رتبو آهي جيڪو قدرت طرفان ملي ٿو. خدا مون جهڙي پوڙهي ماڻهوءَ کي ان جي لائق نه سمجهيو ته آئون امت جي اڳواڻي ڪري سگهان پر هُن هِن ٻار کي ان جي قابل سمجهيو ۽ توهان کي الله جي رضا ۾ راضي رهڻ کپي.“
• توري ڪيئيلين نالي هڪ نارويجين نوجوان سان ملاقات ٿي جنهن کي ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جي ڄاڻ هئي. هن ٻڌايو ته هن ليگزڪ اورينٽ نالي هڪ ويب سائيٽ ٺاهي آهي جنهن ۾ هن اسلام جي ڪيترين ئي شين جي معلومات ڏني آهي:
http://lexicorient.com/e.o/index.htm
مسٽر توري 1968ع ۾ ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ ڄائو ۽ اتي ئي رهي ٿو. هن ناروي جي مشهور يونيورسٽي برگن مان ”سائنس آف رليجن“ ۾ آنرس ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران سندس ٻيا سبجيڪٽ عربي ۽ تاريخ هئا. ”مون ماڊرن اسلام ۾ Specialize ڪيو آهي. هن ٻڌايو ”جنهن لاءِ منهنجي ٿيسز جو نالو Tunis-Islam 1994 هو ۽ مون اڍائي سال آرڪيٽيڪچر به پڙهيو آهي.“
• قم شهر جي هوٽل ۾ رهندڙ لکنو جي هڪ ڊاڪٽر قاسم علي ڳالهين دوران ٻڌايو ته ايران جي ڏاهي ۽ شاعر بايزيد بسطامي جي ولادت هڪ اهڙي خاندان ۾ ٿي هئي، جيڪي زرتشت Zoroastrian هئا. يعني باهه کي پوڄڻ وارا پارسي هئا. اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي. ڊاڪٽر قاسم ان کي يڪدم محسوس ڪري چيو ته بايزيد بسطامي ته ڇا اسلام کان اڳ سڄو ايران آتش پرست هو، جيئن ننڍي کنڊ جا ماڻهو هندو يا ٻُڌ هئا. ڀلاري اصحابي سلمان فارسي جا ماءُ، پيءُ به ته زرتشت (باه جا پوڄاري) هئا. ويندي امام حسين جي زال شهربانو جنهن جي مزار تهران ڀرسان شهر ري جي هڪ جبل تي آهي، ڪير هئي. آتش پرست ته هئي، جنهن جو پيءُ ساساني گهراڻي جو آخري ايراني بادشاه هو.
ڊاڪٽر قاسم علي هوٽل ڇڏڻ وقت مون کي انڊيا جا ٻه ٽي ڇپيل ڪتاب ڏنا جن ۾ هڪ رام پوجن تواري جو ”صوفي مت، ساڌنا اور ساهتيھ“ به هو، جنهن جي صفحي 186 تي آهي ته شيخ فريد الدين عطار پنهنجي ڪتاب ”تذڪره اولياء“ ۾ لکيو آهي ته بايزيد بسطامي کي ڀارتيھ يوگ جي پراڻايام جون ڪيتريون ئي ڪريائون اينديون هيون. هو ڀارت ۾ اچي ڪجهه وقت مقيم پڻ ٿيو هو. هن رهسيواد جي ڄاڻ هتي ئي حاصل ڪئي. بايزيد، رهسيوادي درويشن ۾ شمار ٿيڻ لاءِ سنڌ ۾ ئي پنهنجي مرشد، ابو علي السنديءَ کان ’معرفت‘ ۽ ’فنا‘ جي ڄاڻ حاصل ڪئي.
• پاڻ پارسين جي مذهب جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو هڪ قديم آريائي مذهب آهي، جنهن جو ظهور 2500 سال قبل مسيح فارس ۾ ٿيو هو. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه هن جا پوئلڳ تمام گهٽ آهن. سڄي دنيا ۾ هڪ لک ٽيهه هزار پارسي مس ٿيندا، پر هي دنيا جي قديم مذهبن مان آهي. هڪ ايراني پيغمبر زرتشت پارسي مذهب جو بنياد رکيو ان ڪري هن مذهب کي زرتشتي سڏين ٿا. پارسين جي مقدس ڪتاب ۾ وساتير ۽ آوستا شامل آهن.
پارسي مذهب ۾ خدا جي لاءِ ’اهور مزدا‘ جو نالو آيو آهي. اهور جو مطلب آهي ’آقا‘ ۽ مزدا جي معنيٰ ’عقلمند‘ يعني عقلمند آقا يا عقلمند مالڪ. بقول ممبئي جي عالم ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي، اهور مزدا جي تصور ۾ به هڪ خدا جي تصور جو وڏو دخل آهي. پارسين جي ڪتاب وساتير مطابق خدا جون هيٺيون صفتون بيان ڪيون ويون آهن.
هو هڪ آهي، هن جو ڪو همسر ناهي. نه هن جي ابتدا آهي ۽ نه ئي انتها. نه هن جو ڪو پيءُ آهي نه ئي پٽ، نه زال آهي ۽ نه ئي اولاد. هو بي جسم ۽ بي شڪل آهي. نه اک هن جو احاطو ڪري سگهي ٿي، نه فڪري قوت سان هن کي تصور ۾ آڻي سگهجي ٿو. هو اسان کان وڌيڪ اسان جي ويجهو آهي.
پارسين جي ٻئي پاڪ ڪتاب آوستا مطابق الله جون ڪجهه صفتون هن ريت آهن: هو خالق آهي، وڏي قوت وارو وڏي عظمت وارو آهي. داتا آهي، سخي آهي.
• ايران تي عرب مسلمانن جي حڪومت، حضور ڪريمﷺجن جي وفات کان ڪجهه سال بعد 651ع ۾ ٿي. ان کان اڳ ايران تي 224 کان 650 تائين- سوا چار صديون ساسانين جي حڪومت رهي. هو زرتشت (Zoroastrian) يعني باهه جا پوڄاري هئا. ساسانين جي آخري شهنشاه يزد سوم جي قتل ۽ عربن جي فتح بعد ايران جا ماڻهو جيڪي آتش پرست هئا انهن مان ڪجهه پاڻمرادو، ڪجهه حالتن کان مجبور ٿي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. هنن جو هڪ وڏو گروه جن جو تعلق ايران جي پارس صوبي سان هو، پنهنجو ملڪ ايران ڇڏي ٻاهر جي دنيا ڏي نڪتا ۽ انڊيا جي صوبي گجرات کان اچي نڪتا، جتي هنن کي مذهب ۽ واپار وڙي جي آزادي ڏني وئي. پارس جا هي رهاڪو پارسي سڏجڻ لڳا ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ زرتشتن کي ٻئي نالي ”پارسي“ سان سڃاتو وڃي ٿو. گجرات کان علاوه هو ڀرپاسي جي شهرن: ممبئي ۽ ڪراچي ۾ به رهيا ۽ انهن شهرن جي ترقي ۾ هنن پارسين جو اهم رول آهي. ڪراچي جو ماما پارسي اسڪول، NED ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) وغيره هنن پارسين جا ئي ٺهرايل تعليمي ادارا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته پارسين جو پنهنجو ڪئلينڊر آهي، جيڪو ان سال کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ ايران جو آخري ساساني حاڪم يزدگرد سوم تخت تي ويٺو هو. يعني 632ع کان. ۽ هي يزد گرد بادشاه ئي آهي، جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ڌيئرون شهربانو ۽ ڪيهان جنگي قيدين طور ان وقت جي خليفي حضرت عمر جي درٻار ۾ پيش ڪيون ويون هيون ۽ روايت موجب بيبي شهربانوءَ سان امام حسين بن علي نڪاح ڪيو.