الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

اسلام بذات خود ندارد عيبي

رات جو ماني تي اسان جا گائيڊ سلمان رضوي ۽ سندن دوست عابد جعفري ٻڌائي ويا ته سڀاڻي صبح جو سوير نيرن ڪري هن هوٽل جي رسيپشن هال ۾ اچي ويهون، جو پوري اٺين بجي بس ايندي ۽ هو اسان کي هن شهر قم ۽ ان جي پسگردائي جي زيارتن تي وٺي هلندا. هنن بار بار اسان کي تاڪيد ڪئي ته اسان طرفان دير نه ٿيڻ کپي ڇو جو هنن اهم ۽ مشغول رستن تي بس يا ٽئڪسي گهڻي دير بيهي نٿي سگهي.
نيرن لاءِ الحرمين طرفان بيضا، بريڊ، جئم، مکڻ جهڙين شين سان اسان جي ڪمرن جون فرجون ڀري ڇڏيون هيون، سو صبح جو ڪمري جي ننڍي ڪچن ۾ نيرن تيار ڪري ساڍي ستين بجي ئي آئون اچي رسيپشن ۾ ويٺس. اسان جي قافلي جي چاليهارو کن ماڻهن مان هڪ هڪ ٿي ايندو رهيو ۽ هال جي تڪڙي ڀرجڻ سان ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اڄ سڀ مقرر وقت تي بس ۾ داخل ٿينداسين پر اٺن ۾ ڪي پنج منٽ هئا ته اسان جي قافلي جي ماڻهن جي چهرن تي پريشاني ۽ افراتفري مان لڳو ته ڪو مسئلو ضرور ٿي پيو آهي، جو هي اڃا هلڻ جي نه پيا ڪن. منهنجي ڀرسان ڪراچي جي هڪ اسٽيٽ ايجنسي جي مالڪ ذڪريا (جيڪو پنهنجي والده سان گڏ چوٿون دفعو ايران آيو هو) تنهن ٻڌايو ته اسان جي گروپ جي هڪ فيملي ۾ ڇهه کن ماڻهو هئا، ماءُ پنهنجي ننڍي پٽ سان صبح ساڻ بيبي فاطمه معصومه جي روضي تي وئي آهي ته اڃان نه موٽي آهي. آئون اتان اٿي ڪمري ۾ آيس- گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ ته انتظار ڪرڻو ئي پوندو، تيسين آئون ڪافي ٺاهي ٻاهر اچي پيان. اليڪٽريڪل ڪيٽل کي آن ڪري پاڻي گرم ڪيم ۽ ڪافي ٺاهي هڪ پلاسٽڪ جي ڊسپوزل گلاس ۾ وجهي پيئڻ لاءِ ٻاهر کڻي آيس. هاڻ اٺن بدران سوا اٺ ٿي ويا هئا، الحرمين وارا سخت پريشان هئا، جو ڪو ٽريفڪ پوليس جو آفيسر ٻاهر روڊ تي اسان لاءِ بيٺل بس تي ڏنڊ هڻي ويندو. مون ڪافي پي بس ڪئي ۽ سامهون واري ڪنڊ ۾ رکيل ڪچري جي دٻي ۾ خالي گلاس اڇلڻ ويس ته ڏسان ته اتي ان فيملي جي ماءُ ۽ ننڍو پٽ ته ڪرسين تي ويٺا قافلي جي ٻين ماڻهن سان ڪچهري ڪن! ڏاڍي حيرت ٿي ۽ کين ڪجهه چوڻ بدران واپس پنهنجي سيٽ وٽ ويٺل ذڪريا کي چيم ته هو ماءُ پٽ ته ويٺا آهن، پوءِ هلون ڇو نٿا ” هن کلندي چيو ته الطاف صاحب اهو ئي ته مسئلو آهي. هو ته اچي ويا پر هنن جي هتي پهچڻ کان پنج منٽ اڳ ان فيملي جي پيءُ پنهنجي وڏي پٽ کي ڳولڻ لاءِ موڪليو جو هن کي شڪ هو ته متان بيبي فاطمه جي روضي مان نڪري بازار قم ۾ شاپنگ ۾ نه لڳي ويا هجن. سو اهو اڃا نه موٽيو آهي ۽ هاڻ سڀ ان جو ويٺا انتظار ڪن“.
”۽ بس وارو؟“ مون پڇيو منهنجو مطلب هو ته اهو آهي يا هليو ويو.
”اهو به ويٺو انتظار ڪري“ ذڪريا چيو“ ۽ پڪ پنهنجو منهن مٿو پٽيندو هوندو ته پاڪستاني ڪهڙا چريا آهن جن سان منهنجو واسطو پيو آهي“.
”نه اها ڳالهه ناهي،“ مون ذڪريا کي چيو ”اهو تڏهن چوي جڏهن ٻيا وري انگريز يا جپاني هجن يا اسان کان بهتر وقت جا قدردان، وقت جا پابند ۽ ڊسيپلينڊ هجن. هتي گهڻي کان گهڻا فارينر اسان پاڪستاني آهيون يا وري پاڙي واري ملڪ عراق جا عرب آهن، جيڪي اسان کان به چٽ آهن“.
بهرحال نائين سوا نائين تائين سڀ حاضر ٿي وياسين ۽ بس رواني ٿي. اسان سڄو ڏينهن مختلف مزارن، درگاهن، قبرستانن ۾ وياسين- چڱو جو انهن جي عمارتسازي جي ڪم، چٽسالي، ڪاشي ۽ ووڊ ورڪ ۽ ڪٽ ورڪ جي ڪم مون کي موهي رکيو ۽ بور ٿيڻ کان بچايو. دل ۾ سوچيم ته چڱو جو مون سان گڏ ملائيشيا جا دوست نه هئا، جن کي ان ڳالهه تان ڪاوڙ ايندي آهي ته اسان پاڪستاني ڪهڙا مسلمان آهيون، جو وتون قبرن ۽ مقبرن تي دل جون مرادون پوري ٿيڻ جون دعائون گهرندا. ڪجهه ملائيشيا جي دوستن کي قلندر شهباز ۽ شاهه عبداللطيف جي درگاهه تي وٺي ويو هوس ته هو حيرت ۾ پئجي ويا هئا ته هنن بزرگن ڪهڙي تبليغ ڪئي ۽ توهان ويٺا شرڪ ڪريو ۽ هنن کي توهان داتا ۽ گنج بخش بڻائي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ آئون کين غازي شاهه جي مزار ۽ منگهوپير به نه وٺي ويس ۽ هاڻ جي هو هتي هي حال ڏسن ته اڃان به وڌيڪ اچرج کائين، منهنجي خيال ۾ پيرن، فقيرن، بزرگن ۽ اوليائن جي قبرن تي وڃڻ جو هي ڪلچر به اسان وٽ شايد ايران کان آيو هجي. بهرحال هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته اسان وٽ چاهي عبدالله شاهه غازي جي درگاهه تي هليا وڃو يا ماريپور روڊ واري مزار تي- توهان کي آلي موالي ۽ چرسي نشئي جام نظر ايندا. بانگ پئي ايندي اٿي نماز پڙهڻ بدران ڪنڊ ۾ منهن هڻي سلفي جا سوٽا پيا هڻندا، پر هتي ايران ۾ مختلف ڳالهه آهي. مشهد ۾ امام علي رضا جو روضو هجي يا قُم ۾ بيبي فاطمه معصومه جو مقبرو، نيشاپور ۾ امام محروق جو آخري آرامگاهه هجي يا شهر ري ۾ حضرت عبدالظيم جي درگاهه- جتي ڪٿي ايراني زائرين مرد توڙي عورتون، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون صفن جون صفون ٺاهي نمازون پڙهڻ ۾ مشغول هونديون يا قرآن شريف پڙهڻ ۾ مشغول هونديون. ۽ قرآن به معنى سان پڙهڻ ايران ۾ عام آهي، جيئن ان کي سمجهيو وڃي. هو هر هڪ سان سٺي اخلاق سان پيش اچن ٿا. ڌاريو هجي يا سندن ايراني، هن جي مدد ڪن ٿا. ٻئي جي ذاتي ڳالهين ۾ پاڻ کي ٽنبين نٿا. آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيترائي سني هر هنڌ پنهنجي نموني سان نمازون پڙهندا رهون ٿا پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ايراني اسان کي نه ٽوڪيو ۽ نه اهو چيو ته توهان غلط آهيو ۽ اسان صحيح آهيون. ايران ۾ اچڻ کان اڳ مون سمجهيو ٿي ته ايران ۾ سئو سيڪڙو شيعا رهن ٿا پر ائين ناهي. هر گهٽي ۾ سني ويندي عيسائي، پادري ۽ يهودي به رهن ٿا ۽ سڀ پيار محبت سان رهن ٿا. ايراني پنهنجي ملڪ جي اقليت جو به خيال ڪن ٿا، هنن جي به عزت ڪن ٿا، اڄ به ايران ۾ آتش پرستن ۽ عيسائين جا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. ڪو ڪنهن جي گهر يا دڪان کي باهه نٿو ڏئي. اسلام به اهو چوي ٿو. اسان وٽ، خاص ڪري ڳوٺن ۾ انهيءَ جاهليت ڪري نفرتون آهن ۽ اسلام جي غلط معنى ڪڍي وڃي ٿي. تڏهن ته اسان جي ڳوٺن ۾ ڪيترا شيعا توڙي سني اهو سمجهن ٿا ته اسلام معنى نماز روزو يا پاڙي واري جو خيال رکڻ ناهي پر هو اسلام جي خدمت ان ۾ سمجهن ٿا ته هڪ ٻئي جي در تي لکجي ته هي گهر شيعن جو آهي، يا سنين جو آهي ۽ اهي دوزخ ۾ ويندا. پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند جو ٻارن کي ان قسم جون ڳالهيون مارڪر پين سان لکندو ڏسي حيران ٿي ويس ته هي ٻار ته وڏا ٿي اسان کان به خراب شهري ٿيندا جن کي هن ڪچڙي عمر ۾ ئي نفرت جو سبق ڏنو پوي وڃي. هن شهر قم جي ئي هڪ مدرسي ۾ اسان جي ملڪ جو شيعا عالم افتخار گهمري ٻڌايو ته اها بدعت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ آهي جو هر هڪ تي لعنت وجهون ٿا. هتي ايران ۾ سختي سان منع ٿيل آهي، ڪنهن جانور تي لعنت وجهڻ تي به Straight Away جيل آهي.
مون سان گڏ يورپ ۾ پڙهندڙ ايراني ڪئپٽن شهريار ان ڳالهه جو افسوس ڪندي چيو ته اسان جا ڪيترائي مسلمان جاهليت ڪري اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جنهن سان اسلام جي بدنامي ٿئي ٿي. فارسيءَ ۾ چيو:
”اسلام بذات خود ندارد عيبي
هر عيب کي همت از مسلمان ماست“
يعني اسلام ۾ ڪو عيب ناهي، اهي غلط ڳالهيون اسان مسلمانن ۾ آهن جن کي ڪَور ڪرڻ لاءِ مذهب جو سهارو وٺون ٿا.
بهرحال ايران هڪ قوم جي حيثيت ۾ هڪ بهادر، عقلمند، ٻئي جو خيال رکڻ واري ۽ گهڻي Tolerance واري قوم آهي. هنن وٽ اسان وانگر نفرتون نه آهن. هنن جي پاڻ ۾ ٻڌي آهي، گهڻو حرص ۽ لالچ نه اٿن، غربت ۾ به خوش گذارين ٿا ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن لاءِ هو جان جي بازي لڳائين ٿا. تڏهن ته آمريڪا جهڙو ملڪ به رڳو پري کان ويٺو گدڙن واريون ڀڀڪيون ڏئي- ڪري ڪجهه نٿو سگهي.
As a Nation اسان کي ايران کان گهڻو ڪجهه سکڻ کپي، هتي دادو جي اديب ۽ شاعر بشير سيتائي جي مون ڏي لکيل خط جو هڪ ٽڪرو quote ڪندس جيڪو ايران مان ٿي آيو آهي.
”.... ايران جي شهرن جي رونق ۽ صفائي، نظم ۽ ضبط، ٽريفڪ جو بهترين انتظام، ايرانين جي نفاست پسندي، بهترين بود و باش، پنهنجي تهذيب، ٻولي ادب ۽ ڪلچر سان لڳاءُ، ڳالهائڻ جو انداز ۽ آڌر ڀاءُ، انهن جو باغن، پارڪن ۽ گلن سان پيار، مزارن جي تقدس، تفريحي ۽ تاريخي هنڌن جي صفائي ۽ سجاوٽ، سياحن لاءِ وندر ۽ سهولتون، هر شهر ۾ کاڌي پيتي جون خالص شيون، بي انداز ڦل فروٽ، رونقون ۽ راحتون، مطلب ته انهن سڀني ڳالهين ڏاڍو متاثر ڪيو. هتي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به آباد آهن، علم جو دور دورو آهي، ايراني ادب ته ڏاڍو شاهوڪار آهي. ايراني ڪتابن سان بي انداز محبت رکن ٿا، مرد ته ڇا پر ڪارن برقعن ۾ ملبوس ايراني عورتن کي مون رات جو دير تائين به ڳرا ۽ ضخيم ڪتاب وٺندي ڏٺا. مون کي ائين پئي لڳو ته هتان جي عورت پنهنجي محبوب، خاوند، گهر ٻار کانپوءِ شايد ”ڪتاب“ کي ئي محبوب سمجهي ٿي. ممڪن آهي ته ائين هجي يا اهو منهنجو حسن ظن آهي ڇو ته پاڻ ماڻهو به رڳو ڪتابن جا دلداده آهيون، ڪتابن جي دنيا وڻندي آهي ۽ اتي ايران ۾ به جتي ڪتابن جو ميلو نظر آيو ته اتي پاڻ وڃائي پئي ويٺاسين....“