ايران جون اخبارون ۽ نوٽ
جهاز ۾ وهڻ سان هڪ ايئر هوسٽس اخبارون به ورهائي رهي هئي. منهنجي سيٽ جهاز جي آخري حصي ۾ هئي سو ان ڊپ کان ته متان مون تائين پهچڻ ۾ اخبارون ختم ٿي وڃن سو اٿي بيٺس ۽ ايئر هوسٽس کان اشاري سان اخبار گهرڻ لڳس. هوءَ مون تائين هڪ اخبار بچائي اچي پهتي. اخبارون ئي ڪي ڏهاڪو کن هيس ۽ مون کان سواءِ نه ڪنهن ان جي گهر ڪئي ۽ نه وري ڪنهن ملڻ تي منهن تي مرڪ آندي. ان مان اندازو لڳايم ته هن جهاز ۾ چڙهندڙ پاڪستاني توڙي ايراني اخبار پڙهڻ سان دلچسپي نٿا رکن. هونءَ به هن جهاز ۾ نوي سيڪڙو اهڙا ماڻهو هلي رهيا هئا. جيڪي جهاز ۾ پنهنجي مائينڊ کي عبادت لاءِ Set ڪري ويٺا هئا. اخبار ته بزنيس ۽ نوڪري پيشو ماڻهو چاهه ۽ تجسس سان پڙهي ٿو. هن وقت جيڪڏهن ڪو ان ڪئٽگري مان جهاز تي موجود آهي ته به هن جو ذهن دنيا جي ڳالهين کان وڌيڪ عبادت ڏي وڌيڪ آهي. هي ماڻهو هي مسافر جيڪي هن وقت مون سان گڏ هن جهاز ۾ آهن انهن ۾ ڪيترا ڪپڙي گنديءَ مان اهڙا به غريب لڳي رهيا آهن جن کي هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ گهمڻ لاءِ بس جو ڀاڙو به نه هجي پر هو پنهنجي مذهبي جاين جي زيارت لاءِ خبر ناهي ڪيترن سالن کان رپيو رپيو جوڙي هن سفر جي خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ نڪتا آهن. افسوس جو آءٌ پنهنجي ذهن ۽ مائينڊ کي ان قالب ۾ وجهي نه سگهيو آهيان ۽ مون کي اها Feeling محسوس نه پئي ٿئي. جيڪا حج يا عمري ويندي ٿي هئي. شايد ان ڪري جو مون هي سفر ايران ۾ فقط مذهبي جايون ڏسڻ لاءِ نه پر ادبي، سياسي، معاشرتي ۽ سوشل جايون، جڳهيون، پارڪ، ٿيٽر ۽ انهن سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملڻ جي ارادي سان شروع ڪيو آهي. جيئن آءٌ هڪ عدد سفرنامو هن پاڙيسري ملڪ تي پڻ لکي سگهان. سو دنيا جون ڳالهيون دل ۾ رکي ظاهري طرح عبادت جو ڍونگ ڪريان، پاڻ سان ۽ ٻين سان دوکو ۽ ڪوڙ ٿيندو. تڏهن ته منهنجو گروپ جڏهن نيشاپور ۾ امام زادي محروق جي مقبري تي سمورو وقت عبادت ۾ مشغول هو ته آءٌ اتان جلدي نڪري عمر خيام جي مزار تي هليو ويو هوس. فريد الدين، عطار جي آستان تي هليو ويو هوس. مشهد ۽ قم کان علاوه ٻيا شهر ڏسڻ ۽ پنهنجي ايراني جهازن سان واسطو رکندڙ دوستن سان ملڻ لاءِ مون کي ايران ۾ وڌيڪ رهڻو پيو جنهن جو فيصلو ايران ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد ڪري ورتم.
اخبار ته مون کي ملي وئي پر ”ڪيهان“ نالي فارسي ۾ هئي. ائين ته ٿي نٿو سگهي ته ايران جهڙي ملڪ ۾ ڪا انگريزي اخبار نه ڇپندي هجي. آءٌ پنهنجي سيٽ تان اٿي پٺيان ويس جتي اخبار ڏيڻ واري هوسٽس ننڍڙي پئنٽري (جهاز جي ڪچن) ۾ سامان Set ڪري رهي هئي.
”انگريزي اخبار هوندي؟“ مون پڇيو.
”توهان هلي ويهو ته معلوم ڪري ٿي اچان.“ هن چيو.
جڏهن جهاز ٽيڪ آف ڪري مٿي وڃي سنوت ۾ اچي ويو ۽ جڏهن بيلٽ ٻڌڻ واري بتي وسامي ويئي ته هيءَ هوسٽس اڳيان وڃي پائلٽ کان يا بزنس ڪلاس جي مسافرن کان هڪ انگريزي اخبار وٺي آئي ۽ منهنجي حوالي ڪئي. اخبار جي پني جي سائيز سکر مان نڪرندڙ مڪاني اخبارن واري هئي. ڇپائي عبرت ۽ سنڌوءَ جهڙي هئي. فوٽو به پراڻي ٽيڪنالاجي وارا ته ڇپائي به اهڙي مس سان جيڪا هٿن کي پئي لڳي. اخبار جي نالي Tehran Times هيٺيان لکيل هو Since 1979 يعني هن اخبار کي هلندي اچي ٽيهارو سال ٿيا آهن. 16 صفحن جي هن اخبار جا فونٽ ايڏا ڇڊا هئا جو اسان جي ملڪ جي اخبار ۾ اهو سمورو مواد چئن صفحن ۾ سمائجي وڃي. خبرن، جرنلزم ۽ مضمون جي لحاظ کان به منجهس ڪو ايڏو دم نه هو. اڄڪلهه جي دور ۾ اهڙي اخبار پڙهڻ يا نه پڙهڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. جيئن اڄڪلهه اسان جي حڪومت ايمرجنسي جي شروع وارن ڏينهن ۾ خانگي چئنل بند ڪيا ته ماڻهن ٽي وي کولڻ ڇڏي ڏني. جرنلزم جي معاملي ۾ ايران ۾ هڪ ڌارئين ماڻهوءَ کي ٻوسٽ ضرور محسوس ٿئي ٿو. مڪاني ماڻهو شايد ان جو عادي ٿي ويو آهي ته ڪنهن به ريت حڪومت تي تنقيد جو رواج نه ايندو يا هنن کي انهن ڳالهين جي پرواهه ئي نه هجي. ايران جي عوام کي واقعي فڪر ۽ پرواهه هجڻ به ڇو کپي. ملڪ جي غريب کي سستي اگهه تي بهترين اٽي جي ماني پئي ملي، بسين ۾ سفر ڪرڻ مفت برابر، هر هڪ کي اعليٰ تعليم پئي ملي، هر هڪ نوڪري ۽ روزگار کي لڳو پيو آهي ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف آهي. ايترو سک ۽ لا ۽ آرڊر ته سعودي عرب توڙي يورپ ۽آمريڪا ۾ به نه آهي! اخبار جي قيمت 2000 ريال پڙهي حيرت ٿي ته ايڏي گهڻي قيمت! اهڙي مهانگي اخبار ڪير وٺي پڙهندو، پر پوءِ ايران پهچي ايران جي سڪي جي خبر پيئي ته اهو انڊونيشيا ۽ پولنڊ وانگر آهي. 2000 ريال ٻه سو تُمنن برابر آهن ۽ هڪ رپئي ۾ پنڌرهن تُمنن جي حساب سان ان اخبار جي قيمت 13 رپيا ٿي. پر ڏٺو وڃي ته اهڙي اخبار لاءِ 13 رپيا به گهڻا آهن. ايترن پئسن ۾ ته اسان وٽ آچر جي ڊان اخبار ٿي ملي.
بهرحال اهڙي اخبار پڙهڻ لاءِ ڏهه منٽ به ڪافي آهن. هڪ خبر جنهن جو واسطو اسان جي ملڪ سان هو تنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو ۽ اها پڙهي خوشي ٿي ته ايران جي هڪ ليکڪ ”محمد بقائي مڪان“ کي اسان جي ملڪ جو سفير تهران ۾ تمغه امتياز ڏنو آهي جو هن اسان جي ملڪ جي مفڪر ۽ شاعر ڊاڪٽرعلامه اقبال تي 24 بابن تي مشتمل ڪتاب The Retrospective of the thoughts & works of iqbal لکيو آهي ۽ اقبال جي 130 هين يوم ولادت جي موقعي تي هانگ ڪانگ ۾ يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ جيڪا ڪانفرنس ڪري رهي آهي ان ۾ بقائي صاحب ڊاڪٽر اقبال جي شاعري تي مقالو پڙهندو.
ايڊيٽوريل واري صفحي تي جنرل مشرف جي تصوير سان گڏ هن تي ۽ هن جي حڪومت تي نجم سيٺي جو هڪ وڏو تنقيدي مضمون هو جيڪو هڪ ڏينهن اڳ ۾ آمريڪا جي ڪنهن اخبار ۾ ڇپيو هو، جتان تهران ٽائيمس وارن کڻي هتي ڇاپيو آهي. نجم سيٺي اسان جي ملڪ جو هڪ انگريزي اخبار جو ايڊيٽر ۽ مفڪر ۽ دلير صحافي آهي. سچ جي صحافت ڪرڻ تي هو جيل به ڀوڳيندو رهيو آهي. چئبو ته ايراني اخبارن ۾ ملڪي سربراهه ۽ حڪومت تي تنقيد ڇپجي ٿي پر ٻئي ملڪ جي. مون کي هڪ پراڻو لطيفو ياد آيو ته هڪ آمريڪن، روسي همراه کي چيو ته ڏس اسان جي ملڪ ۾ ڪيڏي آزادي آهي. ”اسان چاهيون ته ڪنهن به چوواٽي تي بيهي آمريڪي صدر کي گاريون ڏيئي سگهون ٿا.“
”ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.“ روسيءَ چيو، ”اسان به ماسڪو جي ڪنهن به چوراهي تي بيهي آمريڪن صدر کي گاريون ڏيئي سگهون ٿا.“
سو ٿوري دير اڳ ۾ جيڪو سوچي رهيو هوس ته پنهنجي ايراني دوستن کي چوندس ته ”اسان جي ملڪ ۾ ٻي ڪا آزادي هجي يا نه، پر پريس جي آزادي آهي. اسان جي اخبار مشرف (ملڪ جي صدر) خلاف به مضمون ڏئي سگهي ٿي.“.... ته ٿي سگهي ٿو هو روسي وارو ئي جواب ڏئي ته سندن اخبار ۾ به مشرف خلاف ايندو رهي ٿو.
بهرحال چرچو پنهنجي جاءِ تي پر هن قسم جا اسان جي ملڪ ۽ ان جي حڪومت جي غلط ڪارين جا مضمون پڙهي ڌارين ملڪن جا ماڻهو اسان بابت ڇا رايو پيدا ڪندا هوندا ته اسان جو ملڪ ڇا آهي ۽ اسان جو اخلاق ڇا آهي. اسان سڌريل هوندي ڪهڙي کڏ ۾ وڃي ڪريا آهيون ۽ ايران، ملائشيا، ڪوريا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ به ڪيڏي ترقي ڪري ويا آهن. تڏهن ته حق تي مشهد ۾ مليل هڪ پاڪستاني ايرانيءَ (مستان علي نالي) چيو هو ته اسان پاڪستاني پنهنجو تعارف ڪرائڻ مهل ڪنڌ هيٺ ٿا ڪريون پر هن ملڪ جو باشندو اهو ٻڌائيندي ته هو ايران جو رهاڪو آهي فخر کان ڳاٽا مٿاهون ٿو ڪري.
اخبار ۾ ڪيترين ئي ريسٽورنٽن جا اشتهار هئا جن جو واسطو يورپ ۽ آمريڪا سان آهي. ويندي ولائتي سافٽ ڊرنڪس ۽ آئيس ڪريمن جو به هو. دل ۾ مون سوچيو ته آخر ايران به ته اسان وانگر هڪ مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ ڏٺو وڃي ته ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اهو اسان کان وڌيڪ اسلامي آهي. اتي به ته هي ولائتي شيون هلي رهيون آهن.ا سان وٽ ڪابه ڳالهه ٿيندي ته ڀڃ ڊاهه مئڪڊونالڊ، KFC يا ٽيلينور موبائل فون جي دڪانن جي ٿيندي. ڪير به اهو نه سوچيندو ته اهي اسان جي پاڪستاني ڀائرن جا ئي دڪان آهن انهن کي ئي نقصان رسندو. ڪئسٽن جي دڪانن تي مذهبي علم جا به ڪئسٽس ٿين ٿا. روڪٿام لاءِ ڇا بم ڦاڙي مارڻ ۽ پرائيويٽ ۽ پبلڪ پراپرٽي ساڙڻ ضروري آهي، بهرحال اخبار ۾ ڪنهن پيزا جي ريسٽورنٽ جو پنهنجي پيزا جي تعريف ۾ ڏنل اشتهار پڙهي منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي.
Our Pizza sauce is made with iltalian herbs and our dough is classic of Naples…..
اخبار ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان ڇڪايو. ڪيترين ئي آفيسن ۽ اپارٽمينٽن جي اشتهارن ۾ انهن جي مسواڙ يا وڪري جو اگهه ايراني ڪرنسي بدران آمريڪي ڊالرن ۾ لکيل نظر آيو. هاڻ ٿو سوچيان ته شايد ننڍو انگ ڪرڻ خاطر.جيئن هڪ گهر جي قيمت هڪ لک ڊالر آهي. پر اها ايراني ڪرنسي ۾ 01500000ريال ٿي، جو هڪ آمريڪي ڊالر جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ريال آهن. بهرحال ايران جي ڪرنسي واري ڳالهه مون کي ايران جي حق ۾ مائينس لڳي جو هيترا ڏينهن ايران ۾ رهڻ بعد به مون لاءِ مونجهارو آهي. چانهه جو ڪوپ پيئڻ لاءِ سوچڻو پوي ٿو ته گهڻو ڏجي.
ايران مون کي دنيا جو پهريون ملڪ لڳي ٿو جتي جيڪو پئسو نوٽن تي لکيل آهي ان بدران ٻيو چئجي ٿو. جنهن جي Value به مختلف آهي، ايراني نوٽن جو نالو ريال آهي پر ڪوبه دڪاندار توهان کي ريالن ۾ اگهه نه ٻڌائيندي هو هميشه تُمنن ۾ ٻڌائيندو ۽ جي فقط اگهه جو انگ ٿو ٻڌائي ته توهان کي سمجهي وڃڻ کپي ته هن جو مطلب تُمنن سان آهي ۽ نه ريالن سان. هڪ تُمن ۾ ڏهه ريال آهن، هڪ سو تُمنن جي شيءِ جو توهان کي هڪ هزار ريال جو نوٽ ڏيڻو پوندو. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ نوٽ ته رپين جا آهن پر هر شي جو اگهه پئسن ۾ ٻڌايو وڃي ها. صوف گهڻي ڪلو؟ ۽ دڪاندار ٽيهن رپين بدران ٽي هزار پئسا چوي. اهڙي صورت ۾ اسان کي هر اگهه 100سان ونڊ ڪري رپيا ڏيڻا پوندا. اهڙي طرح ايران ۾ هر اگهه کي 10 سان ضرب ڏئي ريال ڏيڻا پون ٿا ۽ اها به پڪ اٿم ته هر هر اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جي باوجود توهان وري به منجهندا رهندائو. ان لاءِ ايران جي حڪومت کي ئي ڪجهه ڪرڻ کپي. مشهد ۾ آخري ڏينهن تي ڪنهن فوٽو گرافر بازار علي رضا ۾ پنهنجي ڪئميرا جي سم تان cd تي فوٽو ٽرانسفر ڪرائي رهيو هوس. ان دڪان ۾ آيل فقير جي پهرين جملي تي هن 500 ريالن جو ڪڙڪ نوٽ ڪڍي هن جي هٿن تي رکيو. فقير نوٽ وٺي رمندو رهيو. مهرباني جا ٻه ٻول به نه چيائين ۽ نه وري هن فوٽو گرافر جنهن جو نالو دائود هو ڪو ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو. بهرحال آءٌ دائود جي سخاوت مان ڏاڍو Impress ٿيس. پر پوءِ هوٽل تي پهچي فقير مان متاثر ٿيس. جنهن وڏي دل ڪري ان نوٽ کي قبول ڪيو ڇو جو مون حساب ڪيو ته 500 ريالن جو نوٽ 50 تمن برابر ٿيو جيڪي اسان جي ٽن رپين برابر ٿيا. اسان وٽ ڪيترائي اهڙا مٿي ڦريل فقير آهن. جيڪي پنجين رپئي جو سڪو موٽايو ڏين.
جهاز جي لئنڊنگ وقت منهنجي ساڄي پاسي دري واري سيٽ تي ويٺل مسافر مون کان اها اخبار گهري. هو سڄي واٽ عبدالڪريم مشتاق جو ڪتاب ”صرف ايڪ راسته“ پڙهندو رهيو. هو شايد هاڻ گهر وڃي ان اخبار کي پڙهي. هن ٻڌايو ته هو بغداد وڃي رهيو آهي جنهن لاءِ تهران ۾ لهي اتان بس ذريعي ڪربلا ويندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي پنهنجي اڏام جو انتظار ڪرڻ دوران اتي ڪيترائي بوهري مرد ۽ عورتون نظر آيون جيڪي پنهنجي خاص ڊريس مان پڻ سڃاتا وڃن ٿا. مون سمجهيو هو سنگاپور يا ممباسا پيا وڃن جو اتي تمام گهڻا بوهري رهن ٿا. منهنجي پڇڻ تي هڪ ٻڌايو ته هو سڀ ڪربلا وڃن پيا ۽ هو پڻ اسان واري ئي جهاز ۾ چڙهيا. هنن جو تعلق حيدرآباد ۽ ڪراچي سان هو. بوهري هڪ واپاري ۽ امن پسند ڪميونٽي آهي. مون کي ياد آهي ته سنگاپور ۾ جڏهن منهنجو رهڻ ٿيو هو ۽ مسواڙ تي گهر مهيا ڪرڻ واري ايجنٽ جڏهن پڇيو هو ته ڪهڙي علائقي جي ڪهڙي گهٽي ۾ رهڻ چاهيندس ته مون وراڻيو هئوته: ”ڪهڙي به گهٽي هجي پر پاڙيسري امن پسند هجن.“
”ته پوءِ تون بوهرين يا احمدي مسلمانن سان گڏ رهه.“
هن جواب ڏنو هو. ڪراچيءَ ۾ به شروع جا سال بوهرين ۽ آغا خانين جي پاڙي ۾ رهيس. تحسين نالي هڪ بوهري چيف انجنيئر سان مون ڪيترائي سامونڊي سفر ڪيا. هو ٻڌائيندو هو ته فاطمي خلافت واري دور ۾ امام المستنصر جي ڏينهن ۾ اسماعيلي شيعن جي هڪ ڪميونٽي بوهرا ٿي. بوهرن ۾ جعفري بوهرا، دائودي، سليماني، عليا ۽ ٻيا آهن پر گهڻائي دائودي بوهرن جي آهي. جيڪي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ به رهن ٿا. هي واپار توڙي پئسي ڏوڪڙ ۾ امير آهن. بوهرين جو خاص ڌنڌو هارڊ ويئر ۽ رنگ وڪڻڻ جو آهي. چاهي هنن جا دڪان حيدرآباد، ڪراچي، احمد آباد، بڙودا، ۾ هجن يا سينگاپور، ڪولا لالمپور، ممباسا ۽ ڪمپالا ۾. هاڻ مڙيئي هو ٻين فيلڊن ۾ به اچي رهيا آهن جيئن اسان جو مئرين انجنيئر تحسين آهي. بوهرا ڪميونٽي جي هاڻوڪي داعي محمد برهان الدين ۽ هن کان اڳ واري طاهر سيف الدين تعليم، ويلفيئر، مذهب جي خدمت لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. پاڻ 1915ع ۾ ڄائو ۽ 1965ع ۾ وفات ڪيائين. هن جو ننڍي کنڊ توڙي آفريڪا جي ملڪن ۾ وڏو مان ۽ عزت هئي جو هو هڪ وڏو اسڪالر ليکڪ، شاعر، داعي ۽ Visionary هو.
بوهرن جي هڪ ٻي ڳالهه به قابل ڌيان آهي ته هو مذهبي هجڻ سان گڏ زيارتن تي به وڏي حب سان وڃن ٿا. شل نه جهاز بصري (عراق پهچي). اسان جي چيف انجنيئر تحسين کي لنڊن يا نيويارڪ گهمڻ جو ايڏو شوق نه هوندو هو. جيترو پاڪ جاين جو. عراق ۾ اڄڪلهه جنگ جي حالتن ڪري ڌارين کي فقط ڪربلا ۽ نجف اچڻ جي اجازت آهي نه ته عراق ۾ تمام گهڻن شهرن ۾ اسان جا ماڻهو زيارت لاءِ وڃن ٿا.
ڪربلا اهو شهر آهي جتي حق ۽ باطل جي جنگ ٿي. ڪربلا 100 کن ڪلوميٽر بغداد جي ڏکڻ ۾ فرات ندي جي ڪناري تي آهي. حضرت امام حسين عليه السلام (اسان جي نبي سڳوري ﷺجو ڏوهٽو) هتي دفن ٿيل آهن. سندن ويجهو حضرت علي اصغر ۽ حضرت علي اڪبر جون قبرون آهن. ٿورو اڳيان حضرت عباس علمبردار جو سونو قبو نظر اچي ٿو. ڪربلا کان نجف 80 کن ڪلوميٽر آهي جتي حضرت علي رضه جو مقبرو آهي. نجف کان 8 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي عراق جو شهر ڪوفو آهي. جتي جي ڪوفا مسجد ۾ حضرت علي رضه کي ظالمن ان وقت بيدردي سان قتل ڪيو جڏهن هو نماز پڙهي رهيا هئا.