مشهد ۽ امام رضا جو روضو
ويهه پنجويهه دڪان لنگهڻ بعد هڪ گرائونڊ اچي ٿو جتي ٽئڪسيون ۽ شهر ڏي ويندڙ بسين جو اسٽاپ آهي. کاٻي پاسي هتي جا اهم رستا خيابان امام رضا ۽ خيابان خسروي آهن ۽ سامهون امام علي رضا جو مقبرو آهي جنهن کي حرم پاڪ ۽ حرم مطهر حضرت امام رضا سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٽئڪسي واري کي حرم چوڻ سان هتي اچي ڇڏي ٿو ۽ شهر ۾ هلندڙ ڪيتريون ئي بسيون هيڏانهن اچن ٿيون. هنن جو هي آخري اسٽاپ آهي يا هتان لنگهن ٿيون. شهرکان ٻاهر وڃڻ لاءِ هتان ڪنهن به بس ۾ چڙهي ميل ڏيڍ اڳيان ”ميدان شهيد“ نالي چوراهو آهي. اتان ٻي بس ۾ چڙهي نيشاپور، طوس يا ٻين شهرن ڏي وڃي سگهجي ٿو. ان ڪري توهان جي رهائش جي حرم جي ويجهو آهي ته توهان لاءِ ان جو رستو ڳولڻ ڏکيو ناهي. اسان حرم ۾ اندر گهڙون ٿا ته پهرين پهرين صحن جامع رضوي اچي ٿو. ٻاهر نڪرڻ مهل اسان قبلي جو رخ رکي نڪرون ٿا ته اچيو هتي ميدان تي پهچون ۽ پوءِ سامهون پنهنجي هوٽل جي ڇت تي نيان سائين ۾ ”هوٽل رضوان“ نظر اچيو وڃي. ان کان علاوه هتان ڪن ٻين هوٽلن جا پڻ نالا نظر اچن ٿا. هُتل طبرستان، هُتل مدينه، هُتل الغدير، هُتل معراج، هُتل اپاتمان، جده، هُتل اپارتمان شهرام، مهمانپذير وريستوران جواد، مهمانپذير، گلشن نو.... وغيره وغيره. زائرين جي گهٽائي کي منهن ڏيڻ لاءِ مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ نه فقط هوٽلون آهن پر گهر ۽ پيئنگ گيسٽ هائوس پڻ آهن. گهرن کي مختلف ڪمرن ۽ حصن ۾ ورهائي اپارٽمينٽس ٺاهيا ويا آهن. جنهن لاءِ فارسي لفظ اپارتمان ۽ مهمانپذير آهي. پوءِ هر مسافر پنهنجي کيسي آهر رهائش ڳولهي ٿو. حرم کان جيڪي هوٽلون يا مسواڙي گهر پري آهن. اهي وڌيڪ سستا آهن. ڪيترا ته ٽي ٽي چار چار ڄڻا گڏجي هڪ ڪمري ۾ رهن. هونءَ به ههڙن هنڌن تي ڪو آرام نه پر عبادت ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچي ٿو جنهن ۾ هن کي چند ڪلاڪ ليٽڻ لاءِ ڪهڙي به ڇت هيٺ جاءِ ملي وڃي ته ڪافي آهي. مشهد مقدس ۾ جيڪي معزز زائرين ۽ مسافر اچن ٿا اهي امام رضا جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ انهن جو وڏو تعداد رات جو به حرم پاڪ ۾ موجود رهي ٿو.
خراسان جو هي شهر مشهد هميشه هڪ مذهبي ۽ تاريخي مرڪز رهيو آهي. امام علي بن موسيٰ الرضا جي مقدس روضي جي ڪري هن شهر بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي آهي. امام رضا عليه السلام 148هه بمطابق 765ع ۾ مديني پاڪ ۾ ڄائو. پاڻ 55 سال حيات رهيا ۽ عمر جا 20 سال کن امامت جي عهدي تي رهيا ۽ چون ٿا ته عباسي سلطنت جي خليفي مامون رشيد جي هٿان هتي خراسان ۾ شهيد ٿيا ۽ هتي دفن ڪيا ويا. اڄ سندن روضو مبارڪ بي نظير اسلامي فنِ تعمير ۽ هنرمندي جي شاهڪار هجڻ جي خيال کان به، سڄي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هر سال لکين عاشق، زائرين ۽ سياح اچن ٿا. منهنجو جنهن ڳوٺ هالا سان واسطو آهي اهو ڪاشي (سرن جي چٽسالي ۽ ٽائيل ورڪ) کان مشهور آهي. گذريل اڌ صدي کان آءٌ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٺهندڙ ڪاشي جو نت نيون ڊيزائنون توڙي مخدوم نوح جي درگاهه تي لڳل صديون پراڻي ڪاشي Hand Painted Glazed Tiles ڏسندو اچان. مون ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ڏٺو آهي پر امام رضا جي هن مقبري جي ٻاهرين ڀت کان اندر تائين جي ڪاشيءَ جو نمونو، رنگ، چٽ گل، ڊيزائين، چمڪ ۽ سونهن پسي راحت اچيو وڃي. منهنجا هتي ۽ ايران جي ٻين شهرن ۾، جتي جتي ڪاشي جو ڪم نظر آيو اٿم، ڀتين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهوريندي گذريا هوندا ۽ انهن جون ورتل تصويرون پنهنجي مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي دوستن کي موڪليندو E-mail ڪندو رهان ٿو.
امام رضا جي شهادت کان اڳ هن جاءِ تي فقط هڪ باغ هو جيڪو نوغان ۽ سناباد جي وچ ۾ موجود هو ۽ جتي ٻي ڪا شيءَ نه هئي. پر امام جي شهادت کان پوءِ سندن آخري آرامگاهه جي چوڌاري آهستي آهستي ماڻهن جي رهائش وڌندي وئي ۽ هزار ٻه سو سال گذرڻ کان پوءِ هاڻ هن درگاهه هڪ عظيم علمي، معنوي ۽ ثقافتي مرڪز جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. لکين زائرين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ ايران جي سڀني شهرن مان هن امام معصوم جي زيارت لاءِ اچي حاضر ٿين ٿا. ان کان علاوه روضي جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڏسڻ وٽان شيون آهن، جيئن ته مرڪزي ڪتب خانو، مرڪز اسناد آستان قدس، عجائب گهر، رضوي اسلامي يونيورسٽي (جنهن کي فارسي ۾ دانشگاهه علوم اسلامي رضوي سڏجي ٿو). مرڪز ثقافت، اسلامي تحقيقاتي مرڪز، مدرسه علميه، ادره تبليغات وغيره جن مان محقق، اسڪالر ۽ اهي ماڻهو جن کي مذهبي ۽ تاريخي مسئلن ۾ دلچسپي آهي فائدو حاصل ڪن ٿا. انهن بي مثال جاين مان هڪ مسجد گوهر شاد به آهي جنهن جو بنياد پنڌرهين صدي عيسوي ۾ رکيو ويو ۽ ڇهه سو سالن کان حرم امام جي ڀر ۾ پنهنجي سونهن، بناوٽ ۽ چٽسالي جي ڪم سان گڏ اسلامي فنون ۽ تمدن جي عڪاسي ڪري رهي آهي.
حرم ويجهو هجڻ ڪري اسان جي گروپ جي ماڻهن، بنا گائيڊ جي اوڏانهن پاڻ ئي وڃڻ چاهيو ٿي پر الحرمين ٽريول طرفان مقرر ڪيل گائيڊ محمد علي ۽ سندس ڀاءُ سلمان رضوي چيو ته هو اهو بهتر نٿا سمجهن ۽ سڄو ڏينهن اسان کي هن حرم ۾ موجود جاين بابت ٻڌائيندا رهيا. دراصل هن حرم ۾ امام رضا جي روضي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي ۽ علمي حيثيت رکڻ واريون عمارتون آهن. هڪ نئون ماڻهو پهرين ڏينهن تي منجهيو پوي ته هو ڪيڏانهن وڃِي ڪيڏانهن وڃي. حرم ۾ اندر امام رضا جي مقبري کان علاوه ڪيترائي ادارا، آفيسون، درسگاهه، اڱڻ، ورانڊا ۽ وڏا هال آهن جن جا نالا پڻ لکيل نظر اچن ٿا. جيئن ته صحن ڪوثر، صحن جامع رضوي، صحن رضوان، صحن عدير، صحن هدايت ۽ ٻيا به ڪيترائي صحن آهن. صحن جو لفظ اسان وٽ ورانڊي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر هتي صحن گهڻو ڪري کليل فضا وارو پٽ آهي جتي وڇايل غاليچن تي زائرين نماز به پڙهن ٿا ته ويهي آرام به ڪن ٿا يا قرآن شريف پڙهن ٿا. اهڙي طرح بست آهن جيڪي پڻ کليل فضا وارا هال آهن ۽ صحنن جي ٻاهران يا انهن سان لاڳاپيل آهن. مقبري جي چوڌاري چار بست آهن جن جا نالا اسلام جي چئن جيد ۽ نامور علمائن نالي آهن. جيئن ته صحن انقلاب جي کاٻي پاسي بست شيخ طوسي ۽ ساڄي پاسي بست شيخ حرعاملي، مسجد گوهر شاد جي کاٻي پاسي بست شيخ بهائي ۽ چوٿون بست شيخ طبرسي آهي.
حرم رضا جي وسيع احاطي ۾ توهان کي بست، صحن ۽ ٻيا رواق نظر ايندا. صحن امام خميني جي بلڪل ڀرسان رواق دارلعباد آهي جنهن ڀرسان کفشداري (بوٽن رکڻ جي جاءِ) نمبر 10 آهي. اهڙي طرح روضي مبارڪ جي کاٻي پاسي رواق ڌار الولايه آهي. جنهن جي ٻئي پاسي صحن جمهوري اسلامي آهي. اهڙي طرح رواق دارالسيات يا رواق دارالحفاظ آهي. جنهن ۾ وڃڻ لاءِ بوٽن کي رکڻ لاءِ ڪفشداري نمبر 11۽ 12 آهي. فارسي ۾ رواق مان مراد هال يا وڏو ڪمرو آهي جنهن جو جمع اروقا يا رواقات آهي.
امام علي رضا جي قبر مٿان جيڪا ڌاتو Metal جي ڄاري آهي ان کي ضريح سڏجي ٿو. زائرين کي هن ڄاريءَ تائين اچڻ ڏنو وڃي ٿو پر هر وقت ايتري ته ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي جو اوستائين فقط ڪجهه خوش نصيب ئي پهچي سگهن ٿا.
هڪ ٻيو فارسي لفظ جيڪو هتي توهان کي عام طرح ٻڌڻ ۾ ايندو، اهو آهي ”زوار“. زوار لفظ جو جمع زائر آهي. يعني ڪنهن مقدس ۽ متبرڪ مقام جي زيارت ڪرڻ وارو. اسان وٽ سنڌ ۾ پڻ زوار استعمال ٿئي ٿو. يعني هڪڙو ٽوئرسٽ. اسان وٽ اهي ماڻهو جيڪي ايران، عراق ۽ شام جي مقدس جاين جي زيارت ڪري ايندا آهن اهي زوار سڏائين ٿا، جنهن جو جمع زائرين آهي. حرم جي ٻاهران فوٽو گرافي جي اجازت آهي پر اندر ڪئميرا کڻي وڃڻ کان جهلين ٿا، بلڪ مين گيٽ وٽ آفيس ٺهي پئي آهي جتي ٿيلهو، بريف ڪيس يا ٻيو ڪو سامان جمع ڪرائڻو پوي ٿو. ويندي ڪو چاهي ته پنهنجو ٻٽون ۽ پئسا به جمع ڪرائي سگهي ٿو، جو باوجود قانون جي سختي جي جيب ڪترا ماڻهن جي هجوم ۽ پيهه پيهان جو فائدو وٺي وڃن ٿا. بهرحال جمع ڪرايل هر شيءَ جي رسيد ملي ٿي جيڪا واپسي تي ڏيکاري سامان حاصل ڪري سگهجي ٿو. عورتن کي وڏي چادر ۾ پاڻ کي اوڍي پوءِ اندر اچڻو پوي ٿو. اسان جي گروپ ۾ ٻن عورتن وٽ چادرون نه هيون. اسان سمجهيو ته هنن کي واپس بازار وڃي خريد ڪرڻيون پونديون پر کين آفيس طرفان ٻه چادرون ڏنيون ويون جيئن هو پاڻ کي اوڍي ان وقت ئي اسان سان گڏ هلي سگهن.
زائرين جي سهولت لاءِ جتي ڪٿي بوٽن رکڻ جا ڪمرا آهن جن کي ڪفشداري سڏين ٿا. هر ڪفشداري جو نمبر آهي جيئن واپسي تي اتان پنهنجو بوٽ حاصل ڪري سگهجي. هي سسٽم ايران ۾ ٻين به مقدس جاين تي آهي جنهنڪري مسافر کي ڪابه تڪليف نٿي رسي ۽ هو جمع ڪرايل بوٽ جي رسيد يا ٽوڪن کيسي ۾ وجهي اندر گهمندو رهي ٿو. ٽئاليٽ به جتي ڪٿي ٺهيل آهن جن جي ٻاهرW.C، ليٽرين ۽ فارسي ۾ دست مسئلن جا حل ٻڌايا وڃن ٿا. ”صحن جمهوري“ وٽ هڪ ادره روابط بين الملل آهي جتي هن حرم مطابق هر ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي هن جي ٻاهران انگريزي ۾ پڻ لکيل آهي. Guidance office for foreign pilgrims. هتي مختلف زبانن جا ڄاڻو ويهن ٿا. اردو سيڪشن جي انچارج مولانا عبدالله جوهري سان منهنجي نه فقط ان ڏينهن ڪافي خبر چار ٿي پر پوءِ به ڪيترين ڳالهين بابت کانئس سندس ڏنل فون نمبر 09153242171 تي ڊائل ڪري پڇندو رهيس. هن حرم مطابق اسان جي گروپ جي ماڻهن کي ”آستان قدس رضوي“ هال ۾ اردو فلم پڻ ڏيکاري وئي.
هن اداري جي طرف کان مقبره شيخ حر عاملي ۾ (جيڪو صحن انقلاب ۾ آهي) ظهر نماز کان پهرين اردو سمجهڻ وارن زائرين لاءِ روزانو مجلس جو اهتمام ٿئي ٿو ۽ شرعي سوالن جا جواب پڻ ڏنا وڃن ٿا. جيڪڏهن توهان جي ڪا شيءَ گم ٿي وڃي ته صحن جمهوري وٽ، جتي اداره تعليم علوم قرآن آهي اتي ”گم ٿيل شين جي حفاظت جو دفتر“ پڻ آهي، پڇي سگهو ٿا.
هتي ايندڙ زائرين جي اطلاع لاءِ اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن ته حرم ۾ ڪيترن هنڌن تي عورتن جي گهڙڻ جو دروازو الڳ آهي ته مردن جو الڳ. ان ڪري جيڪڏهن ڪو فئملي سان آهي ته هو اڳي ئي اهو فيصلو ڪن ته ٻاهر نڪري هنن کي ڪٿي اچي گڏ ٿيڻو آهي. بهرحال ان هوندي به هيڏي رش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍا ٻار مائٽن کان وڇڙيو ٿا وڃن، جن لاءِ هڪ الڳ دفتر ٺهيل آهي جتي اهڙن ٻارن کي پهچايو وڃي ٿو ته جيئن هنن جا مائٽ اچي وٺن.
پاڻي پيئڻ لاءِ به مختلف هنڌن تي بندوبست آهي. صحن انقلاب ۾ ٺهيل سقاخانه نادري وٽ پاڻي پي رهيا هئاسين ته اتي ڪجهه ملتان جي ٻهراڙي جا ماڻهو به اچي پهتا. انهن ۾ هڪ پوڙهي عورت به هئي جنهن جي هٿن ۾ ڪلو کن ٻاجهري جون ٻه ٿيلهيون هيون جيڪي هن ڪبوترن کي کارائڻ لاءِ آنديون هيون. هو هڪ هڪ کي منٿون ڪندي رهي ته هي ڪبوترن کي کارايو. آخر ساڻس گڏ آيل هڪ نوجوان سمجهايس ته هتي اڱڻ ۾ هن وقت ڪير کارائيندو. بهرحال هن سبيل لاءِ رکيل ڪولرن مٿان ٺهيل ڇت تي، جتي اڳي ئي ٽي چار ڪبوتر ويٺا هئا، اتي کڻي ٻئي ٿيلهيون اڇلايون. هنن ته سمجهيو ڪو نيڪ ڪم ڪيوسين جو ملتان کان آندل ان ٻاجهري بنا مشهد شهر جا ڪبوتر مري وڃن ها پر پري کان هڪ حرم جو خدام (خذمتگار) کين ڏسي ورتو. تنهن اچي فارسيءَ ۾ کين دڙڪا ڏنا. ڪنهن چيو ته هو شايد چئي رهيو اٿن ته هيترو پري کان آيا آهيو فقط ٻه ڪلو ان آندو اٿانوَ ، توهان ڪهڙا مسلمان آهيو...؟
پر الحرمين جي مڪاني گائيڊ جعفري، جنهن کي فارسي زبان اچي ٿي تنهن ٻڌايو ته هو چئي رهيو آهي ته توهان پاڪستانين جي هيءَ ڪهڙي فضيلت آهي جو ڪبوترن جو داڻو هتي اچيو اڇلايو ۽ پوءِ ڪبوتر سڄو ڏينهن حرم ۾ ۽ هتي پاڻي پئيندڙن مٿان وٺيون لاهيندا وتن. مشهد سڄو باغن سان ڀريو پيو آهي اتي ڇو نه ٿا وڃيو ڪبوترن کي ان ڏيو. اتي ئي صحن انقلابي ۾ هڪ ٻي وڏي پاڻي جي سبيل ”سنگا آب“ نالي آهي. هيءَ سبيل، سنگمرمر کي ڪٽي ٺاهي وئي آهي. نادر شاهه (جنهن 1736 کان 1747 تائين ايران تي حڪومت ڪئي) جي حڪم تي هي پٿر هرات (افغانستان) مان مشهد شريف آندو ويو هو. سبيل مٿان اٺن ونگن واري اڏاوت آهي. جنهن جي ڇت سون جي ڪم سان جڙيل آهي ۽ ٿنڀا سنگمرمر جا آهن.
امام رضا جي قبر جي چوڌاري لڳل ڄاري جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته ان کي هتي ايران ۾ فارسي زبان ۾ ضريح سڏين ٿا. ان بابت اسان جي گائيڊ محمد علي رضوي صاحب ٻڌايو ته سڀ کان پهرين ڄاري (ضريح) ڪاٺ جي هئي جيڪا ڏهين صدي جي ٻئي اڌ ۾ يعني 957 هجري ۾ صفوي دور حڪومت ۾ تيار ڪرائي لڳائي وئي هئي. وقت سان گڏ ان ڪمزور ٿيڻ ۽ ٽٽڻ تي ٻي ڄاري لوهه جي جنهن تي ڪيترائي قيمتي نگ (هيرا) جڙيل هئا ۽ ”نگين نشان“ جي نالي سان سڏي وئي ٿي، اها 1160 هجري سال ۾ لڳرائي وئي. اها ڄاري نادر شاهه جي پوٽي ۽ رضا قلي جي پٽ شاهه رخ ميراز وقف ڪئي هئي. ٽي ڄاري لوهه جي سادي 1238 هجري ۾ قاچاري Qajar سلطنت ۾ ٻي واري ڄاريءَ مٿان لڳرائي وئي. 1959 عيسوي ۾ چوٿين ڄاري لڳائڻ تي اها ڪڍرائي ان کي حرم جي ميوزيم ۾ رکرايو ويو آهي. اهڙي طرح چوٿين ڄاري لڳائڻ تي ٻي ڄاري پنهنجي جاءِ تي قائم رهي. هي چوٿين ڄاري ”شِير و شَڪر“ جي نالي مشهور رهي. وقت گذرڻ تي اها چوٿين ڄاري ڪمزور ۽ پراڻي ٿي وئي ۽ 1993ع ۾ پنجين ڄاري ٺهرائي لڳائي وئي جيڪا اڄ تائين موجود آهي.
”هيءَ پنجين ڄاري، يعني موجوده ضريح حرم جي متولي ۽ صوبي خراسان ۾ ولي فقيه جي نمائيندي جي حڪم تي ملڪ جي نامور نقاشن ۽ هنرمندن ٺاهي تيار ڪئي آهي.“ الحرمين ٽريولز ڪراچي جي مڪاني نمائيندي سلمان رضويءَ ٻڌايو. ”هن جو وزن ٻارهن ٽن، اوچائي 4 ميٽر، ڊيگهه پوڻا پنج ميٽر ۽ ويڪر پوڻا چار ميٽر آهي. جنهن جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ست سال لڳي ويا ۽ سال 2001ع ۾ چوٿين ڄاري ڪڍي نئين ڄاري لڳائي وئي.“
حرم ۾ باوجود ماڻهن جي پيهه پيهان جي، هتي جو يونيفارم ۾ عملو ايڏو ته منظم انداز ۾ ماڻهن جي گائيڊ ڪري ٿو جو هن ڄاريءَ تائين پهچڻ ۾ هر هڪ جو وارو اچيو وڃي، ٻي صورت ۾ جيڪو هر وقت ماڻهن جو تعداد ۽ جوش جذبو رهي ٿو ان ۾ جيڪر ڪيترائي چيڀاٽجي پون. ڄاري (ضريح) جي مٿين حصي تي ٻن سون ۽ چانديءَ جي پٽين تي خط ثلث ۾ سوره ”ياسين“ ۽ ”هل اتي“ تحرير ٿيل آهي.
امام رضا جي قبر مٿان لڳل ڪتبي بابت سلمان رضوي صاحب ٻڌايو ته ”هي ٽيون ڪتبو آهي جيڪو 2001ع ۾ نئين ڄاري سان گڏ لڳايو ويو. هن جي لاءِ سائي رنگ جي اعليٰ قسم جو پٿر يزد جي معدني علائقي ”توران پشت“ مان حاصل ڪيو ويو.“
هن پٿر تي امام رضا جا لقب، تاريخ ولادت ۽ شهادت ۽ اهو شعر درج آهي جيڪو امام رضا جي عهد جي معروف شاعر اهلبيت دعبل خزاعي جي قصيدي ۾ پاڻ وڌايو هئائون. پاسن کان قرآن جون آيتون آهن.
هذا هو المرقد الشرف الاما التقي الصدق الشهيد وارث الانبياءَ والمرسلين، ثامن الائمته المعصومين من اهل بيت رسول ربّ العالمين حجته الله علي الخلق اجمعين سيدنا و مولانا ابوالحسن الرضا علي بن موسيٰ بن جعفر بن محمد بن علي بن الحسن بن علي بن ابي طالب صلوات الله عليهم اجمعين ولد بالمدينته في الحادي عشر من شهر ذي القعده عام 148 واستشهد بطوس في آخر صفر 203 من سنته الهجره النبويته وقبر بطوس يا لها من مصيبته الحت علي الا حشاء بالز فرات الي الحشر حتي يبعث الله قائما يفرج عنا الهم والڪربات.
مزار قدس تي جيڪو سون جو گنبذ آهي اهو ڇهين صدي هجري کان آهي. صفوي دور کان اڳ ان تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل هو. عهد صفوي ۾ (932 هجري ڌاري) ان تي پهريون دفعو سون چڙهايو ويو. گنبذ جي ويجهو هڪ منارو به ٺهرايو ويو جنهن تي پڻ سون چڙهايو ويو. ازبڪن جي ڦر لٽ ۾ گنبذ جو سون به غارت ٿي ويو. جنهن کي 1016 هجري ۾ و ري تعمير ڪرايو ويو. گنبذ جي چوڌاري گولائي ۾ صفوي زماني جي مشهور خطاط رضا عباسي جو لکيل ڪتبو آهي. هڪ ٻيو چورس شڪل جو ڪتبو خوبصورت نقش و نگار سان شاهه سليمان صفوي جي زماني جو آهي. گنبذ جي اوچائي حرم جي سطح کان گنبذ جي چوٽيءَ تائين 31 ميٽر آهي.