الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

فردوسي جي مقبري لاءِ طوس روانگي

منهنجي خيال ۾ فردوسي اهو شاعر آهي جنهن جو نالو اسان سڀ کان پهرين ٻڌو ۽ تمام ننڍي عمر ۾! اسين ست اٺ سالن جا هونداسين ته ٽئين ڪلاس ۾ اسان جي ڳوٺ جي ڪلاس ٽيچر، سائين عبدالهادي شيخ اسان کي ڪلاس ۾ ٻڌايو. ان دؤر جا استاد نه فقط اسڪولي ڪتاب پڙهائيندا هئا پر قرآن شريف به ڪلاس ۾ پڙهايو ويو ٿي. ان سان گڏ هو اخلاقيات ۽ عام معلومات جون ڳالهيون پڻ ٻڌائيندا هئا. سائين عبدالهادي شيخ کي ادبي ۽ شعر و شاعري جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو ۽ جڏهن ڪنهن ڪتاب ۾ ڪا سٺي ڳالهه پڙهندو هو ته هو اسان کي به ٻُڌائيندو هو. مزي جي ڳالهه اها ته ان وقت جون ڳالهيون يعني ننڍپڻ ۾ ٻڌل ڳالهيون هميشھ ياد بيهن ٿيون. ايران جي هن مشهور شاعر فردوسيءَ بابت هن اسان کي ڪجهه هن ريت ٻڌايو هو ته ايران جي شاعر فردوسيءَ کي وقت جي بادشاهه چيو ته منهنجي تعريف ۾ شعر لکي اچ، جنهن جي بدلي ۾ بادشاه سلامت فردوسيءَ کي هر شعر لاءِ هڪ سوني گِني ڏيڻ جي آڇ ڪئي. فردوسي ڪيترائي سال بادشاه سلامت ۽ ان جي ڪارنامن جا قصيدا لکندو رهيو، لکندو رهيو... تان جو هن ايترا لکيا جو هن جي حساب سان هن کي بادشاه وٽان سونين گِنين جا ٽيهه اُٺ ملڻا هئا. هو جڏهن پنهنجي بادشاه وٽ پنهنجي محنت جو اجورو وٺڻ لاءِ پهتو ته هن جو قدر نه ڪيو ويو. ان بعد فرودسيءَ ڳوٺ اچي بادشاه جي خلاف شعر لکي بادشاه ڏي موڪليا. بادشاه کي اهي پڙهي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ هن ان ئي سونين گِنين جا ٽيهه اُٺ فردوسي جي ڳوٺ موڪليا...“
اهو ٻڌي اسان ٻُڌندڙ ڪلاس ميٽن جي اکين ۾ چمڪ آئي ۽ خوشي محسوس ٿي ته حق جي سوڀ ٿي ۽ غريب شاعر جي ايڏي دولت حاصل ڪرڻ بعد وڏي لئه ٿي وئي هوندي. اسان جي دل چاهيو ته سائين عبدالهادي کان اهو پڇڻ جي همت ڪجي ته فردوسيءَ ان ملڪيت جو ڇا ڪيو...؟ ڪلفيءَ جو دڪان کوليو يا گولن ڳنڍن جو ڪارخانو؟
سائين عبدالهادي شيخ کي به ڪهاڻي ٻُڌائڻ جو آرٽ آيو ٿي. هن ڄاڻي واڻي ايترو ٻُڌائي اتي ساهه پٽيو ۽ پاڻيءَ جو گلاس آهستي آهستي ڪري ٽن ساهين ۾ پيتو. يعني هن به چاهيو ٿي ته اسين اهو ئي سوچيون ۽ تجسس ۾ رهون.
”سائين پوءِ؟“ منهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد تاج محمد طالباڻيءَ (جيڪو پوءِ اڳتي هلي حيدرآباد جي سچل ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ۽ بعد ۾ رٽائرمينٽ تائين هالا جي سروري ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿيو) پڇيو.
”قدرت خدا جي“ سائين عبدالهادي چيو ”جنهن وقت سونين گِنين جا اُٺ فردوسي جي ڳوٺ ۾ پهتا ۽ هاڻ فردوسي جي اوطاق جي پوئين در کان اندر گهڙي رهيا هئا ته اڳين در کان، فردوسيءَ جو لاش نڪري رهيو هو.
اسان سڀني ٻارن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ سائين عبدالهادي جي چپن تي خوشي جي مرڪ آئي. خوشي ان ڳالهه جي ته هن سٺي نموني سان اسان کي فردوسي جي ”اسٽوري“ ٻڌائي ۽ اسان ڌيان سان ٻُڌي. هونءَ اهو به لکندو هلان ته سائين عبدالهادي کي پُٽ نه هو، فقط هڪ ڌيءَ هئي. جنهن جو مڙس سائين فتح محمد شيخ پڻ هڪ سٺو ٽيچر ٿيو ۽ آخر هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ هر سال ايران زيارت تي اچي ٿو ۽ هو پڻ انهن مان هڪ آهي جنهن مون کي ايران گهمڻ ۽ ان تي سفرنامو لکڻ جي همت افزائي ڪئي.
فردوسيءَ جو سڄو نالو ”حڪيم ابوالقاسم فردوسي طوسي“ هو.
”فردوسي“ سندس لقب هو ۽ ”طوس“ سندس ڳوٺ جو نالو هو. پاڻ طوس ۾ 935ع ۾ ڄائو ۽ 1020ع ۾ اتي ئي وفات ڪيائين. طوس ايران جي خراسان صوبي ۾ مشهد کان 40 ڪلوميٽرن تي شهر آهي، جتي 818ع ۾ شيعن جو اٺون امام علي رضا، مديني کان پهتو ۽ شهادت ماڻيائين. امام علي رضا جي شهادت بعد مشهد شهر وڌندو رهيو، جو ايران جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو امام صاحب جي روضي جي زيارت تي مشهد اچڻ لڳا. اڄ هن پوري علائقي ۾ بلڪ سڄي ايران ۾ تهران بعد مشهد وڏو شهر آهي ۽ طوس جي اها پراڻي اهميت نه رهي آهي. تيمورلنگ ۽ نادر شاهه ۽ ٻين منگولن به هن شهر کي تباه ڪري ڇڏيو.
فردوسي يارهين امام حضرت حسن العسڪري جي وفات (874) کان پورن سٺ سال بعد ڄائو جڏهن ايران تي سمانيان جي حڪومت هئي. سمانيان خراسان صوبي جا ايراني هئا جن جو باني ”سامان خدا“ مجوسي (باه جو پوڄاري) هو، جيڪو پوءِ سني مسلمان ٿيو. سامانيان گهراڻي جا نَو کن بادشاه ٿيا جن مان آخري ستن فردوسي جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي پويان حڪومت ڪئي. هنن حاڪمن جي ڏينهن ۾ ايران ۾ آرٽ، سائنس ۽ ادب جي ترقي ٿي. روداعي ۽ ابن سينا جهڙا اسڪالر هتي رهيا ۽ ايران جي تن ڏينهن جي شهر بخارا، بغداد جو مقابلو ٿي ڪيو. هنن نه فقط فارسي زبان ۽ پرشن ڪلچر کي وڌايو پر سني اسلام کي به پکيڙيو. سامانيان جي دؤر حڪومت ۾ ڪاشيءَ ۽ Pottery به عروج حاصل ڪيو. جنهن جا مثال اڄ به ڪيترن ئي گهرن، محلاتن ۽ مقبرن ۾ نظر اچن ٿا. سامانين جي 999 ع تائين ايران تي حڪومت هلي. سندن آخري شهنشاه ابوالفارس (ابوالمالڪ ابن نوح) هو جن کان غزنوين حڪومت هٿ ڪئي ۽ محمود غزنوي ايران جو بادشاه ٿيو. ان وقت فردوسي جي عمر 64 سال هئي ۽ محمود غزنوي جي ئي بادشاهت ۾ فردوسيءَ 1020 ع ۾ وفائي ڪئي.
فردوسيءَ جو پيءُ هڪ امير ۽ زميندار ماڻهو ۽ نيڪ مسلمان هو. فردوسي پاڻ به شيعو مسلمان هو، جيڪو سندس شاعري جي ڪتاب شاهنامي مان معلوم ٿئي ٿو پر ايڏو ڪو مذهبي نه هو.
مشهد پهچڻ سان جيئن ئي مون کي خبر پئي ته طوس ته هتان ائين آهي جيئن هالا کان نوابشاهه، ته مون فردوسي جي مقبري تي وڃڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي قافلي جي ماڻهن کان پڇندو رهيس ته هو به هلندا يا نه؟ پر ڪنهن به دلچسپي نه پئي ڏيکاري. کين هر هر ايران جي هن اهم قومي شاعر جي ”شاهنامي“ لکڻ جهڙي ڪارنامي بابت ٻُڌائيندو رهيس پر سڀ ماٺ ۾ هئا. آخر اسان جي قافلي جي اڳواڻ ۽ الحرمين ٽريول ايجنسي جي مئنيجر سلمان رضوي مون کي سمجهايو ته هنن مان ڪير به نه هلندءِ ڇو جو هي سڀ مذهبي زيارتن لاءِ ذهن کي تيار ڪري آيا آهن، تڏهن ته ڏس نيشاپور ۾ به اهي امامزاده محروق جي مقبري تي ته هليا پر روڊ جي ٻئي پاسي تنهنجي دلپسند شرابي شاعر عمر خيام جو آخري آرامگاه نه ڏٺائون. سو فردوسي جي مقبري تي به توکي اڪيلو وڃڻو پوندو.
”پر ڪيئن وڃان؟“ مون هن کان رستي جو پڇيو.
”ٽئڪسي ۾ به وڃي سگهين ٿو.“ الحرمين جي ايران واري آفيس جي عابد جعفريءَ ٻڌايو، ”پر بهتر آهي ته بس ۾ هليو وڃ.“
هن مون کي ٻڌايو ته هتان حرم وٽان (امام علي رضا جي روضي مبارڪ وٽان) ڪنهن به بس ۾ چڙهي ”ميدان شهداءَ“ (شهيدن جي چونڪ) تائين وڃ. اتان پوءِ اڳيان وارو چونڪ ”فردوسي چونڪ“ سڏجي ٿو جتان فلاڻو فلاڻو نمبر بس طوس ڏي وڃي ٿي، جتي شاعر فردوسي جو مقبرو آهي. آئون ٻئي ڏينهن شولڊر بيگ ۾ ڪئميرا، ڪاپي ۽ پين وجهي نائين بجي ڌاري نڪتس. حرم واري ميدان تي ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هيون. انهن ۾ جيڪا هلڻ واري هئي ۽ جنهن جو اڳيون در بند ٿيڻ وارو هو ان ۾ چڙهي پيس. بس چرڻ لڳي ته غلطي جو احساس ٿيو ته بنا پڪ ڪرڻ جي چڙهي پيو آهيان. بهرحال اڃا وقت ويو ڪونه هو. ڪنڊڪٽر ته ان بس ۾ نه هو. آءٌ ڊرائيور جي سيٽ وٽ بيٺو هوس. سو ڊرائيور کي ۽ ان جي ڀرسان بيٺل ٻين مسافرن کان انگريزي ۾ پڇيم ته هيءَ بس شهداءَ بس اسٽاپ تي وڃي پئي؟ ان سان گڏ عابد جعفري کان فارسي ۾ لکرايل پنو به ڏيکاريم، جنهن ۾ لکيل هو ته ”هن همراه کي فردوسي جي مقبري ڏي وڃڻ جي رهنمائي ڪجو.“ ڊرائيور ۽ ٻين مسافرن مان ڪنهن به جواب نه ڏنو. ڊرائيور کان ٻيو دفعو پڇڻ تي هن هٿ جي اشاري سان مون کي ماٺ ڪري بيهڻ لاءِ چيو. هڪ ته هنن مان ڪنهن کي انگريزي نه پئي آئي ۽ اهو به محسوس ڪيم ته ڊرائيور مون مان بيزار آهي، جو هڪ ته هن مون لاءِ بس بيهاري در کولي مون کي بس ۾ چاڙهيو ۽ هاڻ کيس ڊسٽرب ڪري رهيو آهيان. بهرحال بعد ۾ مون کي اها غلط فهمي لڳي ۽ خبر پئي ته ايرانين کي هر پرديسي سان سٺو هلڻ جو اخلاق آهي. پر ان وقت جيئن ته ايران ۾ بس ۾ چڙهڻ جو اهو منهنجو پهريون تجربو هو، سو ڊرائيور ۽ ڀر ۾ بيٺل ايرانين جي سرد مهري مان مون کي خبر ناهي ڇو ان وقت ڏک ٿيو ته اسان پاڪستانين جي گورن ۽ عربن جي ملڪن ۾ ته عزت ناهي، پر ايران ۾ به نه آهي. ۽ اتي ئي مون کي احساس ٿيو ته نوٽ منهنجي هٿن ۾ آهي، ۽ ٽڪيٽ ورتم ئي ڪانه. ڪيترن ملڪن ۾ جتي ڊرائيور ڪنڊڪٽر بنا بس هلائي ٿو، ان جي ڀرسان ٽڪيٽ چارجر ٿئي ٿو جنهن جي سلاٽ (سوراخ) ۾ پئسا وجهڻ سان ٽڪيٽ ۽ باقي پئسا نڪريو اچن. پر هتي ڊرائيور اڳيان مون کي ڪا به اهڙي پيتي يا مشين نظر نه آئي. پر اهو ضرور ڏٺم ته اسان جي پيرن وٽ ڪيترين ئي ٽڪيٽن جا ڦاٽل ٽڪرا هئا. معنيٰ هن بس ۾ ٽڪيٽ سسٽم آهي. ٿي سگهي ٿو منهنجي چڙهڻ کان اڳ سڀني ٽڪيٽ وٺي ڇڏي هجي ۽ منهنجي ٽڪيٽ نه وٺڻ ڪري ڊرائيور ناراض هجي. مون هٿ ۾ جهليل نوٽ ڀر ۾ بيٺل مسافرن کي ڏيکاري وات سان ”ٽڪيٽ“ جو لفظ دهرايو. اڳين سيٽ تي ويٺل هڪ مسافر مون کي هٿ جي اشاري سان ماٺ ڪري بيهڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ ڊرائيور ۽ ٻيا منهنجي هٿ ۾ جهليل پني مان سمجهي ويا هئا ته مون کي شهداءَ چوڪ تي لهي پوءِ فردوسي چوڪ تي وڃڻو آهي، جتان طوس لاءِ بس وٺڻي آهي. پر جيئن ئي پهرين چوراهي تي بس پهتي ۽ ڪجهه ماڻهو لٿا ته مون پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو ته هي شهداءَ چوڪ آهي ته ڊرائيور ٻين مسافرن سان ڪجهه فارسي ۾ ڳالهائي مون کي اڃا ترسڻ لاءِ چيو. ان بعد ٻيو چوراهو آيو ته ڊرائيور مون کي اتي لهڻ لاءِ چيو. مون ٽڪيٽ لاءِ نوٽ وڌايو ته ڊرائيور انڪار ڪيو. خبر ناهي ان ڳالهه لاءِ انڪار ڪيو ته هن وٽ کليا پئسا نه هئا يا مون کي ٽڪيٽ وٺڻ کان منع ڪئي. ايتري ۾ اڳيان ويٺل هڪ مسافر پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽن جو پئڪيٽ ڪڍي، هڪ ٽڪيٽ ڦاڙي منهنجي حوالي ڪئي جنهن جا هن پئسا به نه ورتا. بهرحال آئون مهرباني مڃيدو هيٺ لٿس. رستي تان لنگهندڙن کان پڪ لاءِ پڇيم ته هي ميدان شهداء آهي. يعني شهداءَ چوڪ آهي. هنن مان هڪ پٺيان اشارو ڪري فارسي ۾ سمجهايو ته شهداء چوڪ ته گهڻو پٺيان ڇڏي آئين. ”ڏس ته سهي هيڏي تاڪيد بعد به ڊرائيور مون کي صحيح هنڌ تي نه لاٿو.“ مون دل ۾ سوچيو ۽ پٺيان پير ڪرڻ لڳس. چند وکن بعد ٻه ٽي ڪاليج جا شاگرد ملي ويا جن منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ته هنن کي ٿوري گهڻي انگريزي اچي ٿي. ۽ هنن خاطري ڏياري ته شهداء چوڪ لاءِ مون کي پٺيان وڃڻو پوندو. اتي مون کي اوچتو خيال آيو ۽ هڪ شاگرد کان پڇيم ته ڀلا هن چوڪ جو نالو ڇا آهي؟
”فردوسي چوڪ“ هن وراڻيو. اهو ٻڌي خوشي ٿي ته ڊرائيور مون کي شهداءَ چوڪ تي لاهڻ بدران هن چوڪ تي لاٿو جتان مون کي طوس لاءِ بس وٺڻي هئي. ڪاليج جا هي شاگرد مون کي رستو ٽپائي ٻئي پاسي واري بس اسٽاپ تي وٺي آيا جتي ٻيا به ڪجهه مسافر طوس ويندڙ بس جي انتظار ۾ هئا.