اياز پنهنجي اصليت نه وسار...
“Their story depicts the power of love of a man for a youth, were the king becomes a slave to his slave…”
هن ٺاهوڪي ترڪ نسل جي ڇوڪري ”ملڪ اياز“ جي عشق جي چڪر ۾ هڪ بادشاهه پنهنجي غلام جو غلام بڻجي ويو ۽ پنهنجي ٻانهي اياز کي غلام مان بادشاهه بڻائي ڇڏيو. ايتريقدر جو 1021ع ۾ هن لاهور اياز حوالي ڪري ڇڏيو. اياز جي هڪ هڪ ڳالهه سلطان محمود لاءِ موتين جون لڙيون هئي. محمود ۽ اياز جي قصن کي شيخ سعدي، رومي ۽ فريد الدين عطار کان علاوه اسان جي شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ڪهاڻين ۽ شعرن ۾ بيان ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ حڪايات رومي ۾ محمود ۽ اياز جي هڪ ڳالهه پڙهي رهيو هوس، جيڪو ڪتاب يونيسڪو وارن گذريل سال (2007ع) کي مولانا رومي جو سال قرار ڏيڻ تي ڇپرايو آهي. ايران جو مشهور شاعر جلال الدين رومي 1207ع ۾ ڄائو. ان حساب سان هن کي گذريل سال پوريون اٺ صديون ٿيون. هونءَ محمود غزنوي جي ڄم جو سال 971 ع آهي- يعني رومي 236 سال کن پوءِ ڄائو.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن سلطان محمود غزنويءَ کي سٺي موڊ ۾ ڏسي سندس دوستن مان هڪ کانئس پڇيو ته اياز هن کي ايڏو محبوب ڇو آهي؟ هن جي هر حرڪت ٻاراڻي آهي، هن ۾ اسان کي ڪوبه هنر نظر نٿو اچي، ملڪ جا سڀ امير، وزير ۽ فوج جا اڳواڻ هن مان بيزار آهن....
بادشاهه چيو اُن جو جواب آئون ڀريل درٻار ۾ ڏيندس ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هن ڀريل درٻار ۾ سڀني کي پنهنجي خيرخواهيءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ چيو. هن وٽ هڪ قيمتي موتي هو جيڪو هن دٻليءَ مان ڪڍي سامهون رکيو ۽ هڪ لوهي مترڪو گهرايو. هن وزيراعظم جي هٿن ۾ اهو ناياب هيرو ڏيندي چيو ته هن جي قيمت لڳاءِ. هن چيو هڪ لک کان به وڌيڪ. بادشاهه چيس ”ان قيمت جو خيال نه ڪر، هي مترڪو هڻي هن هيري کي ڀور ڀور ڪري ڇڏ“
اهو حڪم ٻڌي وزير حيران ٿي ويو ۽ چيو ته منهنجي دل نٿي چوي ته هن قيمتي هيري کي ڀڃي ڇڏيان. جيڪڏهن آئون بادشاهه جي مال جو ائين زيان ڪندس ته مون کي خيرخواهه ڪير چوندو؟ بادشاهه هن جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ هن کي تحفي ۾ قيمتي خلعت ڏئي روانو ڪيو.
اهڙي طرح درٻار جو هر هڪ وزير ايندو ويو ۽ ساڳي ڳالهه ڪندو ويو ۽ انعام حاصل ڪندو ويو. آخر ۾ سلطان محمود، اياز کي سڏايو. هيرو هن جي هٿن ۾ ڏنو ۽ پڇيو ته هن جي قيمت ڇا ٿي سگهي ٿي.
”هي هڪ بيحد قيمتي هيرو آهي“، اياز چيو، ”قارون جو خزانو به هن هيري جي قيمت ادا نٿو ڪري سگهي.“
بادشاهه محمود چيو: اي اياز! تون هن مترڪي جي هڪ ڌڪ سان هن هيري کي ڀور ڀور ڪري ڇڏ“.
بادشاهه جي حڪم سان هن هيري جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. هي نظارو ڏسي درٻار ۾ ماٺ ڇانئجي وئي ۽ پوءِ درٻارين جي وچ ۾ سُس پُس ٿيڻ لڳي ته بادشاهه جي احسانن جو بدلو اياز واهه جو ادا ڪيو آهي.
اياز چيو: ”اي بزرگو! اهو ته ٻڌايو ته بادشاهه سلامت جو حڪم وڌيڪ قيمتي آهي يا هي هيرو؟ افسوس جو توهان هڪ هيري خاطر بادشاهه سان وفاداري ڇڏي ڏني. منهنجي نظر شاهه جي حڪم تي آهي. هيرو ته فقط هڪ پٿر آهي. آئون مشرڪ نه آهيان جو حجر پرستي ڪريان ۽ بادشاهه جو حڪم نه مڃيان. منهنجي نظرن ۾ هڪ موتيءَ کان سلطان جو حڪم وڌيڪ قيمتي آهي.
محمود کي اياز جي ڳالهه ڏاڍي وڻي. هُو وزيرن تي سخت ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته توهان منهنجي وزارتن جا لائق نه آهيو. اي جلاد هيڏانهن اچ ۽ هنن ڪمينن کي منهنجي اکين کان هميشه لاءِ غائب ڪر.
اين خسان چه لائق صدر من اندر
ڪز پئي سنگ امر ما ابشڪتد
اهو ٻڌي اياز وڌيو ۽ غلامانا آداب بجا آڻي عرض ڪيو ته اي بادشاهه سلامت تون هنن کي بخش ڪري ڇڏ. هنن کان ڀُل ٿي وئي آهي.
غفلت و گستاخي اين مجرمان
از وفور عفو تست اي عفوران
هنن کان هيءَ گستاخي تنهنجي معافيءَ جي آسري تي ٿي آهي، تون هنن کي پاڻ کان پري نه ڪر. هنن جي غلطي معاف ڪري ڇڏ. شاهي وزيرن به آزيون نيزاريون ڪري بخشش لاءِ عرض ڪيو ۽ سلطان هنن جو عرض قبول ڪيو ۽ معاف ڪري ڇڏيو.
(هاڻ ان مٿين قصي تي ڪهڙا ويهي Comments لکجن! انهن ڏينهن ۾ بادشاهن ۽ وزيرن جا شايد اهي ئي ڪم هئا).
بهرحال سلطان محمود غزنوي 971 ۾ ڄائو ۽ 26 سالن جي ڄمار ۾ 997 کان وفات تائين، يعني 1030ع تائين، غزنوي سلطنت جو بادشاهه ٿي رهيو. سندس سلطنت ايران کان علاوه اڄ واري افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا جو ڪافي حصو اچي ويو ٿي. پاڻ ڪو خانداني بادشاهه نه هو، کيس بادشاهت پنهنجي پيءُ سبڪتگين ۽ ناني الپتگين کان ملي، جيڪي ٻئي ايران جي وقت جي حاڪمن سمانيان وٽ زر خريد ٻانها (غلام) هئا ۽ گارڊ يعني چوڪيداريءَ جو ڪم ڪيو ٿي. پر تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي ته جڏهن بادشاهه ۽ حاڪم عياش، ڪاهل، سست ٿيا تڏهن انهن جا چوڪيدار (گارڊ) کين تڙي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا.
ايران تي آتش پرست پارسين جي 224 کان 651 تائين حڪومت رهي، ان بعد عرب خليفن جو راڄ شروع ٿيو. بنو اُميه گهراڻي بعد عباسي گهراڻي جا حاڪم 867ع تائين تخت تي ويٺا. ان بعد ايران جي مختلف حصن تي عرب جي مختلف گهراڻن طاهري، علوي، زياري وغيره جي حاڪمن جو راڄ رهيو. ان بعد 892ع کان 998ع تائين- يعني غزنوي گهراڻي جي شهنشاهن عديل، شهيد، سعيد، حميد، رشيد، معيد، رضي وغيره جو راڄ رهيو. هن گهراڻي (سمانيان) جي دور حڪومت ۾ ايران جي مشهور شاعر فردوسيءَ جنم ورتو ۽ شاهنامو لکيو. هن گهراڻي جي آخري بادشاهن: رضي، ابوالحارث ۽ ابوالفارس جن وٽ محمود غزنوي جو نانو الپتگين (جيڪو ترڪ نسل جو غلام هو) گارڊ ۽ بلخ ۾ رهيو ٿي. هن سمانيان گهراڻي جي آخري حاڪمن جا هيڻا حال ڏسي پاڻ ديرو ڄمائي ويهي رهيو ۽ غزنوي شهر کي گاديءَ جو هنڌ بنايو. الپتگين بعد سندس دلپسند ترڪ غلام سبڪتگين، جنهن سان هن پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائي هئي، تخت تي ويٺو. ان بعد سبڪتگين جو پٽ محمود غزنوي (جيڪو غزني جو محمود به سڏجي ٿو) تخت تي ويٺو. اهو آهي ته محمود اوسي پاسي جي سردارن، نوابن، راجائن سان خوب جنگيون ڪيون ۽ پنهنجي حڪومت جون حدون بلخ، قنڌار ته ڇا سنڌو ندي جي ڪناري تائين ڇڪي آيو. خوب مار ماران ڪيائين، ڦرلٽ ڪيائين، مندر ڀڳائين ۽ انهن ۾ رکيل سونا بت ڀڃي، دولت پاڻ سان کنيائين ۽ پاڻ کي وڏو مسلمان ۽ بت شڪن سڏرايائين- نماز به الائي پڙهندو هو يا نه! بهرحال اڄ جي افغانستان ۾ هو قومي هيرو مڃيو وڃي ٿو. ظاهر آهي هِتان هُتان جي ڦرلٽ جو مال غزني پئي آيو جيڪو اڄ ڪلهه افغانستان جو شهر آهي. پاڪستان ۾ هُو سوڀارو هيرو سمجهيو وڃي ٿو ۽ انڊيا ۾ هُو هڪ ڦورو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن امن ۽ شانتي ۾ رهندڙ هندو عوام جو سڪون چٽ ڪيو. ايران وارن لاءِ هو قدامت پرست سني هو جنهن پنهنجي درٻار ۾ ايراني وزير، فوجي جنرل، منتظم ۽ ٻيا ڪمدار ڪڙا رکي ايراني تهذيب کي جياريو ۽ اجاگر ڪيو. هن درٻاري زبان پنهنجي مادري زبان ترڪي ڪرڻ بدران فارسي رکي. هن فردوسي، البيروني، فرشتن جهڙن شاعرن، اديبن ۽ اسڪالرن جو مان وڌايو، ان ڪري ايراني محمود غزنوي مان بيحد خوش آهن. محمود غزنوي جو شينهن ۽ سج وارو جهنڊو اڄ به ماڊرن ايران جو قومي نشان آهي. سلطان محمود جي دلپسند ترڪ غلام ڇوڪري اياز جو سڄو نالو ”ملڪ اياز“ هو. هو غلام مان ترقي ڪري محمود غزنوي جي فوج جو جنرل مقرر ٿيو. 1021ع ۾ سلطان هن جي حوالي لاهور ڪري ڇڏيو، جيڪو شهر محمود وڏي ويڙهه کانپوءِ حاصل ڪيو هو. ياد رهي ته لاهور جي فتح بعد محمود سڄي لاهور شهر کي باهه ڏياري ايترا ماڻهو ساڙيا جو هن شهر جي آدمشماري ئي گهٽجي وئي. بهرحال گورنر جي حيثيت سان اياز هن شهر کي وري بهتر بڻايو. ڊهي ويل قلعي کي 1037ع کان 1040ع تائين ٺهرائي راس ڪيو. چون ٿا ته سلطان محمود پنهنجي پوڙهائپ جا ڏينهن اياز وٽ گذاريا ۽ هن پاڻ کي حڪومت جي ڪاروبار کان بلڪل پاسيرو ڪري ڇڏيو هو. اياز جو مقبرو رنگ محل، شهر جي تجارتي مرڪز ۾ آهي. پاڪستان جي هڪ شهر گجر خان ۾ هڪ رستي جو نالو اياز پڻ آهي. گجر خان شهر جي زمين جي چونڊ به اياز جي آهي. چون ٿا ته راجپوتن تي حملو ڪرڻ کان اڳ محمود غزنويءَ سپاهين جي رهائش لاءِ اياز کي ڪا زمين چونڊڻ لاءِ چيو. اياز جنهن زمين جي چونڊ ڪئي اهو اڄ گجر خان شهر آهي.
پاڪستان جي وڏي شاعر مرحوم علامه ڊاڪٽر محمد اقبال به پنهنجي شعر ۾ اياز جو ذڪر ڪيو آهي:
آگیا عین لڑائی میں وقتِ نماز
قبلہ رو ہوکے زمین بوس ہوئی قومِ حجاز
ایک ہی صف میں کھڑےہوگئے محمود و ایاز
نہ کوئی بندہ رہا نہ کوئی بندہ نواز۔
اياز بابت ڪيتريون ئي لوڪ ڪهاڻيون ۽ سچا ڪوڙا افسانا آهن، جن مان ڪجهه توهان به ٻڌا هوندا ۽ آئون به مختلف هنڌن تي مختلف دورن ۾ ٻڌندو پيو اچان. هن وقت هتي هڪ ٻه لکڻي بي محل نه ٿيندي.
سلطان محمود غزنوي هيڏي وڏي سلطنت جو شهنشاهه هو. اياز ڇوڪرو جنهن سان هن کي عشق هو، هڪ غلام هو. ٿي سگهي ٿو سلطان جو عقل يا دماغ کيس اهو محسوس ڪرائيندو هجي پر هو دل جي هٿان مجبور هو. هن دل جو ئي چوڻ ڪيو ٿي. سندس مٿان دل جو راڄ هو. بهرحال هيءَ ڪهاڻي (يا کڻي چئجي ته ڳالهه) هن ريت آهي ته، هڪ ڏينهن سلطان محمود غزنويءَ پنهنجي غلام اياز کان پڇيو ته هن ڪنهن اهڙي بادشاهه جو ٻڌو آهي جيڪو هن (سلطان محمود) کان وڏو ۽ وڌيڪ طاقتور هجي.
اياز جواب ڏنو: ”هائو اهو آئون آهيان. آئون توهان کان وڏو بادشاهه آهيان“.
”اهو ڀلا ڪيئن” ان جو ڪو ثبوت يا ثابتي؟“ سلطان پڇيو.
”ڇو جو توڙي کڻي توهان بادشاهه آهيو،“ اياز وراڻيس، ”پر توهان تي توهان جي دل جو حڪم هلي ٿو، ۽ هي توهانجو خادم توهان جي دل جو بادشاهه آهي.“
ايران ۾ هُما پکي مشهور آهي، جنهن بابت شروع وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته اهو هڪ خيالي پکي آهي ۽ ايراني ڏند ڪٿائن موجب هن پکيءَ جو جنهن تي پاڇو پوندو آهي اهو بادشاهه ٿيندو آهي. اياز بابت هڪ حڪايت مشهور آهي ته جڏهن ٻيا ترڪ غلام هن پکيءَ جي پاڇي پٺيان ڊوڙي رهيا هئا ته اياز بادشاهه جي ئي پاڇي جي ڳولا ۾ رهيو!
اياز بابت هڪ ٻي سبق آموز ڪهاڻي:
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن سلطان محمود ۽ اياز ماني پئي کاڌي، سلطان ونگيءَ جي ڦار ڪٽي اياز کي ڏني جيڪا هو چشڪا ڏيئي مزي مزي سان کائڻ لڳو. ٿوري دير بعد محمود ان ونگيءَ مان پنهنجي کائڻ لاءِ ڦار ڪٽي پر جهڙو ئي هن کي چڪ هنيو ته هن کي اهڙي ته ڪڙي لڳي جو هن يڪدم ٿوڪاري ڇڏي. هن اياز ڏي گهوري ڏٺو ۽ هن کي چيو ته تو هن ڪڙي ۽ ڪساري ونگيءَ کي ائين مزي مزي سان کاڌو ڄڻ بيحد لذيذ هجي جيئن بيوقوف بنجي آئون به ان کي کاوان.
”نه جهان پناهه!“ اياز جواب ڏنو، ”اها مون لاءِ بيحد لذيذ هئي. مونکي توهان طرفان ڪيتريون ئي مزيدار شيون ملنديون رهن ٿيون هر اها شئي جيڪا توهان جي هٿن کي ڇُهي مون تائين پهچي ٿي اها مون لاءِ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهي“.
اياز جي نياز ۽ نئڙت جون ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. اياز جيڪو هڪ غلام جي حيثيت سان سلطان محمود جي درٻار ۾ پهتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو وڃي اعلى شان ۽ رتبي تي پهتو، ان لاءِ چون ٿا ته هو هر روز هڪ ڳجهي ڪمري ۾ اڪيلو وڃي، اهي چتيون لڳل ۽ ڦاٽل ڪپڙا جيڪي هن تڏهن پاتا هئا، جڏهن هو غلام ٿي آيو هو. اهي ڪپڙا پائي آرسي اڳيان ٿي بيهندو هو ۽ پنهنجو پاڻ کي مخاطب ٿي چوندو هو ته ”اياز! قدرِ خود بيشناس.“ يعني اياز! پنهنجي اصليت کي نه وسارجانءِ.