ايران جي تاريخ بادشاهن ۽ حاڪمن، شاهن ۽ شهنشاهن ۽ انهن جي سٺاين ۽ خرابين، ڦڏي بازين ۽ سازشن، آرٽ ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيارڻ ۽ قتل و غارت سان ڀري پئي آهي. ايران تي هلندڙ دور عيسوي سن کان به 3000 سال اڳ جو شروع ٿيل آهي، جڏهن ايلامي سلطنت هئي. سنئون سڌو هڪ هڪ بادشاهه جو رڪارڊ هخامنشي گهراڻي کان موجود آهي. جنهن جا شروعاتي حاڪم سائرس اول، ڪئمبيس، داريوس اڄ تائين مشهور آهن، جن حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اڌ صدي اڳ پرشيا (ايران) تي راڄ ڪيو ٿي. ان بعد سڪندر اعظم جيڪو سنڌ تائين آيو، اُن ايران تي حملو ڪري پنهنجي يوناني ماڻهن کي پرشياتي راڄ ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ جيئن انڊيا تي انگريزن ٻه سو سالن کان مٿي عرصو حڪومت ڪئي تيئن يونانين جي آرگياد ۽ سلوڪي گهراڻي جي حاڪمن پرشيا تي پوڻا ٻه سو سال (330 قبل مسيح کان 164 قبل مسيح تائين) حڪومت ڪئي، ان بعد 500 سالن تائين پارٿياني گهراڻي جا 40 کن بادشاهه ٿيا ۽ سندن حڪومت 247 قبل مسيح کان 224 عيسوي تائين رهي. ان بعد سوا چار سو سال ساسانين جي حڪومت رهي. ساسانين جا به ٽيهن کان مٿي بادشاهه ٿيا ۽ 224 ع کان 651ع تائين ايران تي راڄ بعد ٻيا به ڪيترائي مسلمانن جا حاڪم گهراڻا پيدا ٿي پيا. جهڙوڪ؛ علوي، طاهري، ظياري، بوئي، ديلامي، صفاري، غزنوي، سلجوق وغيره وغيره جن جي بادشاهن مان ڪي سڄي ايران (پرشيا) تي ته ڪي ان جي حصي تي حڪومتن ڪندا رهيا ۽ آخر ۾ 1979ع ۾ امام خميني جي اسلامي انقلاب آڻڻ کان اڳ آخري ٻه گهراڻا جن ايران تي بادشاهي هلائي، اهي هئا قاچاري گهراڻو ۽ پهلوي گهراڻو. جنهن جو آخري حاڪم، شاهن جو شاهه محمد رضا شاهه پهلوي هو. سائرس بادشاهه کان وٺي آخر تائين ڳڻيا وڃن ته ايران جي گذريل اڍائي هزار سالن جي تاريخ ۾ اڍائي سو کان مٿي بادشاهه ٿيا. 651 ۾ آتش پرست بادشاهه يزدگر سوم جي قتل بعد رضا شاهه پهلوي تائين سڀ مسلمان بادشاهه ٿيا، يا گهٽ ۾ گهٽ مسلمان سڏائڻ وارا حاڪم ٿيا، جن ۾ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، باقي جام جڏا هئا ۽ سياست کي اسلامي رنگ ڏيئي پنهنجن جو ئي ڳلو ڪپيندا رهيا. نادر شاهه، تيمور لنگ، محمود غزنوي جهڙا اسلام جي نالي ۾ هندستان جهڙن ملڪن جي ڦرلٽ ۽ تباهي ڪري پنهنجن کان تاڙيون وڄرائي پوءِ پنهنجن جو ئي قتل عام ٿي ڪيائون ۽ پنهنجي ملڪ جي ئي شهرن ۾ لکين ماڻهن جي کوپڙين جا اهرام ٿي ٺهرايائون. اسلام امن جو مذهب هوندي به هنن اڻڄاڻن ايترو به امن نٿي رکيو، جيترو ساساني دور ۾ حڪومت جي 400 سالن ۾ باهه جي پوڄاري حاڪمن ۽ ايران جي به ڪيترن ئي بادشاهن اسلام جو نالو روشن ڪرڻ بدران ان کي بدنام ئي ڪيو. بس باقي اسان جي فيلڊ مارشل ايوب خان وانگر پنهنجي لقبن جو ئي واڌارو ڪندا رهيا. هخامنشي گهراڻي جي سائرس دوم ۽ دائروس اول ته پاڻ کي وڌ ۾ وڌ کڻي عظيم The Great سڏرايو، مقدونيا جي سڪندر به پاڻ کي دي گريٽ تائين محدود رکيو، پر پوءِ اسان جي بعد وارن مسلمانن، عوام لاءِ خوشحالي آڻڻ کان وڌيڪ پنهنجي لقبن ۾ خوشحالي آندي. شاهه مان شهنشاهه ۽ جهان پناهه ٿيندا رهيا. هتي ڪاجار گهراڻي جي هڪ بادشاهه فتح علي شاهه ڪاجار جي عهدن جو مثال ڏيان ٿو. ايران تي قاچاري خاندان جي سوا صدي (1794ع کان 1925ع) حڪومت رهي، جنهن ۾ 8 کن اهم بادشاهه ٿيا. فتح علي شاهه ڪاجاري ٻي نمبر تي بادشاهه ٿيو. پاڻ 1772ع ۾ ڄائو ۽ 1797ع کان 1834ع تائين ايران تي حڪومت ڪيائين. فتح علي جو اصل نالو بابا خان هو پر تاجپوشي مهل هو فتح علي شاهه سڏيو ويو. ان بعد آهستي آهستي هو پنهنجا لقب وڌائيندو ويو. آخر ۾ هن کي بابا خان چئي مخاطب ٿيڻ بدران هي لقب ۽ تعريفي صفتن سان نالو ورتو ويو ٿي.
ظل الله گتي ستان، سڪندر شاهان جام جاهه فريدون فار ڪسريٰ، شوڪت اسلام، پناهه شريعت، پناهه حافظ ملڪ اعظم، سلطان ابن سلطان، فتح علي شاهه قاچار....