الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

خامنائي خاتمي

ايران ۾ جيڪو اچي ٿو يا ايران کان جيڪو واقف آهي اهو امام خميني (آيت الله روح الله خميني) کان به ضرور واقف آهي، جيڪو ايران جو وڏو عالم هو جنهن ايران جي پهلوي شهنشاه ۽ ان جي غير محب وطن ۽ عوام دشمن حڪومت سان ٽڪر کائي ملڪ ۾ انقلاب آندو ۽ ان ملڪ جو سپريم ليڊر ٿي، جنهن مثالي سادگي واري زندگي ۾ رهيو ان جو اڄ جي دؤر ۾ جواب ناهي. ايران جو موجوده صدر محمود احمدي نزاد به اصول تي اٽل، سادگي جي زندگي، ايران ۽ ان جي عوام جي خدمت ڪري ايران ۽ اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ آمريڪا جهڙن سپر پاور جي پرواهه نه ڪندي هن نيوڪليئر پاور جي معاملي ۾ کتا جواب ۽ يهودي لابي خلاف بي ڊپا بيان ڏيڻ ڪري مغرب ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
امام خميني ۽ محمود احمدي نزاد جي زندگي جو احوال هن کان اڳ بيان ڪري چڪو آهيان. ايران جون ڪجهه ٻيون سياسي ۽ مذهبي شخصيتون جن جا ايران جي شهرن ۾ اڪثر وڏيون تصويرون پوسٽرن ۾ نظر اچن ٿيون ۽ ماڻهن واتان انهن جون ڳالهيون ٻڌجن ٿيون، انهن مان ٻن ٽن جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، نه ته هتي ايران ۾ ايندڙ ڪيترن کي مونجهارو ٿو رهي ته خميني ، خامنائي ۽ خاتمي ساڳيا ماڻهو آهن، ساڳيو لقب آهي يا ڪجهه ٻيو. ملڪ جو وڏو ڪير آهي.... وغيره وغيره.
خامنائي- سڄو نالو آيت الله سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو ۽ موجوده سپريم ليڊر (رهبر معظم) آهي. پاڻ 1981ع کان 1989ع تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ”وزيراعظم“ جو به عهدو هو جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون آهن ۽ صدر جيڪو پهرين فقط نالي ماتر رهيو ٿي يعني Figure Head طور ۽ سندس ڪي خاص اختيار نه هئا، هاڻ Executive ۽ Head of State آهي. هو ملڪ جو سڀ ۾ وڏو چونڊيل نمائندو آهي.
صدر کان علاوهه ملڪ جو ٻيو سربراهه ”رهبر معظم“ يعني Supreme Leader سڏجي ٿو. هو ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اٿارٽي مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريه ايران جو پهريون سپريم ليڊر هو ۽ 1989ع ۾ سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو سپريم ليڊر آهي، سندس تصويرون اڪيلي سر يا امام خميني سان گڏ جتي ڪٿي نظر اينديون. سپريم ليڊر گهڻو ڪري اهو ٿئي ٿو جيڪو عالم دين هجي.
سيد علي حسيني خامنائي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ 1981ع کان 1989ع تائين ايران جو صدر ٿي رهيو. اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ڇهه صدر ٿي چڪا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
- ابوالحسن بني صدر
- محمد علي رجائي
- علي خامنائي (سيد علي حسيني خامنائي)
- اڪبر هاشمي رفسنجاني
- محمد ختامي، ۽
- هاڻوڪو صدر: محمود احمدي نزاد
ايران جو ٻيو صدر محمد علي رجائي ڪو 14 ڏينهن صدر مس رهيو ته کيس ڪنهن بم ذريعي قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد هي اڄ وارو سپريم ليڊر علي خامنائي ايران جو صدر ٿيو هو. پاڻ 1939ع ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ آذري فئملي ۾ ڄائو. علي خامنائي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار آهي. هن جا ٻه ٻيا ڀائر به هن وانگر ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. سندس ننڍو ڀاءُ هادي خامنائي هتي جي هڪ اخبار جو قابل ايڊيٽر ۽ مولوي آهي.
علي خامنائيءَ اڃا پرائمري تعليم به پوري نه ڪئي ته سندس والدين کيس مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ موڪلڻ شروع ڪيو. مشهد جي هن مدرسي ۾ ايران جون مشهور شخصيتون حاجي شيخ هاشم قاضيويني ۽ آيت الله ميلاني هن جا معلم رهيا. 1957ع ۾ هو نجف هليو ويو جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن حسين بورجردي ۽ روح الله خميني جهڙن آيت هن جا ڪلاس اٽينڊ ڪيا. ان بعد 1963ع کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شهنشاهه پهلوي جو زمانو هو، جنهن کي اهي ڳالهيون پسند نه هيون ۽ علي خامنائي کي ڪيترا دفعا جيل به وڃڻو پيو.
علي خامنائي ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار رهيو ۽ امام خميني جي ويجهن ساٿين مان هو. تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي 1979ع ۾ استعيفا ڏيڻ بعد امام خمينيءَ علي خامنائي کي ليڊر بنايو. عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ جي ميدان ۾ به رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي هو شديد زخمي ٿي پيو. هن کي اڄ به ”زنده شهيد“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.
علي خامنائيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فيلڊ ۾ ايران جي نوجوانن کي ڪافي اڳيان آندو آهي. هن جو اهو چوڻ آهي ته زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو زخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو، ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن.
علي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن جن مان ڪجهه انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن. سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نَو واليوم تعليمي ادارن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب علي خامنائي عربي مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.
سيد علي حسيني خامنائي کان علاوه سيد محمد خاتمي به ايران جي مشهور سياسي ۽ مذهبي شخصيت آهي جنهن جو نالو ۽ تصويرون پڻ ايران ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ کي نظر اچن ٿيون.
سيد محمد خاتمي اسلامي جمهوريه ايران جو پنجون صدر هو. پاڻ ايران جو وڏو عالم، اسڪالر ۽ سياستدان آهي. ايران جي صوبي يزد جي شهر ارڌاڪان ۾ 1943ع ۾ ڄائو. سندس والد مرحوم آيت الله روح خاتمي به ايران جي وڏن عالمن مان هو ۽ ايران جي اسلامي انقلاب جي شروع وارن سالن ۾ يزد شهر جي وڏي مسجد جو خطيب هو. جتي هو جمعي نماز تي خطبو پڙهندو هو.
محمد خاتمي ٻه دفعه صدر چونڊيو ويو. پهريون دفعو 1997ع ۾ 70 سيڪڙو ووٽ کڻي اليڪشن کٽيائين. ٻي ٽرم 2001ع ۾ هن کي ان کان به وڌيڪ (78 سيڪڙو) ڪاميابي حاصل ٿي. کيس گهڻي ڀاڱي ووٽ ايراني عورتن ۽ نوجوانن ڏنا، جو هن عورتن جو درجو بهتر ڪرڻ ۽ نوجوانن جون گُهرجون پوريون ڪرڻ جو وعدو ڪيو. کانئس پوءِ اڄ وارو صدر محمود احمد نزاد صدر ٿيو. محمد خاتمي 1980ع کان 1990ع تائين ايران جو وزير ثقافت به رهيو. پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1961ع تائين قُم ۾ رهيو. ان بعد اصفهان يونيورسٽي مان ”ويسٽرن فلاسافي“ ۾ B.A ڪئي ۽ پوءِ تهران يونيورسٽي مان ”ايڊيوڪيشنل سائنسز“ ۾M.A ڪئي جنهن بعد رهيل ديني تعليم لاءِ ست سال قُم ۾ اچي پڙهيو، جتي هن اعلى ليول جي تعليم (اجتهاد) جا ڪورس مڪمل ڪيا. ان بعد هو جرمني جي شهر هئمبرگ ۾ آيو جتي جي اسلامڪ سينٽر جو هو ايراني انقلاب تائين چيئرمن ٿي رهيو.
ايران جو صدر ٿيڻ کان اڳ محمد خاتمي ايران جي پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو هو. هو ڪيهان اخبار واري اداري ڪيهان انسٽيٽيوٽ جو سپروائيزر به ٿي رهيو. پاڻ ايران جي قومي لئبرري جو 1992 کان 1997 تائين هيڊ ٿي رهيو. ۽ 1992 کان 1997 تائين سپريم قونصل آف ڪلچرڪ روالوشن، جو ميمبر به ٿي رهيو. کيس ايران جي پهريون Reformist صدر چيو وڃي ٿو ۽ هن جي صدارت وارن ڏينهن ۾ ايران جي خارجي پاليسي Confrontation واري فيز مان نڪري Conciliation ۾ داخل ٿي.
محمد خاتمي هڪ وڏو اسڪالر به آهي. هن جي ريسرچ فيلڊ جو سبجيڪٽ Political Philosophy رهيو. جواد طاباطابائي جهڙا سياسي فلاسفر به سندس ٽيچر ٿي رهيا آهن. خاتمي پاڻ به تربيت مدارس يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل فلاسافي پڙهائي ۽ ان سبجيڪٽ تي 1999ع ۾ سندس ڪتاب به ڇپيو. پاڻ فارسي کان علاوه عربي، انگريزي ۽ جرمن زبانن جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ سندس مختلف زبانن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان انگريزي ڪتاب Islam, Liberty and Development: ۽ عربي ۾: ”مطالعات في الدين والاسلام والعصر “ ۽ ”مدينهة السياسة“ مشهور ڪتاب آهن. سندس فارسي جا ڪيترائي ڪتاب ايران جي تعليمي ادارن ۾ به پڙهايا وڃن ٿا جيئن ته:
 بيم موج (لهر جو خوف)
 دنيا از دنيا شهر تا شهر (دنيا جي شهر کان شهر جي دنيا تائين)
 مردم سالاري (ڊيمو ڪريسي)
 گفتگوي تمدنها Dialogue amoing Civi lizations
 نامھ اي بر اي فردا (سڀاڻي لاءِ خط)
 زنان و جوانان (عورتون ۽ نوجوان)
وغيره وغيره.
محمد خاتمي سان ملڪ جي نوجوانن جي هڪ گڏجاڻي واري واقعي جي ايران توڙي دنيا ۾ ڪافي مشهوري ٿي، جنهن جي آرگنائيزر ۽ انائونسر ايران جي هڪ نوجوان ۽ مشهور فلم ائڪٽريس ”پيگاه آهن گراني“ هئي. هي فنڪشن 22 ڊسمبر 2005 ع ۾، جڏهن محمد خاتمي کي صدارت جي ڪرسي ڇڏي ڪجهه مهينا ٿي ويا هئا، ايران جي ماهوار مئگزين ”چيلچراغ“ ۽ ايران جي نوجوان آرٽسٽن سابق صدر جي مان ۾ هن فنڪشن جو تهران ۾ بندوبست ڪيو هو. هي فنڪشن جيڪو هڪ Concert لڳي رهيو هو جنهن ۾ خاتمي هڪ پاپ اسٽار لڳي رهيو هو. IRNA, BBC ۽ ٻين نيوز ايجنسين هن گڏجاڻي جو نالو The Man With the Chocolate Robe (فارسي ۾: مردي باعباي شڪلاتي.) مشهور ڪيو هو. ڪيترن ملڪي ۽ غير ملڪي رسالن ۾ هن فنڪشن جو هڪ فوٽو جنهن ۾ محمد خاتمي جي هڪ پاسي ”پيگاه آهن گراني“ بيٺل آهي ته ٻئي پاسي ”باران ڪوساري“ نظر اچي رهي آهي.
محمد خاتمي جي شادي 31 ورهن جي ڄمار ۾ 1974ع ۾ مذهبي قانون جي مشهور پروفيسر جي ڌيءَ ۽ موسى الصدر جي ڀاڻيجي زهرا صادقي سان ٿي. جنهن مان هن کي ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي. وڏي ليلا، جيڪا 1975ع ۾ ڄائي، اڄڪلهه مئٿس جي پروفيسر آهي. ٻيو نمبر نرگس (ڄم جو سال 1982ع) ۽ پٽ عماد (ڄم جو سال 1988ع) آهي. هنن هڪ ٻار مهدي نالي نپايو پڻ آهي.
ايران جي سياستدانن جي هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي وڃي ته هو مئٽرڪ فيل يا ٺڳ يونيورسٽين جا ڪوڙا گرئجوئيٽ نه آهن. گهڻو اڳ پنهنجي ملڪ جي هڪ سياستدان (جيڪو هينئر مرحوم ٿي چڪو آهي) کان جڏهن پڇيو هوم ته هو ڇا پڙهيل آهي ته هن ٽهڪ ڏيندي چيو هو: ”مئٽرڪ فيل بي اي پاس آهيان.“
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
”اهو هن ريت“ هن وراڻيو ”مئٽرڪ انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪئي هيم. امتحانن ۾ سختي هئي. ڪاپيءَ جو بندوبست نه هو. فيل ٿي پيس. B.A پاڪستان ٺهڻ بعد ڪيم.“
بهرحال ايران جي وزيرن ۽ سياستدانن کي ٿو ڏسان ته هو نه فقط ديني مدرسن مان اعلى مذهبي تعليم حاصل ڪيل آهن پر ملڪ جي مٿانهين يونيورسٽين جا گرئجوئيٽ پڻ آهن نه رڳو پاڻ پر سندن ڀائر ڀينرون ۽ اولاد پڻ. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڪيترن ئي وڏيرا ٽائيپ وزيرن ۽ سياستدانن جا ٻار لوفر ٿيو پيا هلن. يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ داخلا ضرور وٺن ٿا پر نه پاڻ ٿا پڙهن نه ڪنهن غريب کي ٿا پڙهڻ ڏين. ايران جي هن سابق صدر محمد خاتمي کي ئي ڏسو ته هن پنهنجي اڌ عمر قُم جي ديني مدرسن ۽ اصفهان ۽ تهران جي يونيورسٽيز مان علم حاصل ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي. سندس هڪ ڀاءُ علي خاتمي جيڪو بزنس مئن آهي، اُن بروڪلن (نيويارڪ) جي يونيورسٽي مان انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ M.E ڪئي. ٻيو ڀاءُ تهران يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ ڊاڪٽر رضا خاتمي، ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر رضا جي شادي ايراني انقلاب جي باني امام خميني جي ڏهٽي زهرا اشراقي سان ٿي آهي. هوءَ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ (Activist) آهي.
صدر محمد خاتمي جي ڀيڻ فاطمه خاتمي به تهران يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ آهي ۽ هوءَ ارڌاڪان سٽي ڪائونسل جي پهرين عورت نمائنده هئي. هن 1999 ع واري اليڪشن ۾ کٽيو هو.