الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

ٿورو کُٽيو، گهڻي برڪت

قُم شهر ۾ اسان جي گروپ مان اڌ کان وڌيڪ مين روڊ، خيابان اراڪ تي، اپارتمان ارڌال ۾ رهيا. باقي ڏهاڪو کن جن ۾ آئون به شامل هوس انهن کي ڀرواري گهٽيءَ ۾ هوٽل نگين قم ۾ ڪمرا مليا. هر ڪمري ۾ ٻه بيڊ هئا ۽ هوٽل ڇهه ماڙ ۽ بلڪل نئين هن سال ٺهي آهي. بلڪه پراڻي هوٽل ڊاهي نئين ٺاهي وئي آهي، جو هوٽل جي نوجوان مالڪ سان اسان جو گائيڊ محمد علي جنهن نموني سان ڳالهائي رهيو هو، ان مان اندازو ٿيو ته هو پاڪستاني زائرين کي شروع کان ئي هن هوٽل ۾ رهائين ٿا. اسين نو ڄڻا هئاسين. جن ۾ هڪ ڪئناڊا کان آيل پاڪستاني جوڙو ۽ سندن ٻه ٻار هئا، انهن کي پنجين فلور تي ڪمرو مليو. چار عورتون هيون، انهن کي چوٿين فلور تي ٻه ڪمرا مليا. باقي رهجي ويس آئون اڪيلو، سو مون کي شروع ۾ ئي Idea ٿي وئي ته هن Situation ۾ مونکي پڪ اڪيلو ڪمرو ملندو. ههڙي قم يا مشهد يا مڪي مديني يا بنارس هردوار جهڙن شهرن ۾ جتي هزارين لکين ماڻهن جي اچڻ ڪري رهائش وڏو مسئلو ٿئي ٿو، اتي ههڙي نئين هوٽل ۾ اڪيلو ڪمرو ملڻ وڏي خوش نصيبي ٿي. پر اهو آهي ته جڏهن چاٻيون کڻي پنهنجن ڪمرن ڏي هلياسين ته خبر پيئي ته منهنجو ڪمرو ته ماڳهين Basement ۾ آهي ۽ مٿين جي ڪمرن اندر چانهه ٺاهڻ لاءِ چلهه به آهي، پر منهنجي ڪمري ۾ اها به نه! آخر ٿوري دير بعد هوٽل جي ان نوجوان مئنيجر کي اچي چيم ته مون کي بيسمينٽ بدران مٿاهين فلور تي ڪمرو ڏئي. پر هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي نه. ڪلاڪ کن بعد محمد علي پنهنجي هوٽل مان اسان جي خبر چار لهڻ آيو، تنهن سان ڳالهه ڪيم ته هن ٻڌايو ته .مٿي ٻيو ڪو ڪمرو خالي آهي ئي ڪونه. مون چاهيو ٿي ته توکي ڪو مٿي ڪمرو ڏياريان ۽ ٻن عورتن کي اهو تو وارو ڏياريان، پر هيٺ بيسمينٽ ۾ باقي ڀر وارا جيڪي ٽي ڪمرا آهن، انهن ۾ عراق کان آيل زائرين عرب آهن. ان ڪري انهن جي وچ ۾ اڪيلي ڪمري ۾ عورتن کي رکڻ مناسب نه سمجهيم. مون سندس ڳالهه سمجهي ورتي پر چرچي طور چيومانس ته محمد علي چئبو ته ڪو عرب حج يا زيارت تي اچي ته به ان تي ڀروسو نه ڪجي، ائين نه؟ هو کلڻ لڳو ۽ هوٽل جي مئنيجر جي ٻڌايل فارسي ۾ ڳالهه مون کي ترجمو ڪري اردو ۾ ٻڌائي ته هي ٿو چوي ته سڀاڻي پنجين فلور تي ڪمرو خالي ٿيندو ۽ آئون قم ۾ رهائش جا باقي ڏينهن ان ۾ رهي سگهان ٿو.
رات جو ٿڪل هوس جلدي سمهي رهيس. صبح جو اٿي ڏسان ته سڀ کان گهڻي سک ۾ اسان هيٺ بيسمينٽ ۾ رهڻ وارا آهيون جو هيٺين چئن ڪمرن لاءِ هڪ وڏو ڪچن، ڊائننگ روم ۽ ٽي وي لائونج آهي. ڪچن ۾ چانهه ٺاهڻ لاءِ پهتس. ڀرواري ڪمري ۾ رهندڙ عراقي عرب زال مڙس کيڪاريو ۽ 12 ڪيوبڪ فٽ جي فروٽ، کير ۽ ٻين شين سان ڀريل فرج کولي ٻڌايو ته هي سڀ اسان کان اڳ هتي رهندڙ عرب ڇڏي ويو آهي ته پوءِ ايندر يعني اسين کائون. هي عراقي عرب به ڪي امير ٿي لڳا جو مون ڏٺو ته هر دفعي ٻاهران اچڻ مهل هنن انگورن ۽ ڪيلن جي ڇٻي، مٺائي ۽ بسڪٽ وغيره اچي ڊائننگ ٽيبل تي رکيا ٿي ۽ نه رڳو اسان هيٺ رهندڙن کي پر هوٽل جي مئنيجر، ڪلارڪ ۽ گارڊ کي به اتان کڻي کائڻ لاءِ چوندا رهيا ٿي. ان کان علاوه هيٺ اسان جي ڪمرن ٻاهران ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ واشنگ مشين ۽ استري پڻ رکيل هئي، جيڪا مٿيان پڻ هيٺ اچي استعمال ڪندا هئا. نتيجي ۾ مون کي قم ۾ رهائش جا باقي ڏينهن ان ئي ڪمري ۾ رهڻو پيو.
هوٽل جي نوجوان مئنيجر محمد عرب جيڪو هوٽل جو مالڪ به هو، ان کي انگريزي فقط يس، نو يا ايڪسڪيوزمي تائين آئي ٿي پر منجهند جو سندس زال طوبا ويٺي ٿي جنهن کي تمام سٺي انگريزي آئي ٿي ۽ تمام وڏي اعتماد سان اسان پاڪستانين سان، جن کي فارسي نٿي آئي، انگريزي ڳالهائين ٿي. مونکي بيحد عجيب لڳي رهيو هو جو هتي اچڻ کان اڳ ايران بابت مغربي ميڊيا ذريعي مون اها ئي ڄاڻ رکي ٿي ته ايران هڪ غير ترقي يافته ۽ جاهلن جو ملڪ آهي، اتي عورتون قيد جي زندگي گذارين ٿيون، پر طوبا جهڙا مثال ته پاڪستان ۾ به نٿا ملن، جتي نه فقط عورتن جو ايڏو وڏو تعداد سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين ۾ آهي ۽ نه وري اتي عورت ذات ايتري حفاظت ۾ آهي جيتري ايران ۾. بلڪ ايران جي عورت جيترو خوش، آزاد ۽ حفاظت ۾ زندگي گذارڻ واري ماحول ۾ رهي ٿي ايترو ته يورپ ۽ آمريڪا جي عورت به ناهي. بهرحال اهڙين ڳالهين جي ڄاڻ ۽ حقيقت جي آگاهي هتي اچي پوي ٿي. طوبا ڊيوٽي مهل روسري (حجاب) سان فقط مٿو ڍڪي ويٺي ٿي، البت سندس فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيومانس ته خاني مان ڪاري چادر ڪڍي ان سان فوٽو ڪڍرايائين. يا جڏهن ڪار ۾ گهر ويئي ٿي ته پاڻ کي چادر ۾ ويڙهي ويئي ٿي. آخري ڏينهن تي اسان جي گائيڊ سلمان رضويءَ ٻڌايو ته هن هوٽل جو اصل مالڪ محمد عرب نه پر سندس زال طوبا آهي. طوبا جو پيءُ قم جي امير ماڻهن مان آهي. سلمان اهو به ٻڌايو ته هن کي قم ۾ ٽي چار هوٽلون آهن. هيءَ هوٽل ۽ ٻاهر ڪنڊ تي جيڪا هوٽل ٺهي رهي آهي اها به هن جي (آغا طباطبائي جي) آهي. هيءَ نگين قم هوٽل هن پنهنجي ڌيءَ طوبا کي ڏيج ۾ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي پاڻ ۽ سندس مڙس محمد عرب هوٽل جي مئنيجري به ڪن ٿا. اسان جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست اسان جي ٽريول ايجنٽ حوالي آهي، پر مون محمد عرب کان هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ جو پڇيو ته هن ٻڌايو ته ان ڪمري جي مسواڙ پاڪستاني هڪ هزار روپيا آهن، يعني ٻه ماڻهو رهڻ سان هر هڪ کي 500 رپيا ڏيڻا پون ٿا. منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ مسواڙ تي حيدرآباد جي هوٽلن جي آهي، جتي هڪ طرف ڪموڊ جو شئنڪ ۽ ايئرڪنڊيشنر صحيح ڪم نٿو ڪري ته ٻئي طرف درن ۽ درين جي پردن سان ڪمرن ۾ رهندڙ مهمانن ۽ هوٽل جي بئرن سنگهون ۽ بوٽ صاف ڪري ڪري گدلا ۽ بدبودار بڻائي ڇڏيا آهن ۽ جتي (يعني حيدرآباد ۾) ڪمري جي غاليچن تي نماز ٿي پڙهيم ته هوٽل جي بئري چيو ”سائين ٽوال وڇائي نماز پڙهو، ٽي سال ٿيا آهن غاليچا ڌئاريا نه ويا آهن خبر ناهي ڪيترن ٻارن ان تي هنگيو مُٽيو هوندو.
ايران ۾ جهڙو رهائش جو آسان صاف سٿرو ۽ سستو بندوبست آهي اهڙو ئي کاڌي پيتي جو آهي. اسان وٽ نخرو ۽ ڊرامي بازي گهڻي آهي. ملڪ ۾ ٻارهو ئي گرمي لڳي پئي آهي پر انگريز ۽ يورپين کي ڏسي ماني کان اڳ گرم گرم سوپ Serve ڪيا ويندا آهن، جيڪي هوٽل يا ريسٽورينٽ جي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ سڳنڌ واري ماحول ۾ اسان چرين کي بيحد پسند ايندا آهن، پر آءٌ هميشه اهو ئي چوندو آهيان ته خدا جا بندوء! ذرا ڪڏهن هوٽل جي پٺئين در کان لڪي وڃي ان هوٽل جو بورچيخانو به ته ڏسو جتي گرمي ۽ گهٽ واري ماحول ۾ گنجي ۽ سخت ميري سٿڻ ۾ ملبوس پگهر ۾ شل بورچي جنهن Unhugenic حالت ۾ ڪڪڙن جا انڊا گجيون وجهي توهان لاءِ سوپ يا ڪو ٻيو ٻوڙ پيو رڌي، ڏسي وٺو ته ڪڏهن به نه کائو. توهان رڳو هوٽل جي بورچين ۽ بئرن جو باٿ روم وڃي ڏسو، توهان کي نه صابڻ نظر ايندو ۽ نه ٽوال! باٿ روم جي در وٽان اڳٺ ٻڌندا اچي توهان جي سلاد لاءِ ٽماٽا ۽ ونگيون ڪٽيندا. انهن هٿن سان توهان لاءِ ماني پچائيندا ۽ توهان حقيقت ۽ صحت جي اصولن کان اڻ واقف پنهنجي حساب ۾ پاڻ کي انگريز سمجهي خوش پيا ٿيو. مرغي جي گوشت جون جيڪي سئنڊوچون ۽ شاشلڪ کائي گد گد ٿيو ٿا اهو گوشت به خبر ناهي تازي ڪٺل ڪڪڙ جو آهي يا ٻن ڏينهن جو پاروٿو آهي، يا ماڳهين ڪنهن بيمار ۽ مئل ڪڪڙ جو آهي! پاڻ وٽ ولايت وانگر هوٽل بند ڪرڻ وقت بچيل ٻوڙ ۽ ڀاڄيون نه اڇلايا ٿا وڃن ۽ نه سستي اَگهه تي نيڪال ڪيا ٿا وڃن. فرج ۾ رکي ٻئي ڏينهن هلايا ٿا وڃن ۽ اها ته توهان کي خبر آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لائيٽ ئي ڪانهي، اهڙي حالت ۾ فرج هڪ لوهه جو ڪٻٽ آهي جنهن ۾ ٻئي ڏينهن شام تائين ٻوڙ رکڻ سان ان ۾ زهريات ۽ بدبوءِ پيدا ٿيو پوي. پر اسان جي ماڻهن کي وڏو ماڻهو ٿيڻ جي شوق ۾ ڪٿي آهي اهو هوش، ته اهڙي هوٽل جي ماني کان گهر جي دال ڀت رڌي کائي ڇڏجي يا پڪوڙي سان نان کائي ڇڏجي ته سٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ جي هوٽلن ۾ ڪو ڌارئين ملڪ جو ماني کائي ٿو ته اهو ته بيمار ٿئي ٿو پر پنهنجي ملڪ جو به پيٽ وٺيو ويهيو رهي، پر ايران، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي هوٽلن ۾ اسين ڌاريان ته ڇا Scandinavian ملڪن (سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ) جا گورا ماني کايو وڃن ته بيمار نٿا ٿين ڇو جو هتي ڏسان پيو ته هوٽلن ۾ شوشا يا نموني بازي گهٽ آهي. هو شيءِ صاف سٿري ۽ صحت جي اصول مطابق آهي ۽ هر شيءِ اکين اڳيان ٺهندي نظر اچي ٿي، پر جي ٻي ڪمري ۾ ٺهي پئي ته به هرڪو ڏسي سگهي ٿو. مون شروع جي ڏينهن ۾ ئي هوٽلن جا رڌڻا ڏٺا ته اهي توڙي ان ۾ ڪم ڪندڙ بورچي مون کي جتي ڪٿي صاف سٿرا نظر آيا. چلو ڪواب گهرائڻ سان جيتوڻيڪ خالي پليٽن جي ڍير رکڻ بدران هڪ ئي پليٽ ۾ چانورن مٿان ڪواب رکي ڏنو وڃي ٿو پر هر شيءِ مناسب اگهه تي ۽ سوادي ڏني وڃي ٿي. بقول هڪ ريسٽورنٽ جي مالڪ جي، اسين ٿورو کٽيو گهڻي برڪت ۾ يقين رکون ٿا.