وڃڻ کان اڳ ايران بابت رايو
اهو به سوچيو ٿي ته منهنجو پاسپورٽ ڏسي (جنهن تي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جو جيڪي ايران کي صبح شام گاريون ڏين ٿا. ويزائون لڳل آهن) مون کي ته تهران مان ئي نه واپس ڪري ڇڏين. آخر ڇو نه ڪن جڏهن آمريڪا جهڙو ههڙو طاقتور ملڪ (جنهن کي ايران جهڙي ملڪ جي ته پرواهه ئي نه هجڻ کپي) اهو جڏهن ڪنهن مسافر جو ٻڌي ٿو ته هو ايران مان ٿي آيو آهي ته هن کان سندن ڌرتي تي پهچڻ تي ڏهه سوال ڪيا وڃن ٿا. پر تعجب جي اها ڳالهه ته ايران پهچڻ ۽ ايران ۾ رهڻ دوران مون کي ايتري به تڪليف يا رڪاوٽ پيش نه آئي جيتري ڪنهن ٻئي مسلمان عرب ملڪ ۾ ٿئي ٿي، پاڪستان مان وڃڻ وقت يا موٽڻ وقت به ڪافي گهل ٿئي ٿي. هتي ايران ۾ اها به نه ٿي، ڄڻ ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو هوس. جتان جيڏانهن وڻيم بس، رڪشا، ٽانگي يا ٽرين ۾ آرام سان هليو وڃان. ڪڏهن ڪنهن پاسپورٽ جو به نه پڇيو. ايئرپورٽ مان نڪرڻ ۾ به منٽ ٿي ويا. اميگريشن جو ٺپو هڻڻ واري توڙي Entry ڪرڻ واري جو ڪمپيوٽر خراب نه هو، جيڪا مصيبت اڪثر عرب ملڪ ۾ ٿئي ٿي ۽ پئسنجر ٻگهه پکي وانگر ڪڏهن هڪ ٽنگ تي ڪڏهن ٻي ٽنگ تي بيٺو انتظار ڪري جيسين ڪو فلپينو يا مصري اچي ڪمپيوٽر کي ٺيڪ ڪري ڇو ته عربن کي ته اهي ڪم اچن ڪونه. پر ايراني ان معاملي ۾ تيز آهن. ڪن ڳالهين ۾ هو يورپين کان به تکا آهن. ان ڳالهه جي شاهدي آءٌ به ڏئي سگهان ٿو. جڏهن سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ اسان پوسٽ گرئجوئيشن ڪري رهيا هئاسين ته هي ڪمپيوٽر PC ٽائيپ نوان نوان نڪتا هئا. ٿيسز لکڻ لاءِ تن ڏينهن جا اوائلي پروگرام استعمال ڪبا هئا. ”ورڊ پرفيڪٽ“ انهن ڏينهن ۾ اڃا نڪتو هو، سو به آمريڪا ۾ هو، يورپ پاسي اڃان نه پهتو هو، نه ڪنهن ۾ همت هئي ته اتان cd گهرائي. جنهن جي قيمت انهن ڏينهن ۾ ٽيهه هزار رپيا کن هئي. يونيورسٽي جا ڇهه ايراني اسٽوڊنٽ مون وٽ آيا ته هنن مان هڪ کي اهو پروگرام اچي ٿو ۽ هو ڦوڙي ڪري اها cd آمريڪا مان گهرائين ٿا جنهن ۾ هو مون کي به شامل ڪرڻ چاهين ٿا آءٌ خوش نصيب چئبس جو مون هنن کان سکي ورتو ۽ اسان پنهنجي ٿيسز بهتر نموني سان ٽائيپ ڪري ورتي. جنهن ڳالهه اسان جي يورپي ساٿين کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. بهرحال اڄ جي دور ۾ ته الائي ڪهڙا ڪهڙا پروگرام نڪري پيا آهن ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي ڪاپي رائيٽ جي سختي ناهي اتي ته 40 رپين کان به گهٽ اگهه تي cd ملي ٿي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عام ٿي وئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ۽ عرب ملڪ اڃان به سست رفتاري سان اڳيان وڌون پيا پر انڊيا ۽ ايران ته حيرت انگيز ترقي ڪري ورتي آهي نه رڳو ڪمپيوٽر ۾ پر هر فيلڊ ۾. تڏهن ته ايران جهڙو ننڍڙو ملڪ پاڻ کان طاقتور ملڪن سان اکيون ملائي ڳالهائي سگهي ٿو.
هوائي جهاز ۾ چڙهڻ وقت مون کي حيرت ٿي جڏهن هوائي جهاز جي در وٽ اسان مسافرن جو آڌرڀاءُ ايراني ايئر هوسٽس ڪيو. مون سمجهيو ته ايران جي جهاز تي مسافرن جو خيال رکڻ يا Save ڪرڻ لاءِ مرد اسٽيورڊ ئي هوندا پر هتي ته عام اڏامن وانگر ايئر هوسٽس ڇوڪريون ئي هيون. ائين به نه ته ڪي پوڙهيون يا چٻيون سٻيون هيون، ننڍيون نيٽيون ۽ بيحد خوبصورت هيون. ايران جا ماڻهو رنگ ۾ يورپين وانگر سفيد ته آهن ئي ڀر ۾ ويٺل رحمت علي به شايد اهائي ڳالهه سوچي رهيو هو جو جيئن ئي ايئر هوسٽس ٽڪيٽون ڏئي وئي ته هن چيو ”جنهن ملڪ ۾ عورتن کي ايئر هوسٽس ٿيڻ جي اجازت آهي ان لاءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته اتي جي عورتن کي گهر ۾ قيد رکيو ويو آهي.“
رحمت علي به مون واري گروپ سان گڏ ايران هلي رهيو آهي. هي هن گروپ کي قافلو ٿا سڏين ڇو جو ٽيهن ڄڻن جي قافلي جو ايران وڃڻ فقط ان مقصد سان آهي ته اتي جي پاڪ جاين جي زيارت ڪجي. رحمت علي گذريل 14 سالن کان ڪئناڊا ۾ رهي ٿو. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي ۽ هينئر هو ٻارن ۽ زال سان گڏ ايران هلي رهيو هو. هو به مون وانگر گهٻرايل هو ڇو جو هن جي دماغ ۾ به ايران بابت فقط منفي ڳالهيون ويٺل هيون ۽ هر ان ڳالهه هن کي به مون وانگر حيرت ۾ ٿي وڌو، جيڪا دماغ ۾ پهرين کان ويٺل ڳالهين جي ابتڙ درپيش آئي ٿي. هن ايران جي عورتن بابت اهو ئي سوچيو هوندو ته هو به افغان عورتن وانگر برقعو پائي ٿيون هلن. بلڪ سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺيون آهن. ڪنهن ضروري ڪم لاءِ گهر جي پوڙهي برقعو پائي ٻاهر ئي نڪري ۽ هن جو ڪنهن مرد سان ڳالهائڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. پر هوائي جهاز ۾ ايئر هوسٽس ۽ تهران جي ايئرپورٽ تي اميگريشن ۽ ڪسٽمس ۾ اڌ کان وڌيڪ عملو عورتن تي مشتمل ڏسي اسان کي اڃان به وڌيڪ حيرت ٿي. هو تمام سٺي انگريزي ۾ ۽ تمام ڦڙتي سان هر ڪم سرانجام ڏئي رهيون هيون ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هلڻ ۾ به سمارٽ لڳي رهيون هيون. منهنجو مطلب آهي ته اسان جي ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرين وانگر Lazy نه هيون جن سان ڳالهاءِ يا معلومات خاطر ڪجهه پڇ ته ڄڻ ته ڪي بيبيون هجن جن جو ڪم رڳو ڌاڳو شوڪاري ڏيڻ آهي.
بهرحال اڄ آءٌ خوش هوس جو آءٌ اهڙي ملڪ ڏي وڃي رهيو هوس جيڪو اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي. جيڪو خوبصورت آهي. جنهن ۾ ڪيترائي ولي، اولياءَ، حاڪم شهنشاهه ۽ اديب شاعر ٿي گذريا ۽ جنهن ملڪ آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ کي ڇتو ڪري رکيو آهي.
اسان جو سفر ايران جي قومي هوائي ڪمپني ايئر ايران جي هوائي جهاز ذريعي ٿي رهيو هو جنهن جو جهاز هر اربع ڏينهن تهران کان ڪراچي هڪ بجي پهچي ٿو ۽ اڍائي بجي ڌاري ڪراچي کان مسافر کڻي ٽن ڪلاڪن جي سفر بعد چئين بجي ڌاري تهران پهچي ٿو. ايران ۽ پاڪستان جي وقت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو فرق آهي ۽ تهران جيئن ته ڪراچي کان گهڻي مٿانهين ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي (اسلام آباد کان به گهڻو مٿي اتر ۾ آهي) ان ڪري اڄڪلهه جي سياري جي موسم ۾ ڪراچي کان اڌ منو ڪلاڪ کن اڳ ۾ سج لهي ٿو. يعني اڄڪلهه ڪراچي ۾ پوڻي ڇهين بجي سج لهي ٿو ته تهران ۾ مڪاني وقت موجب پنجين بجي سج لهي ٿو سو ان ڏينهن اسان جو جهاز جيئن ئي تهران جي ايئرپورٽ تي لٿو ته سج لهڻ تي هو ۽ جيسين اميگريشن ۽ ڪسٽم مان ڪليئر ٿي ٻاهر نڪتاسين ته سج لهي ويو هو ۽ ڪراچي جي مقابلي ۾ ڪافي ٿڌڪار محسوس ٿي رهي هئي. ڪراچيءَ مان نڪرڻ وقت ٻانهن تي رکيل جيڪو سيئٽر ۽ گرم ڪوٽ کائي رهيو هو ۽ اهو پئي سوچيم ته هي اجايو بار کڻي ٿو هلجي، اهو هاڻ وڻڻ لڳو هو ۽ سيئٽر پائي الله جا شڪر ڪيم ته سٺي مت آئي جو کڻي نڪتس نه ته ههڙي سيءُ ۾ گهمڻ جو مزو نڪري وڃي ها ۽ مشهد ۾ ته اڃان به وڌيڪ سيءُ هوندو. مشهد جيڪو اسان جي ايران ۾ پهرين منزل ٿيندو، اهو اڃان به وڌيڪ اتر ۾ آهي. ياد رهي ته ڪراچي 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي، لاهور ساڍن 31 تي، پشاور 34 تي، تهران ان کان به مٿي اتر ۾ 35 ڊگرين تي آهي ۽ مشهد 36 تي، جيئن جيئن مٿي اتر قطب ڏي وڃبو ته (Latitude) وڌندو ويندو ان سان گڏ ٿڌڪار به وڌي ٿي پر ڏينهن جي Daration گهٽبي ويندي جي سياري وارا مهينا آهن ته ۽ جي اونهاري وارا مهينا آهن ته جيئن جيئن اتر ۾ وڃبو ته رات ننڍي ۽ ڏينهن وڏو ٿيندو ويندو. ڊسمبر جي مهيني ۾ سئيڊن جي شهر اسٽا ڪهوم ۾ (جيڪو 60 ڊگرين کان به مٿي آهي) ڏينهن پنج ڪلاڪن جو مس ٿئي ٿو ۽ رات 19 ڪلاڪن جي سنگاپور ۽ ڪوالا لمپور جهڙن شهرن ۾ جيڪي خط استوا (يعني زيرو ڊگري (Latitude)) جي ويجهو آهن. ٻارهوئي، چاهي ڊسمبر هجي يا جون جولاءِ، ڏينهن رات هڪ جيڏا، ٻارهن ڪلاڪن جي لڳ ڀڳ ٿين.
ڪراچي کان تهران وڃڻ کان اڳ مون اهو معلوم ڪرايو ته جي پنهنجي ملڪ جي هوائي ڪمپني PIA جي ڪا اڏام ويندي هجي ته جيڪر ان ۾ سفر ڪجي. اهو ته چئي نٿو سگهجي ته اسان جا جهاز ايران نه ويندا هجن. مون کي ياد آهي ته اڄ کان ويهارو سال اڳ ملائيشيا جي شهر ملاڪا (جتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ اٺ سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو) ۾ هڪ ٽريول ايجنٽ جي آفيس جي شيشي جي در تي PIA جو هڪ پوسٽر لڳل هوندو هو جنهن تي ايران جي مشهور شاعر عمر خيام جي مقبري جي تصوير لڳل هئي جنهن تي سهڻي چٽسالي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. پوسٽر تي PIA جي اڏام جو لکيل هوندو هو. پر هاڻ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته PIA جي ايران ڏي اڄڪلهه اڏام بند آهي. ان بابت مون کي منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ خالد مخدوم فون ڪري ٻڌايو.
”اڄڪلهه بند آهي! “مون طنز طور ڪندي خالد کي چيو.
”ها خبر ناهي ڪڏهن شروع ٿئي. “هن وراڻيو، ”ڪوالا لمپور ڏي اڏام به بند آهي. ٽوڪيو ڏي به بند آهي....“
”تڏهن ته مون ظفر خان کي PIA جو چيئرمن ٿيڻ تي مبارڪ ڏيڻ بدران عذر خواهي ڪئي.“ مون چيومانس اسان جو دوست ظفر خان نه رڳو اسان جو انٽر تائين ڪلاس ميٽ هو پر خالد مخدوم جو روم ميٽ به هو. رٽائرمينٽ جي جڏهن ويجهو پهتاسين يعني سٺ سالن جا ٿياسين ته اسان سڀني پوڙهن ۾ ظفر خان سمارٽ ۽ صحتمند هو. ظفر تمام قابل ۽ محنتي ماڻهو آهي پر PIA جنهن تباهه ٿيل حالت ۾ کيس هلائڻ لاءِ ڏني وئي آهي ان ۾ خالد مخدوم کي ڊپ آهي ته ظفر کي هاڻ بلڊپريشر ڄاڻ ته ٿيو. بهرحال خالد جي گهر تي اڃان به مون کي شڪ هو ته PIA جي ايران ڏي اڏام بند ٿيل آهي. پر پوءِ مشهد ۾ اوچتو PIA جي ميئنجر جعفري صاحب سان ملاقات ٿي وئي.
”مون ته ٻڌو آهي ته ايران لاءِ PIA سروس بند ٿي وئي آهي.“ مون پڇيومانس.
”ها. صحيح ٿا چئو،“ هن وراڻيو، ”ڪافي عرصي کان نقصان ۾ پئي وئي سو بند ڪئي وئي. باقي آفيس ۽ اسٽاف هتي ايران ۾ موجود آهن.“
خبر ناهي اسان جي قومي هوائي ڪمپني جي ايران لاءِ سروس ڪڏهن شروع ٿئي تيسين مشهد ۽ تهران جي اسٽاف ۽ آفيس جو خرچ حڪومت کيسي مان پئي ڀري جيڪو خرچو ڦري گري اسان عوام کي ٽئڪس ۾ ڏيڻو ٿو پوي.