الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

ڪلاس ميٽ اسلام مصطفى جي وري آئي ياد...

گذريل صدي جي آخري ڏهي کان پاڪستان ۽ ايران جون تيزي سان بدلجندڙ حالتن ڪري ڪجهه سستي آئي آهي، نه ته ايران ۽ پاڪستان جا هڪ ٻئي سان ايترو ته ويجها تعلقات پئي رهيا آهن، جو شايد ئي پاڪستان جا ڪنهن ٻئي ملڪ سان هجن. سعودي عرب به اسان لاءِ هڪ مسلمان دوست ملڪ آهي پر اهو نه ايران وانگر پاڙيسري ملڪ آهي ۽ نه وري سياسي ۽ سماجي طرح اتي جي حڪومت يا عوام اسان کي اهڙو پنهنجو سمجهي ائين دل ۾ جايون ڏنيون هجن ۽ ايرانين وانگر ڪو عرب اچي اسان جي ملڪ ۾ رهي پوي ۽ پاڻ کي پاڪستاني سڏائي- ان جا مثال شايد ئي ڪي ملندا هجن پر ايران جا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ ۽ اسان جا ماڻهو ايران ۾، صدين کان رهائش اختيار ڪندا رهيا آهن، شاديون مراديون ڪندا رهيا آهن، جن جا ڪيترائي مثال هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ ڏئي چڪو آهيان. اهڙن ماڻهن ۾ ٻه منهنجا ڪلاس ميٽ به اچي وڃن ٿا، جن ايران مان شادي ڪئي ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائون ۽ ايران جي عوام توڙي حڪومت هنن کي سيڪنڊ ڪلاس شهري سمجهڻ بدران هنن کي پنهنجو پٽيلو ۽ پنهنجو شهري سمجهي لک عزتون ڏيندي رهي آهي. انهن مان هڪ منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو دوست خالد هاشماڻي آهي. محمد صالح ميمڻ جي پٽ خالد جو اصل ڳوٺ مٽياري آهي پر هو ڄائو ۽ وڏو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ ٿيو. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي مان B.E ڪيائين. پوءِ ايران ۾ نوڪري ڪيائين ۽ اتي ئي شادي ڪري رهائش اختيار ڪيائي ۽ هينئر هو واشنگٽن ڊي سي ۾ رهي ٿو. سندس ۽ سندس ڀيڻوئي انڪم ٽئڪس ڪمشنر محمد اقبال جماڻي جو تفصيلي احوال آمريڪا واري سفرنامي ”نيوهالا کان نيويارڪ“ ۾ ٿي چڪو آهي ان ڪري هتي ان کي ورجائڻ مناسب نٿو سمجهان.
منهنجو ٻيو ڪلاس ميٽ جنهن ايران مان شادي ڪئي ۽ اتي رهائش اختيار ڪئي اهو منهنجو چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ اسلام مصطفى آهي. اسلام مصطفى چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) ۾ مون وانگر مئرين انجنيئرنگ جو ڪيڊٽ هو ۽ اسان هاسٽل ۾ توڙي کڻي مختلف بلاڪن ۾ رهندا هئاسين (هو ميزن ٽاپ ۾ آئون مين ٽاپ ۾) پر ڪلاس روم ۾ هميشه ساڳين بينچن تي ويهندا هئاسين. هو اڳئين بينچ تي ۽ ان جي پٺيان واري بينچ منهنجي هوندي هئي. جڏهن پنج سال آئون ڪيڊٽ ڪاليج ۾ رهي ميٽرڪ ۽ انٽر ڪري رهيو هوس ته اسلام مصطفى اهي سال PAF پبلڪ اسڪول سرگوڌا جو شاگرد هو. سندن انگريز پرنسپال ڪئچيول ۽ اسان جو پرنسپال ڪومبس دوست هئا ۽ نه رڳو هو پاڻ هڪ ٻئي سان ملڻ ايندا ويندا رهندا هئا، پر ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اسان کي به وٺي هلندا هئا. ان ڪري اسان پيٽارو وارن جي سرگوڌا ۽ حسن عبدال ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪئڊٽن سان چٽگانگ ۾ سٺي دوستي ۽ Understanding رهي. چٽگانگ مان تعليم بعد ٽن سالن جي ورڪشاپ ٽريننگ ۾ به گڏ رهياسين. ان بعد اسان ٻنهي ساڳي جهازران ڪمپني جا جهاز هلاياسين. ستر واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن مون کي ٽوڪيو جي هڪ شپ يارڊ ۾ پاڪستان جي ٺهندڙ جهازن تي نظر رکڻ لاءِ موڪليو ويو ته انهن ڏينهن ۾ ايران طرفان خريد ڪيل نون جهازن ۽ سٺي پگهار جي آفر ملڻ تي اسلام مصطفى پاڪستان ڇڏي تهران ويو، جتي هو ايران جا جهاز هلائيندو رهيو. ان وقت تائين اسين ٻئي چيف انجنيئر ٿي چڪا هئاسين ۽ جهازن تي توڙي مختلف ڪناري جي نوڪرين ۾ فئملي سان گڏ رهياسين ٿي.“
اسلام مصطفى ايران ۾ فرخنده نالي فارسي مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪئي. جيڪا تهران جي يونيورسٽي ۾ پڙهِي ٿي. جتي اسلام مصطفى جي جهاز ران ڪمپني جي هيڊ آفيس هئي، 1980 کانپوءِ منهنجي اسلام مصطفى سان وري ملاقات نه ٿي. اسان جا ٻار وڏا ۽ پڙهائي لائق ٿيڻ تي اسان جهاز هلائڻ ڇڏي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. اسلام مصطفى کي سندس جهازن جي ڪمپنيءَ تهران ۾ آفيس ۾ رکيو، آئون ملائيشيا هليو ويس. نه هن کي ڪڏهن ملائيشيا اچڻ جو موقعو مليو نه مون کي ايران وڃڻ جو. جيتوڻيڪ ڪيترائي دفعا بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ جيڪي ڪوالالمپور، سنگاپور ۽ دنيا جي ٻين شهرن ۾ ٿيون ٿي ۽ اسلام مصطفى جي جهاز ران ڪمپني کي به مدعو ڪيو ويو ٿي پر هميشه اسلام مصطفى بدران ڪو ٻيو آيو ٿي. اسلام مصطفى پنڊي جو رهاڪو هو، سندس والده ميڊم رقيه جنهن راولپنڊي جي ڪانوينٽ اسڪول ۾ 36 سال پڙهايو، ان جو انتقال ٿي چڪو هو، پر اسلام مصطفى جون ٻه ڀيڻون دل جي بيمارين جي ماهر سرجن ميجر جنرل ناصر اسلام جي زال نرجس ۽ نقي حسن جي زال عذرا پنڊي ۾ ئي رهيون ٿي. ان ڪري اسلام مصطفى سال ٻن ۾ هڪ چڪر پاڪستان جو ضرور لڳائيندو هو. سال 2001ع هو، آئون ڪراچي ۾ هوس ته اسان جي ٽئين ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر اجتبى حسين زيديءَ جو فون آيو، جنهن اها ڏک ڀري خبر ٻڌائي ته اسلام مصطفى گذاري ويو آهي. رات کيس هارٽ اٽئڪ ٿيو هو. تهران جي بهشت زهره قبرستان ۾ اڄ سندس قبر جي اڳيان بيهي آئون سندس لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ دعا گهران ٿو ۽ سندس قبر، جنهن تي لڳل ڪتبو جنهن تي سندس تصوير ۽ ڄم ۽ وفات جي تاريخ لکيل آهي، ان جي تصوير ڪڍان ٿو سندس ٻيو نمبر ڌيءَ عاليه کي ڏسي چوان ٿو ته عاليه تنهنجو والد جڏهن تنهنجي عمر جو هو ۽ اسان چٽگانگ ۾ پڙهندا هئاسين ته هن جي شڪل بلڪل تو جهڙي هوندي هئي. سندس وڏي ڀيڻ عطيه ۽ والده (ڀاڀي فرخنده) جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. سندس ننڍي ڌيءَ عاتيفه چيو اسان جو بابا ڏاڍو سٺو هو، هر وقت کلندو رهندو هو.
”بلڪل صحيح ٿي چوين جهڙو هو صورت ۾ موچارو هو تهڙو سيرت ۾“، مون کيس ٻڌايو ”هر هڪ سان پيار محبت سان ملندو هو. غربت ۾ رهي ڪري هن وڏي محنت ڪئي. هو هڪ قابل چيف انجنيئر هو، وڏو دلير ۽ وڏي همت وارو.“
اسلام مصطفيٰ جهڙا نيڪ، مددگار ۽ ٻين جو خيال ڪرڻ وارا تمام گهٽ ماڻهو ملندا. هو اسان جي بئچ جي مٿاهن شاگردن مان هو. پڙهائي ۽ راندين کان علاوه تقريرن ۽ ڊبيٽن ۾ به نمبر کڻندو هو. ان ڳالهه جي کانئس ٻه سال ننڍي ڀيڻ نرجس کي به خبر نه هئي. هڪ دفعي جڏهن مون کيس ٻڌايو ته اسلام مصطفيٰ کي هر ڀيري تقرير ۾ انعام ملڻ ڪري اسان جي ڪلاس جو مانُ مٿانهون ٿيندو هو ته هوءَ وائڙي ٿي وئي.
”اسلام مصطفيٰ کي ايڏي سٺي تربيت ڏيڻ ۾ ڪنهن جو هٿ هو“ مون کانئس پڇيو هو ”ضرور توهان جي والده جو هوندو جيڪا پاڻ به ٽيچر هئي“
”ان جو به چئي سگهجي ٿو“ نرجس ٻڌايو پر صحيح معنيٰ ۾ هن کي اهڙو سٺو groom ڪرڻ ۾ وڏو هٿ سندس سرگوڌا واري پرنسپال ڪئچپول جو هو.“
اسلام مصطفيٰ جو والد ننڍي هوندي گذاري ويو هو. سندس والده نوڪري ڪري کيس ۽ سندس ٻن ڀيڻن کي نپايو. اسلام مصطفيٰ کي چار ٻار آهن – ٽي ڌيئرون، عطيه عاليه ۽ هڪ پٽ علي، عطيه ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيٽ آهي ۽ نوڪري ڪري ٿي، باقي سندس ڀيڻون ۽ ڀاءُ تهران ۾ ئي پڙهي رهيا آهن. اسلام مصطفيٰ جي وفات وقت عمر 56 سال هئي. هن 15 جُون 1944 تي انڊيا جي يوپي صوبي جي شهر ميرٽ ۾ محمد مصطفيٰ جي گهر جنم ورتو هو. ورهاڱي بعد هنن راولپنڊي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.
اسلام مصطفيٰ سان گڏ ڪلاس روم ۾ ليڪچر ٻڌڻ ۽ ميس ۾ ماني کائڻ کان وٺي چٽگانگ جي گهٽين ۾ گهمڻ ۽ طوفاني راتين ۾ جهاز هلائڻ تائين انيڪ يادون وابسته آهن. هاسٽل جي راندين ۾ هڪ ٻئي جي مخالف هوندا هئاسين پر Rowing (چپن ذريعي ٻيڙي هلائڻ)، Sailing (سڙهن رستي ٻيڙي هلائڻ) جهڙن ڪمن ۾ جتي گڏ گڏ هوندا هئاسين، اتي سزائون به گڏ کائيندا هئاسين – خاص ڪري اڪيڊمي جي ٽريننگ جي پهرين سال ۾ جڏهن جونيئر هوندا هئاسين. جتي اسان ٻئي مختلف ٽيمن جا ڪئپٽن هئاسين اتي PT پريڊ کان لنوائيندا پڻ هئاسين، جنهن لاءِ هر هفتي ڏيڍ بيماري جو بهانو ڪري Sick Parade ۾ داخل ٿي اڪيڊمي جي Sick bay (اسپتال) ۾ پهچي ويندا هئاسين، جتي ڪڏهن ته ڊاڪٽر دوائن سان گڏ هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ Rest لکي ڏيندو هو ته ڪڏهن Mailingering (بهاني بازي) لکڻ ڪري سزا کائڻي پوندي هئي. پر گهڻو ڪري صبح جو PT مهل هفتي ۾ هڪ دفعو ڇنڇر ڏينهن اسان جي سزا پڪي هئي جڏهن ان ڏينهن تي هڪ ميل جي ڊوڙ ۾ اسان آخري پنجن ڪئڊٽن ۾ هوندا هئاسين. اسان کي تکو ڊوڙڻ لاءِ اهو چتاءُ ڏنو ويندو هو ته آخري پنجن ڄڻن کي وڌيڪ اڌ ميل ڊوڙڻو پوندو. ٻن ٽن هفتن اندر اسلام مصطفيٰ جائزو لڳائي ورتو ۽ اها سهڻي صلاح مون کي به ڏني ته:
”عقلمندي ان ۾ آهي ته تکو ڊوڙڻ بدران آهستي آهستي ڊوڙجي.“
”واهه سائين واه!“ مون وراڻيو مانس ”۽ اڌ ميل وڌيڪ ڊوڙڻ جي سزا کائجي؟“
”اها سزا کائڻ بهتر آهي“، اسلام مصطفيٰ چيو.
”ڇو ڀلا؟“ هونءَ ته اسلام مصطفيٰ عقلمند هو پر مون کي سندس هو فلسفو سمجهه ۾ نه آيو.
”ڏس نه پاڻ ٽيهن ڄڻن ۾ آخر ڪنهن کي ته آخر ۾ به اچڻو پوندو، چاهي کڻي ڪيڏو به تکي کان تکو ڊوڙجي“ اسلام مصطفيٰ Resoning ڪئي“ انهن پنجن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به اچون ٿا“
”پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟“ مون پڇيو.
”تکو ڊوڙڻ بدران آهستي ڊوڙجي ۽ اڌ ميل سزا خاطر وڌيڪ ڊوڙڻ به خوشيءَ سان قبول ڪجي“ اسلام مصطفيٰ چيو ”ڇو جو هڪ ميل تکو ڊوڙڻ کان ڏيڍ ميل آهستي ڊوڙڻ تمام گهڻو آسان آهي ۽ پنهنجن ڪلاس ميٽن تي به پنهنجو ٿورو ٿيندو.“
اڪيڊمي وارن ڏينهن جو هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچي. اسان کي پڙهائڻ وارن ۾ هڪ انگلينڊ جو پوڙهو پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن به هو جنهن جي وڏي عمر ۽ جهاز هلائڻ جي ڊگهي تجربي ڪري هر هڪ عزت ڪئي ٿي، اسان خوشنصيب چئباسين جن کي ڪئپٽن واٽڪنسن جهڙي شخصيت چٽگانگ ۾ ٻه سال پڙهايو، جنهن جا نيويگيشن تي لکيل ڪتاب اڄ ڏينهن تائين دنيا جي نيول اڪيڊمين ۾ پڙهايا وڃن ٿا.
هڪ دفعي UNO طرفان ڪو نمائندو اسان جي هن نئين ٺهيل اڪيڊمي کي ڏسڻ ۽ ڪجهه منظوريون ڏيڻ لاءِ اچڻو ٿيو پر جيئن ته اسان جي اڪيڊمي چٽگانگ کان ڏهه ميل کن پري سمنڊ ۾ ”جلديا“ نالي هڪ ٻيٽ تي هئي سو هن اوچتي پروگرام لاءِ شهر کان گهڻي کان گهڻا معزز مهمان گهرائڻ جو بندوبست ٿي نه سگهيو. جلدي جلدي اهو فيصلو ڪيو ويو ته اسان ڪئڊٽن ۾ جيڪي قد جا ڊگها آهن انهن کي يونيفارم بدران مهمان طور سول ڊريس ۾ ويهاريو وڃي. ان ڪم لاءِ اسلام مصطفيٰ ۽ منهنجو به نالو هو. انتطاميه جو مطلب فقط اهو هو ته اسان يونيفارم بدران Civilian ڊريس يعني سوٽ ڪوٽ پائي اچون پر اسلام مصطفيٰ شايد ڪجهه ٻيو سمجهيو ۽ مون کي ۽ اسان جي هڪ ٽئين دوست قمر اعظم کي به مطمئن ڪيو. اسان واقعي ٻاهران آيل مهمانن جي مڪمل ائڪٽنگ خاطر نه صبح جو پي ٽي ڪئيسين نه پريڊ، نيرن بعد اسلام مصطفيٰ سوٽ پاتو ۽ هڪ هٿ ۾ هئٽ ۽ ٻئي ۾ پائيپ، قمراعظم ڪڙتي پجامي ۾ ۽ آئون وري ڪارو چشمو پائي آڊيٽوريم ڏي وڌڻ لڳاسين. رستي تي اسان جو ايجوڪيشن آفيسر ڪمانڊر اسرار الله ملي ويو (هن اسان کي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به پڙهايو هو). ان کي ان Plan جي ته خبر هئي ته اڄ ايندڙ مهمان جي ليڪچر ۾ ڪجهه ڪئڊٽن کي بنا يونيفارم ۾ اچڻو آهي پر هن کي اسان جي هيءَ فئنسي ڊريس ڏسي باهه وٺي وئي- خاص ڪري اسلام مصطفيٰ کي پائيپ (سلفي) ڇڪيندو ڏسي، پري کان ئي رڙ ڪري چيائين
You jokers! Come here” “
۽ پوءِ پهرين ته ان حالت ۾ سزا خاطر پريڊ گرائونڊ جا ٻه چڪر هڻائي ٻين ڪئڊٽن جي نظرن ۾ ذليل ڪيو، ان بعد چيو ”هاڻ فضيلت سان سوٽ ۽ ٽائي پائي اچي ويهو“
اسان سئوٽ ٽائي ۾ اڳين قطار ۾ ويٺل چٽگانگ جي ڪجهه معزز مهمانن سان گڏ اچي ويٺاسين. ٿوري دير بعد ڪئپٽن واٽڪنسن پنهنجي هم وطني گوري انگريز مهمان کي پاڻ سان وٺي هال ۾ داخل ٿيو ۽ اڪيڊمي جي پروفيسرن ۽ چٽگانگ کان آيل معزز مهمانن سان تعارف ڪرائڻ لڳو. هن غريب کي ڪا اها خبر ئي نه هجي ته اڪيڊمي جي انتظاميه مهمانن جو تعداد وڌائڻ لاءِ اسان ڪجهه ڪئڊٽس کي بنا يونيفارم ۾ گهرايو آهي. ڪئپٽن واٽڪنسن اسٽيج تي ويٺل پروفيسرن سان UNO جي نمائندي کي ملائڻ بعد جهڙو اسان ڏي وڌيو ۽ اسان تي نظر پيس ته وائڙو ٿي ويو. هن سمجهيو اسان کي ڪو Sick parade ۾ آهيون، ۽ هن مهمان کي اسان سان ملائڻ بدران اسان کي ٽوڪيندي چيو:
You lazy bombs!
Always in sick parade
۽ اسان کان وڌيڪ اسان جي اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ جو منهن لهي ويو ته UNO طرفان آيل گورو ڇا سوچيندو ته هي بيمارن جي لسٽ وارا ڪئڊٽ آهن ته پوءِ سندس شان ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارا ڪهڙا مهمان بچيا. اسلام مصطفيٰ منهنجي ويجهو ٿي پهاڄ عورت وانگر منهنجي ڪن ۾ چيو:
”چڱو ٿين. صبح ساڻ اسان کي ڪمپليٽ سئوٽ ۾ جيڪو ڊوڙائي تيل ڪڍيائون ان جو بدلو ملين.“