ايران هڪ نظر ۾
• ڪنهن زماني ۾ ته ايران اڃا به وڏو ملڪ جنهن ۾ افغانستان، عراق، اڄ واري پاڪستان، آذر بائيجان ۽ ترڪمنستان جا به ڪجهه حصا اچي ويا ٿي.
• اڄ به ايران ڪافي وڏو ملڪ آهي. برطانيا، فرانس، اسپين ۽ چوٿون جرمني ملائجن ته ايران جيڏي ايراضي ٿيندي. ايران جي جملي پکيڙ ساڍا سورهن لک چورس ڪلوميٽر آهي. ان حساب سان ايران دنيا جو سترهون نمبر وڏو ملڪ آهي.
• ٻاهرن ملڪن مان ايران ٽيليفون ڪرڻ لاءِ 0098 ڪوڊ ملائجي ۽ ان بعد ايران جي شهر جو ڪوڊ نمبر ملائجي. ڪجهه شهرن جا ڪوڊ هن ريت آهن:
تهران 0098 51
اصفهان 0098 31
تبريز 0098 41
شيراز 0098 71
اهواز 0098 61
قم 0098 251
زاهدان 0098 541
همدان 0098 811
• ايران جا ڪجهه اِيمرجنسي ٽيليفون نمبر هن ريت آهن:
پوليس: 110
ائمبولينس: 115
فائر ڊپارٽمينٽ: 125
• ايران صدين کان پرشيا سڏبو آيو ٿي.
1935 ۾ هن ملڪ جو سرڪاري طرح نالو ”پرشيا“ بدران ”ايران“ رکيو ويو.
1979ع ۾ شهنشاهه ايران جي ملڪ بدر ٿيڻ ۽ امام خميني جي انقلاب بعد هن ملڪ جو نالو ”جمهوري اسلامي ايران“ (Islamic Republic of Iran) رکيو ويو.
• 1980 کان 1988 تائين ايران ۽ عراق جي لڙائي هلندي رهي.
• ايران جي بارڊر يعني Boundaries جي ماپ ورتي وڃي ته 5440 ڪلوميٽر ٿيندي ۽ پنهنجي پاڙي وارن ملڪن سان هن ريت ڪامن بارڊر ٺاهي ٿو: افغانستان 936 ڪلوميٽر، آرمينيا 35 ڪلوميٽر، آذربائيجان 611 ڪلوميٽر، عراق 1458 ڪلوميٽر، پاڪستان 909 ڪلوميٽر، ترڪي 499 ڪلوميٽر ۽ ترڪمستان 992 ڪلوميٽر.
• ايران جو ايراني ۽ اوماني نار پاسي واري سمنڊ جو 2440 ڪلوميٽر ڪنارو آهي ۽ مٿي اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ پاسي 740 ڪلوميٽر ڪنارو آهي.
• ايران پيٽروليم، قدرتي گئس، ڪوئلي، ڪروميم، ٽامي، لوهه، شيهي، جست ۽ سلفر جهڙي معدني شين کان مالامال آهي.
• ايران جي آدمشماري ست ڪروڙ کن آهي. جن ۾ اڌ کان وڌيڪ فارسي (پرشن) نسل جا ماڻهو رهن، 24 سيڪڙو آذري آهن، 8 سيڪڙو گيلاڪي ۽ مزنداراني آهن، 7 سيڪڙو ڪرد، 3 سيڪڙو عرب، 2 سيڪڙو لور (Lur) اهڙا 2 سيڪڙو بلوچ، 2 سيڪڙو ترڪ ۽ باقي هڪ سيڪڙو ٻيا آهن.
• مذهب جي حساب سان 90 سيڪڙو شيعا آهن ۽ 10 سيڪڙو سني. ان کان علاوه ڪجهه عيسائي، يهودي، بهائي ۽ پارسي به رهن ٿا.
• ايران کي نظامي جهڙن شاعرن سڄي عالم (Universe) جي دل سڏيو آهي. چي:
همھ عالم تن است و ايران دل
خجل نيست گوينده زين قياس
• ايران لاءِ گهٽ تعريف فردوسيءَ به نه ڪئي آهي. چي ڪو ايران کي جنت سمجهي يا باغ هتي جي هر دوست مان مشڪ جي خوشبوءِ اچي ٿي.
بوستان ڪھ ايران بهشت است يا
همي بوي مشڪ آيد از دوستان
• ايران ۾ امام خميني جي آندل اسلامي انقلاب کان اڳ ايران جو پهلوي شهنشاهه، آمريڪا ۽ مغربي حڪومتن جو چمچو ٿيو پئي هليو ته ايران جي واهه واهه پئي ٿي. آمريڪا کان جمهوريت ۽ عوام لاءِ انصاف جهڙيون ڳالهيون ئي وسري ويون هيون، جيئن ضياء جي ڏينهن ۾ آمريڪا لاءِ پاڪستان هو. هاڻ ايران جي حڪومت آمريڪا جهڙين مغربي طاقتن کي وٺ نٿي ڏئي ته هنن کي هر خراب ڳالهه ايران ۾ نظر اچي ٿي. گذريل پاءُ صديءَ کان آمريڪا جي ميڊيا ذريعي هر وقت اهو چتاءُ ڏنو پيو وڃي ته اجهو ٿو ايران ٽُٽي، پر هتي ايران پهچڻ سان يڪدم احساس ٿئي ٿو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. ڀلي کڻي مغرب جا ماڻهو ايران جي اسلامي ريپبلڪ حڪومت جي عدم استحڪام جي دعويٰ ڪندا رهن، سچ ته هي آهي ته ايران جي اسلامي حڪومت جون پاڙون عوام ۾ نهايت ئي اونهيون آهن. ان جو اهم سبب اعليٰ درجي جو معاشرتي انصاف آهي. اڄ نه رڳو هر ايرانيءَ کي روز مره جي استعمال جي شين تي حڪومت جي طرفان برابر رعايت ملي ٿي بلڪه انهن غريب ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن کي به صحت ۽ تعليم جي سهولت بنا فرق رکڻ جي مهيا ڪئي وڃي ٿي جن کي شاه جي دؤر ۾ ڪنهن پڇيو به ڪونه ٿي. ايران ۾ اڄ هر هڪ گاڏي رکي سگهي ٿو. شاه جي ڏينهن ۾ اها اجازت فقط هڪ خاص طبقي تائين محدود هئي. جيتوڻيڪ هاڻ ماڻهن کي اها شڪايت ضروري آهي ته رستن تي ٽرئفڪ جو هجوم ٿيڻ لڳو آهي. پر اهو آهي ته ان سهولت ڪري ايران جي هر شعبي جي ماڻهن کي فائدو رسيو آهي.
• 28 سال گذري ويا آهن پر اڃا تائين ايران ۾ ڪا به اهڙي تحريڪ پيدا نه ٿي سگهي آهي جيڪا ايران جي حڪومت خلاف هجي. تنهن جي معنيٰ ته ايراني عوام پنهنجي هن اسلامي ۽ انقلابي حڪومت مان بد دِل ناهي. ڪيترن تجزيه نگارن جي اها راءِ ضرور آهي ته اسلامي حڪومت ڪافي حد تائين آمرانه آهي پر ان کي ڊڪٽيٽرشپ نٿو چئي سگهجي، ڇو ته هن ۾ مشاورت جو اعليٰ نظام موجود آهي، بلڪه ايتري قدر لچڪ رکي وئي آهي جيئن اُهو ٽُٽي نه سگهي.
• ڊگهي عرصي تائين تيل جي قيمتن ۾ واڌ اچڻ ڪري ايراني حڪومت جو خزانو ڪافي ڀرجي ويو آهي ۽ هن جي غير ملڪي زرمبادلي جو ذخيرو به هن وقت معقول مقدار ۾ آهي. پاڙي وارين گلف جي رياستن جنهن اٻهرائيءَ سان پنهنجو تيل ڪڍي ان کي وڪڻي پئسي کي اجاين سجاين شين ۾ ضايع ڪري ڇڏيو – ايران ان ڳالهه کان هميشه پاسو ڪيو آهي. ايران وارن هر سال ”آئل اسٽيبلائيزيشن فنڊ“ جي نالي اربها ڊالر بچايا آهن ۽ هن بچت جو مقصد اهڙن ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيڻ آهي.
• ايران ادب ۽ شعر و شاعري کان به مشهور آهي. شروع ۾ فارسي جا ڪجهه پهاڪا لکيا اٿم. هن وقت ڪجهه ٻيا ياد اچي رهيا آهن جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هيٺ ڏيان ٿو.
• ڀَڳل هٿ وري به ڪجهه ڪم ڪري سگهي ٿو پر ٽُٽل دل هرگز نه.
• خراب ڦٽ ڇُٽي سگهي ٿو پر گُٿو لفظ صحيح نٿو ٿي سگهي.
• صحيح وقت تي اُڇلايل پٿر ان سون کان بهتر آهي جيڪو غلط وقت تي ڏجي.
• هر چور بادشاه آهي جيسين جهلجي نٿو.
• مرڻ بعد هر انسان هٿن ۾ اهو کڻي وڃي ٿو جيڪو هن ڏنوآهي.
• گلاب سان پيار ڪرڻ واري کي ڪنڊن جي به عزت ڪرڻ کپي.
• سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ جو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو هجڻ ضروري آهي.
• جڏهن بدبختي منهن ڪڍي ٿي ته جيلي کائڻ سان به ڏند ڀڄيو پون.
• ڪو ڏيئو صبح تائين نٿو ٻري.
• انڌو ماڻهو ٺوڙهي تان پيو ٺٺوليون ڪري.
• نانگ جهلڻ لاءِ دشمن جو هٿ استعمال ڪجي.
• ٻلي ۽ ڪوئي جو صلح دڪاندار جي تباهي.