ڪيڏانهن ويا عظيم ساساني...
”قدرت بي لشڪر و لشڪر، بي زر و زربي، زراعت و زراعت، بي عدالت و حسن سياست نشود.“
يعني سلطنت جو مدار فوج تي آهي. فوج بنا ناڻي جي گڏ ٿي نٿي سگهي. ناڻو بغير زراعت جي حاصل ٿي نٿو سگهي ۽ زراعت امن ۽ انصاف بنا ترقي ڪري نٿي سگهي.
ساساني دور ۾ ارڌ شير کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناليرا ۽ ناميارا بادشاهه ٿيا. جيئن ته شاهپور اول (272-241) ايران جا شهر جنڊي شاهپور، شاد شاهپور ۽ فارس ۾ نيشاپور هن بادشاهه آباد ڪيا. هرمز، شاهپور دوم، گور، فيروز، قباد، نوشيروان، بهرام... وغيره وغيره. انهن ساساني بادشاهن ۾ خسرائو نالي به ٻه بادشاهه مشهور ٿيا. هڪ خسرائو اول سڏبو هو جنهن عيسوي سن 531 کان 579 تائين ايران تي 48 سال حڪومت ڪئي، ٻيو خسرائو دوم جنهن کي پاڻ خسرو پرويز به سڏيون ٿا. جنهن سن 590 کان وٺي 628ع تائين اٽڪل 38 سال ايران تي حڪومت ڪئي، هي اُهو ايراني بادشاهه هو جنهن ڏي اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن مسلمان ٿيڻ جي دعوت جي سلسلي ۾ خط لکيو. خسرو پرويز جيڪو ڪسريٰ فارس سڏيو ويو ٿي. ان اسلام جي دعوت قبول نه ڪئي. بلڪ چڙ ۾ اچي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو خط مبارڪ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ خط آڻيندڙ سفير جي بي عزتي به ڪئي. پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ٻڌو ته فرمايائون ته الله تعاليٰ به ائين ئي هن جي بادشاهت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ جلد ئي اها اڳڪٿي پوري ٿي وئي ۽ ساسانين جي حڪومت هميشه هميشه لاءِ دنيا مان ختم ٿي وئي. اها طاقتور حڪومت جيڪا 400 سالن کان مضبوطيءَ سان هلندي آئي جنهن جو راڄ ٽن کنڊن جي ڪيترن ئي ملڪن تي پکڙيل هو، اها ٽيهن سالن اندر ساسانين کان الڳ ٿي عربن حوالي ٿي وئي. پهرين ايران جا ٻاهريان علائقا ۽ پوءِ اندروني ايران، عربن حوالي ٿي ويو. ايران تي سوڀ حاصل ڪرڻ جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق عليھ السلام جي ڏينهن کان ئي شروع ٿي ويو. 651ع ڌاري ان وقت جو سڄو ايران-شام، عراق، مصر تائين عربن حوالي ٿي ويو، جنهن کي عرب خليفن هلايو ٿي. حضرت علي عليھ السلام چوٿين خليفي کان پوءِ امام حسين عليھ السلام بدران معاويه خليفو ٿي ويٺو ۽ اُميه گهراڻي جو بنياد وڌو. اُميه گهراڻي جو ايران تي راڄ 661ع کان 750ع تائين ۽ ان بعد عباسي گهراڻي جو 750ع کان 867ع تائين. ان بعد ٻين مختلف عرب گهراڻن جو ايران جي مختلف حصن تي 1258ع تائين اٽڪل ڇهه سو سال راڄ رهيو. ايران تي اسلامي سلطنت جو خاتمو چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان 1258ع ۾ ڪيو ۽ پنهنجي خان گهراڻي جو بنياد وڌو، هلاڪو خان جي نسل اڳتي هلي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي چين جي منگول قبيلي کان الڳ ٿي ويو.
1335 ع کان پوءِ منگول سلطنت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ ايران جي ڪنهن حصي تي ڪو گهراڻو راڄ ڪرڻ لڳو ته ڪنهن تي ڪو گهراڻو تيمور (جيڪو تيمور لنگ يا تيمورلين به سڏجي ٿو) ۽ چنگيز خان جي اولاد مان هو، تنهن ايران تي، منگول سلطنت کي وري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهڻو هلي نه سگهي. تيمور پاڻ ايران تي 1369ع کان 1405ع تائين حڪومت ڪئي پر ان کان پوءِ اڌ صدي کان سندس پٽ ۽ پوٽا ايران جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندا رهيا جن مان هڪ شاهه رخ وڌيڪ مشهور آهي. جنهن 40 سال کن ايران جي اتراهن حصن تي راڄ ڪيو. سندس زال گوهر شاد جي مشهد ۾ ٺهرايل مسجد مشهور آهي جيڪا هن 1418ع ۾ ٺهرائي.
هڪ دفعو وري ايران تي سفوي گهراڻي معرفت ايرانين جي حڪومت قائم ٿي وئي. سفوي اصل ترڪ قبيلي جا ايران ۾ رهندڙ هئا. هن گهراڻي جو بنياد 1502 ع ۾ پيو ۽ ڏهاڪو کن حاڪم ٿيا، جن ۾ شاهه عباس تمام گهڻو مشهور ٿيو. شاهه عباس به سائرس، داريس ۽ سڪندر وانگر The Great سڏجڻ ۾ اچي ٿو. يعني ”عباس، دي گريٽ“. هن حاڪم جون وڏيون خذمتون آهن. هو عمارتن جو عاشق هو. ايران جو مشهور شهر اصفهان پڻ شاهه عباس ٺهرايو جنهن کي هن پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ پهرين جي درٻار جا ماڻهو انگلنڊ کان خاص هلي شاهه عباس جي ٺهيل عمارتن کي ڏسڻ لاءِ ايران جي شهر اصفهان ۾ ايندا هئا. ايتريقدر جو اصفهان لاءِ چوڻي مشهور ٿي ته ”اصفهان نصف جهان“ يعني اصفهان جو شهر اڌ دنيا آهي.
سفوي گهراڻي جو خاتمو افغانين جي حملي آندو. افغانين ايران تي حملا ڪري، اصفهان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. پر افغاني ايران تي وڏو عرصو حڪومت نه ڪري سگهيا. جلدئي نادر شاهه، هڪ ترڪي قبيلي جي سردار نه فقط افغانين کي ايران مان ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ ڪجهه سالن بعد افغانستان تي ڪاهه ڪيائين. ان دوران هن انڊيا ۾ به ڪافي تباهي مچائي. دهليءَ مان ڪوه نور هيرو ۽ مور تخت سميت هيرا جواهر لُٽي ايران کڻي آيو. 1747ع ۾ نادر شاهه قتل ٿي ويو. هن يارهن سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ اڌ صدي کن 1794ع تائين زند حاڪمن جي حڪومت رهي. جن ۾ ڪريم خان(1779ع-1750ع) اڄ به تاريخي عمارتن ڪري. ايران گهمڻ وارن جي ساڻس سڃاڻپ ٿئي ٿي.
زند گهراڻي بعد ايران تي ڪوجاران جي حڪومت 1794ع کان 1925ع تائين هلي. ڪوجار گهراڻي جا ڪجهه مشهور حاڪم هئا، آغا محمد خان ڪوجار، فتح علي شاهه (1834ع-1797ع)، محمد شاهه نصيرالدين شاهه وغيره، آخري حاڪم احمد شاهه ڪوجار 1909ع ۾ تخت تي ويٺو. هن جي حڪومت ۾ رضا خان نالي هڪ فوجي هو جنهن برطانيا جي حڪومت جي مدد سان ڪوجار گهراڻي جو تختو اونڌو ڪري تاج پنهنجي مٿي تي رکي پاڻ حاڪم يعني شاهه ٿي ويٺو ۽ پهلوي گهراڻي جي شروعات ڪئي.
رضا خان (يعني هاڻ رضا شاهه پهلوي) 1935ع ۾، هن ملڪ جو سرڪاري طرح نالو ايران مقرر ڪيو. جيڪو هيستائين پرشيا سڏبو هو. 1941ع ۾ برطانيه ۽ روس ايران تي قبضو ڪري رضا شاهه کي تخت تان لاهي ڏيهه بدر ڪيو ۽ سندس پٽ محمد رضا شاهه کي تخت تي وهاريو. محمد رضا شاهه پهلوي جيڪو پاڻ کي شهنشاهه يعني شاهن جو شاهه سڏرائڻ لڳو، اهو هن ملڪ جو آخري بادشاهه ثابت ٿيو. 1997ع ۾ آيت الله خميني جي انقلاب، ايران جي هن آخري بادشاهه کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. تاريخ و ادب جي شاگردن لاءِ هتي ڪجهه دلچسپ ڳالهيون لکي رهيو آهيان.
ساسانين جو دور علم و ادب ۽ ثقافت جي خيال کان ايران جو سڀ کان اهم ۽ با اثر تاريخي دور سمجهيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو ايران جي تهذيب ۽ تمدن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون يورپ جي رومن سلطنت تي به اثر انداز ٿيون. رومن هن کان اڳ ايرانين کي هيٺاهون سمجهندا هئا. ساساني سلطنت ۾ هنن پهريون دفعو ايرانين کي برابري جو درجو ڏنو ۽ رومن حاڪم جڏهن پرشيا (ايران) جي شهنشاهه کي خط لکندو هو ته ”منهنجا ڀاءُ“ لکي مخاطب ٿيندو هو. ايران جي ثقافت، آرٽ ۽ ڪلچر نه فقط يورپ تائين پر آفريڪا، چين ۽ انڊيا تائين اثر انداز ٿيو.
ايران جي ساساني حڪومت تي مسلمانن پهريون حملو 634ع ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي وفات بعد يڪدم ڪيو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ ساسانين جي سوڀ ٿي پر عرب ماٺ ڪري ويهي نه رهيا. هنن هڪ دفعو وري، خالد بن وليد جي سربراهيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ ڪامياب ٿيا. حضرت عمر جي خلافت (644ع-634ع) دوران 637ع ۾ قدسيه جي ميدان تي جيڪا عربن ۽ ساسانين جي لڙائي ٿي ان ۾ تيسفون شهر Ctesiphon جيڪو ساسانين جي گادي جو هنڌ هو. اهو عربن حوالي ٿي ويو. هي شهر دجله ندي جي اوڀر واري ڪناري تي بغداد کان 35 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. هي شهر نه فقط ساسانين جو بلڪ ان کان اڳ جي حڪومت Arscids وارن جي به گادي جو شهر هو ۽ 800 سالن تائين ايران جي خوارواران صوبي جو حصو هو. انهن ڏينهن ۾ ساساني گهراڻي جو آخري شهنشاهه يزدگره تخت تي هو وڏي رعب تاب ۽ منظم طريقي سان سوا چار سو کن سالن کان هلندڙ ساسانين جي حڪومت، آخري پنجن سالن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وئي. ايران جي ڪجهه شهرن ريئي، اصفهان ۽ همدان وغيره ۾ باغي قوتون، ڪجهه مهاڏو اٽڪائينديون رهيون. باقي سڄو ايران ۽ اوسي پاسي جا ملڪ جيڪي ساسانين جي قبضي ۾ هئا اهي عرب خليفن جي حڪومت هيٺ هليا ويا. ايران تي عربن جي حملن دوران ڪيترائي ايران جا شهر تباهه ۽ خالي ٿي ويا، محل ۽ پليون ڊهي ويون ۽ ڪئين خوبصورت باغ ۽ بلڊنگون برپٽ ٿي ويون. ساسانين جو هن ڌرتي تي صدين کان هلندڙ راڄ چند سالن ۾ ائين هٿن مان نڪري ويو جيئن ڪو اڻ پاليل پکي پڃري جو در کلڻ تي اڏري وڃي. ساسانين جي زوال بابت منهنجا ايراني جهازي دوست فردوسيءَ جو هڪ شعر Quote ڪندا آهن.
ڪجان آن بزرگان ساسانيان
ز بهر اميان تا سامانيان
ان ئي شهر جو ڪنهن انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو آهي.
“To where have the great sassanids gone?”
To the bahramids and samanids what has come upon?
فردوسي (سڄو نالو حڪيم ابوالقاسم ”الفردوسي“ طوسي) ايران جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. جيڪو سن935 ع خراسان جي شهر طوس (مشهد ڀرسان) ڄائو ۽ اتي ئي 1020 ع ۾ وفات ڪيائين. ان ڪري کيس طوسي به سڏين ٿا جيئن اسان وٽ دهلوي، لکنوي، ناٿنشاهي، ٻنوي وغيره فردوسيءَ جو احوال اڳتي هلي سندس شهر مان ڪبو.
ساسانين جي 651 ع ۾ حڪومت ختم ٿيڻ بعد ايران ۽ پسگردائي جي ملڪن تي عربن جي حڪومت رهي. سو سال کن اميه خاندان جي، ان بعد هڪ سو سال کن 750 ع کان 867 ع تائين عباسي گهراڻي جي، انهيءَ دوران ايران جي مختلف صوبن ۽ آس پاس جي عرب ملڪن تي ٻين عربن جي به حڪومت رهي، جيئن خراسان صوبي تي جيڪو ان وقت نه فقط اڄ وارو ايراني خراسان هو، پر ان ۾ ترڪمنستان ۽ افغانستان جو به ڪجهه حصو اچي ويو ٿي. ان تي طاهري گهراڻي 821 ع کان 872 ع تائين حڪومت ڪئي. اهڙي طرح علوي گهراڻي، زياروي، بوئي، ديالمي ۽ سفري گهراڻن جي به سوين سال حڪومت رهي پر اهي سڀ عرب گهراڻا هئا.
ساسانين بعد ايران تي وري جنهن نج ايراني (پرشن) گهراڻي جي ايران تي حڪومت ٿي ته اهي ساماني Samanids آهن. جن جي 892 ع کان 998 ع تائين سڄي خراسان تي حڪومت رهي. هن گهراڻي جو باني ”سمن خدا“ هو جنهن 892 ع کان 907 ع تائين حڪومت ڪئي. اڳتي هلي خراسان واري علائقي کان علاوه ٽرانسو خيانا وارو سڄو علائقو جنهن ۾ سمرقند ۽ بخارا به اچي وڃي ٿو ۽ جنهن کي عرب ”ما وراءُ النهر“ ۽ فارسي ڳالهائيندڙ فرارود سڏين ٿا، ان جو ڪنٽرول سامانين جي هٿن ۾ اچي ويو. جن بابت ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ شاعر فردوسيءَ مٿين شعر ۾ ذڪر ڪيو آهي. ان( Transoxianaفرارود/ما وراءُ النهر) واري علائقي ۾ اڄ جو سڄو ازبڪستان، تاجڪستان ۽ قراقستان جو ڏکڻ اولهه وارو حصو اچي ويو ٿي. فردوسيءَ پنهنجي شاهنامي ۾ لکيو آهي ته هي علائقو ايراني بدو قبيلن جو هو.
سامانين جي حڪومت 998ع تائين هلي ان بعد غزنوي گهراڻي جي حڪومت ٿي. جنهن جو ٽيون نمبر حاڪم محمود غزنوي سومناٿ مندر تي حملي کان مشهور آهي. محمود جو نالو الپتگين سامانين وٽ غلام چوڪيدار (گارڊ) هو. آخري ڏينهن ۾ سامانين جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ تي هن غزني تي قبضو ڪري ورتو. ان بعد سندس ناٺي سبڪتگين تخت تي ويٺو. سبڪتگين پڻ پنهنجي سهري الپتگين وانگر سامانين وٽ ترڪ غلام هو. سبڪتگين بعد سندس پٽ محمود غزنوي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي پاڻ کي سلطان سڏايو.
ساسانين جي ڏينهن ۾، يعني جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ان وقت ايران جا رهاڪو آتش پرست هئا جن کي پاڻ ”پارسي“ يا مجوسي سڏيون ٿا. هي ايران جي مشهور ڌرمي شاعر زراٿسرا کي مڃين ٿا. جيڪو حضرت عيسيٰ کان به ڏيڍ هزار سال کن اڳ ڄائو هو.
ساسانين جي دور حڪومت ۾ زوروسٽرين (باهه جي پوڄا ڪندڙن) کان علاوه عيسائي، يهودي ۽ ٻڌ ايران ۾ رهيا ٿي. ساسانين جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪيترا باهه جا پوڄاري اسلام جي دائري ۾ آيا باقي بچيلن مان ڪيترا ايران جون حالتون پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهي انڊيا جي صوبي گجرات ڏي لڏي ويا جتي هو پارسي سڏجڻ لڳا. انڊيا جي ترقي ۾ هي پارسي ان وقت کان اهم رول ادا ڪري رهيا آهن. پارسين جا ڪيترائي مندر بمبئي، احمد آباد، بڙودا کان علاوه ڪراچي ۾ به آهن. جتي هميشه باهه ٻرندي رهي ٿي. پارسي مري ويلن کي زمين اندر دفن ڪرڻ يا ساڙڻ بدران پکين کي کارائين ٿا ۽ ان قسم جي جاءِ ”خاموشي جو ٽاور“ سڏجي ٿي. ڪراچي جي ڊفينس مارڪيٽ وٽ به پارسين جو Tower of silence آهي. جتي هو لاش کي ڳجهين ۽ ڪانگن حوالي ڪن ٿا.
پارسين جي ڪئلينڊر جو سال 632ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ساسانين جو آخري بادشاهه يزدگرد III ايران جي تخت تي ويٺو هو. يزدIII جو راڄ 642 ع تائين هليو. هو عربن جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ آخر ۾ اشتهاري ملزم جي حيثيت سان هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ لڪندي قتل ٿي ويو. اهو شهر اڄ جي ترڪمنستان ۾ آهي. يزد III جي 642ع ۾ مرڻ بعد ساساني گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو، سندس پٽ پيروز ۽ ٻيا خانداني ماڻهو چين ڀڄي ويا.