الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

رهجي ويل ڳالهيون...

منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو هڪ دوست عبدالنبي ٿهيم تهران ۾ مليو جنهن منهنجو ڌيان هڪ دلچسپ ڳالهه ڏي ڇڪايو. اها هيءَ ته ايران ۾ سرڪاري آفيسر، آفيس بعد پنهنجي سرڪاري گاڏيءَ کي ٽئڪسي طور هلائي سگهن ٿا، جيئن هو پنهنجي گهر جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حق حلال جي آمدني پئدا ڪري سگهن. سو آئندي ڪنهن پرائيويٽ ٽئڪسي ۾ توهان جو وهڻ ٿئي ته ان جو ڊرائيور ٿي سگهي ٿو ان شهر تهران، اصفهان، يا مشهد جو اسسٽنٽ ڪمشنر هجي، پوليس جو DSP هجي يا ڪنهن يونيورسٽي جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هجي!
منهنجي مرڪڻ تي عبدالنبي چيو ”سائين سٺي ڳالهه ته آهي، اسان وٽ ڪيترا سرڪاري ڪامورا غريبن جو رت چوسين ٿا ۽ هنن جون ڪارون سڄو ڏينهن سندن زالون ڊوڙائين ٿيون. ان رشوت ۽ بيجا خرچ کان ته صاحب بهادر ڪجهه محنت مزدوري ڪري پنهنجا ٻئي جهان سڌارين ته اهو سٺو آهي.“
* مون کيس ٻڌايو ته ايران وانگر ملائيشيا ۾ به هر ننڍو وڏو آفيسر وقت تي ڊيوٽي تي پهچي ٿو ۽ مقرر ڪيل ڊيوٽي جا ڪلاڪ پورا ڪري پوءِ شام جو کيتي ٻاري، ڪڪڙيون پالڻ- ويندي واڍڪو ڪم ڪري وڌيڪ حق حلال جو روزگار ڪمائي ٿو. ڪيترن وڏن آفيسرن جون زالون نرسون يا ڪلارڪ ٿي ڪم ڪن ٿيون. ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ ٺاهي وڪڻن ٿيون، انڪري انهن جون شامون اجايو سجايو گهمڻ، دعوتن ۽ شاپنگ ۾ نٿيون گذرن- جن شين اسانجي قوم کي ٽينشن ڏئي ڇڏي آهي.
* پنهنجي جهازي ڪلاس ميٽ ڪئپٽن سيد محمد فاطمي سان جڏهن ان ڳالهه جو اظهار ڪيم ته ايران اچي مون کي حيرت ٿي آهي ته اسان جي ننڍي کنڊ جي زبانن ۾- خاص ڪري اردو جا ٺيٺ لفظ سمجهندو هوس. ڪئپٽن فاطمي جنهن ننڍي هوندي اسڪول ۾ فارسي پڙهي ۽ ڪيترائي سال ايرانين جا جهاز هلايا تنهن ٽهڪ ڏيندي چيو ”توهان کي اڄ خبر پيئي آهي؟ پنهنجي قومي تراني ۾ ته قومي زبان اردو جو فقظ هڪ لَفط ”ڪا“ آهي، باقي سڀ فارسي جا آهن.
ٻه اکر پنهنجي هن ڪراچي جي جهازي دوست ۽ ڪلاس ميٽ ڪئپٽن فاطمي بابت هتي لکڻ چاهيان ٿو ته هو اسان جي ملڪ جي بيحد قابل ۽ ذهين ڪئپٽنن مان هڪ آهي، جنهن زندگي جو وڏو عرصو دنيا جي مختلف سمنڊن تي ڪيترن ئي قسمن جا جهاز هلايا. عام ڪارگو (مال بردار) جهازن کان علاوه هن ريفر (Reefer)، بلڪه (Bulk)، ڪئريرئر، ڪنٽينر ۽ ٽئنڪر جهاز پڻ هلايا. ريفر جهازن جا هئچز (Hatches) يعني سامان رکڻ جا گدام، ريفريجريٽر وانگر ٿڌا رکڻا پون ٿا ۽ جيئن جانور ڍوئڻ واري جهاز (Cattle Ship) تي هزارن جي تعداد ۾ جيئرا جانور (رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون) ڍوئڻيون پون ٿيون. تيئن هنن جهازن ۾ ڪٺل جانور، مڇيون ۽ گانگٽ کڻڻا پون ٿا. ڪئپٽن فاطمي (سندس اصل نالو سيد محمد حَسني آهي پر اسان سندس دوست ۽ ڪلاس ميٽ کيس پيار جي نالي فاطمي سان سڏيون ٿا). پاڪستان جي انهن چند جهازي ڪئپٽنن مان آهي جيڪي پڙهائي ۾ هوشيار هجڻ ڪري جلدي جلدي Sea Time مڪمل ڪرڻ ۽ بين الاقوامي جهاز جي ڪئپٽن جي عهدي تي پهچي ويو.
عطر ٺهڻ واري انڊيا U.P جي شهر قنوج ۾ 1947 ع ۾ جنم وٺندڙ اسان جو ڪلاس ميٽ ننڍي هوندي کان نفيس قسم جو ماڻهو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو Well Dressed man رهيو پر اسان لاءِ شروع جي ڏينهن کان خطاب جو لائق ڪئپٽن فاطمي پئي رهيو آهي، جيڪو پريڊ گرائونڊ تي يونيفارم ۾ به Well dressed لڳندو هو، ايتريقدر جو سندس ڀر ۾ بيهندڙ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ۽ آئون مٿس ڪاوڙ ڪندا هئاسين ته پنهنجي بوٽن کي ايڏي سٺي پالش ڪري چمڪائي نه اچ، جو انهن جي مقابلي ۾ اسان جا بوٽ ڊرل حوالدار کي Dull ٿا لڳن ۽ هو اسان کي هميشه ٽوڪي ٿو. ڪئپٽن فاطمي جي جهڙي ڪپڙي پوشاڪ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ نفاست مشهور آهي، اهڙي نفاست سان هن سڄي زندگي آفت جهڙا ٽئنڪر، ڪنٽينر ۽ ٻيا جهاز هلايا ۽ هنن کي سامونڊي طوفانن ۽ حادثن کان بچايو. اڄ به سندس ڳالهائڻ ۽ ملڻ جلڻ جو اسٽائيل اهو ساڳيو آهي جيڪو اسان 1963ع ۾ چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) جي مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا وقت محسوس ڪيو هو.
بيبي شهربانو جي مزار ڏي ويندي يا شاهه عبدالعظيم جي مقبري جي ڀر وارن رستن تان مڙڻ وقت ڪيترن هنڌن تي ننڍا ننڍا ڪاٺ جي تختين جا بورڊ نظر اچن ٿا جن تي فارسي ۾ ”گوسفند“ لفظ لکيل آهي. فارسي کان واقف اسان جي گائيڊ سلمان رضوي ٻڌايو ته ان جي معنى دنبو (رڍ) آهي. توهان جي صدقو يا قرباني ڪرڻ چاهيو ٿا ته اتان توهان کي پئسن تي دنبو ملي ويندو.
****
خميني جي قبر تهران جي قبرستان ”بهشت زهره ۾ آهي. جيڪو شهر کان تمام گهڻو پري آهي، ڪيترن جو ارادو هو ته ايران جي هن سڀ کان گهڻي پسنديده شخصيت کي شهر اندر دفن ڪيو وڃي. الحرمين ٽريول ايجنسي جي محمد علي رضويءَ ٻڌايو ته خميني جي دفن ڪفن تي پاڪستان جي صدر غلام اسحاق خان سان گڏ هو به ساڳي هوائي جهاز ۾ ڪراچي کان تهران آيو هو. جنازي کي دفن ڪرڻ وقت اتي موجود پاڪستان جي سفارتخاني جي هڪ اعلى آفيسر چيو "لو! اس بڈھے کو شھر سے دور دفن کردیا- اب کون فاتحہ پڑھنے آئے گا؟"
”پر اڄ ڏسان پيو“، محمد علي چيو، ”خميني جي مقبري وٽ جهڙو شهر ٿي ويو آهي. حڪومت هتي هڪ عدد يونيورسٽي به ٺهرائي رهي آهي ۽ ماڻهن جا انبوهه صبح شام ايندا رهن ٿا.
****
الحرمين ٽريول ايجنسي ڪراچي- جن اسان جي ايران جي هن ٽوئر جو بندوبست ڪيو آهي، انهن جو مشهد شهر ۾ شهيد عارف حسيني نالي مسافرخانو الحرمين وارن اهڙن زائرين لاءِ ٺهرايو آهي، جيڪي هوٽل ۾ رهڻ جو وڏو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، پر مون ڏٺو ته هي ايڏو صاف سٿرو ۽ پنهنجائپ واري ماحول جو آهي، جو ڪيترائي پئسي وارا پڻ هن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڪراچي جي آغا خان اسپتال جو ڊاڪٽر وسيم اختر ۽ هن جي فئملي سان پڻ هتي ملاقات ٿي. هن مسافر خانو (حسينيه و مهمانپذير) ۾ پهچڻ لاءِ خيابان خسروي نَو تي پهچي پوءِ بازار بزرگ ۾ گهڙجي جتي ”ڪوچه شهيد ڪاظم خيائي“ وٽ هي مسافرخانو آهي.
امام خميني نالي تهران جي هن نئين ايئرپورٽ تي جهاز لهڻ وقت دريءَ مان هيٺ نهار ڪيم. نه ٽوڪيو يا نيويارڪ جهڙيون اوچيون عمارتون نظر آيون ۽ نه ڪوالالمپور يا جڪارتا جهڙي ساوڪ نظر آئي. چوڌاري مٽي، ميدان ۽ ٽڪريون هيون. ڪٿي ڪٿي ڪي ساوا ٻارا هئا نه ته هوبهو سکر ۽ لاڙڪاڻي جو ڏيک لڳو ٿي. بلڪ سال جي ڪن مهينن ۾ نواب شاهه ۽ حيدرآباد پاسي وڌيڪ ساوڪ محسوس ٿئي ٿي.
****
ايراني نئين سال جو ڏينهن نوروز وڏي جوش خروش سان ملهائين ٿا. هي ڏينهن جيتوڻيڪ هو عيد وانگر ملهائين ٿا پر مذهبي اعتبار سان نه پر رواج ۽ ڪلچر جي خيال کان. هن ڏينهن تي پارسي، مسلمان بهائي توڙي عيسائي ۽ يهودي به خوشي ملهائين ٿا ۽ اهو ڏينهن سرڪاري طرح موڪل هوندو آهي ۽ جيئن اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو رمضان واري عيد (عيدالفطر) تي سَويون ٺاهيون (۽ ملائيشيا جا ملئي مسلمان قسمين قسمين بسڪيٽ ٺاهين) تيئن ايراني هن ڏينهن تي پنهنجو ٽيبل مختلف کاڌن سان سينگارين، جن ۾ ست اهي شيون جيڪي فارسي اکر ”س“ سان شروع ٿين ٿيون انهن جو رکڻ سٺو سوڻ سمجهيو وڃي ٿو. اهي هن ريت آهن.
1. سبزه (ڪڻڪ، جَون ۽ دال جو ڊش- جنهن ۾ اهي ڦوٽاڙي (Sprouts) واري حالت ۾ هجن. ان قسم جي ڦوٽاڙي واري شيءِ هتي ايران ۾ توڙي ڪيترن ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نئين جنم (Re-birth) جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.
2. سمنو- هيءَ هڪ پڊنگ ٿئي جنهن ۾ سوجي ۽ ميدو به وڌو وڃي ٿو. جيڪا هتي اميري (شاهوڪاري) جي علامت سمجهي وڃي ٿي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هنن ڳالهين جو مذهب (خاص ڪري اسلام) سان ڪو واسطو ناهي پر هي قديمي پَرشن رسمون رواج ۽ سوچون آهن جيڪي هن ملڪ ۾ اڃان هلنديون اچن، جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي آڳاٽيون رسمون رواج هلندا اچن جيڪي ان وقت جا آهن جڏهن ننڍي کنڊ ۾ هندو ڌرم هو يا ٻڌ ڌرم هو، جيئن شاديءَ رات گهوٽ ڪنوار جو لانئون لهڻ، يا چانور مَيڻُ، جيڪي رسمون صدين کان هلنديون اچن ۽ جن جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه رڳو ننڍي کنڊ جي هندن، مسلمانن، سکن ۾ اهڙا رواج قائم آهن پر مونکي حيرت ٿي ته آمريڪا ۾ رهندڙ سري لنڪا جي هڪ هندو ڪئپٽن ڪليگ جي پٽ جي (جيڪو هندو ڌرم ڇڏي عيسائي ٿيو آهي) شادي نيو جرسي جي هڪ آمريڪن عيسائي ڇوڪريءَ سان ٿي، ته اتي به انهن لانئون ڏياريائون، ڪپهه پورايائون ۽ اسان مهمانن جا جوتا لڪائي خرچي ورتائون. مون پاڻ اعتراض ڪيو ته هيءَ ڪهڙي مسخري آهي ته گهوٽ صاحب مون کي Convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”انڪل انهن ساٺ سوڻن بنا شاديءَ جو ڪهڙو مزو؟“ سو اهڙي ريت ايران ۾ به ڪيتريون ئي آڳاٽيون ريتون رسمون ۽ ساٺ سوڻ هلندا اچن.
3. سنجند- خشڪ ميوو. هي ڊش پيار، محبت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو.
4. سِير- ايراني ٿوم کي سير سڏين ٿا. اها شي دوا جي نشاني سمجهي وڃي ٿي.
5. سيب- هڪ پليٽ ۾ صوف به رکيا وڃن ٿا جيڪي سونهن ۽ صحت جي علامت سمجهيا وڃن ٿا.
6. سماق- هي ڳاڙهي رنگ جا ٻير ٿين ٿا جيڪي سج جي اُڀرڻ جي لالائي جي نشاني سمجهيا وڃن ٿا.
7. سرڪو- هڪ پياليءَ ۾ ٿورو سرڪو (Vinegar) به رکيو وڃي ٿو جيڪو ڊگهي عمر ۽ صبر جي علامت آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مٿين شين مان ڪا شيءِ نه ملي سگهندي آهي ته پوءِ ان جي بدلي ٻي ڪا شيءِ رکي ويندي آهي پر شرط اهو هوندو آهي ته ان جو نالو به سين (س) سان شروع ٿئي- جيئن ته:
سنبل- سنبل (سوسن) گلن جي خوشبوءِ
سڪھ -ڪو به سڪو (Coin)
انهن مٿين ’هفت سين‘ ستن ”س“ سان شروع ٿيندڙ شين کان علاوه ٻيون به شيون ٽيبل تي سجايون وڃن ٿيون، جيئن ته باقلوا (ايراني مٺائي)، نانِ نخودچ، آجيل (سڪل ميوو، ڪشمش وغيره)، ميڻ بتيون، آرسي، بيضا (جيڪا هتي ايران ۾ ويم ۽ ويجهه Fertility جي نشاني سمجهي وڃي ٿي). ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ ۾ پڻ چينين، انڊين يا ملئي ماڻهن ۾ شادي تي آيل مهمانن کي تحفي ۾ بيضا ڏنا وڃن ٿا. اتي بيضا اولاد ٿيڻ Fertility جي نشاني سمجهيا وڃن ٿا. گهوٽيتن آيل مهمانن کي بيضا ڏنا معنى هو چاهين ٿا ته ڪنوار جلد جلد پيٽ سان ٿئي ۽ ٻار ڄڻيندي وڃي- ظاهر آهي ملائيشيا جهڙو ملڪ جتي جي آدمشماري گهٽ آهي، اڄ به گهڻي اولاد لاءِ دعائون ڏنيون ۽ ورتيون وڃن ٿيون. هڪ مولوي ٽائيپ ملئي دوست کي سندس پٽ جي شاديءَ تي بيضا ڏيڻ وقت ٽوڪيندي چيم ته يار تو جهڙو مذهبي ماڻهو به انهن ڳالهين ۾ يقين رکي ٿو. کلندي وراڻيائين ”يار صدين کان اهو رواج هلندو اچي. بيضا نه ورهائيندسين ۽ اتفاق سان ٻار نه ٿيو ته ڪنواريتا اسان کي پٽيندا.“ بهرحال هي رسمون ائين آهن، جيئن سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان لانئن مهل ايندڙ گهوٽ کي کير پيارين ٿا ۽ باقي بچيل کير انهن ڇوڪرن کي پياريو وڃي ٿو جن جي اڃان شادي ٿيڻ ۾ رنڊڪ پئي ٿئي.
”هفت سين“ سان سينگاريل ٽيبل تي مٿين شين کان علاوه گلاب جو پاڻي، قومي رنگ، قرآن شريف ۽ شاهنامو رکيو وڃي ٿو. شاهنامو موجود نه هجڻ جي حالت ۾ ديوانِ حافظ رکيو وڃي ٿو. پڙهندڙ ان مان فردوسيءَ جي شاهنامي جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهن ٿا جيڪو ايران جي مسلمانن توڙي پارسين لاءِ هڪ اتم ۽ اتاهون ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. جيئن سنڌ ۾ شاهه لطيف جي رسالي جي هندو توڙي مسلمان عزت ڪن ٿا ۽ هن کي پنهنجي سڃاڻپ جي نشاني سمجهن ٿا.
****
مشهد شهر ۾ رهندڙ هڪ پاڪستان جو ڄاول ۽ هاڻ ايران جو شهري ٻڌايو ته ايراني نرم دل هئا ۽ عرب سخي دل هئا. انڪري عرب ايران ۾ آيا ٿي، هنن ايراني ڇوڪرين سان شاديون ڪيون ٿي ۽ ايرانين به کين پسند ڪيو ٿي.
****
ايران جو عورتون ڊريس جي معاملي ۾ خوش نصيب آهن. جينز جون پتلونون پايو پيون هلن. چوڌاري چادر اوڍڻ سان سندن ڪپڙا ميرا ٿيڻ کان بچيو وڃن. اهڙي طرح مٿو ڍڪي هلڻ سان سندن وار اس، ڌوڙ ۽ هوا ۾ خراب نٿا ٿين. ڪاري چادر ۽ روسري (حجاب) هنن کي بچايو ويٺو آهي ۽ هي پنهنجي سونهن برقرار رکي خوشيءَ ۾ پيون ٻهڪن ۽ هوڏانهن مغرب جا مفڪر ۽ جرنلسٽ ويٺا منهن مٿو پٽين ته ايران جي عورتن سان ظلم آهي، قيس آهي! چوڌاري نظر ٿي ڪجي ته ايران جي مردن سان ڀريل بازارين ۾ رات جو دير تائين ايراني عورتون خوش خوش پيون گهمن، خريداري پيون ڪن، نوڪريون پيون ڪن- ۽ هاڻ ته ٽئڪسيون به پيون هلائين- مجال آهي جو ڪو لوفر لڙو سندن نالو وٺي. ان مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ته مغرب جي عورت ته سخت سورن ۾ آهي.
****
گرانڊ آيت الله يوسف سنائي ايران جو وڏو اسڪالر، مذهبي عالم ۽ اسلامي فلاسفر آهي. هو فتوائن کان مشهور آهي جنهن جي دهشتگردن ۽ خودڪش حملي ڪرڻ وارن جي خلاف ڏنل فتويٰ بابت شروع جي مضمونن ۾ احوال ٿي چڪو آهي. عورتن جي Status بابت هن فتويٰ ڏني آهي ته اسلام ۾ عورت جو مقام مرد برابر آهي ۽ هو ملڪ جون جج، صدر ويندي مرجا (مذهبي عالم) به ٿي سگهن ٿيون.
سو پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ايران ۾ عورت جو Status گهٽ نه پر اتاهون آهي. جنهن سڪون ۽ امن امان سان ايران جي عورت گهمي ڦري سگهي ٿي اهڙو دنيا جي شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجي.
ڪنهن چيو عرب ملڪن ۾ به ائين آهي؟ توبه توبه! اهو سوال عورتن کان ڪيو وڃي. جن کائي ويندڙ نظرن سان اسان جا عرب- اڄ جا عرب، پراين زالن کي ڏسن ٿا، اهو عورتن کان ئي پڇو جيڪي ڪويت، جدي، دمام ۽ رياض جهڙن عرب شهرن ۾ رهي آيون هجن.
۽ اسان جي ملڪ جي عورتن بابت خاص ڪري ڳوٺاڻين بابت ته ڊان جي اڳوڻي رپورٽر ۽ هاڻ آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي جي پروفيسر نفسيه هود ڀائي 1985ع واري ”ڪميشن آن اسٽئٽس آف وومين“ ۾ ٻڌائي چڪي آهي ته:
The average rural woman of Pakistan is born in near slavery, leads a life of drudgery and dies invariably in oblivion.
****
”آيت الله“ ايران ۾ وڏي مذهبي عالم کي سڏيو وڃي ٿو ۽ اڃان به جيڪڏهن ڪو وڏو عالم آهي ته هن کي گرانڊ آيت الله يعني آيت الله العظمى سڏجي ٿو، جيئن مٿي هڪ اهڙي شيعا عالم يوسف سنائيءَ لاءِ لکيو اٿم. هي شيعا عالم جيڪي اسلامي قانون ۾ به اعلى تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ قانوني فيصلا ۽ فتوائون ڏيڻ جو درجو رکن ٿا اهي مرجع (مرجا) سڏجن ٿا، جيئن اسان وٽ سنين ۾ فتويٰ ڏيڻ وارا مفتي سڏجن ٿا. گهڻو ڪري آيت الله جو خطاب ان کي ڏنو وڃي ٿو جيڪي مرجع آهن. اثنا عشري (ٻارهن امامن کي مڃڻ وارن) شيعن وٽ قرآن، حديث ۽ امامن بعد مرجعن جا فيصلا ۽ فتوائون وڏو درجو رکن ٿيون. هر مذهبي اداري (حوزه) ۾ ڪيترائي پراڻا آيت الله عظمى ٿين ٿا جتي شيعا عالم ۽ شاگرد علم حاصل ڪن ٿا. سڀ کان گهڻا ۽ وڏا حوزه (مدرسا) قم ۽ نجف ۾ آهن ان بعد ڪربلا، مشهد ۽ اصفهان ۾ آهن.
****
مغرب جا ماڻهو جڏهن چون ٿا ته ايران ۾ عورت کي آزادي ناهي ته هنن جو آزادي سان مطلب اهو آهي جيڪو هنن وٽ آهي جتي عورتون سمنڊ جي ڪناري تي بڪنين ۾ پيون هلن، ڀريل بازارن ۾ چوما چٽي پيون ڪن، مرد مردن سان ۽ عورتون عورتن سان پيون شادي ڪن. افسوس جو اهڙي آزادي نه ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ آهي ۽ نه اڄ جي خميني واري ايران ۾ آهي. شهنشاهه پهلوي واري ايران کي انتقال ٿئي ٽيهارو کن سال گذري ويا جڏهن مغرب جا ماڻهو ايران ۾ عياشيءَ لاءِ آيا ٿي. جڏهن هنن لاءِ ايران ۾ شراب ڪباب ۽ شباب جون بازاريون کليل هيون. ملڪ جي ڪجهه خاندانن هر قسم جا سک ۽ سهولتون ماڻيون ٿي، باقي عوام غربت ۾ رکيو ويو هو. هنن کي صحت، تعليم، سفر ۽ اٽي لٽي جي ڪا سهولت مهيا نٿي ڪئي وئي. امام خميني جي اسلامي انقلاب بعد هاڻ ايران جو عوام خوشحال آهي. عورت ذات امن امان ۽ باعزت ماحول ۾ آهي پر مغرب جي ماڻهن، جن ايران کي ڦري لٽي ڏٺو هو، جن ايران ۾ عيش عشرت ڪري ڏٺو هو، انهن جو سک ڦِٽي پيو آهي. هنن جو مزو خراب ٿي پيو آهي.
هتي به چار سٽون سنڌ جي شاعر ۽ فارسي زبان جي ڄاڻو بشير سيتائي جي خط جو ڏيڻ چاهيان ٿو. بشير سيتائيءَ ايران جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن ۽ هن عمر خيام ۽ رومي جي شاعري به ترجمو ڪئي آهي. هو ايران ۾ عورتن جي آزادي جي سلسلي ۾ پنهنجي خط ۾ مون ڏي لکي ٿو:
”....شهنشاهه پهلوي جي دور حڪومت ۾ ايراني عورت کي ’لبرل‘ سمجهيو ويندو هو ۽ کيس ڪافي حد تائين آزادي هئي جنهنکي اسلامي انقلاب کانپوءِ آزادي نه پر ڇڙواڳي تصور ڪيو ويو ۽ عورت کي اسلامي اقتدار جو پابند بڻايو ويو. ان پابنديءَ کي اڄ جي ايراني عورت دل سان قبول ڪيو آهي يا رسمن، سوچئي نه ٿو سگهجي، ڇو ته ان ڏسَ ۾ پنهنجو جائزو ۽ علم محدود آهي، ۽ مونکي ايران جي مختصر سفرن دوران ان موضوع تي عملي کوجنا ڪرڻ جو وقت به ڪونه مليو. ساڳي وقت ايران ۾ متعه Temporary به جائز ٺهرايل آهي. ممڪن آهي ته ان موضوع تي اوهان سفرنامي ۾ زياده تفصيلي بحث ڪري سگهو ۽ مزيد ڄاڻ مهيا ڪري سگهو. منهنجو علم ان سلسلي ۾ چند مضمونن تائين محدود آهي.
اي ڪاش! اميدِ دل ناڪام بر آيد
آن شوخ بمن آيد وهم زود تر آيد
(عبدالجميل جُنون)
* آمريڪا تي ڇوهه ڇنڊيندي هڪ دفعي امام خميني چيو هو: ”آمريڪا جي سوڀ لاءِ کڄندڙ هر هٿ کي وڍي ڇڏيو....“
* احمد رشدي واري ڪيس تي خمينيءَ چيو هو: ”اسلام کي ڪنهن به شيءِ تي قربان نٿو ڪري سگهجي. اسلام تي هر شيءِ قربان ڪري سگهجي ٿي.“
****
قم شهر مدرسن جو شهر آهي ۽ ’مدرسو امام خميني‘ سڀ ۾ وڏو مدرسو آهي جتي مٿاهين درجي جي مذهبي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جا شيعا عالم هتي اچي وڌيڪ علم حاصل ڪن ٿا. هنن کي ضرور سال اڌ فارسي به پڙهائي ويندي هوندي جو جنهن سان به مليس ٿي ته ان فَرفَر (Fluently) فارسي ڳالهائي ٿي. انهن مان هڪ بنگلاديشي ۽ آفريڪن پروفيسر جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان. مدرسي جي هاسٽل اڳيان ٻه ٽي لاهور پاسي جا عالم اڇي عمامه (پڳ) ۽ ناسي ۽ سليٽي رنگ جي عبايا ۾ بيٺا هئا.
”توهان مرجع آهيو؟“ مون کانئن اردو ۾ پڇيو.
”نه نه. مرجع ٿيڻ لاءِ ته تمام گهڻو پڙهڻو ٿو پوي ۽ تمام گهڻي محنت ڪرڻي ٿي پوي.“ هنن ٻڌايو.
”پاڪستان جا هتي ڪيترائي شاگرد ۽ عالم تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڪيترا ته پڙهائي به رهيا آهن. ڀلا ڪو مشهور آيت الله به ٿيو؟“ مون هنن کان پڇيو. جواب ۾ هنن ٻن ٽن جا نالا ٻڌايا جن مان آيت الله حسن رضا قادري پڻ هڪ آهي.
آيت الله حسن قادري پاڪستان ۾ ڄائو ۽ لاهور، ملتان ۽ علي پور وغيره ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن جي والد مفتي مزمل حسين ميسمي لاءِ ٻڌائين ٿا ته پنجاب جو پهريون مفتي هو. حسن رضا صاحب بعد ۾ اعلى تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ ايران ويو. ان بعد هو پهريون پاڪستاني آهي جيڪو ايران جي اسلامي ڪورٽن جو سپريم جج ٿيو. ان بعد هو انگلينڊ هليو ويو ۽ اڄ تائين لنڊن ۾ رهي ٿو. هن مختلف زبانن: اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ۾ مختلف عنوانن تي چاليهه کن ڪتاب لکيا جن مان اردو ۾ ڪجهه هن ريت آهن:
- سورج بادلوں کی اوٹ سے
- تاریخِ جنت البقا
- صحیفہِ علی
- تحفتہ المومنین
- جھاد اوردہشتگردی
- مکتبہ اہل بیت وغيره
گذريل سال (2007ع ) آمريڪا جي ”ورلڊ فيڊريشن آف پيس“ هي پهريون شيعا آيت الله چونڊيو جنهن کي “Ambassador of Peace” جو خطاب ڏنو ويو. هيءَ Ceremony ڏکڻ ڪوريا جي شهر سيول ۾ ٿي هئي. پاڻ برطانيه جي شيعا اسلامڪ ڪائونسل جا چيئرمين ۽ جرمني جي جعفريه ٽرسٽ جا سر پرست پڻ آهن.
آيت الله حسن رضا صاحب جو هڪ فرزند علامه هاشم رضا قادري پڻ شيعا اسلام جو وڏو ڄاڻو ۽ اسڪالر آهي. پاڻ 1984ع ۾ پاڪستان ۾ ڄائو ۽ لاهور ۾ ئي رهي ٿو.
ننڍي کنڊ جو هڪ ٻيو عالم ۽ اسڪالر آيت الله سيد علي نقي نقوي پڻ ايران ۾ بيحد مشهور آهي جيڪو نقن جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ 1905ع ۾ لکنو ۾ ڄائو ۽ 1988ع ۾ ايران ۾ وفات ڪيائين. پاڻ بنيادي تعليم انڊيا مان حاصل ڪرڻ بعد دين جي اعلى تعليم عراق جي شهر نجف مان حاصل ڪيائين ۽ مجتهد سڏيو وڃي ٿو جيڪو وڏي درجي جي عالم جو رتبو آهي. پاڻ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيائين جن مان ”شهيدِ انسانيت“ ۽ ”تاريخِ اسلام“ اردو جا بيحد مشهور ڪتاب آهن.
سيد علي نقوي بعد ٻيو آيت الله جنهن مرجعيت جو درجو حاصل ڪيو اهو شيخ محمد حسين نجفي آهي. هي شيعو عالم 1932ع ۾ سرگوڌا جي هڪ ڳوٺ جهانيان شاهه ۾ ڄائو ۽ اتي ئي ديني مدرسو (حوزه) هلائي ٿو. کيس گرانڊ آيت الله (اعظمى) جو خطاب مليل آهي.
مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي جي انتظاميا طرفان ايران جي مختلف شهرن کان آيل ايراني ۽ ڌارين ملڪن کان آيل زائرين کي هڪ ويلو (منجهند جي ماني) آستان قدس رضوي طرفان کارائي وڃي ٿي. هي لنگر روز هلي ٿو ۽ اٽڪل 5000 کن ماڻهن جي ماني ٿئي ٿي. اسان جي گروپ ليڊر محمد علي رضويءَ ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ زمين تي دسترخوان وڇايو ويندو هو، پر هاڻ ٽيبل ڪرسيون ۽ چمچا ڪانٽا رکي يونيفارم ۾ بئرا ائين Serve ڪن ٿا ڄڻ فائو اسٽار هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ ماني هلي. نان ڪواب، ڀت ۽ ٻوڙ کان علاوه پيپسي ۽ ڌورو به ڏنو ويو. هڪڙا ماڻهو کائي پي ويا ٿئي ۽ ٻيا آيا پئي، پر هر هڪ لاءِ اهڙو بندوبست رکيل هو جو ڪنهن کي انتطار نٿي ڪرڻو پيو. ماني کائڻ بعد اهي ٽيبل يڪدم صاف ٿي ٿي ويا ۽ يڪدم نيون پليٽون، چمچا، ڪانٽا ۽ گلاس، نئپڪن رکيا ويا ٿي. هلڻ مهل ڪيترائي نان جو چوٿو چوٿو تبرڪ طور پاڻ سان کڻي نڪتا. منهنجي ٽيبل تي اسان سان گڏ ويٺل مسز رباب موسى ٻڌايو ته ڪيترن ماڻهن جو عقيدو آهي ته هن لنگر جي مانيءَ ۾ قدرت شفا رکي آهي ۽ هي نان ذرو يا ٿوري ماني اسان شفا طور مريضن لاءِ کڻي ٿا هلون.
ٻاهر نڪتاسين ته ويهارو کن ايراني مردن ۽ عورتن جو هجوم گيٽ وٽ نظر آيو جن ۾ ڪيترن سان گڏ عذر وارا ٻار ۽ محتاج پوڙها پڻ هئا. هو اسان کان ان تبرڪ طور کنيل مانيءَ جو ڪجهه حصو گهرڻ لڳا. اسان مان جن گهڻي کنئي انهن مان ڪيترن هنن کي ڏني.
****
نيشاپور ۾ امامزاده مهروق جي مقبري بعد اسان رات جي ماني کائڻ لاءِ ”قصر آريا“ نالي ريسٽورنٽ ڏي روانا ٿياسين. رستي تي ڪيترائي فيروزه ۽ ٻين پٿرن جا دڪان هئا. هڪ دڪان ۾ اندر ليئو پاتم، جتي فيروزه کان علاوه عقيقي، يمني ۽ ٻيا پٿر پڻ هئا جن لاءِ ان دڪان جي ٻاهران فارسيءَ ۾ ”سنک هائي معدني“ لکيل هو.
ريسٽورنٽ ۾ ماني کائيندي لائيٽ هلي وئي. اونداهه ڪانڀار ٿي وئي. اسان جتي پريشان ٿي وياسين اتي هو (Homely) ملي به محسوس ڪيوسين. ڄڻ پنهنجي اباڻي وطن پاڪستان پهچي ويا هجون، جتي روزانو خبر ناهي ڪيترا دفعا ۽ ڪيترا ڪلاڪ بجلي ويندي رهي ٿي. ڪنهن لائيٽر ٻاريو،ڪنهن موبائل فون آن ڪيو جيئن هٿ هٿ کي ڏسي سگهي. اسان کي حيرت به ٿي ته ايران جهڙو ملڪ جيڪو تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال آهي، اتي به بجلي وڃي ٿي. هوٽل وارا به سخت پريشان نظر اچي رهيا هئا. سمجهه ۾ نه پئي آين ته ڇا ڪجي. هو فارسيءَ ۾ تکو تکو ڳالهائي رهيا هئا. آخر هڪڙو بئرو موٽر سائيڪل تي ويو سو ڪنهن دڪان تان ٻارن جي برٿ ڊي تي ڪيڪ مٿان رکيون ويندڙ ڪجهه ميڻ بتيون وٺي آيو ۽ هڪ هڪ ڪري هر هڪ ٽيبل تي ٻارڻ ٿي شروع ڪيائين ته اتي لائيٽ اچي وئي. منهنجي ڀرواري ڪرسيءَ تي ويٺل نئشنل بئنڪ جي آفيسرياڻي بيگم شميم رضويءَ چيو ته ڪنهن کي فارسي ايندي هجي ته مهرباني ڪري هو بئري کان پڇي ته هتي به لائيٽ ويندي آهي ڇا؟
”منهنجي خيال ۾ پڇڻ اجايو آهي“ مون چيومانس، جي اهو روز جو معمول هجي ها ته هو افراتفري جي حالت ۾ نه اچن ها. هنن وٽ ضرورر جنريٽر، UPS، امرجنسي ٽارچون يا موم (ميڻ) بتيون هجن ها. هيءَ ڪا سالن ۾ پهريون دفعو وئي آهي تڏهن ته برٿ ڊي پارٽي واريون پينسل جهڙيون سنهيون موم بتيون وٺي آيا.
****
مشهد کان نيشاپور رستي تي ”قدم گاهه“ اچي ٿو، جتي چون ٿا ته امام رضا جي قدمن جا نشان آهن. اتي ئي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي جنهن ۾ قدرتي طرح ڪيميڪل مليل هجڻ ڪري ان جو پاڻي مختلف بيمارين لاءِ شفامند چيو وڃي ٿو. هن چشمي جي چوڌاري جهونن وڻن جو باغ آهي جيڪو چون ٿا ته صفوي گهراڻي جي حاڪم شاهه عباس رکرايو هو. انهن وڻن ۾ هڪ تمام جهونو وڻ آهي جنهن لاءِ اهو مشهور ڪيو ويو آهي ته هن جي جيڪو به ويجهو ايندو ان کي مهيني اندر ٻار ٿيندو. اسان جي قافلي جي هڪ همراهه، جنهن کي ڇهه ٻار آهن، ٻڌايو ته رات جڏهن پاڪستان پنهنجي زال کي فون تي اڄ جي پروگرام جو ٻڌايم ته قدم گاهه به وينداسين ته يڪدم رڙ ڪيائين ته خبردار متان ان وڻ جي ويجهو ويو آهين ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي هن همراهه ٻڌايو ته اها ڳالهه به اسان پاڪستانين ئي مشهور ڪئي آهي، جو اسان پاڪستانين ۾ پيري مريدي ۽ شرڪ جي پِٽ آهي. هن مونکي هن وڻ جي چوڌاري ٻڌل ڄاري ڏيکاريندي چيو ته هتي جي حڪومت هن وڻ جي چوڌاري ان ڪري اها ڄاري ڏياري آهي جيئن ماڻهو- خاص ڪري پاڪستاني اُن جي ويجهو نه وڃن ۽ هو ان ۾ ڌاڳا، سڳيون ٻڌي شرڪ جهڙو ڪبير گناهه نه ڪن ۽ ٻين کي بيوقوف نه بنائين ته هڪ جهوني وڻ جو سڪل ڏار ماڻهن کي اولاد ٿو ڏئي!
****
خواجه ابا صلت جي مقبري ٻاهران ڪيترائي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا اُٺ، گهوڙا ۽ ننڍي قد جا خچر سينگاري وٺي آيا هئا، جن سان گڏ زائرين ۽ ٻيا مڪاني ۽ پرڏيهي ٽوئرسٽ پئسا ڏيئي فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا. هڪ ايرانيءَ ٻڌايو ته ايران جي وڏن شهرن ۾ جانور گهٽ نظر اچن ٿا. ان ڪري ههڙن هنڌن تي ٻار توڙي وڏا ههڙن جانورن کي ڏسي ۽ انهن سان گڏ فوٽو ڪڍرائي خوش ٿين ٿا.
****
هاءِ وي تان لنگهندي ڪيترن ئي هنڌن تي خچر نظر آيا جن تي پوڙها ايراني هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏي سفر ڪري رهيا هئا. يا هاري گوبين يا ڇانهين جهڙي ڪا شيءِ انهن خچرن تي رکي شهر ڏي وڪرو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. ايران جا خچر سڄي ايشيا ۾ مشهور آهن. خاص ڪري خراساني خچر جن جو واسطو هن علائقي خراسان سان آهن، پر خراسان صوبي جي جنهن حصي سان انهن خاص خچرن جو تعلق آهي اهو اڄ ايران بدران ترڪمانستان ۽ ازبڪستان وارو خراسان يڪو هڪڙو خراسان (گريٽر خراسان) هو جنهن تي ايران جي حاڪمن جو راڄ رهيو ٿي. هاڻ ته جيڪو خراسان ايران ۾ اچي ٿو ان کي به ٽن حصن ۾ ورهائي ٽي صوبا ٺاهيا ويا آهن. ڏکڻ خراسان اتر خراسان ۽ انهن جي وچ وارو حصو ”رضوي خراسان“- جنهن ۾ مشهد، طوس ۽ نيشاپور جهڙا تاريخي ۽ مذهبي شهر اچي وڃن ٿا.
****
مشهد جي هوٽل ۾، پشاور جو هڪ نوجوان شيعا شاگرد ۽ آئون، هوٽل جي لائونج ۾ فارسي ۾ ڊب ٿيل اميتاڀ بچن جي ٽي.ويءَ تي فلم به ڏسي رهيا هئاسين ته هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون به ڪندا رهياسين. بلڪه هو ئي ٻڌائڻ وارو هو- مون رڳو پڇڻ جو ڪم ٿي ڪيو. هو بنيادي تعليم پشاور مان حاصل ڪري هاڻ اعلى تعليم لاءِ هتي آيل هو. هن چيو ته پنهنجي ملڪ جو ڊاڪٽر اسرار طالبان کي مهدي جو لشڪر ٿو سمجهي، جيڪو افغانستان واري پراڻي علائقي خراسان مان مشهد ايندو، پر ائين ناهي مهدي ۽ ان جو لشڪر هن ايران واري خراسان مان ايندو ۽ هتي هن شهر مشهد ۾ امام رضا جي روضي جي ڀر واري مسجد ۾ نماز پڙهائيندو.“
****
فوٽو گرافي جي معاملي ۾ ايران تمام گهڻو لبرل لڳي ٿو. ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هتي جي ايراني مولوين ۽ عالمن کان جڏهن سندن فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ٿي ورتم ته هنن مان ڪنهن به انڪار نٿي ڪيو. بلڪه هڪ ٽوئرسٽ جي خوشيءَ لاءِ يڪدم هائوڪار ڪئي ٿي. لڳي ٿو ته هو فوٽو گرافي کي شايد غلط ڳالهه نٿا سمجهن، تڏهن ته ڪيترن ئي دڪانن تي امامن جون تصويرون- خاص ڪري امام علي رضا ۽ حضرت امام حسين جون تصويرون نظر اچن ٿيون. انهن تصويرن جا نه فقط ننڍا وڏا پوسٽر ۽ غاليچا به وڪامن ٿا، تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اهي Display لاءِ پٽ تي رکيا آهن. مشهد ۾ ڪيترن ئي فوٽوگرافرن جي دڪانن تي امام علي رضا جي وڏي تصوير پردي تي يا ڀت تي مختلف پوزن ۾ ٺهيل آهي جنهن جي اڳيان ماڻهو ڪرسيءَ تي ويهي فوٽو ڪڍرائين ٿا. قم جي هوٽل نگينه ۾ جتي رهائش ٿي اتي اسانجي ڪمرن ۾ رکيل مصلي تي امام رضا جي مقبري جي تصوير ٺهيل آهي ۽ ان سان گڏ هڪ ٻڪري پنهنجي ڦر سان گڏ پڻ ڏيکاريل آهي. جيتوڻيڪ مون ٻڌو آهي ته ماڻهن يا جانورن جون تصويرون مسجد ۾ يا مصلي تي نه هجڻ کپن.
ملائيشيا جيڪو ان معاملي ۾ سخت آهي ان جي شهر ”شاه عالم“ جي وڏي مسجد ۾ امام جي حجري ۾ مور جي شڪل ٺهيل گهڙيال ضرور آهي جنهن لاءِ اتي جي ملئي مسلمانن کي به اعتراض آهي پر بقول هڪ ملئي مسلمان جي، ته ڇا ڪجي اهو سلينگور رياست (جنهن ۾ شاهه عالم شهر اچي ٿو) جي سلطان تحفي ۾ ڏنو آهي. لاهينداسين ته ناراض ٿيندو.
ايران ۾ عورتن لاءِ پردي جي سخت پابندي آهي، ان مان ڪو اهو مطلب ناهي ته اسان جي سيدن پيرن ۽ وڏيرن سردارن جي زالن وانگر ڪارن جي شيشن تي چادرون ويڙهي اڇن برقعن ۾ ٿيون وهن. هرگز نه هو ته پنهنجن مڙسن يا ڀائرن، پٽن سان موٽر سائيڪل تي به پيون هلن. هنن جو جيڪو پردو آهي اهو مٿو ڍڪڻ ۽ جسم جي چوڌاري چادر اوڍڻ آهي ۽ اهو پردو سڄي ايران ۾ يونيفارم آهي- يعني هڪ جهڙو آهي. شهري توڙي ٻهراڙي جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوان عورت توڙي ڳوٺاڻي پوڙهي عورت، سرڪاري اداري جي آفيسرياڻي توڙي هائوس وائيف- گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته ساڳيو پردو ڪري ٿي پر سڀني جا منهن کليل رهن ٿا ۽ ضرورت وقت مرد ماڻهن سان ڳالهائين به ٿيون. امام خميني، امام رضا يا بيبي فاطمھ معصوما يا ٻين مذهبي بزرگن جي مقبرن تي فاتح پڙهڻ لاءِ قبر جي چوڌاري ڀتيون يا آڏون ڏيئي، عورتن ۽ مردن جي بيهڻ لاءِ ڌار ڌار سيڪشن ٺاهيو ويو آهي نه ته عمر خيام، فردوسي، عطار جهڙن شاعرن اديبن يا نادر شاهه جهڙن حاڪمن جي مقبرن توڙي پارڪن ۽ پڪنڪ Points تي مون ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هٿ هٿ ۾ به ڏيئي هلندو ڏٺو. باقي ان کان وڌيڪ هتي جو معاشرو توڙي ملڪ جو قانون ڪنهن ايراني يا غير ملڪي کي غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ اهو قانون ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن وانگر نه رڳو سخت آهي پر هتي جا ادارا ان تي عوام کي عمل به ڪرائين ٿا ۽ ڀڃڪڙيءَ جي حالت ۾ ڪوبه بچي نٿو سگهي. ڪنهن به عورت جي دانهن ڏيڻ تي ملائيشيا وانگر ايران ۾ به مرد مصيبت ۾ اچي وڃي ٿو، پوءِ ڀلي هو کڻي اسٽوڊنٽ ليڊر هجي، پير وزير جو پٽ هجي يا ڪنهن ڀوتار جو خاص ماڻهو. چوڌاري ورلي ڪو پوليس وارو نظر اچي ٿو پر شهر جو هر لوفر ۽ دادا سمجهي ٿو ته غلط حرڪت ڪرڻ سان سڄو پوليس فورس منهنجي پٺيان لڳي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو هتي ايران ۾ به امن امان آهي. هر عورت جي منهن تي سڪون ۽ خوشي آهي ته هوءَ کڻي ڪمزور آهي پر ملڪ جو قانون طاقتور آهي ۽ ساڳي وقت هر مرد جيڪو آفيس، ڪارخاني يا ٻني ٻاري تي ڪم ڪري رهيو آهي اهو به سڪون ۾ آهي ته ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوڻ تي هن جي زال، ماءُ، ڀيڻ يا ڌيءَ اڪيلي سر به بازار، اسپتال يا ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي وڃي سگهي ٿي.
منهنجا مغربي دوستو يا ايران کان اڻ واقفو (جن مان هيستائين آئون به هڪ هوس) ايران گهمڻ بنا ايران تي ويٺا ڇوهه ڇنڊيو ته ايران جي مُلن عوام سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي، ايران جي عورت گهر ۾ قيد آهي، ايران جي عورت آزادي لاءِ سِڪي رهي آهي. مونکي فقط ايترو ٻڌايو ته آهي ڪو دنيا جو اهڙو شهر جنهن جي مارڪيٽن، بازارين، دڪانن ۽ Tourists Sports پوءِ ڀلي اهي ڪنهن ولي، اولياء يا امام جو آستان مقدس هجي يا ڪو باغ باغيچو جنهن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون هجن؟ اهو ايران ئي آهي جتي هر هنڌ عورتون پنهنجن ٻچن سان يا ساهيڙين يا هم جيڏين سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ ۽ فڪر جي گهمي رهيون آهن. بازار قم يا بازار علي رضا جهڙن هنڌن تي ته سڄي سڄي رات عورتن جي چهل پهل لڳي پئي آهي. اهو فقط ان ڪري جو ايران ۾ عورت پاڻ کي محفوظ ٿي محسوس ڪري، اهو فقط ان ڪري جو هن کي آزادي آهي، اهو فقط ان ڪري جو عورت سان هتي ڪو هٿ چراند ته ڇا پر زبان سان گٿا لفظ به نٿو ڳالهائي سگهي.... ان هوندي به مغرب، ايران خلاف اها پروپئگنڊا ڪندو وتي ته ايران ۾ عورتن کي آزادي ناهي. اسلام عورتن تي سختي ٿو ڪري..... اسلام عورت کي باندي بنائي ڇڏيو آهي..... وغيره وغيره. دراصل اسلام ته عورت کي سلامتي مهيا ڪئي آهي، جنهن جو مثال ايران ۾ نظر اچي ٿو.
مسلمان ملڪن ۾ وري نظر ڊوڙائي وڃي ته ايران سڀ کان اڳيان اڳيان آهي. جتي جي عورت نه فقط خوش ۽ پُرسڪون آهي پر تعليم يافته به وڌيڪ آهي. ملائيشيا جو به قاعدو قانون اهڙو آهي جو هڪ مسلمان عورت به Safe ۽ آزاد محسوس ڪري ٿي پر هاڻ ايران ۾ رهڻ بعد هتي جي ماحول کي ملائيشيا جي روزمره جي زندگيءَ سان ڀيٽ ڪريان ٿو ته ايران گهڻو گهڻو اڳ نڪري ويو آهي. پاڪستان، افغانستان ۽ عربستان جهڙن مسلمان ملڪن کي ته ايران جي خواب و خيال ۾ به گلا نه ڪرڻ کپي. آمريڪا ۽ يورپ جهڙا Myopic (گهٽ نظر) ذهن جا ماڻهو ايران ۾ رهي هتي جي سوسائٽي جو چڱيءَ طرح جائزو وٺڻ بنا رڳو انهن ايراني عورتن جي ڳالهين تي ڳنڍ ٿا ٻڌن جيڪي آمريڪا يا يورپ جي ڪنهن ملڪ جي نئشنلٽي (قوميت) هاصل ڪرڻ لاءِ اميگريشن وارن کي اهو ئي ٻڌائين ٿيون ته هو ايران ڇڏي سندن ملڪ انگلينڊ، سئيڊن، جرمني يا USA ۾ ان ڪري رهڻ چاهين ٿيون جو ايران ۾ اسلام آهي ۽ اسلام عورت کي قيدياڻي بڻائي ڇڏيو آهي.... وغيره. ڇو جو هنن کي خبر آهي ته مغرب جي دنيا فقط ۽ فقط ان ڳالهه مان خوش ٿئي ٿي جڏهن ڪو اسلام خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو. ائين جي نه هجي ته رشدي ڪهڙو وڏو اديب ۽ تاريخدان آهي جنهن کي هنن رات اندر پير مرشد بنائي SIR جو خطاب کڻي ڏنو آهي.
****
ايران اهو ملڪ آهي جتي رڳو فارسي هلي ٿي. ملائيشيا، سعودي عرب، دبئي ۽ ڪويت جهڙن ملڪن ۾ ته انهن جي قومي زبانن کان علاوه انگريزي به هلي، پر ايران ۾ جتي ڪٿي سندن زبان هلي ٿي. چين ، جپان، ڪيوبا، برازيل ۽ برمودا، بهاما ۽ بالي جهڙن ٻيٽن تي به هڪ ڌاريون مسافر انگريزي مان ڪم هلائي ويندو پر ايران ۾ بنا ڪنهن فارسي جي ڄاڻو گائيڊ يا ترجمي ڪندڙ جي مختلف جاين تي گهمڻ ڦرڻ ۽ مڪاني ماڻهن سان خبرچار ڪرڻ مشڪل آهي. مغرب جي ٽوئرسٽن کي هڪ اها به تڪليف آهي ته هو ايران ۾ Penetrate ٿي مڪاني ماڻهن سان ايران ۽ ايران جي حڪومت جي گلا ڪري نٿا سگهن. مڪاني ماڻهن جا ڪوڙا سچا ڏک ڏاکڙا ٻڌي ان کي inflate ڪري ايران کي ائين خوار نٿا ڪري سگهن، جيئن هو ويٽنام کان ٿائلينڊ، روس کان عرب ملڪن تائين ڪري رهيا آهن. سئيڊن ۾ هوندا هئاسين ته اسانجي گروپ جو هڪ يمني انجنيئر نيويارڪ ٽائيمس اخبار جو هڪ جهونو پرچو پاڻ سان کڻي هلندو هو، جيڪو هو يونيورسٽي جي يورپي ڪلاس ميٽن کي سندن تعصب پرستي (Prejudice) هجڻ جي مثال ۾ ڏيکاريندو هو. جنهن جي پهرين صفحي تي ٿلهن اکرن ۾ ارڙهن سالن جي ڇوڪريءَ سان ٽي شادي ڪئي آهي. ان ئي اخبار جي پٺئين (آخري) صفحي تي هيٺ ڪنڊ ۾ هڪ ڪالمي خبر هئي ته فلوريڊا رياست جي هڪ سٺ سالن جي آمريڪن ٽيچر يارهن سالن جي شاگردياڻيءَ کي ريپ ڪيو آهي. ”لُڪ برادر!“ يمن جو مبارڪ يورپي دوستن کي چوندو هو، ”ڪير وڌيڪ ڪمينو ٿيو؟ پر مسلمان کي ذليل ڪرڻ لاءِ اڳئين صفحي تي خبر ڇپي وئي آهي ۽ هوڏانهن نابالغ ڇوڪريءَ کي زوريءَ زنا جي خبر ڄڻ ڪا اهميت ئي نٿي رکي، ان کي پٺئين صفحي تي ڏنو ويو آهي.“ سو ان وانگر اڄ ڪلهه يورپ ۽ آمريڪا وارا ايران جي پويان اچي لڳا آهن. مَک وانگر گهڻو ئي مٿو پيا هڻن. پر بقول مشهد جي پيام نور يونيورسٽي جي هڪ ازبڪ شاگرد جي، ايران ڪو عراق، افغانستان يا پاڪستان ناهي جيڪو آمريڪا جي دڙڪن ۾ اچي وڃي....
مون مٿي لکيو آهي ته ايران وارن پنهنجي ٻوليءَ کي قائم رکيو آهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هر شيءِ فارسي ۾ پڙهائي ٿي وڃي... ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان پنهنجو پاڻکي ايران جي بهادري، قوم پرستي، ايمانداري ڏي راغب ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه تي سندرو ٻڌي بيهون ته ايران ۾ فارسي ٿي هلي ته اسانجي ملڪ يا صوبي ۾ به اردو/ سنڌي هجڻ کپي! اهي شوق جپان ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ به نه ڪري سگهيا آهن، ڇو جو حقيقت اها آهي ته اسانجي ٻولين ۾ فارسي ۽ انگريزي جهڙي طاقت نه آهي. جپان ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ به انگريزي ڏي واپس اچي ويا. ها ايران هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ صدين کان فارسي هلندي اچي. هنن وٽ هر شيءِ جو لفظ ۽ معنى آهي. اسان جو اهو حال آهي جو اسان جي زبانن مان عربي ۽ فارسي جا لفظ ڪڍي ڇڏجن ته اهي وڃي گوڏن ڀر ڦهڪو ڪن. اجايو اردو ادب يا سنڌي ادب جا ادارا ڊڪشنريون ڇپڻ تي خرچ پيا ڪن، جيڪي لفظن جي معنى ٻڌائڻ بدران انهن ۾ هر شيءِ لاءِ لکيل ملندو.... ”فلاڻي شيءِ جو نالو آهي“. لفظ ليچي يا Olive جي معنى ڏسبي ته لکيل ملندو: ميوي جو نالو آهي. Rheumatism جي معنى ڏسبي ته ان جي سنڌي يا ڙدو معنى واري لفظ بدران لکيل ملندو: ”بيماريءَ جو نالو آهي“. اهڙيءَ طرح Flemingo يا Sea Gull لفظن جي معنى ڏسبي ته لکيل ملندو ”پکين جو نالو آهي“. مزي جي ڳالهه اها ته ڪيترن ئي پکين، ميون، ڌاتن، ڀاڄين، انساني عضون ۽ بيمارين جا سنڌي ۽ اردو ۾ نالا هوندا پر اسان جا اڻ ڄاڻ ۽ ٿڪل ليکڪ محنت ڪري ڳولهڻ يا پڇا ڳاڇا ڪري لکڻ بدران، انهن لفظن لاءِ به لکي ڇڏيندا ته بيماريءَ جو قسم آهي، گاهه جو قسم آهي، مڇيءَ جو نالو آهي.... پر فارسي ٻوليءَ جي ڊڪشنرين ۾ ائين ناهي. فارسي زبان لفظن جي معاملي ۾ امير زبان آهي. ايران ڀلي يونيورسٽي ليول تائين هر سبجيڪٽ فارسي ۾ پڙهائڻ جي پهلواني ڪري. اسان جي اهڙا تجربا ڪنداسين جن وٽ پهرين ڪلاس جي مئٿس لاءِ به فارسي ۽ عربي جا لفظ ضرب، جمع، تقسيم.... وغيره استعمال ٿين ته اسان بچيل حال افعالن کان به هليا وينداسين. ملائيشيا ۽ برما جهڙا ملڪن قومي زبان ۾ مڪمل تعليم ڪري وري پويان پير ڪري ويا. جپان ۽ سعودي عرب جهڙا ملڪ به انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فخر ٿا محسوس ڪن. هونءَ اسان کي جي انگريزيءَ بعد ٻي زبان ۾ وڃڻ جو شوق آهي ته ان لاءِ عربي جي چونڊ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪا اسان جي مذهبي زبان هجڻ کان علاوه تمام گهڻن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. باقي اردو، سنڌي، پنجابي وغيره ته ڄڻ اسان جون مادري زبانون آهن. مون وانگر ڪو اسڪول ۾ فقط چار ڪلاس پڙهندو ته به ڪالم ۽ ڪتاب ويٺو لکندو. بهرحال هي سڀ منهنجا پنهنجا خيال ۽ رايا آهن جيڪي هڪ مئرين انجنيئر (بحري جهاز هلائيندڙ) جا نه پر هڪ ان ٽيچر جا آهن جنهن ٻه ڏهائيون کن دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن کي پڙهايو آهي ۽ اڃان تائين هڪ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ پاڪستان، انڊيا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ پڙهائي رهيو آهي. جيستائين ڊڪشنرين جي گلائن جي ڳالهه آهي ته هتي اها حقيقت پڻ ظاهر ڪندس ته سنڌي، اردو ۽ ملئي ڊڪشنريون جن سان منهنجو واسطو هلندو اچي انهن ۾ هڪ ڊڪشنري البت مونکي سڀ ۾ بهتر لڳي ٿي ۽ اها آهي: 2356 صفحن جي ”قومي انگريزي اردو لغت“ جيڪا ڊاڪٽر جميل جالبي صاحب Edit ڪئي آهي ۽ مقتدره قومي زبان، اسلام آباد وارن ڇپرائي آهي. مونکي اها سروس بڪ ڪلب طرفان ملي هئي. منهنجي ڪتابن جي رئڪ تي رکيل ڏهه ٻارهن اردو، سنڌي ۽ ملئي ڊڪشنرين مان اهائي هڪ آهي جنهن کي آئون گهڻي کان گهڻو استعمال ڪريان ٿو ۽ ان کي ڪم جي شيءِ سمجهان ٿو. بهرحال اها به منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ آهي جنهن سان ٿي سگهي ٿو ٻيو ڪو سهمت هجي يا نه به هجي.
****
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران آب هوا جي خيال کان بهتر ملڪ آهي. ان ڪري هر هڪ جي صحت به سٺي رهي ٿي. زمين ڀلي هجڻ ڪري جتي ڪٿي باغ باغيچا ۽ گلڪاريون لڳيون پيون آهن. ائين ساوڪ ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ به ڏاڍي آهي پر گهِم گهُٽ، Humidity ۽ مينهوڳيءَ ڪري نانگ بلائون، ڏينڀو ماڪوڙا ۽ هر قسم جا جيت جڙا تمام گهڻا آهن ۽ مٿيون موسمي حالتون هنن ۾ بيحد گهڻي ويجهه پيدا ٿيون ڪن. ايران جي موسم ٿڌي ۽ خشڪ هجڻ ڪري ملائيشيا وارو مٿيون آزار ناهي. بهرحال ائين به ناهي ته سئيڊن ۽ ناروي وانگر- جتي ٿڌڪار منفي ٽيهه ڊگريون وڃيو ٿئي ۽ مڇر مکيون صفا ناهن ۽ هر شيءِ ڄڻ ريفريجريٽر ۾ هجڻ ڪري خراب نٿي ٿئي. تهران ايران جي گاديءَ جو شهر آهي ضرور ڏسجي. مشهد ۾ امام رضا جو روضو هجڻ ڪري هر زوار اتي پهچي ٿو. انهن شهرن کان علاوه ايران جي اڃان به سونهن سوڀيا ڏسڻي هجي ته اصفهان ضرور وڃجي جنهن لاءِ لکي آيو آهيان ته صفوي دور ۾ لنڊن ۽ پئرس به اهڙو سهڻو نه هو جهڙو اصفهان. يورپ جا ماڻهو اصفهان جا باغيچا ۽ روڊ رستا ڏسڻ لاءِ ايندا هئا ان ڪري ته اها چوڻي مشهور ٿي ته اصفهان اڌ جهان! اصفهان جي هر سياه (ٽوئرسٽ) تعريف ڪئي آهي پر ڪن هيڪاندي گهڻي ڪئي آهي، جنهن کي انسان جو عقل نٿو مڃي. علامه حموي رحه اصفهان لاءِ لکيو آهي ته: ”اصفهان پنهنجي نفيس قسم جي آب هوا کان مشهور آهي. هتي نه فقط ڪينئان ۽ ماڪوڙا نٿا ٿين پر کاڌو به جلدي نٿو سڙي ۽ نه وري ميوو ڀاڄي ڪو جلدي خراب ٿئي ٿي“. هن صاحب هي روايتون به نقل ڪيون آهن ته اصفهان جي قبرن ۾ مردن جو جسم به ڪافي عرصي تائين سلامت ۽ صحيح رهي ٿو.
****
هي شهر اصفهان حضرت عمر فاروقرضه جي دورِ خلافت ۾ (سن 19 هجري ۾) فتح ٿي ويو هو. ان وقت قَاذوسقان نالي بادشاهه جي حڪومت هئي. حضرت عبدالله بن عتبان رضه هن جو گهيرو ڪيو، ۽ جڏهن ٻنهي طرفن جون فوجون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون ته قاذوسقان حضرت عبدالله بن عتبان رضه کي نياپو موڪليو ته ”ٻنهي فوجن جي ويڙهه سان خونريزي کان علاوه ڪو فائدو نه ٿيندو، ان ڪري اچو ته اڪيلي سر مقابلو ڪريون. جيڪڏهن مون توکي قتل ڪري ورتو ته تنهنجو لشڪر واپس موٽي ويندو ۽ جيڪڏهن تو مون کي قتل ڪري ورتو ته منهنجا ساٿي توسان صلح ڪري وٺندا.“ حضرت عبدالله بن عتبان رضه اها رٿ منظور ڪئي. ٻنهي جو مقابلو ٿيو. حضرت عبدالله بن عتبان رضه قاذوسقان کي دعوت ڏني ته پهرين هو حملو ڪري، قاذوسقان حملو ڪيو ته حضرت عبدالله بن عتبان رضه جي گهوڙي جو لغام ڪٽجي ويو، پر هو پنهنجي جاءِ تي صحيح سلامت ۽ ثابت قدم بيٺو رهيو. ان بعد حضرت عبدالله چيو ته ”هاڻ آئون حملو ڪندس، تون تيار ٿي وڃ.“ پر قاذوسقان چيو ته مون تنهنجي ثابت قدمي ۽ دليري ڏسي ورتي، هاڻ آئون توسان صلح ڪري هي شهر اصفهان تنهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان بعد صلح نامو لکيو ويو، سڄي شهر جي ماڻهن کي بچاءُ ڏنو ويو ۽ شهر تي مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي وئي.
اصفهان جو شهر هڪ خوبصورت درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي آباد آهي ۽ درياهه جي ٻنهي ڪنارن کي ملائڻ لاءِ ڪيتريون ئي پليون آهن، جن مان هڪ پل جو نالو ”سي و سه پل“ آهي يعني ٽيٽيهن درن واري پل. هڪ ٻي پل ”خواجو“ سڏجي ٿي. هنن پلين تي بيهي درياهه ۽ ٻنهي ڪپرن تي پکڙيل شهرن جي عمارتن جو منظر ڏسڻ وٽان آهي.
****
آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته قم مُلن ۽ مدرسن جو شهر آهي. توهان کي جتي ڪٿي مدرسا ۽ اڇين ۽ ڪارين پڳن (عمامائن) ۾ شيعا عالم ۽ شاگرد نظر ايندا ۽ انهن جو تعداد وڌندو ويندو، جيئن جيئن فاطمھ معصوما جي مقبري جي ويجهو ٿيندا ويندائو. آئون هن شهر جي گهٽين ۾ جاگر جوتا پائي واڪ ڪيان ٿو. ٻه سال کن اڳ هن شهر مان مولانا مفتي محمد تقي عثماني صاحب نه فقط ٿي ويو هو پر هن ”ايڪ هفته ايران ۾“ نالي هڪ خوبصورت سفرنامو به لکيو آهي.“ ان ۾ هن شهر قُم لاءِ ٻڌائين ٿا ته ”هي علائقو حضرت عمر فاروق رضه جي دور خلافت ۾ سن 23 هجري ۾ حضرت ابو موسى اشعري رضه فتح ڪيو هو. يعني اصفهان تي مسلمانن جي قبضي ٿيڻ بعد پورن چئن سالن کان پوءِ قُم مسلمانن جي حوالي ٿي ويو. ان وقت هي شهر قم ڪو وڏو شهر نه هو، پر ستن ننڍين ننڍين وستين جو جهڳٽو هو، جن مان هڪ نالو ”ڪُمندان“ هو. سن 83 هجري ۾ جڏهن عبدالرحمان ابن الاشعت، حجاج بن يوسف سان بغاوت ڪئي ته هن جي لشڪر جا ڪجهه ماڻهو هتي اچيSettle ٿيا هئا ۽ انهن هنن ستن وستين کي ملائي هڪ شهر آباد ڪيو ۽ اهي ستئي وستيون هن شهر جا محلا ٺهي ويا ۽ هن شهر جو نالو ڪُمدان مان مختصر ٿي قُم بنجي ويو. جن ماڻهن هي شهر آباد ڪيو هو، انهن مان سڀ کان نمايان شخصيت عبدالله بن سعد هو. هن جو هڪ پٽ ڪوفي ۾ ڄائو هو ۽ اتي ئي اهل تشيع جي ماحول ۾ هن جي تربيت ٿي هئي. قم جي آباد ٿيڻ تي هو ڪوفي کان هيڏانهن قم لڏي آيو ۽ هن هتي اچي شيعه مذهب کي وڌايو، ايتريقدر جو آهستي آهستي هي شهر شيعه ٿي ويو.“
هن شهر قُم لاءِ چرچو مشهور آهي ته صاحب بن عباد (جيڪو وزير به هو ته اعلى درجي جو اديب به) هڪ دفعي هتي جي قاضيءَ کي خطاب ڪندي چيو ته:
ايهاالقاضي بقمَ، قد عزلناڪ فَقُم
قُم جي عربي زبان ۾ معنى ٿئي ٿي ”اُٿي بيهه“ سو مٿين جملي جو مطلب ٿيو ”اي قم جا قاضي! اسان توکي (نوڪري) تان لاهي ڇڏيو آهي، سو اٿي بيهه“ ان بعد جڏهن به هن قاضيءَ صاحب کان پڇيو ويو ٿي ته توهان کي نوڪريءَ مان ڇو لاٿو ويو؟ ته هن جواب ڏنو ٿي.
”انا معزول السجع من غير جرم ولا سبب“.
يعني مونکي ڪنهن ڏوه يا ڪنهن ٻئي سبب کان نه پر فقط رديف قافيه کي پورو ڪرڻ جي شوق ۾ نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو.
جيئن اسان وٽ ايران جا شاعر رومي، سعدي، عمر خيام، عطار وغيره مشهور آهن، تيئن ايران ۾ اسان جي ملڪ جو شاعر علامه ڊاڪٽر محمد اقبال مشهور آهي جنهن اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. ڊاڪٽر اقبال جا ڪتاب سڄي ايران ۾ ڪتابن جي دڪانن ۽ لئبريرين ۾ نظر اچن ٿا ۽ ايران جي ماڻهن جي دلين ۾ ڊاڪٽر اقبال لاءِ وڏي عقيدت ۽ محبت آهي. بقول ڊاڪٽر اسرار احمد جي، سڄي ايران ۾ دانشور ۽ عالم هن جي سوچ ۽ ويچار سان متفق ۽ متاثر نظر اچن ٿا. اقبال کي ايران ۾ ”اقبال لاهوري“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، جيئن ايران جي شاعر سعديءَ کي اسين ”سعدي شيرازي“ سڏيون ٿا تيئن ايراني، اقبال کي ”اقبال لاهوري“ سڏين ٿا ۽ هن جي انقلابي پيغام کي دل سان چاهين ٿا.
****
اڄ کان ڏهاڪو کن سال اڳ ڊاڪٽر اسرار احمد کي ايران ۾ هفتو کن رهڻ جو موقعو مليو هو جنهن جو احوال هن اردو ڊائجسٽ جي جون 1998ع واري پرچي ۾ "میں نے ایران میں کیا دیکھا؟ " جي عنوان سان ڪيو آهي. ان ۾ هن اهو لکيو آهي ته ”ايران جي ماڻهن ۾ جوش جذبو، امنگ ۽ ولولو نظر نٿو اچي ۽ عام طور تي پوري ماحول تي افسردگي ۽ ڀوءَ ۽ ڊپ جي ڪيفيت طاري آهي.“ ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽر صاحب صحيح هجي، پر اڄ جي ايران جو ماحول مون کي ان جي ابتڙ لڳو. اهو پنهنجي جاءِ تي ته اهل تشيع جي نزديڪ حضرت فاطمھ الزهرا رضه کي جن مشڪلاتن ۽ اوکاين کي منهن ڏيڻو پيو، حضرت علي رضه سان هنن مطابق جيڪي سختيون ٿيون ۽ مقام ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضه ۽ هن جي ساٿين جي شهادت جو واقعو ٿيو، اهڙن ڏکن جي اثر هيٺ رهي اهل تشيع جو افسرده مزاج ٿي پيو هجي. پر عام طرح ايرانين ۾ محنت، علم لاءِ چاهت، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ، پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ جدوجهد، دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو جوش ۽ جذبو صاف ظاهر آهي.
ڊاڪٽر اسرار جون ايران بابت ڪجهه ڳالهيون قابل غور آهن جيڪي سندس مشاهدي جي عڪاسي ڪن ٿيون:
* ايران ۾ وڃي صاف صاف محسوس ٿئي ٿو ته ايران ۾ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهوءَ ۽ عالمن جو وقار ۽ عزت آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ معاملو ان جي ابتڙ آهي. شهرن ۾ يقيناً اسان وٽ ڪجهه دبنگ قسم جا علماء اهڙا ضرور آهن جيڪي پنهنجي حيثيت ٺاهيو وٺن ۽ انهن جي عزت به ٿئي ٿي پر ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهه ناهي. اتي اسان جي عالمن ۽ مولوين جي حيثيت ”ڪمي ڪارين“ کان وڌيڪ ناهي.
* جمعي جو ڏينهن به مسلمانن لاءِ عيد وانگر آهي، جيئن ته حضور صه جن فرمايو ته ”الجمعه عيدالمسلمين“- جمعو مسلمانن لاءِ عيد آهي. ان حوالي سان جمعي جو جيڪو منظر اسان کي ايران ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهو سڄي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي نظر نه اچي. فقط تهران ۾ هنن جي چوڻ مطابق ڏهه لک ماڻهو جمعي جي نماز ادا ڪن ٿا.
* ايران ۾ صاف صاف نظر اچي ٿو ته ايرانين جي ترجيحات ۾ علم ۽ تعليم کي سڀ کان گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. يونيورسٽين ۽ لائبريرين لاءِ وڏو پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو. جتي ڪٿي نوان تعليمي ادارا ۽ تحقيقي مرڪز کلي رهيا آهن. فارسي زبان ۾ هڪ تمام وڏو انسائيڪلو پيڊيا ”دائره المعارف الاسلاميه الڪبرى“جي نالي سان ڇپجي رهيو آهي. عورتن لاءِ الڳ يونيورسٽيون به کوليون پيون وڃن. فقط تهران واري يونيورسٽي ۾ پنج هزار کان مٿي ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن ٿيون، جن لاءِ اڍائي سؤ کن ليڪچرار ۽ پروفيسر عورتون آهن.
* سعودي عرب بعد قرآن حڪيم ۽ ان جي تفسير جي عمدي ڇپائي جو ڪم ايران ۾ ٿي رهيو آهي، ان جو مثال مون کي سڄي دنيا ۾ نٿو ملي.
* اسان کي انديشو هو ته آيت الله خميني جي مزار تي اسان جي ملڪ جي مزارن تي ٿيندڙ بدعتن کان وڌيڪ بدعت نظر اينديون، پر اسان اتي وياسين ته ان قسم جي ڪا بِدعت يا شرڪ نظر نه آيو. مون اتي پهچي مسنون طريقي سان سلام ڪيو: ”السلام عليکم يا اهل القبور من المومنين والمسلمين، يغفرالله لنا ولڪم، انتم سلفنا و نحن ابا الثر“ پوءِ مزار ڏي پٺ ڪري قبلي ڏي منهن ڪري دعا گهريم. ان تي ڪنهن به ڪو اعتراض نه ڪيو.
* ايران ۾ جيستائين دستور (قانون) جو معاملو آهي اهو فقه جعفريه تي ٻڌل آهي ۽ اهو ئي ’پبلڪ لا‘ آهي، البت دستور مطابق سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي فقه مطابق عمل ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي ۽ آئون (يعني ڊاڪٽر اسرار) سمجهان ٿو ته ان تي عمل به ٿئي ٿو. اسان پاڻ شيعه ڪربلا جون ٽڪيون به نه رکيون، پر ڪنهن به ان تي اعتراض نه ڪيو.
* ايران پنهنجي معيشيت کي مضبوط بنيادن تي تعمير ڪرڻ جي لاءِ جان جي بازي لڳائي رهيو آهي. صنعتن کي وڌائڻ جون ڪوششون جاري آهن. مغربي طاقتون هن لاءِ جيئڻ جنجال ڪيو ويٺيون آهن ۽ سندن ايران سان بائڪاٽ ۽ مخالفت ويتر ايران کي وڌيڪ سگهارو ۽ همت وارو بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙين حالتن ۾ ايران جي ڪوشش آهي ته هو انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجي جي علم ۽ هنر ۾ مغرب جو مقابلو ڪري اهو ڄڻ ته اقبال چواڻي؛
"مسلمان کو مسلمان کردیا طوفان مغرب نے!"
* انسان جي انساني حقن جي علمبردار وڪيل عورت شيرين عبادي تهران وڃڻ لاءِ پئرس ايئرپورٽ جي رستي ۾ هئي، جڏهن هن ريڊيو تي اهو ٻڌو ته کيس عالمي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي. هوءَ جيڪا فرانس ۾ ليڪچر ڏيڻ ۽ مذاڪرن ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي، هر ماڻهوءَ جيان ان اعلان تي سخت حيرت ۾ پئجي وئي. انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ، محدود سرڪلز ۽ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر تمام گهٽ سڃاتي ويندڙ شيرين عباديءَ جي چونڊ لاءِ پوپ جان پال کي به پوئتي رکيو ويو. نوبل انعام حاصل ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن هوءَ ايران ۾ موجود صورتحال ۽ نوبل انعام جي مدد وسيلي ان ۾ تبديلي آڻڻ بابت نيوزويڪ کي انٽرويو ڏنو. سندس هڪ ٻن سوالن جا جواب هن ريت آهن:
سوال: ڇا توهان کي ملندڙ انعام ايران ۾ جمهوريت لاءِ بهترين آجيان آهي؟
شيرين عبادي: آئون سمجهان ٿي ته ائين آهي. مون هميشه قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪيو آهي، مون ڪو به غير قانوني قدم نه کنيو آهي، مون پُرامن مظاهرن جي حمايت ڪئي آهي. پر جڏهن ڪجهه غلط ٿيندو آهي، آئون پنهنجي مؤڪلن جي بچاءُ ۽ آزاديءَ لاءِ موجود رهندي آهيان. جڏهن 1999ع ۾ شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ٿيا، ته مون ان جي شڪار بڻيل هڪ نوجوان جي خاندان جو بچاءُ ڪيو، جنهن ڪري مون کي جيل به وڃڻو پيو. ان ڪري مون کي اميد آهي ته مون کي ملندڙ نوبل انعام ايران ۾ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙن لاءِ همت ۽ نئين جوش جو سبب بڻبو. هن انعام جو سڀ کان وڏو هڪ ٻيو فائدو آهي. آئون سمجهان ٿي ته ان وسيلي ثابت ٿي ويو ته ايران ۾ رهي اڃان تائين انساني حقن لاءِ پتوڙي سگهجي ٿو ۽ جدوجهد اڳتي وڌي سگهي ٿي.
سوال: ڇا اسلامي ملڪن ۾ انساني حقن جو وجود آهي؟
شيرين عبادي: اسلامي ملڪ، اسلام ۽ انساني حقن وچ ۾ ڪو به تضاد نه آهي، جيڪڏهن ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي ته اها مذهب جي غلط تشريح جي بنياد تي ئي آهي. مون گذريل 20 سالن کان مذهب جي ٻئي تشريح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سان مسلمان ملڪن ۾ جمهوريت متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي. اسان کي مذهب جي اهڙي تشريح جي گهرج آهي، جنهن سان عورت کي ڪم ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ملن. اسان کي ان مذهب جي ضرورت آهي، جيڪو جمهوريت سان لاڳاپيل هجي ۽ ان ۾ هر ماڻهوءَ جي حقن جو خيال رکيو وڃي.
سوال: توهان پريس ڪانفرنس وقت مٿي کي چادر يا برقعي سان نه ڍڪيو، ڇا توهان ان باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندائو؟
شيرين عبادي: ايران عورت جو چادر اوڍڻ قانوني گهرج آهي، ان ڪري اتي آئون اوڍيندي آهيان، پر جيئن اڳ چئي چڪي آهيان، ته آئون مذهب جي ترقي يافته تشريح ۾ يقين رکان ٿي ۽ اسان پراڻي تشريح ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا. آئون سمجهان ٿي ته چادر يا حجاب اوڍڻ جو فيصلو هر عورت تي ڇڏڻ گهرجي.
سوال: توهان ڇا ٿا سمجهو ته جڏهن توهان ايران پهچندائو ته چادر وري ساڳي نموني اوڍيندائو، ڇا توهان ڊنل آهيو؟
شيرين عبادي: آئون ڪنهن به خوف ۾ ورتل نه آهيان، نه ئي مون کي ڪجهه ٿيڻ جي پرواهه آهي. آئون ايران واپس وينديس، ڇو ته آئون ايران ڄائي آهيان ۽ آئون پنهنجي ملڪ ۾ ئي آخري پساهه کڻڻ چاهيان ٿي. توهان اهو خيال ڪريو ته توهان پنهنجي گهر ۾ آهيو، جتي توهان جي پوڙهي بيمار ماءُ به آهي، توهان يقينن ان بيمار ماءُ ڏانهن ئي ويندائو ۽ ان سان ئي وقت گذاريندؤ، ڇو ته اها توهان جي ماءُ آهي. جڏهن هن وقت آئون پئرس ۾ آهيان، جتي فرانس جي انقلابي ماڻهن کي سڀ حق حاصل آهن، بيشڪ مون کي انهن مان لطف اچي ٿو ۽ آئون خوش آهيان، پر هي منهنجو گهر نه آهي.
سوال: توهان کي مستقبل ۾ ايران بابت ڪهڙي اميد آهي؟
شيرين عباديي مون کي اميد آهي ته ايراني نوجوان مون کان به اڳتي وڃي سگهن ٿا. اسان جي نسل وٽ پاڻ کي باخبر رکڻ لاءِ تمام گهٽ موقعا موجود هئا. جڏهن آئون جوان هيس، ان وقت نه ڪمپيوٽر هو نه انٽرنيٽ هئي. اسان وٽ معلومات لاءِ صرف يونيورسٽيءَ جي ننڍڙي لائبريري هئي. ان ڪري مون کي اميد آهي ته اڄ جو نوجوان گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ مون کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ جي خذمت ڪندو.
****
ايران جي جج، وڪيل، انساني حقن جي جاکوڙي شيرين عبادي پهرين ايراني عورت، پهرين شيعا عورت ۽ پهرين مسلمان عورت آهي جنهن کي 10 آڪٽوبر 2003ع تي نوبل انعام مليو. شيرين عبادي 1947ع ۾ ايران جي شهر همدان ۾ ڄائي. سندس والد محمد علي عبادي شهر جو چيف نوٽري پبلڪ ڪمرشل لا (تجارتي قانوني سبجيڪٽ) جو پروفيسر هو.
شيرين عباديءَ 1969ع ۾ يونيورسٽي آف تهران مان قانون ۾ گرئجوئيشن ڪئي ۽ ان بعد چونڊ جا امتحان ڏئي جج ٿي. 1979ع ۾ ايراني انقلاب بعد عباديءَ کي ان مٿاهين پوسٽ تان لاٿو ويو، جو ڪيترن عالمن جو اهو خيال هو ته اسلام عورت کي جج ٿيڻ لاءِ روڪي ٿو. شيرين ڪيترن ئي رسالن لاءِ مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن جن مان ڪجهه انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن جن مان مشهور آهن:
1. History and Documentation of Human Rights in Iran.
2. The Rights of the Child
3. Iran Awakening- A Memoir of Revolution and Hope.
اڄ کان پنج سال اڳ 2003 ۾ ايران جي وڪيل عورت عبادي شيرين کي سئيڊن وارن دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ Noble Peace Prize ڏنو ته دنيا جي مسلمانن کي – خاص ڪري مسلمان عورتن کي بيحد خوشي ٿي ۽ جيئن بينظير ڀٽو پهرين مسلمان عورت هئي جيڪا ملڪ جي وزيراعظم ٿي، تيئن عبادي شيرين دنيا جي پهرين مسلمان عورت هئي، جنهن کي اهو ايوارڊ مليو. هونءَ ته عبادي شيرين کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هوءَ ايران جي پهرين عورت آهي جيڪا هن ملڪ ۾ جج ٿي. بهرحال عبادي شيرين بعد اڃان تائين ٻي ڪنهن مسلمان عورت کي نوبل پيس پرائيز نه مليو آهي. ها البت هڪ عورت 1997ع ۾ ان اوارڊ لاءِ nominate ضرور ٿي هئي ۽ اها به ايران جي شهري مئڊم سيمين ڀڀاني هئي.
سيمين ماڊرن فارسي لٽريچر جي وڏي اهم ادبي شخصيت آهي جيئن اسان وٽ سراج ميمڻ، آغا سليم، احمد فراز ۽ شيخ اياز کڻي چئجن. پاڻ 1927ع ۾ تهران ۾ ڄائي ۽ اڃان حيات آهي. اديب هجڻ سان گڏ هوءَ قومي شاعره پڻ آهي. پاڻ عربي ۽ فارسي جي هڪ وڏي شاعر عباس خليلي جي ڌيءَ آهي جنهن فردوسيءَ جي شاهنامي جا 1100 شعر عربي ۾ ترجمو ڪيا ۽ 1971ع ۾ گذاري ويو. سندس ڄم جو سال 1893ع هو.
سيمين ڀاڀاني جنهن جو اصل نالو سيمين خليلي هو، ”ايرانين رائيٽرس ائسوسيئيشن“ جي صدر پڻ آهي. توهان کي اديبن ۽ شاعرن سان جي ملڻ جو شوق آهي ۽ تهران ۾ ڏينهن به رهڻ چاهيو ٿا ته توهان شيرين عبادي ۽ سيمين ڀاڀاني سان فون ذريعي ٽائيم پڇي ملي سگهو ٿا- يا مون وانگر ڪنهن به اخبار جي آفيس ۾ پهچي وڃو. هو اهڙن ڪيترن ئي اهم ماڻهن جي رهائش گاهن ۽ فون نمبرن بابت توهان کي معلومات ڏئي سگهن ٿا.
سيمين ڀڀانيءَ جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. تهران يونيورسٽي جي پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ لاهور جو علي امام رضوي نالي هڪ اسٽوڊنٽ سندن ڊپارٽمينٽ جي لئبرري ۾ سيمين ڀاڀاني جا جيڪي فارسي ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ڏيکاريا، انهن جو واسطو هن جي سبجيڪٽ سياست سان آهي. انهن مان ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:
- The Broken Lute (’سيِھ تارِ شڪسته‘ جو ترجمو جيڪو هن 1951ع ۾ لکيو).
- A Line of Speed and Fire (فارسي ڪتاب ’خطِ صورت و آتش‘ جو ترجمو).
- Paper Dress (ڪاغذي جامه).
- A Window of Freedom(فارسي ڪتاب ’يڪ دريچه آزادي‘ جو ترجمو. هي ڪتاب سندس 1995ع ۾ لکيل آهي).
ايران جي ٻن اهم پر وڏي عمر جي عورتن: شيرين عبادي ۽ سيمين ڀاڀاني بابت لکڻ بعد ٻه ٽي سٽون مريم مرزا خاني نالي هڪ نوجوان، خوبصورت ۽ بيحد ذهين ۽ موجد (Inventor) ايراني مسلمان عورت بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان – خاص ڪري اسان جي ملڪ جي انهن شاگردن لاءِ جيڪي مئٿمئٽڪس ۾ مٿاهين درجي جون ڊگريون (M.Sc ۽ Ph.D) حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهي رهيا آهن.
مريم مرزا خانيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ ڄمندي ئي مئٿيميٽيشن رهي آهي. مريم اڄ ڪلهه ٽيهن سالن جي آهي. هوءَ 1977ع ۾ تهران ۾ ڄائي. اڄ ڪلهه هوءَ آمريڪا جي پرنسٽن يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. مريم مرزا خانيءَ جا ريسرچ جا سبجڪيٽ هن ريت آهن:
• Symplectic Geometry
• Teichmuller theory
• Hyperbolic geometry
• Ergodic theory
پاڻ ايران جي شريف ”يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“ مان 1999ع ۾ مئٿس ۾ B.Sc ۽ ان بعد M.Sc ڪيائين. Ph.D ڊگري 2004ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ هانگ ڪانگ 1994ع ۾ ۽ ڪئناڊا 1995ع ۾ انٽرنيشنل Mathematical Olympiad ۾ گولڊن ميڊل حاصل ڪيائين.