الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

مهاڳ

سائين الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ هڪ وڏو نانءُ آهي. منهنجي سائينءَ سان ڪڏهن به روبرو ملاقات نه ٿي آهي. پر سندس قلمي پورهيي جي ڪري هن سان پنهنجائپ جو رشتو آهي. هڪ ڏينهن پيار ۽ پاٻوهه مان فون تي سائينءَ حڪم ڪيو ته مان سندس تازي تخليق ايران جي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏام“ جو مهاڳ لکان. سائين الطاف شيخ جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، پر اهو به هڪ سچ آهي ته مون هن ڪتاب کان اڳ ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ نه لکيو آهي، ۽ نه ئي انهيءَ ”ٽيڪنڪ“ جي مون کي ڪا ڄاڻ آهي. بهرحال ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان“.
سفرنامو، ادب جي هڪ بهترين ۽ نرالي صنف آهي، جنهن مان ملڪن جي معاشي، ثقافتي، علمي، ادبي، سياسي، اخلاقي، تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر جي ڄاڻ ملي ٿي. سائين الطاف شيخ هن ڪم ۾ واقعي پاڻ ڳڻايو آهي ۽ زندگيءَ جي اڻانگي سفر ۾ 66 ڪتاب لکي، پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.
سائين الطاف شيخ هڪ انجنيئر، رياضي دان، موسمن جو ڄاڻو، هڪ حساس ليکڪ، سيلاني، مصور، سفرناما لکندڙ، مترجم ۽ افسانه نگار پڻ آهي، ان ڪري هن جي شخصيت گهڻ پاسائين آهي. سائينءَ جي باري ۾ لکڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي.
سائين الطاف شيخ هيتري ساري دنيا گهمڻ جي باوجود، پنهنجو پاڻ کي هميشه هڪ عام انسان وانگر پيش ڪيو آهي. هن پنهنجن ڪتابن ۽ تحريرن ۾ ڪڏهن به پنهنجي تعريف نه ڪئي آهي، نه ئي ڪڏهن پاڻ وڻايو آهي، اها ئي سندس عظمت آهي.
سائين الطاف شيخ ڪڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ، مقدس سنڌ کي نه وساريو آهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس پنهنجي ازل جي رشتي ڪري هن ڪڏهن به پنهنجن ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي ڏورانهن ڏيهن ۾ به نه وساريو آهي.
تاريخي لحاظ کان اسان سنڌي قوم ۾ خاصيتون به آهن ته خاميون پڻ، هن پنهنجي لکڻين ۾ انهن جي بهترين عڪاسي ڪئي آهي، ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن جي ذريعي غفلت جي اگهور ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو ابدي پيغام ڏنو آهي ته ”سنڌيو جاڳو! توهان جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪرندي پئي وڃي! هي دور مقابلي (Competition) جو دور آهي، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي وجود کي دائم ۽ قائم رکڻو آهي ته پنهنجو پاڻ کي علم ۽ هنر، ڏات ۽ ڏاهپ جي هٿيارن سان ليس ڪريو.“
الطاف شيخ جون لکڻيون سنڌي قوم لاءِ تعليمي درسگاهه لڳن ٿيون. هو هڪ سچو ۽ صاف سنڌي آهي. سندس پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت غير مشروط ۽ يڪ طرفي آهي، هو مان، مرتبي، اقتدار، دولت ۽ آسائش کان قطعي بي پرواهه انسان آهي.
سندس تازي تحرير هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
هن سڄي سفرنامي ۾ جنهن ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، اهو الطاف شيخ جو ذاتي ڪردار ۽ انساني رويو آهي ۽ گڏوگڏ هر ننڍڙي وڏي کي پاڻ کان عظيم سمجهڻ، خودنمائيءَ جي خيانت کان پري رهڻ ۽ هر حال ۾ رضا تي راضي رهڻ آهي.
هن سفرنامي جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته سندس محبت ۽ Commitment سڄي انسانذات لاءِ ته آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو عشق ڄڻ ته کيس جيئڻ جو جواز ٿا بخشين. هن ايران جي سفر ۾ سمورو وقت اها جستجو ڪئي آهي ته پنهنجي هم وطن ۽ هم زبان سٻاجهڙن کي ڳولي لهي ۽ انهن سان پنهنجي اندر جو حال اوري. هن ايران جي سفر دوران جن به سنڌين سان ملاقات ڪئي آهي، پنهنجي سفرنامي ۾ انهن جو ذڪر ۽ تعارف تفصيل سان ڪيو آهي. ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجن ماڻهن سان سڪ ۽ اڪير سان ملڻ هڪ عظيم ڏات آهي. جيڪا قدرت ٿورن ماڻهن کي عطا ڪري ٿي.
ايران دنيا جو هڪ عظيم ملڪ آهي. ايران تاريخي لحاظ کان هڪ شاهوڪار ”تهذيب (Civilization)“ رکي ٿو، جيڪا هزارين سال پراڻي آهي. جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هي ملڪ به ٻين ”نو آبادياتي ملڪن“ جيان سامراج جي جبر، استحصال ۾ ڦرمار جو شڪار رهيو آهي. اڙهين ۽ اوڻهوين صديءَ ۾ ايران برطانوي سامراج ۽ روس جي زار شاهيءَ جي ”استهماريت“ جو شڪار رهيو آهي.
ويهين صديءَ ۾ ايران تي آمريڪي سامراج پنهنجي تسلط ڄمائڻ لاءِ هٿ پير هنيا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ۾ ايران ۾ وڏي پئماني تي تيل جا کوهه کوٽجي چڪا هئا، جن تي آمريڪا جي نظر هئي. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ (IInd world war) کان پوءِ دنيا جي نو آبادياتي ملڪن ۾ سامراج دشمن (Anti imperialism) تحريڪون جنم وٺي چڪيون هيون، جيڪي سامراجي غلاميءَ کان آزادي ۽ پنهنجي معاشي ۽ سماجي نجات لاءِ تاريخ جي ميدان ۾ ازلي ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار هيون. ايران ۾ به انهيءَ قسم جي سامراج دشمن تحريڪ شدت سان اڀري هئي، پر ايران جي ڪميونسٽ پارٽي (توده پارٽي) جي سياسي ۽ انقلابي پروگرام جي محدوديت جي ڪري، پاڪستان جي 69-1968ع جي تحريڪ جيان ”پاپولوزم“ ڏانهن وڌي ويئي، ڇاڪاڻ ته ايران ۾ ڪميونسٽ پارٽي، هڪ ”سوشلسٽ انقلاب“، بدران ”جمهوري انقلاب“ جو پروگرام ڏنو هو.
ايران جا پاپولر ليڊر پاڪستان جيان ”سوشلسٽ انقلاب“ بدران ”جمهوري انقلاب“ جي واٽ تي ايترو اڳتي وڌي ويا، جو هنن چونڊن جي پروگرام ۾ ”سوشلزم“ کي صرف نعري بازيءَ طور پيش ڪيو. 1951ع جي چونڊن ۾ سوشلسٽ اڳواڻ ڊاڪٽر محمد مُصدق ايران جو وزير اعظم چونڊجي ويو. محمد مصدق به شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جيان ”وڏي پيماني“ تي سڌارن جي شروعات ڪئي، جنهن جي ڪري هن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ويو. پر جڏهن هن تيل ۽ ٻين اهم شعبن کي 1951ع ۾ ”قومي ملڪيت“ ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته هن جي خلاف سامراجي سازشون شروع ٿي ويون. جيئن ته محمد مصدق سرمائيدارانه رياست ۽ معيشت جي سوشلسٽ بنيادن کي مڪمل طور تبديل نه ڪيو هو، ان ڪري انقلاب اڌورو رهجي ويو.
عالمي سامراج، پاڪستان وانگر جهڙيءَ ريت فوجي جنرلن جي ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي هٽايو، اها ساڳي واٽ ايران جي فوجي جنرلن، سامراج جي اشاري تي ”مصدق حڪومت“ جي تختي اونڌي ڪرڻ وقت ڪم آندي ۽ مصدق کي معزول ڪري ڇڏيو. ايران تي زبردستي بادشاهت مسلط ڪئي ويئي. رضا شاهه پهلويءَ کي نه صرف ايران جو ”بااختيار“ بادشاهه بنايو ويو، پر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي نگرانيءَ لاءِ ”ڪمدار“ پڻ مقرر ڪيو ويو.
1951ع کان 1979ع تائين چاليهه هزارن کان وڌيڪ آمريڪي ايران ۾ مقرر ٿي چڪا هئا. انهن جو رويو ايرانين سان حاڪمانه ۽ ذلت آميز هو، جنهن جي ڪري عام ماڻهوءَ ۾ آمريڪي سامراج جي خلاف نفرت جو ”گراف“ وڌي وڻ ٿي ويو. شاهه جي خفيه پوليس ”ساواڪ“ (Savak) ايران جي باشعور ماڻهن کي اذيت گاهن ۾ بند ڪري، ظلم ۽ جبر جو نشانو بنايو ، مزدور تنظيمن، شاگرد تنظيمن ۽ کاٻيءَ ڌر جي ڪارڪنن جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو ويو. ”ساواڪ (Savak)“ جون اذيت گاهون سڄيءَ دنيا ۾ ظلم، تشدد ۽ وحشياڻي ٽارچر جي ڪري بدنام ٿيون.
1979ع جي انقلاب پويان ايران جي محنت ڪش ۽ وطن پرست عوام تي سامراجي، رياستي ظلم ۽ بربريت جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. آمريڪي سامراج ۽ شهنشاهيت جي خلاف ”نفرت“، ايراني انقلاب جو ”بنياد“ آهي، ايراني انقلاب جي سرجڻ ۾ ايران جي ڪميونسٽ پارٽي (توده پارٽي) جو (جيڪا مصدق کي معزول ڪرڻ کان پوءِ انڊر گرائونڊ ڪم ڪندي رهي. ) اهم ڪردار آهي. ايراني عالمن به عبادت گاهن ۾ آمريڪي سامراج ۽ شهنشاهيت خلاف عوام کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ايران جي 1979ع جي انقلاب جو بنياد ”توده پارٽي“ جي ڪارڪنن رکيو هو، جن اصفهان، تبريز، زاهدان، بندر عباس ۽ ٻين شهرن جي تيل ۽ پلاسٽڪ جي فيڪٽرين ۽ ٻين صنعتن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي منظم ۽ متحد ڪيو ۽ سامراج ۽ شهنشاهيت خلاف فيصلي ڪن ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ ايراني سماج تي عالمن جي اثر ڪري انقلاب جو سڄو فائدو عالمن کي پيو.
رضا شاهه پهلويءَ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آيت الله خميني، ايران جو سياسي، روحاني ۽ مذهبي سربراهه بنجي ويو ۽ بعد ۾ کيس امام جو درجو ڏنو ويو.
الطاف شيخ، امام خمينيءَ جي حياتيءَ ۽ جدوجهد متعلق پنهنجي هن سفرنامي ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. سندن مطابق امام خميني ويهين صديءَ جو وڏو عالم، طاقتور ليڊر ۽ نيڪ انسان هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي، پاڻ کي ڏکيو رکي، انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ سک لاءِ ڪم ڪيو. هو وڏو ليکڪ ۽ مقرر هو. جنهن کي ايران جي عوام توڙي دنيا جي مسلمانن دل سان عزت ۽ پيار ٿي ڪيو ۽ هن انسان، جيڪو جسماني توڙي مالي طور ڪمزور ۽ غريب هو، هڪ طاقتور، ظالم ۽ مغرب پرست حڪومت جو تخت ڊاهي، پنهنجي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد رکڻ لاءِ انقلاب آندو.
امام خميني، 24- سيپٽمبر 1902ع (20- جمادي الثاني 1320هه) تي ”خمين“ نالي شهر ۾ ڄائو، جنهنڪري هو ”خميني“ سڏجي ٿو. امام خمينيءَ جي ڄم جي تاريخ اها ئي آهي، جيڪا بيبي فاطمة الزهرا جي آهي. امام خمينيءَ جو نالو ”روح الله موسوي“ آهي ۽ هن جي نالي سان ٻه لقب استعمال ٿين ٿا، آيت الله ۽ امام.
ايران ۾ ان وقت جي وڏي شيعا عالم آيت الله بروجرديءَ جي وفات بعد ايران جي عوام ۽ عالمن، امام خمينيءَ کي سندس جاءِ تي مذهبي ليڊر يعني ”آيت الله“ چونڊيو. ان بعد امام خمينيءَ جو شهنشاهيت خلاف جهاد زور وٺڻ لڳو. هن شاهه جي حڪومت طرفان مغرب تي ڀاڙڻ واري پاليسيءَ جي سخت نندا ڪئي. امام خمينيءَ کي شاهه جي حڪومت تي سخت تنقيد جي ڪري، قيد ۽ بند ۾ وڌو ويو. بعد ۾ عوام جي مزاحمت ڪري، هن کي جلاوطن ڪيو ويو. 4 نومبر 1964ع تي امام خمينيءَ کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. کيس پهرين ترڪي ”Deport“ ڪيو ويو، جتي هو سال کن ازمير ۽ برسا ۾ رهيو. بعد ۾ کيس آڪٽوبر 1956ع ۾ عراق موڪليو ويو، جتي هو تيرهن سال ”نجف“ ۾ رهيو،جتي هو ڪتاب لکندو رهيو ۽ تقريرون ڪندو رهيو، جن کي گانن وارين ڪئسيٽن تي ٽيپ ڪري ايران موڪليون ويون ٿي ۽ انهن تان ماڻهن وڌيڪ ڪئسٽون ٽيپ ڪري، عوام ۾ ورهايون ٿي. آخر ايران ۽ عراق حڪومت اهو گڏيل فيصلو ڪيو ته امام خمينيءَ کي عراق مان ڪڍيو وڃي. ان وقت عراق جو نائب صدر صدام حسين هو، جنهن امام خمينيءَ کي زوريءَ عراق مان ڪڍيو، جنهن بعد هو ”ٽوئرسٽ ويزا“ تي فرانس ۾ اچي رهيو.
عوام جي انقلابي جدوجهد جي ڪري شهنشاهه ايران کي ملڪ ڇڏڻو پيو. پورن ٻن هفتن بعد پهرين فيبروري 1979ع تي خميني 15 سالن جي جلاوطنيءَ بعد پنهنجي وطن آيو. ايران جي سرزمين تي هن قدم رکڻ کان پوءِ تاريخي تقرير ڪئي ته: ”الله نه ڪري، پر جي شاهه جي حڪومت اڃا ڪجهه عرصو هلي ها ته اڄ هو اسان جي ملڪ جو سمورو تيل ڌارين کي ڏيئي ڇڏي ها، اسان ڌارين جا غلام ٿي رهون ها. اهو سوچي اسان دانهون ٿا ڪريون، اهو ئي سبب آهي، جو ايران جون گهٽيون اسان جي نوجوانن جي خون سان ڳاڙهيون ٿي ويون آهن. آمريڪا ۽ ان جا ڇاڙتا عرب ليڊر، دهشتگرد ۽ قزاق آهن.“
امام خميني 88 ورهين جي ڄمار ۾ 3 جون 1989ع تي تهران ۾ گذاري ويو. سندس جنازي ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا.
الطاف شيخ لکي ٿو ته: ”جون جي سخت گرم مهيني ۾ ماڻهو گهرن مان نڪري سمنڊ وانگر اٿلي پيا هئا. کين نه اُڃ ۽ بک جي پرواهه هئي ۽ نه گرميءَ جي ڪيترائي ماڻهو رش ۾ چيڀاٽجڻ ڪري مري ويا. گرميءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري فائر برگيڊ جون گاڏيون ماڻهن مٿان پاڻي هارينديون رهيون. چون ٿا ته جنازي ۾ آيل ماڻهن جو تعداد ٽيهن لکن کان به مٿي هو. امام خميني، جنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، اهو ايران جو سڀ کان وڏو قبرستان ”بهشت زهره“ جي نالي سان سڏجي ٿو.
امام خمينيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ اڄ به ايران سامراج دشمن پاليسين تي گامزن آهي. شيخ صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”آمريڪا ۽ يورپ طرفان لڳندڙ (Sections) پابندين جي باوجود ايران ڪيئن اڏول آهي؟ ڪيئن پرعزم آهي؟ ڪيئن هر راهه تي ترقي ڪري رهيو آهي؟ اها دنيا لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان جهڙا ماڻهو ان مان اتساهه (Inspiration) وٺي، سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. بقول اسان جي هڪ آسٽريليا جي دوست جي (جيڪو ايران کان تمام گهڻو متاثر آهي) جيڪو چرچي چرچي ۾ اسان پاڪستانين کي چوندو آهي ”ايران جهڙو ملڪ توهان جي پاڙي ۾ آهي، ان کي ڏسي به نه ٿا سُڌرو!“
الطاف شيخ ايران جي خودمختياريءَ ۽ حاڪميت جي تصور مطابق جيڪو نقشو چٽيو آهي، اهو هڪ مثالي ۽ آزاد رياست لاءِ ضروري آهي. سندس هڪ دوست ڪئپٽن حنفي، جيڪو قاهره جو رهواسي آهي. هو ايران گهمڻ ايندو رهي ٿو ۽ ايران کان تمام گهڻو متاثر آهي. ڪئپٽن حنفيءَ مطابق ”جيڪو ملڪ ايران ۽ عراق جي اٺ سال لڙائيءَ ۾ تباهه ٿي ويو. ايتريقدر جو نوجوان نسل جو وڏو حصو ختم ٿي ويو، جتي ڪٿي پوڙها ۽ ٻار نظر آيا ٿي. جنهن ملڪ تي اڄ تائين يورپ ۽ آمريڪا طرفان سخت پابنديون (Sections) لڳل آهن، تڏهن به ايراني ڪيڏي نه عظيم ۽ مثالي قوم آهي، جنهن پنهنجي ملڪ کي هڪ سکيو ستابو ملڪ بنائي ڇڏيو آهي. جتي امير توڙي غريب خوش آهي. ٻئي وقت ماني ٿو کائي ۽ عزت جي روزي ٿو ڪمائي. جيڪو ملڪ سئي سڳي کان وٺي بسون ۽ ٽريڪٽر ٿو ٺاهي.“ ايران ۾ سرڪاري توڙي خانگي سيڪٽر ۾ ڪارن جا تيرهن ڪارخانا آهن ۽ نوي سيڪڙو آبادي مقامي ڪارون استعمال ڪري ٿي.
ايران جي 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايران مسلسل آمريڪي رجعتي پيغام جو نشانو بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته عراق جي صدر صدام حسين کي هٽائڻ کان پوءِ هن خطي ۾ ايران هڪ ”آمريڪا مخالف“ طاقتور ملڪ جي صورت ۾ اڀريو آهي. لبنان ۾ حزب الله جي هٿان اسرائيل جي شڪست کان پوءِ ايران کي وڌيڪ حوصلو مليو آهي. اڄ کان 21 سال اڳ 1987ع ۾ جڏهن آمريڪا جي حمايت يافته صدام حسين طرفان شروع ڪيل جارحيت ۾ ايران جي شهرن مٿان آمريڪا ۽ يورپ طرفان ڏنل ميزائل وسي رهيا هئا، ان وقت ايران کي خطرو هو ته صدام حسين ائٽمي هٿيار تيار ڪري رهيو آهي، جيڪي ايران خلاف استعمال ٿي سگهن ٿا. انهيءَ وقت ايران ۾ سابق شهنشاهه ايران جي پراڻي ائٽمي پروگرام، جيڪو 1970ع ۾ آمريڪا ئي شاهه کان شروع ڪرايو هو، ان کي ٻيهر شروع ڪيو ويو. هن پروگرام کي في الحال “Laea”انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي“ کان خفيه رکيو ويو هو ته جيئن شروعات ۾ ان کي روڪيو نه وڃي ۽ پابندين کان بچايو وڃي، پر عراق- ايران جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن ائٽمي پروگرام کي معطل ڪيو ويو. حالانڪ ايران کي اهو حق حاصل هو ته ائٽمي پروگرام شروع ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران “ NPT” معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، ان ڪري هن کي بجلي ۽ توانائيءَ لاءِ جوهري پروگرام کي ترقي ڏيڻ جو حق به آهي.
9-فيبروري 2003ع تي ايران پنهنجو ائٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن ان مان ائٽمي بجلي پيدا ڪري، ملڪي صنعتن جي پيداوار وڌائي سگهجي ۽ عام شهرين کي سستي اگهه تي بجلي فراهم ڪئي وڃي. ايران IAEA کي دعوت ڏني ته ايران جي جوهري پروگرام جو معائنو ڪيو وڃي. فيبروري 2003ع جي آخر ۾ IAEA طرفان ڊاڪٽر محمد البرادي پنهنجي انسپڪٽرن جي ٽيم سان ائٽمي جو هري پروگرام جو معائنو ڪيو ۽ اٽڪل ڇهه ڀيرا IAEA جا انسپيڪٽر معائنو ڪري چڪا آهن.
آمريڪا جو موقف آهي ته ايران وٽ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏي پيماني تي موجود آهن، ان ڪري ايران طرفان ائٽمي ري ايڪٽر پروگرام ختم ڪيو وڃي. ايران جي صدر محمود احمدي نجاد چونڊجي اچڻ کان پوءِ اهو اعلان ڪيو ته هو ايران لاءِ ”يورينم“ پيدا ڪرڻ جي سگهه چاهي ٿو. آمريڪا جي ”ٻٽي“ ”نان پروليفريشن پاليسي“ آهي. اسرائيل، ڀارت ۽ ٻين آمريڪي حامي ملڪن کي ائٽمي سگهه حاصل ڪرڻ جي اجازت آهي، پر ايران کي اها نه ٿي ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته ايران هن خطي ۾ آمريڪا جي پاليسين جي شديد مخالفت ڪري ٿو.
ايراني قوم وطن پرستيءَ جي سگهاري سنگهرن ۾ سلهاڙيل آهي، ان کي ڪوبه سامراج، طاقت جي زور تي ختم نٿو ڪري سگهي، ايران قوم جيتوڻيڪ مذهبي ۽ نسلي گروهن ۾ ورهايل آهي، سندن اتحاد لازوال ۽ اڻ ٽٽ آهي. ايران جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي، جن مان 90 سيڪڙو شيعه مسلڪ سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي 8 سيڪڙو سني مسلڪ سان واسطو رکن ٿا. 2 سيڪڙو آبادي غير مسلم آهن، جن ۾ بهائي، مندين، هندو، زردشت، يهودي ۽ عيسائي شامل آهن.
ايران ۾ جيڪي ”نسلي گروپ“ آباد آهن، انهن ۾ پرشين، اذري، گاڪي، مزداراني، ڪرد، عرب، بلوچ، ترڪمين، قاشمائي، آرمينين، جارجين، گيروگين، اسائرين، ڪرڪاسين ۽ پشتون وغيره شامل آهن. ايراني قوم مذهبي ۽ نسلي گروهن کان بالاتر آهي، هنن جي محبت جو محور صرف ايران آهي. ان ڪري اها پنهنجي سڃاڻپ ايراني ڪرائيندي فخر محسوس ڪري ٿي.
ايران ۾ عقيدي ۽ عبادت جي مڪمل آزادي آهي. ايران هڪ مذهبي رياست (Theocratic State) هوندي به مذهب جي معاملي ۾ هڪ ”غير جانبدار“ رياست جو ڏيک ڏئي ٿو. ايران جي مختلف شهرن ۾ جتي مسلمانن جون عبادت گاهون آهن، اتي گرجا گهر، مندر ۽ ٻيون عبادت گاهون پڻ آهن. جيتري رواداري، سهپ ۽ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آهي، ايتري شايد ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ملي.
ايران جي وڏي خوبي اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ان پنهنجي قديم ثقافتي ورثي کي قائم ۽ دائم رکيو آهي. قديم عمارتن مجسما ۽ مورتيون، ايران جي هر شهر ۾ ملنديون، ايران، افغانستان يا پاڪستان وانگر پنهنجي تاريخي قومي ثقافتي ورثي کي ختم نه ڪيو آهي.
ايران جا وڏا شهر تهران، مشهد مقدس، اصفهان، بندر عباس، قم، تبريز، اهواز ۽ شيراز پنهنجي خوبصورتي، صفائي سٿرائي، روشن رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن، تاريخي ماڳن مڪانن ۽ مواصلاتي نظام جي ڪري مغرب جي ڪنهن وڏي شهر کان گهٽ ناهن، ايران جي ڪنهن به شهر ۾ توهان کي فقير ۽ ڪتو نه ملندو.
مشهد مقدس، تهران کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جيڪو امام علي رضا عليه السلام جي آخري آرامگاهه آهي، ”شيعه“ فرقي سان تعلق رکندڙ مسلمانن مطابق امام علي رضا عليه السلام اٺون امام آهي. ايران جو عوام امام علي رضا عليه السلام جي آخري آرام گاهه کي ”حرم شريف“ سڏين ٿا. دنيا جي مسلم ملڪن مان لکين زائرين سڄو سال مشهد اچن ٿا ۽ امام علي رضا عليه السلام جي ”ضريح مبارڪ“ يعني آرامگاهه تي حاضري ڀرين ٿا. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک ماڻهو حاضري ڀرين ٿا. چوويهه ئي ڪلاڪ ماڻهو تلاوت قرآن پاڪ ڪندا رهن ٿا. نماز ادا ڪن ٿا ۽ ”ضريح مبارڪ“ کي هٿ لڳائي دعائون گهرن ٿا. ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ زائرين کي هڪ ڀيرو شاندار ”لنچ“ کارائي وڃي ٿي، جنهن کي امام علي رضا عليه السلام جي ”ميزباني“ سڏيو ويندو آهي. امام جي مرقدگاهه جا وڏا ڪشادا ايوان آهن، ٻاهران آيل ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪلچرل سينٽر احاطي ۾ موجود آهي. جتي ٻاهران آيل زائرين کي انگريزي، اردو، فارسي ۽ روسي زبان ۾ معلوماتي لٽريچر مفت فراهم ڪيو ويندو آهي.
امام علي رضا عليه السلام کان سواءِ سڄي ايران ۾ 60 کن زيارتون آهن، جن ۾ بيبي معصومه فاطمه همشيره امام علي رضا عليه السلام، بيبي شهربانو، امام زاده محمد محروق، امام زاده ابراهيم، امام زاده سيد جمال الدين، امام زاده ابوجعفر، امام زاده زيد، امام موسيٰ، امام زاده علي، امام زاده اسماعيل، امام زاده حمزه، امام زاده مرتضيٰ، بيبي شطيطه وغيره شامل آهن.
ڪنهن به مهذب ۽ جمهوري رياست جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته ان ۾ ڪجهه اخلاقي ۽ سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن، جن ماپن ۾ ”آئين جي بالادستي“ ”قانون جي حڪمراني“، ”سماجي انصاف“ ۽ ”شهري آزاديون“ شامل آهن.
1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايران ۾ ڪيتريون سياسي معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن. سڀ کان پهرين ته ايران ۾ نئين ٺاهيل آئين تحت سڀ ”ادارا“ (Institution) هلايا وڃن ٿا. ڪابه شخصيت آئين کان بالاتر ناهي، هر سياسي اداري ”پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه“ کي ڌار ڌار اختيارات مليل آهن، هر ادارو پنهنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي.
ايران ۾ ”قانون جي حاڪميت“ کي تمام گهڻي اهميت مليل آهي ۽ قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر آهن، سمورا شهر رضا خوشيءَ سان قانون جي اطاعت ڪن ٿا. ايران جي سول سوسائٽيءَ ۾ پوليس جي مداخلت بلڪل گهٽ آهي، پوليس انسانن لاءِ آزار ناهي، پر ماڻهن جي مددگار آهي، ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي ٿو ته ايران جي هر شهر ۾ سپاهيءَ وٽ گهربل شهر جو نقشو موجود هوندو آهي ۽ اهو آسانيءَ سان ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي سگهي ٿو.
ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل سماجي انصاف (Social Justice) کي آهي! ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آهي ته هر ايراني شهريءَ کي عقيدي، جنس، رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن، جن ۾ اٽو، لٽو، اجهو، تعليم ۽ صحت جون سهوليتون شامل آهن. ايران جي سياسي نظام جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته انقلاب کان پوءِ هتي عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي، ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ کين برابريءَ جي حيثيت ڏني وئي آهي. فوج، ايئرفورس، نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ڪاروبار هلائين ٿيون. سڀ کان نرالي ڳالهه اها آهي ته عورتون بس ڊرائيور آهن ۽ پڻ ٻارن ۽ عورتن لاءِ مخصوص ٽيڪسيون هلائي حلال جو روزگار ڪمائين ٿيون.
ايران جي خلاف اها مغربي پروپيگنڊا بلڪل غلط آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ عورتن کي گهر جي چار ديواري ۾ قيد ۽ بند رکيو ويو آهي. ”زميني حقيقت (Ground Reality) اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کن پوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو عورت کي ڏنو ويو آهي. اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آهي. هتي صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آهي، عورت جي تقدس جي پائماليءَ وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آهي. ايراني سماج ۾ مرد ۽ عورت کي برابريءَ واري حيثيت حاصل آهي.
ايران ۾ عوام کي شهري حق حاصل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آهي، عقيدي ۽ عبادت جي آزادي آهي. ايران جي ”سياسي نظام“ ۾ سرڪاري ملازم کي حصي وٺڻ تي ڪا پابندي ناهي. صرف ”لازمي سروس“ يعني فوج جي اهلڪار کي سياست ۾ حصي وٺڻ تي پابندي آهي. موجوده ايراني صدر محمود احمدي نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هو تهران انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو مستقل استاد آهي. اڳوڻو صدر ڊاڪٽر اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان استاد آهي ۽ تهران جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي.
ايران ۾ سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنهن به ”سياسي عهدي“ تي بيهي سگهي ٿو. ايران ۾ صدارتي عهدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين سادگيءَ ۽ قناعت سان پنهنجا سرڪاري فرائض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا سرڪاري آفيسر حقيقي معنيٰ ۾ عوام جا خادم (Public Servent) آهن. اهي عهدي کي عوام جي امانت سمجهن ٿا.
ايران جو سڄو سياسي نظام (Political System) نئين آئين جي ماتحت آهي، جنهن کي ايراني ”قانون اساسي“ (Fundemental Law) سڏين ٿا. ايران جي آئين ۾ ملڪ جي وڏي مذهبي علمي شخصيت کي ”سپريم ليڊر“ جو درجو ڏنو ويو آهي. هن وقت آيت الله خامنئي ايران جو سپريم ليڊر آهي، جيڪو آيت الله امام خمينيءَ جي وفات کان پوءِ چونڊيو ويو آهي. سپريم ليڊر کان پوءِ آئين جي لحاظ کان وڏو عهدو صدر جو آهي، جنهن کي عام چونڊن ذريعي چئن سالن لاءِ چونڊيون ويندو آهي. صدر کان پوءِ آئين مطابق 8 نائب صدر آهن ۽ 21 ڪابينا جا وزير مقرر ڪرڻا هوندا آهن، جن جي منظوري پارليامينٽ يا مجلس کان وٺڻ لازمي آهي.
ايران جي پارليامينٽ کي ”مجلس شورا اسلامي“ (Islamic Consltative Assembly) سڏيو ويندو آهي، جيڪا 290 ميمبرن تي مشتمل آهي، جنهن جو مدو چار سال آهي. ايران جي نئين آئين تحت ڪجهه ٻيا سياسي ادارا پڻ جوڙيا ويا آهن، جن ۾ Council of Guardian, Expediency Council ۽ Assembly of Experts شامل آهن، جيڪي ايران جي موجوده سياسي نظام کي تقويت ڏيڻ ۽ ان کي منصفاڻي نموني سان هلائڻ ۾ معاون ۽ مددگار آهن.
ايران هڪ شاندار تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿو، جنهن ۾ آرٽ، ميوزڪ، فن، تعمير، شاعري، فلاسافي، روايتون ۽ آئيڊيالاجي شامل آهن. ايران جي شاعريءَ ۾ وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جو عنصر موجود آهي. فارسي زبان جي عظيم شاعر نظاميءَ مطابق:
همه عالم تن است و ايران دل،
نيست گوينده زرين قياس خجل.
(ايران سڄيءَ دنيا جي دل آهي ۽ ان خيال تي مون کي ڪو افسوس ناهي) ”شاهنامه“ جي تخليقڪار فردوسيءَ مطابق:
که ايران بهشت است يا بوستان،
همي بويء مشک آيد از دوستان
(ايران عدن آهي يا باغن جو بهشت آهي، جنهن جي خوشبوءِ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي)
عظيم شاعر سعديءَ مطابق:
بني آدم اعضاء يک پيکرند
که در آفرينش زيد گوهرند.
جو عضوي به آورد روزگار
دگر عضو ها، را نماند قرار
(بني آدم هڪڙي جوهر مان پيدا ٿيو آهي. سڀ انسان عضون جيان آهن. جيڪڏهن هڪ انسان کي تڪليف ٿيندي ته سڄي انسانيت کي تڪليف ٿيندي.)
ايران فردوسي، عمر خيام، جامي، رومي، شمس تبريز، حافظ، سعدي، فريدالدين عطار ۽ حسين بن منصور الحلاج جهڙن انسانن جو ملڪ آهي.
جن جي شاعري ۽ تعليمات جو ايراني قوم تي گِهرو اثر آهي.
الطاف شيخ جو موجوده ايران جو سفرنامو، علم ۽ ادب، تاريخ ۽ جاگرافي تهذيب ۽ تمدن، ڄاڻ ۽ آگاهيءَ جو انمول دستاويز آهي، جيڪو سندس ٻين سفرنامن ۾ اهم جاءِ والاريندو، صرف هڪ عالم، محقق ئي اهڙي تخليق کي جنم ڏيئي سگهي ٿو.
الطاف شيخ جو گس، پنڌ، عمل ۽ تخليقون، نه صرف سنڌ جي نئين نسل لاءِ پر عالم انسانيت لاءِ رهنمائيءَ ۽ روشنيءَ جو مينار ثابت ٿينديون. هي اخلاق ۽ اخلاص جي رستي تي هلندڙ، ماڻهپو رکندڙ، عظيم انسان آهي، جنهن جو ضمير، هن ڌرتيءَ جي خمير مان جڙيو آهي. سائين سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته سو سالن کان وڌيڪ حياتي ماڻي، ڇاڪاڻ ته هن آدرشي انسان پنهنجو سمورو جيون سنڌ واسين ۽ انسانيت کي ارپي ڇڏيو آهي.
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
اُنين سندي ڪءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي!
(شاهه)


لياقت عزيز
15- جولاءِ 2008ع