تاريخ ۽ شاعري سان دلچسپي رکندڙن لاءِ
سنڌ ۾ اسلام ايران رستي پهتو. ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري آمد رفت ته آڳاٽي هئي. محمد بن قاسم شيراز کان سنڌ پهتو، هن سان گڏ ايراني لشڪر به هو، جن مان ڪيترا نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيا.
ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا ۽ سال 1000 هجري ڌاري، سنڌ هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بڻجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو. يارهين صديءَ جي ابتداء ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مورخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ جيڪو سندس پاران (1011-13هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ (985-1038هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي بلڪه ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. اصفهان جي ”مسجد علي“ جو ڪتبو، ڪاشان ۽ مورچه خورت جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ شاهه عباس جو ڪتبو، يا احمد جام زنده پير جي مزار جو ڪتبو، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا، جيڪي مير معصوم ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم (وفات 1014هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر، تاريخ سنڌ (1009هه) جو مؤلف، صاحب ديوان ۽ هڪ خمسه جو مصنف آهي.
سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو ٻيو سنڌي، امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم ميرزا غزي ”وقاري“ هو، جڏهن (1017- 1021) هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو، ان وقت سندس ذاتي درٻار ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. ڪيترائي ايراني شاعر هندستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا، مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شاگرد ملڪ تعظيما قمي هندستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا. اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن. سرمد ڪاشي شهيد (1070هه) ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو. ٺٽي جي ئي هڪ سنڌي فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو تُرڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو جنهن لاءِ سرمد چيو هو.
خدائي کيست اي سرمد: درين دير!
نمي دانم ابي چند است، يا غير
ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي ويو جو يارهين صدي جي شاعر رضائي ٺٽويءَ پنهنجي شاعري فارسي ۾ ڪئي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي مادري زبان سنڌي کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو.
زبان سنده شيرين است شيرين
بجائي خويش رنگين است رنگين
نمي سازم بيان را سندهي آميز!
نيام از زبان سنده پرهيز!
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو حڪومت جي گادي تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون. ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. انڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪه ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. ”تحفه الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ وغيره هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن.
سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا. ايران جا ڪيترائي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق صفاهاني، مرزا جعفر شيرازي ۽ ٻيا ڪيئي شاعر آيا، جن جو ذڪر مقالات الشعرا ۽ تحفة الڪرام ۾ موجود آهي. عاشق هتي سنڌ ۾ فوت ٿيو، مڪليءَ جي مقام ۾ سندس قبر اڃان موجود آهي. نادر شاهه 11 محرم 1153هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو.
نادر شاهه جيسين جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور نادر شاهه جي قتل 1160 هه تائين ايران ۾ رهيا.
تيرهن صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ٽالپر (1198- 1258هه) حڪمران رهيا. ٽالپرن ايران جي دوستي کي نه فقط پسند ڪيو بلڪه سندن طور طريقا، حڪمراني جا قاعدا ۽ ضابطا رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارتسازي تي ايراني اثر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري بادشاهن سان سندن گهرا لاڳاپا هئا. مرزا محمد علي ۽ سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سنڌ کان سفير جي حيثيت ۾ ايران ويا.
ٽالپر حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان شاعر هئا. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي.
ٽالپرن کان اڳ ڪلهوڙن جي ايامڪاري (1700ع کان 1783ع) ۾ به پارسي نه فقط درٻاري يا سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي هئي پر گهرن ۾ پڻ عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. جيتوڻيڪ ڪيترن ڪلهوڙن جو شجرو عباسي گهراڻي سان مليو ٿي، جنهن حساب سان هنن جو گهڻو واسطو عربي سان هجڻ کتو ٿي پر ڪلهوڙن جي دور ۾ گهڻا ئي شاعر فارسي ۽ سنڌيءَ يعني ٻنهي ٻولين ۾ شعر چوندا هئا. جن مان مشهور آهن، ميان سفراز خان ڪلهوڙو (قتل 1777ع) جنهن فارسي غزلن کانسواءِ سنڌي ۾ مدح چئي آهي. سچل سرمست (1739ع کان 1828ع) جنهن جو فارسي ۾ ديوان آشڪار شايع ٿيل آهي ۽ سيد ثابت علي شاهه (1740ع کان 1810ع) جنهن جو مشهور سنڌي مرثيو ”هئه هئه رڻ ۾ بيبي بانو سر تي خاڪ وسائي ٿي“ گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان. سندن فارسي شاعر ۾ ”زوار“ تخلص هو ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ مرثين ۽ قصيدن جو باني ليکبو آهي.
شاهه لطيف جي زندگي وارو زمانو سنڌ اندر فارسي علم، ادب ۽ تصوف جي عروج جو دور هو، علامه مخدوم محمد معين ”تسليم“ (وفات 1748ع) محمد محسن ٺٽوي (وفات 1750ع)، مير علي شير قانع (وفات 1789ع)، سيد جان محمد ”مير“ (وفات 1754ع) ۽ صوفي شاهه عنايت الله (شهادت 1718ع) انهيءَ وقت جون ممتاز شخصيتون آهن. اهڙي دور ۾ جڏهن فارسي نه فقط درٻاري ٻولي هئي، پر عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. ان ۾ مشاعرا به ٿيندا هئا ۽ شعر لکڻ ۾ مردن سان گڏ عورتون پڻ طبع آزمائي ڪنديون هيون. ڪهڙو عجب جيڪڏهن اسان جي درويش دل شاعر جي انتخاب جي نظر توحيد ۽ تصوف جي بي پايان بحر مولانا جلال الدين رومي (وفات 672هه/1273ع) جي مثنوي معنوي تي پيئي ۽ انهيءَ کي پنهنجي پيغام جو سرچشمو بنايائين. بقول ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي جي، انهيءَ جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ايران جي ٻين نامور صوفي شاعرن جهڙوڪ؛ سنائي (545هه/1150ع) عطار (627هه/1230ع)، سعدي (691هه/1291ع)، شبستري (720هه/1320ع) حافظ (791هه/1389ع)، جامي (798هه/1493ع) ۽ هند جي امير خسرو (725هه/1324ع)، عرفي (999هه/ 1592ع) وغيره کان متاثر نه ٿيو، ليڪن اهو مشرق جو اول نمبر صوفي شاعر رومي ئي هو، جنهن جي ڪلام خاص ڪري مثنوي جو گهاٽو اثر رسالي مان نمايان آهي. ان جا ڪجهه مثال هن کان اڳ هڪ هنڌ ڏيئي چڪو آهيان، جيڪي مون کي اسان جي ڳوٺائي شاعر ۽ تعليمدان پروفيسر عبدالحميد متقي (حميد شهيد) ٻڌايا هئا. هتي ڪجهه وڌيڪ مثال ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي مهراڻ ۾ پڇيل هڪ مضمون مان ڏيئي رهيو آهيان.
انساني عيبن جو ويچار ڪندي نماڻو لطيف ننگيءَ ننگپال کي عرض ٿو ڪري:
م ڪر ڍول! ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين
ڪونهي ڪميڻي جو، بگر توءِ بلو
تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.
ايران جي شاعر روميءَ به ڌڻي در اها ئي التجا ڪئي آهي:
اي خدا اين بنده را سگا مکن
گر بدم هن ستر من پيدا مکن
جز تو پيش ڪه بر آرد بنده دست
هم دعا وهم اجابت از تو هست
(اي خدا بندي کي رسوا نه ڪر
توڻي بڇڙو آهيان، منهنجو ڳجهه ظاهر نه ڪر،
تو بنا بندو ٻئي ڪنهن اڳيان هٿ کڻي؟
تنهنجي ئي دعا منظوري درڪار آهي)
پيار سدائين ٻه طرفو ٿيندو آهي، سر آبريءَ ۾ آيل
”تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي“
وارو لطيفي خيال
اندر جنين اُڃ پاڻي اُڃئو ان کي
ڏسو ته مثنويءَ جي هيٺ ڏنل بيت ڏانهن ڪيئن ٿو رجوع ڪرائي:
تشگان گر آب جويند از جهان
آب هم جويد بعالم تشنگان
(جيڪڏهن اڃايل جهان ۾ پاڻي ٿا ڳولين
ته پاڻي پڻ دنيا ۾ اڃايل ٿو ڳولي)
سر سهڻي ۾ درياءَ جي دهشت ۽ ڪنن جي قهر جو هولناڪ مگر جادوءَ ڀريو منظر اکين آڏو آڻيندي شاهه لطيف ٻڌائي ٿو:
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي تختو منجهان تن
بقول ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي جي، ڪير چوندو ته اهي سٽون شيخ سعدي جي ”بوستان“ ۾ آيل هن بيت جي قابل داد ترجماني نٿيون ڪن:
در اين ورطه ڪشتي فرو شد هزار
که پيدا نه شد تخته اشد برڪنار
(هن ڪُن ۾ هزارين ٻيڙا هيٺ هليا ويا
جن جو هڪڙو تختو پڻ ڪناري تي پيدا نه ٿيو (نه مليو)
شاهه لطيف جون هيٺيون سٽون:
1- پڇ پتنگن کان سنديون کامڻ خبرون
2- لُڇڻ لنوءَ لطيف چي، هڏ م پاءِ
شيخ سعدي شيرازي جي هيٺين سٽن جون سڪون ٿيون لاهين.
اي مرغ سحر! عش ز پروانه بيا موز
ڪان سوخته راجان شد و آواز نيامد
(ترجمو: اي بلبل! عشق ڪرڻ پرواني کان سک جنهن سڙندي ساهه ڏنو، پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي)
ساڳي ريت:
”جي وصل ٿيا وصال ۾، سي ذرو ظاهر نه ڪن“
پڻ مٿئين فارسي شاعر سعدي شيرازي جي هٺين سٽ ڏي ڌيان ڇڪائي ٿو
ان را که خبر شد خبري باز نيامد
(ترجمو: جنهن ڄاتو تنهن حال ظاهر نه ڪيو)
يا جيئن ايراني شاعر مولانا رومي فرمايو:
هرکه را اسرا حق آ موختند
مهر کردند و دهانش دوختند
(ترجمو: جنهن کي حق جا راز ڏيکاريائون (سيکاريائون)
ان کي مهر ٿا ڪن ۽ ان جو وات سبن)
شاهه جو هڪ شعر آهي:
اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج
انهم راهه رميج، ته مشاهدو ماڻين.
۽ شيخ سعدي ٿو فرمائي:
سعدي! حجاب نيست تو آئينه پاڪ دار
زنگار خورده چون بنمايد جمال دوست
(ترجمو: اي سعدي! ڪوئي پردو ڪونهي، تون آئينو صاف رک
ڪٽ چڙهيل آئينو يار جو جمال ڪيئن پسائيندو
شاهه لطيف هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا
منجهان سڪ سبيل لعنتي لال ٿئو
ڊاڪٽر سدا رنگاڻي لکي ٿو ته ساده (قزوين) جو سترهين صديءَ جو ايراني شاهه جعفر، اهائي ڳالهه هڪ رباعيءَ اندر هن ريت قلمبند ڪري ويو آهي.
جعفر سخن از ڪعبه و از دير مڪن
در واديءَ شڪ چو گمرهان سير مڪن
رو، شيوه بندگي ز شيطاني آموز
يڪه قبله گزين و سجده مڪن
(ترجمو: اي جعفر! ڪعبي ۽ مندر جي ڳالهه نه ڪر
ڀٽڪيلن وانگر شڪ جي واديءَ ۾ سير نه ڪر
وڃ، بندگيءَ جو طريقو شيطان کان سک
هڪڙو قبلو چونڊ ۽ غير اڳيان سجدو نه ڪر)
شاهه جو هي شعر:
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اُڀا اينءَ چون، متان پاند پسائين
جو هم خيال شمس تبريز جو شعر:
درميان قعر دريا تخته بندم ڪرده اي
باز ميگوئي ڪه دامن تر مڪن هشيار باش
شروع واري ڪنهن مضمون ۾ لکي چڪو آهيان پر ڊاڪٽر سدا رنگاڻي جي مقالي مان خبر پئي اٿم ته ان قسم جو هم معنى شعر حافظ جو به چيل آهي، جيڪو هن ريت آهي.
آشنايان ره عشق درين بحر عميق
غرق گشتند و نگ شتند به آب آلوده
(ترجمو: عشق جي راهه کان واقف، هن اونهيءَ سمنڊ ۾ غرق ٿيا، پر پاڻي ۾ نه پسيا)
بهرحال اهي مٿيون سڀ ڳالهيون ڌيان ۾ جي رکجن ته معلوم ٿيندو ته اسان جي وطن ۾ فارسي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر ان ۾ شعر و شاعري به ٿيندي هئي ۽ اسان جي لاکيڻي لطيف سان گڏ هر وقت قرآن شريف ۽ رومي جي مثنوي رهندي هئي، ۽ هن ملڪ ايران جو جنهن جي گهٽين ۽ چوراهن تان اڄ ڪلهه آئون هلي رهيو آهيان، ان جو اسان جي وطن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب، ثقافت، وڻج واپار، کاڌي پيتي ۽ رسم و رواج تي وڏو اثر هو، هڪ عجيب مسرت ۽ حيرت جو تاثر ڏئي ٿو.