الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

ايرانين ۽ سنڌين جا تعلقات

مشهد ۾ جتي شيعن جي اٺين امام علي رضا جو روضو مبارڪ آهي، اتي صحن ڪوثر واري پاسي ايران جي مختلف جهونين ۽ تاريخي شين جو موزه (ميوزيم) آهي. جنهن ۾ سنڌ جي حاڪمن مير سهراب خان ٽالپر ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جون بندقون پڻ رکيل آهن. هي مير 1783ع ۾ ڪلهوڙن سان هالاڻي لڙائي وڙهيا هئا ۽ سنڌ ميرن جي حوالي ٿيڻ تي سنڌ جي اتر واري پرڳڻي (خيرپور) جو حاڪم مير سهراب خان ٽالپر ٿيو هو ۽ حيدرآباد واري حصي جو مير فتح علي خان ٿيو. هنن ميرن بابت احوال اڳتي هلي ڌار مضمون ۾ ڪبو.
ايران ۽ ايران جي بادشاهن مان اسان جي ننڍي کنڊ- ويندي سنڌ جا ماڻهو ۽ حاڪم بيحد متاثر هئا، جيئن اج جا ماڻهو انگريزي ڳالهائيندي فخر ٿا محسوس ڪن تيئن انهن ڏينهن ۾ فارسي جو وڏو درجو هو، جنهن لاءِ چوڻي مشهور هئي ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“. اسان جي حاڪمن جي گهرن ۽ درٻارن ۾ سنڌي کان علاوه فارسي زبان به هلي ٿي، خاص ڪري ميرن جي ڏينهن ۾ .هُو اهل تشيهه هئا ۽ هنن جون ايرانين سان مٽيون مائٽيون هيون. هو فارسي زبان جا ڄاڻو هئا ۽ ان وقت جي پرشن (ايراني) شهنشاهن مان بيحد متاثر هئا. هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته اسان جي ڪيترن مسلمان ايراني بادشاهن جا ڪم جڏا هئا، يا سست ڪاهل هئا. عوام لاءِ خدمت ڪرڻ نٿي پڳين، باقي عوام تي رڳو اهو زور هو ته اها هنن بادشاهن کي وڏن لقبن ۽ خطابن سان مخاطب ٿئي. ان جي مثال ۾ هڪ مشهور قاچاري بادشاهه فتح علي شاهه قاچاري (جنهن 1797ع کان 1834ع تائين ايران تي حڪومت ڪئي) لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن کي فقط شاهه يا بادشاهه سلامت چوڻ بدران ”جام جاهه فريدون فرڪسريٰ شوڪت اسلام، پناهه شريعت، پناهه حافظ ملڪ اعظم، سلطان ابن سلطان...“ ۽ ٻيا لقب چئي پوءِ سندس نالو فتح علي شاهه قاچاري کنيو ويو ٿي. دهلي ۽ اسان جي سنڌ جي حاڪمن به شايد انهن ايراني بادشاهن کي ڏسي پنهنجا لقب ۽ خطاب وڌايا ۽ جنرل ايوب خان وانگر پنهنجو پاڻ کي ويا ٿي جنرل مان فيلڊ مارشل بڻائيندا. خيرپور جا مير ”عالي جاه، حضور پُرنور، سرڪار خيرپور، والي ملڪ خدا داد، رئيس الامرا ء سنڌ...“ جهڙن خطابن سان سڏيا ويا ٿي.
جيئن سنڌ ۽ عربستان جي وچ ۾ هڪ ٻئي جي ملڪن جي ماڻهن جي صدين کان اچ وڃ لڳي رهي، تيئن ايران جي ويجهو هئڻ ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي اوڏانهن اچ وڃ پڻ هئي. خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي نه رڳو اسان جا سنڌي ايران ۾ وڃي رهيا ٿي پر ڪيترائي ايراني سنڌ ۾ به اچي Settle ٿيا ٿي. هڪ ٻئي وٽان شاديون ڪيائون ٿي.ا يراني ڇوڪريون سهڻيون هجڻ ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ايران جي ڇوڪرين کي عرب ۽ افغاني ڇوڪرين کان وڌيڪ ترجيح ڏني ٿي.
ايران ۽ سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو واپار وڙي ۽ تعليم خاطر هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ رهي پيا ٿي. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ شهيد بينظير ڀٽو جو نانو مسٽر اصفهاني هو، جيڪو اصل ۾ ايران جي ڪردستان صوبي جو رهاڪو ۽ تمام وڏو امير ۽ بزنس مين هو. هو گذريل صدي جي شروع وارن سالن ۾ ايران مان لڏي ڪراچي ۾ رهيو، يعني هيءَ پاڪستان کان به پهرين جي ڳالهه آهي. سندس ڌيءَ بيگم نصرت ڀٽو جي 8 سيپٽمبر 1951ع تي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو سان شادي ٿي جنهن مان کيس چار ٻار ٿيا.
اهڙو ئي هڪ ٻيو ايراني مرزا عبدالڪريم بيگ پنهنجي ڀائرن سان رُسي پنهنجي زال ۽ ٻن ننڍڙين ڌيئرن عشرت ۽ شوڪت سان شيراز کان ڪراچي ۾ اچي Settle ٿيو، جتي هُو پاڪستان ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. سندس ڌيئرن جي وڏيون ٿيڻ تي حيدرآباد جي هڪ باعزت شخصيت حيدر قلي بيگ (مرزا قليچ بيگ جي وڏي ڀاءُ مرزا صادق قلي بيگ جي پٽ) هنن جو رشتو پنهنجن زميندار پٽن مرزا منظور بيگ ۽ مرزا واجد علي بيگ لاءِ گهريو. مرزا واجد علي بيگ وڪيل پڻ هو. 1959ع ۾ جڏهن اسين پيٽارو ۾ نائين ڪلاس ۾ هئاسين ته مرزا منظور بيگ جي خانم عشرت شيرازي سان شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. اڄ پورن 48 سالن بعد تقريبن اڌ صدي بعد منهنجي منظور بيگ ۽ خانم عشرت جي هڪ ٻار ڊاڪٽر نجف قلي مرزا سان مشهد ۾ ملاقات ٿي. ڊاڪٽر نجف مرزا 88 ۾ لياقت ڪاليج مان MBBS ڪئي ان بعد CSS جو امتحان پاس ڪري پوليس کاتي ۾ آيو، اڄ ڪلهه ٺٽي جو DPO آهي.
”ڊاڪٽر صاحب هتي ايران ۾ توهان کي فارسي ڳالهائڻ ۾ مسئلو ته نه ٿيندو هوندو، جو اها توهان جي مادري زبان آهي مون پڇيو.“
”ننڍي هوندي والده ۽ ناني جن کي فارسي ۾ ڳالهائيندو ٻڌندو هوس ان ڪري آئون فارسي سمجهي ته سگهان ٿو پر Fluently ڳالهائي نٿو سگهان،“ نجف ٻڌايو.
ٺٽي جي پوليس سپرنٽينڊنٽ مرزا نجف قلي بيگ ٻڌايو ته هو پاڻ ۾ چار ڀائر ۽ ٽي ڀيڻيون آهن، وڏو صادق علي مرزا نوابشاهه ۽ سانگهڙ پاسي زمينون سنڀالي ٿو، غلام مصطفى ۽ غلام مرتضى ٻئي انجنيئر آهن. هنن مهراڻ يونيورسٽي مان B.E سول انجنيئرنگ ۾ ڪئي ۽ پاڻ ڊاڪٽري پڙهيو. کين ٽي ڀيڻون آهن جن مان وڏي دلشاد سنڌ جي مشهور شاعره آهي. هن سوشالاجي ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي ۽ اڄ ڪلهه تعليم کاتي سان وابسته آهي. ٻي ڀيڻ شاخ رخ PIA جي انجنيئر مسلم مرزا جي گهرواري آهي ۽ ننڍي ڀيڻ فاطمه لاهور جي هڪ بزنس مين حيدر رضا جي زال آهي.
اسان جي سنڌ جا ايراني ماڻهو سنڌ ۾ صدين کان ايندا رهيا آهن ۽ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جا پَٽَ پسند ڪيا اٿن. پر ڪيترن ئي پنهنجي مرڻ بعد پنهنجي مڙهه کي ايران جي پاڪ ڌرتي تي دفن ڪرائڻ ۾ خوش نصيبي سمجهي ٿي. شروع ۾ اهڙن ڪيترن ماڻهن بابت لکي چڪو آهيان ته هنن جو لاش تهران جي بهشت زهره قبرستان يا مشهد جي حرم پاڪ ۾ دفن ٿيل آهي، جيئن ته نواب آف محمود آباد، اسڪندر مرزا. اهڙي ئي هڪ ٻي قبر مشهد ۾ امام علي رضا جي مقبري جي ڀرسان صحن جي هيٺان ٽنڊو ٺوڙهو جي هڪ خاتون ۽ اسان جي شاعر ۽ اديب دوست نصير مرزا جي ڀيڻ ثريا عابد حسين جي آهي. پاڻ 1997ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. کيس 6 مهينا کن ٽنڊو ٺوڙهو جي امام بارگاهه قدس ۾ امانت طور دفن ڪرڻ بعد سندس وصيت موجب مشهد ۾ دفن ڪيو ويو.
ٽنڊي ٺوڙهي جا هي مرزا سنڌ جي وڏي اديب ۽ سرڪاري ڪاموري مرزا قليچ بيگ جي خاندان مان آهن، جيڪي ايران کان هتي سنڌ ۾ آيا. سندن اصل وطن طبلسي (جارجيا) جو جيڪو گذريل دور ۾ روس (USSR) جو حصو ٿي رهيو. مرزا قليچ بيگ وارا پاڻ ۾ ڇهه ڀائر هئا. کين ڀيڻ فقط هڪڙي شرفنساءِ هئي. هيءَ محترمه اسان جي اديب ۽ شاعر دوست نصير مرزا ۽ مٿي ذڪر ڪيل ثريا عابد حسين جي ڏاڏي ٿئي، جو هي سندس پٽ مرزا ناصر علي بيگ جو اولاد آهن. مرزا ناصر بيگ جي هڪ ٻي ڌيءَ يعني نصير مرزا جي ڀيڻ سو سن مرزا ڪجهه سال اڳ وفات ڪري وئي، سنڌ جي وڏي شاعره ٿي گذري آهي ۽ جيسين مون کي ياد ٿو اچي ته هن جي شعرن جو هڪ مجموعو پڻ ڇپجي چڪو آهي.
ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزائن جو ذڪر نڪتو آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن فيملي مان ڪجهه مرزائن مون وانگر پاڻي جا جهاز به هلايا، جن مان ٽن ڄڻن سان منهنجو تمام ويجهو تعلق رهيو ۽ جهاز هلائڻ بابت مسئلن جون ڪيترون ئي ڳالهيون مون کي هنن کان سکڻ جو موقعو مليو. خاص ڪري مرزا اقبال سان ساڳي ڪمپني ۽ ساڳين جهازن تي رهڻ ڪري سٺو تجربو حاصل ٿيو. هي صاحب جهڙا اخلاق ۾ سٺا هئا اهڙا جهاز هلائڻ ۾، البت ڪئپٽن سني مرزا پڪو انگريز هو. مرحوم هر وقت شراب جي ويجهو هجڻ جي باوجود هوشن ۾ رهندو هو. ڪئپٽن سني مرزا، مرزا قليچ بيگ جو پوٽو ۽ وڏي پٽ ليکڪ ۽ بئريسٽر نادر بيگ جو انگريز زال مسز گريس جو پٽ هو. ڪئپٽن سني مرزا جي ڀيڻ شيرين به انگريزي جي سٺي ليکڪا ٿي گذري آهي ۽ ڪراچي ۾ اسان جي پاڙي ۾ سب مئرين چوڪ وٽ رهندي هئي. سنڌ جي مشهور ماهر تعليم پروفيسر انيتا غلام علي هن مسز شيرين جي ڌيءَ آهي. ڪئپٽن سني جو اصل نالو مرزا ضامن بيگ آهي.
اسان جي جهازران ڪمپني PNSC جو مون وانگر جهازن جو چيف انجنيئر مرزا اقبال بيگ مرزا قليچ بيگ جي ٻي پٽ ميجر مرزا اختر جو پٽ آهي. گذريل ويهن سالن کان هو دبئي ۾ رهي ٿو. ڪئپٽن مرزا مقبول بيگ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرزا فيملي ۾ سڀ ۾ سهڻو آهي، مرزا قليچ بيگ جي ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ جو پوٽو ۽ مرزا امداد حسين جو پٽ آهي. پاڻ گهڻو وقت جهاز نه هلائين. اڄ ڪلهه ٻڌو اٿم ته هو حيدرآباد ۾ رهي بزنس ڪري ٿو. ٽنڊي ٺوڙهي جي هنن سڀني مرزائن جو شيعا فرقي سان تعلق رهيو آهي، (سواءِ مرزا افضل بيگ ۽ شايد هڪ ٻئي ڀاءُ جي) ۽ سڀني جو ايران سان ۽ ايراني تهذيب سان ميرن وانگر تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي.
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون فيمليون نظر اينديون جن وٽ اڄ به جي فارسي ڳالهائي نٿي وڃي ته سمجهي ضرور وڃي ٿي. اسان جا ڪيترائي سنڌي ۽ فارسي جا اديب ۽ شاعر آهن جن مان ڪيترن جا ادبي ۽ تحقيقي ڪتاب لکيل آهن. ايران وڃڻ کان ڪجهه هفتا اڳ اسلام آباد ۾ ملائيشيا وارن جي قومي ڏينهن واري ڊنر تي اتي جي هاءِ ڪمشنر مون کي ايران جي سفير سان ملايو، جنهن وٽ ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملڻ وقت کيس مون پنهنجا اردو سفرناما ڏنا ته موٽ ۾ هن مون کي ڪجهه ايران بابت انگريزي، اردو ۽ فارسي جا ڪتاب ڏنا. مون کي حيرت ٿي ته فارسي ڪتابن ۾ هڪ اهڙو به هو جيڪو سنڌ جي ٽالپر خاندان تي هو. عنوان هئس:
”گنجينهءَ خطي وهنري ٽالپران“
هي ڪتاب تهران يونيورسٽي جي تعاون سان دڪتور قاسم صافي لکيو آهي،
اڄ ڪلهه فارسي جو دور گهٽجي ويو آهي، جتي ڪٿي انگريزي ۽ اردو عام ٿيندي وڃي. ويندي ڪيترن سنڌي گهرن ۾ به انگريزي ۽ اردو ڳالهائي ۽ پڙهائي وڃي ٿي، نه ته مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي ڪيترن ئي گهرن ۾ پوڙها فارسي پڙهندا هئا ۽ ان ۾ شعر و شاعري ڪندا هئا. پنجاهه جي ڏهي ۾ آئون پنهنجي ڪلاس ميٽ نور احمد نظاماڻي جي ڳوٺ ٽنڊو قيصر ويندو هوس ته سندس والد صاحب حاجي شير محمد نطاماڻي فارسي جا ڪتاب پڙهندو رهندو هو ۽ فارسي ۾ لکندو هو. سندس ڀاڻيجو مير علي احمد ٽالپر به فارسي جو ڄاڻو هو ۽ هن حاجي شير محمد نظاماڻي کان فارسي سکي. حاجي شير محمد فارسي جو اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندن تخلص هو ”شائق“سندن هڪ فارسي جو ڪتاب فتح نامه عظيم الدين ٺٽوي سنڌي ادبي بورڊ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڇپرايو. سندن شاعري ٻڌڻ لاءِ مونکي ياد آهي ته ايران جو قونصل جنرل ۽ ٻيون اهم شخصيتون ڪراچي کان هلي ملي ٽنڊو قيصر اينديون هيون. انهن ۾ ياد اٿم ته قاضي فتح محمد نظاماڻي جو پٽ قاضي فتح رسول پڻ هوندو هو. هي ٻئي پي پٽ فارسي ۽ عربي جا عالم هئا. هو پير جهنڊي شريف واري مدرسي مان پڙهيا ۽ پوءِ اتي پڙهائڻ جو به ڪم ڪيائون، اتي ئي قاضي فتح محمد نظاماڻي جي ملاقات مولانا عبيدالله سنڌي سان ٿي هئي. هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته مولانا عيبدالله سنڌي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن سنڌ جي چئن وڏن عالمن سان ملاقات ڪئي، جن مان قاضي فتح محمد نظاماڻي هڪ هو. هن ڀيري ٽنڊو قيصر پنهنجي ڪلاس ميٽ سان ملڻ ويس ته خبر پئي ته قاضي فتح رسول جو فرزند جنهن جي ڏاڏي جو نالو فتح محمد هو ۽ اسان جو هم عمر هو، اهو به گذاري ويو. سندس هڪ پٽ ڪئپٽن عثمان نظاماڻي جيڪو آرمي ۾ ڊاڪٽر آهي، ان جي گذريل سال نور احمد جي ڀائٽي ۽ نواز نظاماڻي جي ڌيءَ ڊاڪٽر شهناز سان شادي ٿي آهي. ڪئپٽن عثمان جو هڪ ڀاءُ محمد قاسم نظاماڻي ليڪچرار آهي ۽ هڪ ڀاءُ محمد علي فرانس ۾ پڙهي رهيو آهي. بهرحال اڄ جي هن نوجوان ٽهي جي انگريزي سان دلچسپي به آهي ته انگريزي پڙهڻ مجبوري به آهي نه ته اڄ کان اڌ صدي اڳ وڏن جي دلچسپي فارسي سان هئي. مير علي احمد ٽالپر وٽ هڪ دفعو نور احمد نطاماڻي سان گڏ ويو هئس، ته هن هڪ فارسي جو شعر ٻڌايو جيڪو ڪنهن ايرانيءَ اسان سنڌي ماڻهن بابت لکيو آهي. ان جو سنڌي ۾ ترجمو شايد مير علي احمد ٽالپر پاڻ ڪيو يا ڪنهن ٻئي جو ڪيل هو، جيڪو هن اسان کي ٻڌايو ۽ا ڃا تائين نور احمد ۽ مون کي ياد آهي: چيو
”سنڌ سنئين وڻ ڏنگا ماڻهو منجهس خام
جيڪو کڻي کلو تنهن کي ڪن سلام
سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو ايران ۾ نظر اچن ٿا، جن ايراني عورتن سان شادي ڪئي آهي ۽ هاڻ ايران ۾ ئي رهائش پذير آهن. دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ائين نظر نٿو اچي. سعودي عرب ۾ سنڌي رهن ٿا پر ڇا ائين عرب عورتون ساڻن شادي ڪنديون؟ اهڙي طرح ڇا عرب بزنس مين ائين اچي ڪراچي ۾ رهندا ۽ مڪاني ماڻهن سان سڱابندي ڪندا، جيئن ايراني ڪن ٿا؟ سنڌ جا ڪيترائي شيعا عالم ايران ۾ سالن کان رهيل آهن، ڪيترن ته ايران ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ هتي ايران ۾ ئي پڙهائين ٿا. اهڙن ڪجهه عالمن جو احوال شروع وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان. مشهد ۾ مولوي مجاهد حسين لاشاري مليو جيڪو هتي درس خارج پڙهي پيو. هي ننڍي ليول جو ڪورس آهي مجتهد ٿيڻ Highest Achievement سمجهي وڃي ٿي جنهن لاءِ اعلى تعليم سان گڏ پرهيزگاري جي بلندي ڏي به ڌيان ڏنو وڃي ٿو.
مير منصور نالي خيرپور جو هڪ همراهه مشهد ۾ رهي ٿو، هن جي گهرواري ايراني آهي. هو هتي مسافرخانو هلائي ٿو، جتي درجه اول ۽ درجه سوم رهائش جو بندوبست آهي. هنن جو مسافرخانو باغ نادر جي ڀر ۾ آهي. سندس ايراني زال آرٽسٽ پڻ آهي ۽ هتي ايران ۾ آرٽ جو وڏو قدر آهي. مشهد ۾ خيرپور جو هڪ ٻيو همراهه مير ارشاد ٽالپر پڻ رهي ٿو، جنهن پڻ هتان ايران مان شادي ڪئي آهي.
قم شهر ۾ محراب پور (ضلعي نوشهري فيروز) جو هڪ ڊاڪٽر مير نياز حسين ٽالپر مليو. هن جي ايران بابت گهڻي ڄاڻ آهي هو مشهد، قم ۽ تهران کان علاوه اصفهان، شيراز ۽ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري وارا ايراني شهر ڪيترائي دفعا گهمي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته هن جا وڏا گهرن ۾ فارسي ڳالهائيندا هئا ۽ سندن ايران ۾ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني توڙي مڪاني ماڻهو سالن کان سڃاڻون آهن، جن وٽ هو ايندا ويندا رهن ٿا ۽ سندن پيءُ مير غلام حسين جو سوٽ مير ڪريم بخش ٽالپر مشهد ۾ دفن ٿيل آهي. ڊاڪٽر مير نياز جا باقي ٽي ڀائر به تعليم يافته آهن جن مان هڪ مير لعل حسين ٽالپر پاڪستان مان سول انجنيئرنگ ۾ B.E ڪرڻ بعد هاڻ لنڊن مان Environmental Science ۾ M.E ڪري رهيو آهي. سندن ٻيو ڀاءُ مير فيض حسين ٽالپرمحرابپور ۾ نيشنل بئنڪ جو مئنيجر آهي، ۽ ننڍو مير امداد ٽالپر M.Com ڪري رهيو آهي.
ڳالهه اها آهي ته رڳو اسان جي ملڪ جا فارسي نٿا ڳالهائين. ايران ۾ ڪيترائي ايراني آهن، جيڪي اردو ۽ سنڌي ڳالهائين ٿا. بلوچي ڳالهائڻ وارا ته ڪيترائي آهن. جيئن انڊيا ۾ پنجاب صوبي جا سڀ پنجابي ڳالهائين ٿا، تيئن ايران جي بلوچستان ۽ ڀر وارن صوبن جا ڪيترائي ايراني، بلوچي ڳالهائين ٿا پر هو لکڻ لاءِ رسم الخط فارسي استعمال ڪن ٿا، جيئن انڊيا جا سِک، گرمکي ۾ پنجابي لکن ٿا.
خيرپور جي مير اعجاز ٽالپر جنهن جو تقريبن هر سال فيملي سان گڏ ايران اچڻ ٿئي ٿو، تنهن ٻڌايو ته مشهد ۾ خادم رضا نالي هڪ ايراني شيخ فيملي آهي، جنهن وٽ سالن کان خيرپور جون فيمليون مهمان ٿي رهن ٿيون. اهي سنڌي صاف ڳالهائين ٿا. هنن جو وڏو آغا محسن خادم رضا چار پنج سال اڳ گذاري ويو. هنن جو بنگلو ’شهرباني‘ واري پاسي آهي، مير اعجاز هڪ ٻي ايراني لاءِ ٻڌايو جيڪو سنڌي سٺي ڳالهائي ٿو ان جو نالو علي اڪبر خراساني آهي ۽ هو پڻ مشهد ۾ مسافر خانو هلائي ٿو.
اسان واري مير اعجاز ٽالپر جو تعلق خيرپور جي حاڪمن سهراباڻي ميرن سان آهي.پاڻ صاحبزاده مير علي ڏني خان ٽالپر جو فرزند آهي، جيڪو خيرپور رياست جو صدر به رهي چڪو آهي. مير اعجاز جو ڏاڏو مرحوم صاحبزاده مير مراد خان ٽالپر سنڌ جي مشهور شاعر ۽ تاريخي شخصيت، هزهائينس مير علي نواز خان ”ناز“ جو سئوٽ هو جنهن جي لاهور جي ڳائڻي سان عشق جي ڪهاڻي تي KTN وارن بالي ڊرامو ٺاهيو. ميرن جي سنڌ تي حڪومت ۽ ايران سان لڳ لاڳاپن جو تفصيل ايندڙ مضمون ۾ ڪنداسين. مير اعجاز جو هڪ ڀاءُ مير غلام خان MPA به رهي چڪو آهي. هي پاڻ ۾ چار ڀائر آهن. باقي ٻن جا نالا مير مراد خان ۽ مير غلام مصطفى خان آهن، مير اعجاز ٽالپر جو ڄم جو سال 1953ع آهي.
محرابپور جي ڊاڪٽر مير نياز ٽالپر اصفهان بابت هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي.
”سائين توهان حيدرآباد ۾ ڪڏهن ٽنڊو مير نور محمد ويا آهيو؟“ هن پڇيو.
”نه“ مون وراڻيومانس.
”اهو لطيف آباد نمبر 4 جي ڀرسان آهي. اتي توهان ميرن جا گهر ۽ محل ڏسندائو ته توهان کي انهن جو آرڪيٽيڪٽ (بناوت ۽ نمونو) بلڪل هتي جي اصفهان جي انهن عمارتن ۽ محلاتن سان ملندو جُلندو نظر ايندو، جيڪي صفوي دور جون آهن، بلڪل هتي جي ”علي ڪاپو محل“ جهڙو.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ٽنڊي مير نور محمد ۾ اهي گهر، حيدرآباد وارن ميرن يعني شهداداڻي ميرن جا آهن. ”ڪراچي ۾ مير حيدر علي ٽالپر سئي گئس ۾ انجنيئر آهي“ ڊاڪٽر نياز ٻڌايو، ”توهان هن کي چوندائو ته هو توهان کي هنن گهرن جي آرڪيٽيڪٽ جي سڄي تاريخ ٻڌائي سگهندو“.
مشهد جي لئبريري ۽ تهران يونيورسٽي لئبريري ۾ اهو ڏسي خوشي ٿي ته سنڌ جي ڪيترن ماڻهن فارسي ۾ به ڪتاب لکيا آهن. مٿين لئبريرين ۾ ۽ ڪيترن ايراني گهرن ۾ جتي اسان جي ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي ڪتاب ڏٺم انهن مان ڪجهه جا نالا جيڪي نوٽ ڪري سگهيو آهيان، هن ريت آهن:
• تڪملا مقالات شعراءِ- پير حسام الدين راشدي لکيو آهي.
• تاريخ تازه نوائي مارڪ- منشي عطا محمد شڪارپوري
• تحفته الڪرام - مير شير علي قانع
• لب تاريخ سنڌ- خانبهادر خداداد
• بيگالار نامه- ادراڪي بيگلار (جنهن جي سنڌي ۾ تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي آهي).
• تاريخ معصومي- مير محمد معصوم بکري وغيره.
انهن ڪتابن سان گڏ هڪ ڪتاب رباعيون عمر خيام جون جيڪو هن وقت منهنجي هٿن ۾ آهي، ان بابت ٻه اکر نه لکڻ ناانصافي ٿيندي. دادو جي بشير سيتائي پنهنجي هن ڪتاب ۾ عمر خيام جون اوريجنل فارسي رباعيون ڏيڻ سان گڏ انهن جو سنڌي ۽ انگريزي، شاعري ۾ ترجمو ڪيو آهي. پاڻ فارسي زبان ۾ ڀڙ آهي. مون کي جيئن ئي سندس موبائيل نمبر 3250600-0300 مليو ته مون هن کان پڇيو ته توهان ههڙي سٺي فارسي ڪٿي سکيائو.
”سائين سنڌ ۾ جيڪي به مدرسا آهن، انهن ۾ فارسي لازمي سبجيڪٽ آهي. اسان به ننڍي هوندي استادن جون مارون کائي فارسي سکياسين.“
بشير سيتائي ٻڌايو ته سندن سيتا ڳوٺ ۾ جيڪو مدرسو هو، اهو سندن نانو ۽ والد صاحب آخوند محمد موسى ڀٽي صاحب هلائيندو هو پر صحيح معنى ۾ مون کي فارسي ۾ هوشيار بنائڻ ۾ منهنجي سهري آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائيءَ جو هٿ آهي ۽ هي ڪتاب رباعيون عمر خيام جون جيڪو دادو جي شاهه آباد محلي جي سرجڻهار پبليڪيشن ڇپرايو آهي. ليکڪ پنهنجي سهري کي منسوب ڪيو آهي. هو مرحوم 1973ع ۾ گذاري ويو. بشير سيتائي پاڻ سنڌي جو به شاعر آهي ۽ سندس گهٽ ۾ گهٽ چار شاعري جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن.جيڪي هي آهن.
• سج سريخو سچ
• ڏات نه ٿيندي مات 1993ع
• جهرڻو منهنجو جيءُ 2000ع
• اکر اکر ۾ اٿاهه الفت ۽
• اداس من جي اداس موسم 2008ع
اسان جي ٽولي ۾ عابد جعفري به هو ، هي در اصل پاڪستاني آهي پر ننڍپڻ کان ئي ايران ۾ رهيو ۽ هينئر ايراني پاسپورٽ اٿس. اسان جي ٽريول ايجنٽن سان گڏ هن ۽ هن جي هڪ ٻئي پاڪستاني ايراني دوست مستان علي اسان جي ڏاڍي مدد ۽ رهنمائي ڪئي ٿي. کين تمام بهترين فارسي ۽ اردو آئي ٿي. مون الحرمين جي مالڪ محمد علي رضوي کان پڇيو ته عابد ڪراچي جو آهي يا حيدرآباد جو.
”خبر اٿانو عابد اصل ۾ پٺاڻ آهي. ٻن ٽن سالن جو هو ته ايران ۾ اچي مشهد ۾ رهيو، جتي ڪراچي جي زائرين سان ملڻ ڪري اردو سکي ويو آهي“.
بهرحال عابد جو رنگ کڻي پٺاڻن جهڙو گورو ناهي پر قدرت سندس سُر ۾ مٺاس ۽ سوز ڀري ڇڏيو آهي. هِتان هُتان گهمي ڦري جڏهن پنهنجي هوٽل ڏي موٽندا آهيون ته عابد کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ چوندا آهيون ۽ جڏهن عابد ڪجهه ٻڌائيندو هو ته سڄي بس ۾ موجود ماڻهو خاموش ٿي ويندا هئا. ڪيترن جي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا. سندس هڪ منقبت هن وقت به ياد اٿم جڏهن اسان جي بس نيشاپور کان موٽي رهي هئي. اسين مشهد ڏي امام علي رضا جي مقبري تي اچي رهيا هئاسين. رات جا نَو ٿي چڪا هئا، اڳيان ويٺلن عابد کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ چيو ۽ هن چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي مٺي سر سان آلاپيو.
دربار ہے رضا کا جو مانگنا ہے مانگو
رحمت کا ہے خزانہ جو مانگنا ہے مانگو
امید لے کر آئے، مہمان بن کر آئے
جعفر کے ہیں دلارے جو مانگنا ہے مانگو
بهرحال عابد جعفري جي سُر جي واکاڻ ته ڪري سگهجي ٿي پر سندس Message تي ڪيترن ئي شيعا ۽ سني عالمن کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. بقول هڪ قم جي مدرسي جي عالم جي، ”ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ڪجهه اعتقادن اسلام کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي، نفعو نقصان سڀ ربّ پاڪ طرفان آهي ۽ اهو ئي لاهي ٿو.“ هن سوره اعراف جي آيت نمبر 188 جو حوالو ڏيندي ٻڌايو، ”(اي نبي تون ماڻهن کي هي به) چئو ته منهنجو حال ته اهو آهي جو پنهنجي جان جو نفعو نقصان به منهنجي اختيار ۾ ناهي. اهو ئي ٿئي ٿو جيڪي خدا چاهي ٿو. جيڪڏهن مون کي غيب جو علم هجي ها ته ضرور ائين ڪيان ها جو گهڻائي نفعا ۽ فائدا پنهنجي لاءِ حاصل ڪيان ها. ۽ (زندگي ۾) ڪوئي ايذاءُ يا تڪليف مون کي نه پهچي ها.“
۽ اهو ئي ڪجهه هڪ سني مولوي چيو ته اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي تعليم جي ضرورت آهي. هن شاهه لطيف جي قبر تي سنڌ جي سني مسلمانن کي قبر کي چمندو ۽ دعا گهرندو... تنهنجي در تان ڪو سوالي هٿين خالي نه موٽيو آهي.... وغيره، پنندو ٻڌي مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”هر شئي ڏيڻ يا لاهڻ وارو ربّ پاڪ آهي ۽ اها ئي ته ڳالهه اسان جو نبي ڪريم صه، اصحابي، امام ۽ شاهه لطيف جهڙا درويش صفت انسان ڪندا رهيا ته.... تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن ۽ هنن ربّ پاڪ جي ان صفت ۾ ٻئي کي شامل ڪرڻ ڏوهه ٿي سمجهيو. تڏهن ته شاهه لطيف پنهنجي اکين لاءِ چيو ته ”جي ٻي در واجهائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.“
تهران کان قم ايندي اسان جي بس شهر ري (Ray) ۾ ترسي جتي اسان جبل تي ٺهيل بي بي شهربانو جي مقبري تي پڻ وياسين. بي بي شهربانو بابت هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان ته روايت موجب ايران جي ساساني گهراڻي جي آخري پارسي حاڪم يزد جرد جي ڌيءَ ۽ امام حسين جي زال هئي. حضرت عمر رضه جي خلافت جي دور ۾ عربن جي ايران تي مڪمل فتح ٿي. يزد جرد مارجي ويو. سندس ٻه نياڻيون بيبي شهربانو ۽ ڪيهان، خليفي جي درٻار ۾ پيش ڪيون ويون. هو مسلمان ٿيون هيون ۽ بي بي شهربانو جي شادي حضرت امام حسين سان ۽ ڪيهان بانوءَ جي محمد بن ابي بڪر سان ٿي.
بيبي شهربانو جي مقبري تان موٽڻ وقت سکر جي ٻن ميراڻي سئوٽن جيڪو سنڌي ۾ مرثيو پڙهيو اهو تمام مشهور آهي ۽ ننڍي هوندي اسان به ڳوٺ جي امام بارگاهن ۽ شيعن جي مجلس ۾ ٻڌو هو.
هئه هئه رڻ ۾، بيبي بانو سر تي خاڪ وسائي ٿي
شاهه حسين جي لاش تي ويٺي نيڻون نير وهائي ٿي
آهون دانهون عرش رساڻيو هن پر حال سڻائي ٿي
زهرا بيبي جي نهن پياري سائين ري سيلائي ٿي
ڪاٿي آهين مرتضى علي شير امير
ڪڙم سڀئي قتلام ٿيو رڻ ماريو شبير
هئه هئه آئون شهزادي بيبي نهن آهيان پيغمبر جي
هئي سس منهنجي فاطمه زهرا سهرم صفدر شير علي
ان وقت اسان سان ان بس ۾ سوار سکر پاسي جي ڪريم بخش راڄپر ٻڌايو ته اهو مرثيو سيد ثابت علي شاهه جو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي ليکڪ ۽ شاعر مرزا نصير جو سماهي مهراڻ رسالي ۾ مضمون پڙهيو هوم ته سنڌيءَ ۾ مرثئي جو بنياد سائين ثابت علي شاهه وڌو. ڪجهه ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته ثابت علي شاهه جي شاعريءَ تي اردو جي شاعرن مير انيس ۽ مرزا دبير جو اثر آهي پر اهو ائين ناهي. هي شاعر لکنوءَ ۾ 1802ع ڌاري ڄاوا ۽ انهيءَ صديءَ جي ستر واري ڏهي ۾ وفات ڪيائون پر سيد ثابت علي شاهه 1740ع ۾ ڄائو ۽ مير انيس ۽ مرزا دبير ان وقت ڇهه ستن سالن جا هئا جو سيد ثابت علي شاهه 1810ع ۾ وفات ڪئي. سندن اصل خاندان ملتان کان سنڌ ۾ آيو، پاڻ سيوهڻ ۾ ڄاوا ۽ اتي ئي وفات ڪيائون ۽ سندن تدفين سيوهڻ جي ڪربلا ۾ ٿي، جنهن کي اڄ ڪلهه ”ڪربلا سيد ثابت علي شاهه“ سڏجي ٿو. پاڻ هڪ سئو کان مٿي مرثيا لکيا اٿن.