الطاف شيخ ڪارنر

ايران ڏي اڏام

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو ايران بابت سفرنامو آهي. مھاڳ ۾ لياقت عزيز صاحب لکي ٿو:
”الطاف شيخ جو ھي ڪتاب هر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اهي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جهڙي نموني تعارف ڪرايو آهي، اهو ٻيو ڪوبه ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جهڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آهي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3604
  • 650
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايران ڏي اڏام

هي ڪٿان جا مولوي ٿي سگهن ٿا....؟

ايئر هوسٽس فارسي ۾ ۽ ان بعد انگريزي ۾ فلائيٽ جو آخري اعلان ڪيو ته ايئر ايران جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مهرباني، سفر سٺو گذريو هوندو جيسين جهاز بيهي ۽ ڏاڪڻ لڳي تيسين هر مسافر پنهنجي سيٽ تي ويٺو رهي ۽ بيلٽ ٻڌل ئي رهي. اهو ٻڌي ماڻهن بيلٽ کوليا ۽ جهاز اڃان رن وي ڏاڪڻ ڏانهن وڌي رهيو هو ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهو اٿي کڙا ٿيا. ايئر هوسٽس هٿن جي اشاري سان کين گهڻو ئي ويهڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندي رهي پر هاڻ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ. هر هڪ پنهنجا پنهنجا ٿيلها سيٽن مٿان ٺهيل شيلفن مان ڪڍي جهاز جي گيٽ ڏي گپا گيهه ڪرڻ لڳا. ”ٺهيو! چئبو ته هن فلائيٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ اسان جا پاڪستاني آهن.“ مون سوچيو ۽ ضرور ٻين ملڪن جي مسافرن به سوچيو هوندو، ڇو جو اهي ڪم پاڪستانين جا آهن. جهاز جو دروازو کلندي کلندي ڏهه منٽ ته لڳي ويا تيسين مسافرن سان گڏ سندن ٻار، ساهه گهٽجڻ ڪري رئندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا. خبر ناهي ڇو اسان پاڪستانين جو اهو ڪلچر ٿي ويو آهي ته جهاز مان آرام ۽ صبر سان لهڻ بدران ائين هڻ وٺ ڪنداسين ڄڻ ٽوڪيو جي سب وي جي ريل ٿي ڇٽي، اسان جا ماڻهو جهاز مان جلد لهي پنج منٽ ضرور بچائيندا پر پوءِ ساڳيو ايئر پورٽ تي اميگريشن ۽ ڪسٽمس جي چڪرن ۾ يا ايئرپورٽ کان ٻاهر ٽئڪسي واري سان پنجاهه رپين تي ڪلاڪ بحث پيا ڪندا.
جهاز جي گيٽ کان اميگريشن تائين پهچڻ ۾ چڱو فاصلو هو. آءٌ آهستي آهستي، مون سان لٿل مسافرن ۽ ايران جي هن نئين ايئرپورٽ ”بين المللي امام خميني فرودگاهه“ جي اڏاوت ۽ ڀتين تي لڳل خوبصورت تصويرن جو جائزو وٺندو هليس. تصويرن ۾ ايران جي ڪجهه شهرن جا نظارا هئا ته ڪجهه ۾ عمارتون ۽ اسلام کان اڳ جي دور جي مورتين جون تصويرون پڻ هيون. چئبو ته ايران پنهنجو ثقافتي ورثو قائم رکندو اچي. هنن اسان ۽ افغانستان وارن وانگر پراڻي زماني جا يادگار Statue ڊاهي نه ڇڏيا آهن. ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ ۾ به اڃان تائين. هندن جا مندر ۽ ديوتائن جون مورتيون توڙي راڻي وڪٽوريا ۽ پورچو گالي ٻاون جا Statue، تاريخ کي قائم رکڻ لاءِ اڃا به قائم آهن. اسان وٽ ڀڃ ڊاهه جو ڪلچر خبرناهي ڇو وڌي ويو آهي. ايتري ۾ ڇهه ڄڻا قداور ۽ ڳري جسم جا، ڊگهين ڏاڙهين ۽ ڄاريءَ جي ٽوپين سان مون اڳيان گذري ويا. لڳي ٿو هي پڻ اسان واري جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا. هڪ ڄڻي مون ڏي نهاريو ته مون سلام ڪيومانس ۽ هن مون ڏي وڌي هٿ ملايو. اميگريشن هال ۾ پهتس ته قطارون ڊگهيون ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻ آخر ۾ بيهڻ بدران بهتر آهي ته ڪرسي تي ويهي رهجي. چوڌاري رکيل ٽيهارو کن ڪرسين مان ڪيترن تي بوهرا مرد ۽ عورتون ويٺل هيون. هڪ هنڌ هي ڇهه ڄڻا جيڪي جهاز کان هيڏانهن ايندي وقت مليا، پنهنجا ٿيلها جهولين ۾ رکي ويٺا هئا. ٿيلهن ۾ پڪ قرآن شريف ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب هوندن. هو پنجاهه کان سٺ ورهن جي ڄمار جا ٿيندا. رنگ جا افغانين ۽ پٺاڻن وانگر برف جهڙا اڇا پر قد ۽ نڪ نقشي مان هو افغاني نٿي لڳا. سندن چهرن تي اڇي چاپئين ڏاڙهي ۽ نور ٿي ٻهڪيو. مون کي کين پهرين دفعي ٿي ڏسڻ سان ساڻن ڳالهائڻ لاءِ ڇڪ محسوس ٿي هئي. ڪير ٿي سگهن ٿا؟ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ايراني ته هرگز نه آهن. ايران کڻي آءٌ نه رهيو آهيان پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايرانين سان ملي ايترو ضرور سمجهي ويو آهيان ته گهڻي ڀاڱي ايرانين جي ڏاڙهي ننڍي (ڏيڍ نمبر واري مشين سان سنواريل) ٿئي ٿي ۽ مڇون ڪجهه وڏيون ٿين ٿيون. هنن همراهن جون ڏاڙهيون وڏيون آهن ۽ مڇون زيرو نمبر جي بليڊ واري مشين سان ڪٽيل آهن. ايراني گهڻو ڪري ٽوپين بنا نظر اچن ٿا. هو نماز به ٽوپي بنا پڙهن ۽ هنن جي مٿي تي مسجدن جي امامن واري ڄاري واري ٽوپي آهي جنهن کي ملائيشيا ۾ ”حاجي ٽوپي“ سڏين. حج تان آيل ملئي ڪجهه ڏينهن اهڙي ڄاريءَ واري ٽوپي پائي هلندا آهن جيئن جنهن کي خبر نه هجي اهو به سمجهي وڃي ته هي حاجي سڳورا آهن. ايراني ورلي ڪو ٿلهو نظر ايندو، هو هلڻ چلڻ ۾ به تکو ۽ سمارٽ هوندو. ايران جا مولوي ۽ امام به نوڪريون ۽ مزدوريون ڪن ۽ صحتمند ۽ سنها نظر اچن، پر هي ننڍي کنڊ جي انهن مولوين وانگر ٿلها متارا لڳي رهيا هئا جن جو ڪم فقط نڪاح پڙهائڻ ۽ شادي جي دعوت ۾ ٻوڙ پلاءَ ۽ حلوو کائڻ آهي. هڪ ڳالهه هئي ته هنن جي ٿولهه Obesity (گهڻي کائڻ ڪري پيٽ نڪرڻ واري) نه هئي. هنن جي جسامت اهڙي هئي جيئن هڪ پٺاڻ بنگاليءَ کان، هڪ ڪشميري تامل ۽ مدراسي کان ڀريل جسم جو ٿئي ٿو. ڳري جسم جا هجڻ جي باوجود هو سمارٽ لڳي رهيا هئا تڏهن ته هلڻ ۾ مون کان به اڳيان نڪري ويا.
مون کي تڪيندو ڏسي مون لاءِ هنن پنهنجي وچ ۾ ڪرسي خالي ڪئي ۽ مون کي وهڻ جي دعوت ڏني ۽ منهنجي وڌڻ تي هو اٿي بيهي مونسان مليا. ايڏي عزت ماڻڻ ڪري آءٌ هڪ گهڙي لاءِ وائڙو ضرور ٿي ويس پر پوءِ جلدي ئي خيال آيم ته صحيح ته آهي. هو کڻي پنجاهه ۽ سٺ جي وچ ۾ آهن پر آءٌ به ته اڇي ڏاڙهي سان سٺ ۽ ستر ورهيه جي ڄمار جي وچ ۾ آهيان. هينئر آءٌ ٽيهه سال اڳ واري دور ۾ ته نه آهيان. جڏهن ههڙن ايئرپورٽن تي ڪو پير مرد يا عورت مون کي چوندي هئي ته پٽ هي بئگ ته رولر تان کڻي ٽرالي ۾ رکي ڏي يا ڪنهن وڏي عمر واري جپاني يا ملئي عورت کي ڏسي پنهنجي سيٽ خالي ڪري چوندو هوسانس، ”سوا تائي ڪدا سائي“ يا ”پوليح دودڪ ماڇي“. (ماسي ويهه آءٌ بيهان ٿو) هنن اردو ۾ خير عافيت ڪئي ته پڇيو مان افغاني آهيو؟
”نه، نه“
”پاڪستاني آهيو؟“
”نه، نه“
”ايراني آهيو؟“ مون هاڻ اهو ئي سوچيو ته ايران جي ڪنهن اهڙي صوبي جا هوندا جيڪو ترڪي يا ترڪمنستان جهڙي سابق روسي رياست سان ملي ٿو.
”نه اسان امو درياهه جي ڪناري ازبڪستان ۾ رهون ٿا ۽ توهان؟“ هنن مون کان پڇيو. مون کين ڪراچي جوئي ٻڌائڻ چاهيو ٿي جو هو وڌ ۾ وڌ ڪراچي جا واقف هجن. ملائيشيا، انڊونيشيا يا ڪنهن ٻي اهڙي ملڪ مان ٿيندا هي ڪراچي مان هن ايراني هوائي جهاز ۾ چڙهيا هوندا، پر ٻي گهڙيءَ منهنجي وات مان حيدرآباد نڪري ويو.
”حيدرآباد ۾ ڪٿي؟“ هنن پڇيو. حيدرآباد ۾ ڪٿي سان هنن جو ڇا مطلب! ڇا هو حيدرآباد شهر کان واقف آهن يا ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي کان هي ته ائين ئي ٿيو ته آءٌ کانئن پڇان ته امودرياءَ جي ڪناري ڪهڙي ڳوٺ يا شهر جو نالو ٻڌائين ته مون کي ڪهڙي خبر. اسان مان ڪيترا آهن جن کي ازبسڪتان جي وڏي ۽ گادي واري شهر تاشقند جي ڄاڻ آهي؟ بهرحال مون ٻڌايومان ته آءٌ حيدرآباد کان ٻاهر هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهيان.
”ڪهڙو ڳوٺ؟ مٽياري، ٽنڊو آدم، نيو سعيد آباد، شهدادپور...“
”هالا. هالا. آءٌ هالن جو رهاڪو آهيان.“ مون وراڻيو.
”ڪهڙو هالا؟ نئون هالا، پراڻو هالا؟“ هنن مان هڪ يڪدم سوال ڪيو. ڪمال آهي هي امودرياهه جا ازيڪستاني ماڻهو آهن يا جن، اچين ته اردو به پوري پني ڪانه ٿي پر جاگرافيائي معلومات تمام گهڻي اٿن.
”توهان اردو ڪٿان سکي ۽ هالا کان ڪيئن واقف ٿيائو؟ ڇا وهٽن جو بزنيس ڪريو ٿا؟“ مون پڇيومان، جو هر مهيني جي پهرين سومر تي اسان جي ڳوٺ هالا ۾ وهٽن جي وڏي پڙي لڳي ٿي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان کان سوين واپاري اٺن، مينهن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جي خريد و فرخت ڪن ٿا.
”نه اسان ڪراچيءَ جي هڪ مدرسي مان گهڻو گهڻو اڳ ديني تعليم حاصل ڪئي هئي.“ هنن ٻڌايو، ”هنيئر اسان تبليغ لاءِ نڪتا هئاسين. اسان جي اجتماع کي هالا نوان ۾ اچي ملڻو هو.“
”هينئر ايران زيارت لاءِ مشهد ۽ قم هلي رهيا آهيو؟“ مون پڇيومان جو اسان جو ۽ ٻين زائرين جو ايران اچي اهو ئي پروگرام رهي ٿو.
”نه اسين هاڻ باءِ روڊ اشڪ آباد، سمرقند ۽ بخارا ۾ ڪجهه ڏينهن رهي ڳوٺ وينداسين. هتي ايران ۾ اسان کي زاهدان وڃڻو آهي.“
مون کان پڇڻ تي مون هنن کي ٻڌايو ته آءٌ سفرناما لکندو آهيان.
توهان اسان وٽ به ڪڏهن اچو ۽ اسان جو اهو درياهه اچي ڏسو.“ هنن چيو ته مون دل ۾ سوچيو ته امودرياه وچ ايشيا جي ملڪن ۾، خاص ڪري تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان ۾ بيشڪ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو 2400 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن جا 1450 کن ڪلوميٽر اڄ تائين Navigable ۾ آهن يعني ان ۾ ٻيڙيون، لانچون، بارجون ۽ ننڍا جهاز هلي سگهن ٿا. اسان جي ملڪ جي سنڌو درياهه ۾ به هڪ صدي اڳ تائين امودرياه کان به بهتر نيويگيشن ٿي سگهي ٿي ۽ پورچو گالين ۽ انگريزن جا جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ کان مڙي، ائٽلانٽڪ، هندي وڏي سمنڊ لتاڙي عربي سمنڊ جي بندرگاهه فقط ڪراچي تائين اچي. لنگر نٿي ڪيرايائون پر ڪراچي کان اڳيان سنڌو ندي ذريعي ملتان تائين پهچي ويا ٿي جيئن اسان مسي سپي ۽ چائنگائو ندين ۾ اندر گهڙي آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچون ٿا يا ٿائيلنڊ جي بندرگاهه بئنڪاڪ ۾ اچي لنگر ڪيرايون ٿا. هي اسان جو سنڌو درياه جيڪو هينئر ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ڪرڪيٽ جو ميدان ٿي پيو آهي يا بلڊنگ ڪنسٽرڪشن وارن لاءِ واري کڻڻ جو گدام، ان ۾ ڪنهن زماني ۾ ڇولين سان پاڻي به وهيو ٿي جنهن لاءِ شاهه لطيف کي چوڻو پيو هو ته،
دهشت دم درياهه ۾ جت لڙ، لهرون، لس، ليٽ
آڻي اوڀارن ۾ پانڌي ٻوڙي ٻيٽ
جت چڪنئي چيٽ، ات ساهڙ سير لنگهياءِ تون...
هنن آذربائيجاني ملن جو هالا کان ايندي ويندي ڄام شورو واري پل تان لنگهندي، سنڌو درياءَ تي ضرور نظر پيئي هوندي، جنهن مان اڄ ڪلهه ڌوڙ پيئي اڏامي- تڏهن ته هو مون کي سندن ملڪ جو درياهه امودرياه گهمڻ لاءِ دعوت ڏيئي رهيا آهن...
”توهان اُمودرياه بابت ٻڌو ته ضرور هوندو؟“ گهڻي دير تائين مون کي خاموش ۽ ذهني طرح غائب ڏسي هنن مون کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”جي ها. جي ها.“ مون هائوڪار ڪئي.“ يورپ ۾ آءٌ پڙهندو هوس ته منهنجو هڪ ڪورس ميٽ آذربائيجان جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ جو آفيسر هو. هُو ٻڌائيندو هو ته اُمودرياه وچ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو درياه آهي جيڪو ٻن درياهن وخش ۽ پنج جي ڳانڍاپي سان شروع ٿئي ٿو جيئن اسان جو سنڌو درياءَ راوي، چناب، جهلم، ستلج وغيره جي ميلاپ سان شروع ٿئي ٿو. هو ٻڌائيندو هو ته مڪاني ماڻهو امودرياه کي جيحون ندي سڏين ٿا جيڪا انهن چئن ندين مان هڪ سمجهي وڃي ٿي جيڪي جنت مان هن ڌرتيءَ تي لٿيون.“
”اسلامي تاريخ نويسين به هن نديءَ کي ان نالي يعني جيحون سڏيو آهي. يونانين جي پراڻن ڪتابن ۾ هن ندي جو نالو آڪش آهي.“ هنن ٻڌايو.
بهرحال هن نديءَ يعني اُمودرياه، ايران جي قديمي سلطنت ۽ سڪندر اعظم جي فتحن ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. موجوده دور ۾ روسين هن درياه ذريعي ۽ اڳتي پنج ندي مان افغانستان تي حملا ۽ فوجي آپريشنون ڪيون. اڄ ڪلهه افغانستان ۾ آمريڪن جو دٻدٻو آهي. هنن افغانين کي خوش ڪرڻ لاءِ هن درياه جي مٿان وڏو خرچ ڪري.“ تاجڪ افغان دوستي پل ٺاهي آهي. هي درياه ارل سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جيڪو هڪ ڍنڍ مثال آهي. اُمودرياه تي اريگيشن جو ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ هاڻ درياه جي آخر ۾ ٿورو ئي پاڻي بچي ٿو. نتيجي ۾ ارل سمنڊ ڏينهون ڏينهن وڃي سسندو.
ازبڪستان جي هنن مولوين ٻڌايو ته هو سني آهن ۽ ٻن ڏينهن جي تبليغ لاءِ زاهدان وڃي رهيا آهن، جتي هو مڪي مسجد ۾ رهندا. ايران ۾ گهڻي ڀاڱي شيعا رهن ٿا پر ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ جيڪو پاڪستان جي بلوچستان سان ملي ٿو سني پڻ رهن ٿا. زاهدان ايران بلوچستان صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جيئن ڪوئيٽا اسان واري بلوچستان جو آهي. اسان واري بلوچستان جي بارڊر واري شهر ڪوه تافتان کان زاهدان ايترو پري آهي جيترو ڪراچي کان نوري آباد يا ٺٽو يعني 100 کن ڪلوميٽر. منهنجي عمر جا پڙهندڙ زاهدان کي ان حوالي سان ضرور ياد ڪندا هوندا جو ايران جي انقلاب تائين يعني شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ريڊيو اسٽيشن ايران زاهدان پاڪستان جي ماڻهن جي دلپسند ريڊيو اسٽيشن هوندي هئي جتان هر وقت انڊين گانن جي فرمائش هلندي هئي. ايران جي ٻين شهرن وانگر زاهدان ۾ به جمعي نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد آهي. ان سان گڏ سني مسلمانن لاءِ ”مڪي مسجد“ نالي تمام وڏي مسجد آهي جنهن جي بناوت ۽ منارن جو نمونو ننڍي کنڊ جي آرڪيٽيڪچر سان ملي ٿو. زاهدان جي هيءَ مڪي مسجد سڄي ايران ۾ وڏي ۾ وڏي سنين جي مسجد آهي. اميگريشن جو ٺپو هڻائڻ وارين قطارن ۾ هاڻي باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا هئا. اسان جي قافلي جي اڳواڻ Guide محمد علي پنهنجن ٽڙيل پکڙيل ماڻهن کي سڏ ڪيو ته هاڻ اچي اميگريشن لاءِ قطار ۾ بيهو. مون سان گڏ هي ازبڪستان جا مولوي به اٿيا. آخر انهن کي به ايران ۾ داخل ٿيڻ جو Entry ٺپو اميگريشن وارن کان هڻائڻو هو پوءِ ڀلي ايران جي شهر زاهدان ڏي وڃن يا اصفهان، تبريز يا ڪنهن ٻئي شهر ڏي، ايران جي ويزا جي اها ڳالهه سٺي آهي ته ايران ۾ داخل ٿي ڪنهن به شهر ۾ وڃي سگهو ٿا ۽ ٽن مهينن تائين جنهن شهر ۾ جيترو وقت وڻي رهي سگهو ٿا، پر ڪيترن ملڪن ۾ ائين نه آهي. جيئن جپان ۽ انڊيا جهڙن ملڪن ۾ توهان فقط ٽن يا چئن پريفيڪچرن (صوبن) ۾ وڃي سگهو ٿا. اٿڻ مهل مون هنن تبليغي جماعت جي مولوين جي تصوير ڪڍڻ لاءِ کانئن اجازت گهري پر هو راضي نه ٿيا. هڪ ڄڻي جيتوڻيڪ هائوڪار ڪئي پر ٻين کي انڪار ڪندو ڏسي هن به فوٽو ڪڍرائڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو.