بني صدر، رفسنجاني ۽ منتظري
ابوالحسن بني صدر 1933ع ۾ ڄائو ۽ ايراني انقلاب ۽ پهلوي گهراڻي جي بادشاهت ختم ٿيڻ بعد ملڪ جو پهريون صدر چونڊيو ويو. 1960ع ۾ جيڪا شاه جي خلاف تحريڪ هلي هئي، ان ۾ بني صدر به حصو ورتو هو ۽ ٻه دفعا جيل ۾ به ويو. ان بعد موقعو ملڻ تي هو فرانس ڀڄي ويو جتي آيت الله روح الله خميني جي گروپ سان وڃي شامل ٿيو. 1979ع ۾ انقلاب دوران جڏهن خميني ايران موٽيو ته هي به هن سان گڏ آيو. بني صدر فائنانس ۽ ايڪانامڪس جو شاگرد رهيو هو ۽ B.A ۽ MBA ڊگريون هئس ان ڪري کيس انقلاب بعد شروع وارو سال ڏيڍ وزيرِ خزانه مقرر ڪيو ويو هو. 1980ع وارين صدارتي چونڊن ۾ هو 80 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري، ملڪ جو پهريون صدر ٿيو.
بني صدر مذهبي عالم نه هو. چون ٿا ته هن جو اڳتي هلي ملڪ جي ملائن سان اختلاف ٿيو ۽ ڏيڍ سال کن صدر رهڻ بعد هن جي Impeachment ٿي وئي. هن وقت هن جي عمر 75 سال کن آهي ۽ گذريل ويهارو سالن کان پئرس جي ڀرسان هڪ ڳوٺ Versaillers ۾ رهي ٿو.
ايران جي هڪ ٻي اهم شخصيت ۽ ملڪ جو صدر آيت الله اڪبر هاشمي رفسنجاني آهي. هو ايران جو چوٿون صدر ٿيو ۽ ٻه دفعا 1989ع کان 1997ع تائين ٿيو. هو ٽيون دفعو صدر ٿيڻ لاءِ 2005 ع واري اليڪشن ۾ بيٺو پر سندس مخالف محمود احمد نزاد کٽي ويو. بهرحال اڄ به رفسنجاني ايران جي اهم سياسي شخصيت آهي ۽ گذريل سال 2007ع کان ايران جي اسيمبلي آف ايڪسپرٽس“ ۽ Expediency Council جو چيئرمين آهي.
اڪبرهاشمي رفسنجاني ڪرمان صوبي جي هڪ شهر رفسنجان ۾ 1934ع ۾ هڪ امير فئملي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ پِستن جي پوک جو وڏو زميندار هو. اڪبر کان علاوه کيس ٻيا به ست ٻار هئا. 1948ع ۾ جڏهن رفسنجاني 14 سالن جو هو ته کيس سندس والدين قم جي شيعا مدرسي ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن جي هن مدرسي ۾ امام خمينيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن وٽ هن اسلامي قانون، اخلاقيات ۽ سائنس پڙهي. ان وقت کان وٺي رفسنجاني امام خميني جو پوئلڳ ۽ معتقد ٿي رهيو. رفسنجاني ان وقت کان خميني جي سوچ سان سهمت رهيو ته هن ملڪ ۾ اسلامي نظام اچڻ کپي ۽ ان ۾ ئي غريب عوام جي ڀلائي آهي. شهنشاهه ايران جي حڪومت خلاف هلايل تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي سزا ۾ رفسنجانيءَ کي پنج دفعا جيل جون تڪليفون سهڻيون پيون.
ملڪ جي اهم انقلابي شخصيتن جواد باهونر، محمد بهشتي، مرتضيٰ موتاهري ۽ عبدالڪريم موسوي اردبيلي سان گڏ اڪبر هاشمي رفسنجاني به ”ايراني انقلابي ڪائونسل“ جو خاص ميمبر هو ۽ نئين پارليامينٽ (مجلس آف ايران) جو پهريون اسپيڪر ٿيو.
1958ع ۾ اڪبر رفسنجاني جي عفت مار آشي سان شادي ٿي جنهن مان کيس پنج ٻار آهن. ٽي پٽ: محسن، مهدي ۽ ياسر ۽ ٻه ڌيئرون: فاطمھ ۽ فائزه. فقط فاطمه سياسي زندگي ۾ آئي ۽ مجلس (پارليامينٽ) جي ميمبر به ٿي. اڄ ڪلهه هوءَ عورتن جي فارسي اخبار ”زن“ جي ايڊيٽر آهي. باقي ڀائر ڀينرون بزنيس ۾ آهن. رفسنجاني جي فئملي ايران جي امير ترين فئملي آهي. ڪجهه سال اڳ آمريڪا جي مئگزين forbes جيڪا دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري ٿي ان ۾ رفنسجاني جو به نالو هو. رفسنجانيءَ ڪجهه ڪتاب به لکيا آهن جن مان گهڻو مشهور ”امير ڪبير“ آهي جنهن جو انگريزيءَ ۾ ٽائيٽل هن ريت آهي:
Amirkabir: Hero of Fighting against Imperialism
رفسنجاني پنهنجي يادگيرين جو به ڪتاب لکي رهيو آهي جيڪو ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل آهي، ان ڪتاب جو نالو آهي: Towards Destiny. ان جا اٺ کن واليوم مڪمل ٿي چڪا آهن.
هتي هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي به ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو جنهن لاءِ جيتوڻيڪ اهو مشهور هو ته امام خميني بعد هن جو جاءِ نشين يعني سپريم ليڊر ٿيندو. پر هي نه سپريم ليڊر ٿيو ۽ نه صدر! بهرحال هن جو سياسي اثر رسوخ تمام گهڻو آهي. سندس نالو آهي گرانڊ آيت الله حسين علي منتطري. اڄ ڪلهه هو قم ۾ رهي ٿو.
حسين علي منتظري 1922ع ۾ اصفهان صوبي جي هڪ شهر نجف آباد ۾ هڪ ڳوٺاڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جنهن جو گذر سفر هارپي مان هو. مائٽن هن کي قم موڪليو جتي هن امام خميني سان گڏ مذهبي تعليم حاصل ڪئي ۽ هن اتي خميني جي سڏ تي شاه محمد رضا پهلوي جي خلاف 1963ع ۾ انقلابي تحريڪ ۾ حصو ورتو. جڏهن شاه جي حڪم تي امام خميني کي ملڪ بدر ڪيو ويو ته ايران ۾ هن جي اڀريل تحريڪ کي حسين منتظري سنڀاليو، جنهن جي بدلي ۾ کيس 1974ع ۾ جيل موڪليو ويو جتان کيس 1978ع ۾ آزاد ڪيو ويو. ان بعد هن وري تحريڪ کي اڀاريو ۽ آخر ۾ ايران ۾ انقلاب آيو. منتظر هڪ وڏو عالم دين ۽ مذهبي قانوندان آهي. سندس هڪ ڪتاب ”دراست في ولايھ الفقھ“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ تمام اسڪالري ڪتاب آهي. ايران ۾ انقلاب بعد هو Assembly of Experts (مجلس خوبرگان) جو ميمبر ٿي رهيو ۽ ملڪ جو آئين ٺاهڻ ۾ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو. پاڻ وڏو عرصو قم ۾ جمعي نماز پڙهائيندو رهيو، اڳتي هلي هن امام خميني جي ڪيترين پاليسين سان اختلاف ڪيو ۽ کيس کي سندس گهر ۾ ئي نظربند ڪيو ويو.