مٺوءَ بدران طوطو ياد اچڻ
”بلڪل اچي ٿي“ هن فرسٽ ڪلاس انگريزي ۾ جواب ڏنو، ”ڏاڍي خوشي ٿي. مون به اها پئي دعا گهري ته اهڙو ايراني ملي وڃي جيڪو انگريزي کان واقف هجي ۽ مون کي امام خميني جي مدرسي ۾ وٺي هلي.“ مون چيو مانس ۽ هن مرڪندي ٻڌايو ”آئون بنگلاديش جو بنگالي آهيان ان ڪري مون کي انگريزي اچي ٿي ۽ هتي اٺ سال رهڻ ڪري فارسي به ڄاڻان ٿو ۽ آئون ان ئي مدرسي ڏي وڃي رهيو آهيان جتي معلم آهيان، يعني پڙهايان ٿو.“ هن جي هٿ ۾ بس جي ٽڪيٽ جو پئڪيٽ هو، جيڪو بس ۾ روز سفر ڪرڻ وارا روز ٽڪيٽ خريد ڪرڻ بدران يڪو وٺي رکن ٿا. ان مان هن هڪ ٽڪيٽ مون لاءِ به ڏني ۽ مون کي مدرسي اندر وٺي هلڻ جي اندران آفيشل اجازت وٺي مون کي سڄو مدرسو گهمايو، جتي ڪيترن ئي ملڪن جا پروفيسر هئا ۽ جن جن ملڪن جا شاگرد هئا، انهن جو تعداد ته تمام وڏو نظر آيو، بهرحال هن مدرسي ۽ ان ۾ مليل عالمن ۽ شاگردن سان ٿيل خبرچار جو احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪبو. آئون هن بنگلاديش جي عالم سيد سجاد حسن کان موڪلائي مدرسي کان ٻاهر نڪتس ۽ روڊ تان لنگهندڙ گهڻيون سواريون کڻڻ وارين ٽئڪسين کي هٿ جو اشارو ڪري قم شهر هلڻ لاءِ رڙ ڪندو رهيس. ٻه ٽي ٽئڪسيون گذرڻ بعد هڪ ڪجهه اڳيان وڃي Reverse ٿي ۽ ٽئڪسي ۾ پوئين سيٽ تي ويٺل سوٽ ڪوٽ ۾ هڪ آفريڪن در کولي مون کي انگريزي ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
اوه! آئي ايم ساري، مون سمجهيو هيءَ چئن مسافرن واري ٽئڪسي آهي“ مون ويهڻ سان چيومانس،
”توهان بلڪل صحيح ٽئڪسي ۾ ويٺا آهيو، هيءَ چئن مسافرن واري ئي ٽئڪسي آهي ۽ هن روڊ تان سڀ اهي ئي ٽئڪسيون هلن ٿيون،“ هن ٻڌايو ۽ آئون مطمئن ٿي ويس، جيتوڻيڪ هن کان اڳ خالي ويندڙ ٽئڪسين مون کي نه ويهاريو.
”لڳي ٿو توهان هتي نوان نوان آيا آهيو،“ هن مون کان پڇيو. ٿورو اڳتي هلياسين ته هن آفريڪن جنهن پنهنجو نالو ذوالقعد نصرالله ٻڌايو ۽ هو ڪانگو کان هتي ٻن سالن کان تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
”صحيح ٿا چئو، آئون هن شهر قم ۾ ڪالهه ئي پهتو آهيان“ مون ٻڌايومانس ۽ يڪدم پڇيومانس ته هن کي ڪيئن خبر پئي ته آئون هتي نئون آيل آهيان.
”ان ڪري جو توهان ٽئڪسي واري کي حرم مطهر چوڻ بدران مقبره معصومه پئي چيو ان ڪري ٽئڪسي وارو منجهي پيو ۽ سواري کڻڻ بدران اڳيان وڌي ويو، پوءِ مون پٺيان هلڻ لاءِ چيومانس“
اهو ٻڌي سمجهي ويس ته هن ٽئڪسي کان اڳ وارين مون کي ڇو نه کنيو جو هنن سمجهيو هوندو ته آئون ڪنهن ٻئي هنڌ ٿو وڃان، خاص ڪري ان هنڌ تي جتي فاطمه معصومه عبادت ڪندي هئي، جيڪا درگاهه شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ آهي ۽ ”عبادت گاهه حضرت فاطمه معصومه“ جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ اسان کي اسان جي ٽوئرسٽ ڪمپني، آخري ڏينهن تي اتي وٺي آئي هئي. بهرحال ايران يا ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن به محلي روڊ يا بس اسٽاپ جو نالو چڱي طرح ياد رکجي ۽ اجايو ٽئڪسي وارن کي ڏوهاري نه بڻائجي، جيئن اسان کي ملائيشيا ۾ جتي نوڪري ملي هئي، اهو ڄامشوري يا پيٽارو جهڙو هڪ ڏورانهون ڳوٺ هو جتي اها نيول اڪيڊمي هئي ان جو نالو ڪئالا سنگائي بارو آهي. اسان کي اتي جي انتظاميه طرفان چيو ويو هو ته اسان ڪراچي کان ڪوالالمپور تائين هوائي جهاز ذريعي پهچي پوءِ ملاڪا شهر ۾ اچون، جتان ٽئڪسي ۾ چڙهي ڪئالا سنگائي بارو پهچون. ڪراچي کان ڪوالمپور هوائي جهاز جي سفر جي اوجاڳي ۽ ڪوالامپور کان ملاڪا باءِ روڊ پهچڻ جي ٿڪ، هڪ نئين ماحول (جنهن ۾ اسان کي هاڻ هڪ سال رهڻو هو) ان جي خوف ۽ پريشاني ۾ ڳوٺ جو سڄو نالو وسري ويو ۽ ملاڪا مان ٽئڪسي ۾ ويهڻ وقت هن کي فقط ڪئالا سنگائي پيا چئون جنهن جي لفظي معنى درياهه جو منهن آهي، پوءِ جڏهن ڊرائيور اسان کي هيڏانهن هوڏانهن رلائيندو رهيو ته ان پريڊ ۾ اسان کي معلوم ٿيو ته ملائيشيا ۾ ڪئالا سنگائي ائين آهي جيئن اسان وٽ ٽنڊو، جنهن جي پويان جيسين آغا، ڄام، الهيار، ولي محمد، جان محمد يا خان محمد نٿا لڳايون، تيسين ڊرائيور کي ڪهڙي خبر ته اسان کي ڪهڙي شهر يا ڳوٺ يا پاڙي ۾ وڃڻو آهي ۽ ملائيشيا جي ته هر رياست ۾ خبر ناهي ڪيترا ڪئالا سنگائي (درياهي منهن) نالي سان ڳوٺ آهي، بارو (نئون)، لاما (پراڻو) جيئن هالا نوان ۽ هالا پراڻا آهن، ان کان علاوه اڊانگ (گانگٽ)، اڪان (مڇي)، لمپور (گپ) ۽ ٻيا ڪيترن ئي لفظن وارا ڪئالا سنگائي آهن، ان ڪري پرديس ۾ فقط پنهنجي يادگيري تي آسرو نه ڪجي پر پني تي لکي به هلجي.
ان سلسلي جي هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ياد ٿي اچي ته اڄ کان 45 سال کن اڳ چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) مان جڏهن مئرين انجنيئرنگ پڙهي ڪراچي جي شپ يارڊ ۾ وڌيڪ ٽريننگ وٺڻ لاءِ آيس ته اهو سال NED ڪاليج جي ميٺارام هاسٽل ۾ رهيو هوس، جيڪا پاڪستان چوڪ وٽ آهي، اتي ئي مون پنهنجي بنگلاديش کان ايندڙ ڪلاس ميٽ دوست کي پهچڻ لاءِ چيو هو. هو ڪراچي ايئرپورٽ کان ٽئڪسي ڪري پاڪستان چوڪ ۽ لائيٽ هائوس سئنيما تائين ضرور پهتو پر هو مون تائين هاسٽل تائين پهچي نه سگهيو، جتي هن جي رهائش جو بندوبست ڪيو هوم. ٻئي ڏينهن آچر هو ۽ ٽئي ڏينهن سومر جو اسان کي شپ يارڊ پهچڻو هو، جتي هن سان ملاقات ٿيڻ تي هو مون سان ۽ ٽئڪسي واري سان سخت ناراض هو جو هن جي مطابق يا مون کيس غلط ائڊريس ڏني يا ٽئڪسي وارو هن کي هڪ هڪ گهٽي ۾ رلائي بل وڌائيندو رهيو ۽ هن کي آخرڪار صدر ۾ هڪ هوٽل ۾ ٻه راتيون گذارڻيون پيون. سندس ڪهاڻي ٻڌي مون کي به افسوس ٿيو ۽ شپ يارڊ مان موڪل مهل پهرين سندس هوٽل تان سامان کنيوسين ۽ پوءِ جيئن ئي ٽئڪسي ۾ رکي مون ڊرائيور کي ميٺا رام هاسٽل جو چيو ته هن شرم کان پنهنجو نرڙ ڪٽيندي چيو: ”يار معاف ڪجانءِ، غلطي نه تنهنجي هئي نه ٽئڪسي ڊرائيور جي پر منهنجي هئي.“
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون پڇيومانس.
”يار مون ٽئڪسي ڊرائيور کي ميٺارام بدران طوطا رام هاسٽل هلڻ لاءِ چيو هو.“
اها ڳالهه جڏهن اسان جي ٻين ساٿين کي پئي ته اهي به کلڻ لڳا، اها 1964ع جي ڳالهه آهي، ان بعد اسان جهاز هلايا، مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي ويو ۽ اسان جو اهو چرچائي ۽ راندين ۾ بيحد هوشيار بنگالي دوست عتيق الرحمان جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو، ان بعد پنهنجي ملڪ جي بنگلاديش شپنگ ڪارپورشن جو ”ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر“ ٿيو، هاڻ ٻين ڪلاس ميٽن وانگر ڏاڏو نانو بڻجي چٽگانگ ۾ رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي پر اڄ به طوطا رام واري ڳالهه ياد ڪري کلندا آهيون، ”تو کي طوطا رام ڀلا ڪيئن ڌيان ۾ آيو“ اسان کانئس پڇيو هو.
”يار مون ميٺارام کي مٺو رام سمجهي ڌيان ۾ چتونءَ کي ئي رکيو ۽ ڪنهن پني تي نوٽ به نه ڪيم ۽ پوءِ مهيني بعد جڏهن ڍاڪا کان ڪراچي پهتس ته مون کي مٺو بدران طوطو ياد اچي ويو.