ڪجهه خراسان بابت
اسان جا ماڻهو جيڪي ايران اچن ٿا اهي مشهد شهر ۾ ضرور اچن ٿا جو اتي امام علي رضا جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪن ٿا. ڪيترن ڳوٺاڻن کي ته اها به خبر ناهي ته هن شهر جو نالو ڇا آهي؟ هنن کان پڇبو ته ايران ۾ ڪيڏانهن ويائو ته هو يڪدم چوندا ته امام رضا جي روضي تي وياسين ۽ ٻيون به زيارتون ڪيونسين. هو جيڪي ٻين زيارتن جي ڳالهه ڪن ٿا انهن مان گهڻي ڀاڱي هتي مشهد ۽ ان جي آس پاس (يعني هن خراسان صوبي) ۾ آهن ۽ ٻيون قم ۽ ٻين شهرن ۾ آهن. هن شهر مشهد بابت گذريل مضمون ۾ احوال ٿي چڪو آهي. هتي هن صوبي خراسان بابت ڪجهه لکڻ ضروري ٿو سمجهان جنهن جو مشهد اهم شهر آهي جنهن کي پاڻ صوبي جو گاديءَ وارو شهر چئي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ ايران ۾ اهڙي شهر کي مرڪز Center سڏين ٿا. صوبي کي فارسي ۾ اوستان سڏين ۽ صوبي جو انتظام سنڀالڻ واري کي اوستاندار سڏين ٿا. جيڪو ملڪ جو وزير داخلا ڪابينا سان صلاح مشورو ڪري مقرر ڪري ٿو. جيئن اسان وٽ هر صوبو ڊويزن ۾ ورهايل آهي (جنهن کي ڪن ملڪن ۾ Counties سڏجي ٿو) ۽ هر ڊويزن ضلعن Districts ۾ ورهايل آهي تيئن هتي ايران ۾ هر صوبو شهرستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر شهرستان ضلعن يعني بخشن ۾ ورهايل آهي. بخشن (ضلعن) بعد شهر ۽ ٽائون ٿين جن کي ايران ۾ شهر ۽ ديهستان سڏين. ديهستان ۾ وري ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ٿين.
1950ع تائين ايران ٻارهن صوبن ۾ ورهايل هو. جهڙوڪ: ڪرمان، بلوچستان (جيڪو اسان واري بلوچستان سان مليل آهي ۽ منجهس گهڻي ڀاڱي بلوچ رهن ٿا ۽ جتي جو مشهور شهر ۽ مرڪز زاهدان اسان جي ڪوئيٽا ۽ چمن کي تمام ويجهو آهي)، فارس، خزستان، لارستان، لورستان، آذربيجان (ياد رهي ته آذربائيجان ملڪ جو به نالو آهي جيڪو هن صوبي جي ڀر ۾ آهي ۽ ڪجهه سال اڳ تائين روس جو حصو هو. هي ائين آهي جيئن آمريڪا (USA) جي رياست نيو ميڪسيڪو ۽ سينٽرل آمريڪا جو ملڪ ميڪسيڪو هڪ ٻئي جي پاڙي ۾ آهن). عرق، عجم، مزنداران، گيلان، اردالان ۽ خراسان، وقت سان گڏ بهتر طريقي سان انتظام هلائڻ لاءِ حڪومت صوبن جو تعداد وڌائيندي رهي. آذربائيجان صوبو ٻن حصن ۾ ٿي ويو آهي. مشرقي آذربائيجان ۽ مغربي آذربائيجان. تازو 2004ع ۾ خراسان جي صوبي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، اتر خراسان جنهن جي گاديءَ جو هنڌ (مرڪز) بجنورد شهر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻيو ڏکڻ خراسان جنهن جو مرڪزي شهر برجند آهي ۽ ٽيون وچ وارو خراسان جيڪو رضوي خراسان سڏجي ٿو. جنهن جو مرڪزي شهر مشهد آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي تاريخي ۽ واپار وڙي کان اهميت رکندڙ شهر نيشاپور، سبزوار، خليل آباد، تربت حيدريا، تربت جام، درگاز، قوچان، گوناباد وغيره خراسان رضوي ۾ اچي وڃن ٿا.
خراسان نه فقط اڄ جي دنيا ۾ پر آڳاٽي زماني کان وڏي اهميت رکي ٿو. خراسان ايران ۾ آهي جتي جا ماڻهو خراساني سڏجن ٿا. پر توهان افغانستان، ترڪمنستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ ويندائو ته اتي به توهان کي خراساني ملندا ۽ انهن ملڪن جو ايران جي ڀر وارو حصو خراسان سڏجي ٿو. جتي فارسي زبان ڳالهائي وڃي ٿي. دراصل ڪنهن زماني ۾ خراسان تمام وڏو ملڪ هو جيڪو ايرانين جي قبضي هيٺ هو. اڄ به اهو سڄو خراسان گريٽر خراسان (يعني عظيم يا بزرگ خراسان) سڏجي ٿو. هن سڄي خراسان جي هڪ ئي فارسي زبان، تهذيب، ڪلچر ۽ تاريخ رهي. جيئن انگريز انڊيا تي حڪومت دوران ڪڏهن ڪلڪتي کي گاديءَ جو شهر ٿي بڻايو ته ڪڏهن دهليءَ کي، تيئن ايراني (پرشن) حاڪمن، بادشاهن، شهنشاهن خراسان تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ان جي شهر طوس، بجنورد (هاڻ ايران جا شهر) کي مرڪز (گادي وارو شهر) بڻايو ٿي ته ڪڏهن مرو Merv ۽ سانجان (هاڻ ترڪمنستان ۾)، سمرقند ۽ بخارا (هاڻ ازبڪستان ۾) هرات ڪابل، غزني ۽ بلخ (هاڻ افغانستان ۾) ۽ خوجند ۽ پنجاعيت (هاڻ تاجڪستان ۾) کي گاديءَ جو شهر بڻايو ٿي. ايران جي ڊگهي تاريخ ۾ خراسان سان ڪيترن ئي فاتحن، سپهه سالارن ۽ سلطنتن جو واسطو رهيو. جيئن ته يوناني، عرب، سلجوق، ترڪ، سفوي، پشتون، افغاني ۽ ٻيا.
جنهن تاريخي شهر سمرقند ۽ بخارا کي ڏسڻ لاءِ اڄ اسان ازبڪستان وڃون ٿا، اهو صدين تائين ايران جو حصو هو جتان ايرانين حڪومت ڪئي ٿي ۽ خراسان جا اهي شهر ايشيا جي علم و ادب، ايراني ڪلچر ۽ ثقافت جي کاڻ سمجهيا ويا ٿي. فارسي جي هڪ مشهور شاعر روميءَ جو هڪ شعر آهي ته:
آن بخارا معدن دانش بود
پس بخارا ايست هجرک آنش بود
(بخارا ڄاڻ جي کاڻ آهي. اهو بخارا جو ئي ماڻهو آهي، جنهن کي علم آهي.)
تن ڏينهن جي ايراني شهر روداق (جيڪو هاڻ تاجسڪتان ۾ اچي ويو آهي) جي نائين صدي جي فارسي شاعر ۽ ڏاهي عبدالله جعفر بن محمد ”روداڪي“ جو بخارا بابت هڪ شعر آهي ته:
اي بخارا شاد باش ودير زي
شاهه زي تو ميهمان آيد همي
(او بخارا! شاد هجين، آباد هجين، خوش هجين، تو وٽ جشن ملهائڻ لاءِ ملڪ جو حاڪم مهمان ٿيو آ).
آڳاٽي دور ۾ يورپ پاسي ماڊرن شهر روم ۾ استنبول (قسطنطيه) هو ته مشرق پاسي بلخ ۽ بخارا هو. پنهنجي گهر کي ياد ڪرڻ وارا، پنهنجي وطن جا سڪايل، پنهنجي جهوپي جي سک ۽ آرام کي دنيا جي هنن بهترين شهرن سان ڀيٽيندا هئا. چي:
جو سک اپني چوباري ۾
سو نهين بلخ بخاري ۾
فارسي ادب ۽ شاعري ۾ ان وقت جي انهن جرڪندڙ شهرن بخارا ۽ سمرقند جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آهي. اجڪلهه جو هڪ انڊين گانو آهي جيڪو اڀيجت ڳايو آهي.
اک چمہ تو مجھ کو ادھار دیدے
اور بدلے میں یوپی، بھار لیلے۔۔۔
ان جي آئيڊيا شيراز جي چوڏهين صدي جي شاعر خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي جي شعر تان ورتل آهي جيڪو هن ريت آهي ته:
اگر ان ترڪ شيرازي به دست آرد دل مارا
به خال هندوپيش بخشم سمرقند و بخارا را
(جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ محبوب منهنجي دل جيتي وٺي ته هن جي ڳل جي تر جي بدلي ۾ هيرن جهڙا شهر سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان)
سو اهي هيرن جهڙا شهر سمرقند ۽ بخارا ان وقت ايران جي صوبي خراسان ۾ هئا جنهن جو هاڻ فقط هڪ حصو ايران ۾ وڃي بچيو آهي ۽ باقي افغانستان، ازبڪستان، ترڪستان ڏي هليو ويو آهي. حافظ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي ٽن وڏن شاعرن مان هڪ آهي. سندس مٿئين شعر تان ياد آيو ته ان وقت جو بادشاهه تيمور لنگ اهو شعر ٻڌي باهه ٿي ويو. هن يڪدم حافظ کي پنهنجي دربار ۾ گهرائي چيو ته: ”نڀاڳا! مون خبر ناهي ڪهڙا جتن ڪري هي شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن ۽ تون آهين جو محبوب جي هڪ تِر جي بدلي ۾ انهن جي سخاوت جو اعلان ڪندو وتين؟“
”هائو سرڪار“ حافظ وراڻيس، ”شاهه خرچين ۽ سخاوتن ڪري اڄ آءٌ اهڙو کٽل مسڪين آهيان جو وتان ٿو ٻين جو مال قربان ڪندو.“
چون ٿا ته تيمور لنگ اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.
بهرحال هيترين صدين بعد ويهين صدي جي شروعات ۾ ملڪن جون حدبنديون ۽ بائونڊريون پختيون ٿينديون ويون. نئين جوڙجڪ ۾ آمريڪا روس، انگلينڊ ۽ فرانس جهڙن طاقتور ملڪن پنهنجي مرضي مطابق سرحدن جي ڦيرڦار ڪئي. ترڪستان کي ورهائي ان جا حصا ترڪي، عراق ۽ ايران جي حوالي ڪيا ويا، فلسطين کي ورهائي اسرائيل ۽ اردن کي وڌايو ويو. اصلوڪي خراسان يعني صدين کان هلندڙ گريٽر خراسان جو ڪو ٽڪرو افغانستان سان ڳنڍيو ويو ته ڪو ترڪمنستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان حوالي ڪيو ويو. باقي جيڪو ايران وٽ خراسان بچيو آهي اهو به ڪافي وڏو حصو آهي، جنهن جو انتظامي خيال کان ايران جي حڪومت 2004ع ۾ ٽي حصا ڪيا آهن، خراسان فارسي جو ئي لفظ آهي. خر معنيٰ سج، سان معنيٰ جاءِ يعني سج اڀرڻ جي جاءِ. خراسان ايران جي اوڀر ۾ آهي جتي سج پهرين اڀري پوءِ باقي ايران کي روشن ڪري ٿو.
ايران ۾ اسلام جي آمد کان اڳ، ساسانين جي سلطنت ۾ خراسان ايران جي چئن وڏن علائقن (ستراپين) مان هڪ هو. خراسان اسان جي خيبر پاس وانگر، ايران ۾ ڌارين قومن جي گهڙڻ جو ڄڻ ته دروازو هو. هر ٻاهرين حملو ڪندڙ فوج پهرين خراسان ۾ اچي پوءِ باقي ايران تي قبضو ڪيو ٿي. ڏهين صديءَ ۾ غزنوي (جيڪي ترڪن جي نسل جا هئا) اهي به خراسان ذريعي ايران ۾ آيا. اهڙي طرح يارهين صديءَ ۾ سلجوق ايران ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ تيرهين صديءَ ۾ منگول آيا ۽ چوڏهين ۽ پنڌرهين صديءَ ۾ تيموري ايران ۾ داخل ٿيا. سورهين صديءَ جي شروعات ۾ ازبڪن خراسان تي حملو ڪيو جن کي پوءِ صفوين Safavids ڀڄائي ڪڍيو. جيڪو گهراڻو ايراني هو، پر ترڪ نسل مان هو. صفوين جي دور حڪومت کان پوءِ خراسان ڪافي عرصو انارڪي جو شڪار رهيو ۽ پوءِ ارڙهين صدي ۾ افشار گهراڻي جي نادرشاهه اچي امن امان جي حالت پيدا ڪئي ۽ مشهد کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ (مرڪز) مقرر ڪيو. قاچارين جي دور حڪومت ۾ خراسان جي اتراهين حصي تي اڄ جي ترڪمنستان وارا رهاڪو جنگيون جوٽيندا ۽ حملا ڪندا رهيا ۽ پوءِ نيٺ ترڪمنستان روس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ روس (USSR) ٺهي ويو جنهن ۾ آذربائيجان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ وچ ايشيا جا ملڪ جارجيا، آرمينيا وغيره پڻ زوريءَ ملايا ويا.
اڄ جي ايران واري خراسان جي ٽنهي حصن(اتر، ڏکڻ ۽ رضوي) جي آدمشماري ستر اسي لک کن ٿيندي ۽ ايراضي 314،000 چورس ڪلوميٽر آهي. جيڪا سڄي برطانيه کان به گهڻي ٿي جنهن جي پکيڙ فقط 244000 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني ايران وارو هي خراسان سڄي سنڌ صوبي کان به وڏو ٿيو جنهن جي پکيڙ 141000 چورس ڪلوميٽر آهي. اسان جو بلوچستان جو صوبو ئي هڪ آهي جيڪو خراسان کان وڏو آهي جو ان جي ايراضي 347200 چورس ڪلوميٽر آهي. ايران واري خراسان جي اتر ۾ ترڪمنستان آهي ۽ اوڀر ۾ افغانستان ڏکڻ ۾ ايران جا صوبا ”ڪرمان ۽ سيستان ۽ بلوچستان“ آهن ۽ اولهه ۾ يزد، سيمان ۽ مازنداران آهن.
سال 1968ع ۽ 1978ع ۾ خراسان ۾ تمام وڏا زلزلا آيا هئا جن مان هڪ ۾ 12000 ۽ ٻي ۾ 25000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
خراسان جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڌاريون قومون ۽ مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا ايندا رهيا جن مان ڪيترائي هتي رهي پيا. انهن جو اولاد اڄ کڻي فارسي زبان ڳالهائي ٿو پر انهن جي لهجي ۽ زبان ۾ ڪيترائي پنهنجن وڏن جي ٻوليءَ جا لفظ آهن ۽ هو پنهنجون ريتون رسمون اپڻائين ٿا ۽ هو پنهنجي وڏن جي نسل ۽ زبان جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا. جيئن ڪراچي ۾ توڙي کڻي سڀئي اردو ڳالهين ٿا پر ڪي ڪاٺياواڙيءَ، مارواڙي، مدراسي، ٿري ۽ سرائڪي سڏجن ٿا ته ڪي ڪڇي، گجراتي، بنگالي، بلوچي، مڪراني وغيره، تيئن مشهد ۾ ڪيترائي علائقائي نسل ethnic سڃاڻپ رکن ٿا. جيئن ته بلوچي افغاني تيموري، جمشيدي، هزاروي، جپسي، خراساني عرب، يهودي وغيره.
ايران جي هن صوبي خراسان ۾ جيڪي مشهور نديون وهن ٿيون اهي آهن، اتراف ندي، ڪاشف ندي، رائود ندي ۽ قاراسوئو ندي. اهو ته پهرين به لکي آيو آهيان ته ايران تعليم جي لحاظ کان عربن يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن کان ته اڳتي آهي پر اسان کان به گوءِ کڻي ويو آهي. ٻه ڏهائيون اڳ تائين ايران جا نوجوان مختلف مضمونن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ ايندا هئا. اڄ هنن جي تعليمي ادارن جو تعداد ۽ معيار اسان کان مٿي ٿي ويو آهي. تهران کان مشهد هوائي جهاز ۾ ايندي منهنجي ڀر ۾ ويٺل تهران جي طباطابائي يونيورسٽي جي پروفيسر سيد رضا نقيب السادات ٻڌايو ته هن خراسان صوبي ۾ جنهن جي آدمشماري ڪراچي شهر جي ٽئين حصي جيتري مس آهي، ٻه ڊزن يونيورسٽيون آهن انهن مان ڪجهه نالا هن ريت آهن.
* گناباد يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
* اسلام آزاد يونيورسٽي، گناآباد.
گنا آباد مشهد ڀرسان مشهور ضلعو آهي. جيئن اسان وٽ نواب شاهه يا دادو وغيره. گناباد قديمي شهر آهي جتي جي گنابادي زعفران ۽ گنابادي درويش مشهور آهن.
* مشهد يونيورسٽي آف فردوسي
* اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف مشهد
* سبزوار يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
* سبزوار يونيورسٽي آف تربيت معلم
(سبزوار مشهد کان 250 ڪلوميٽر پري اولهه ۾ هڪ قديمي شهر آهي جنهن جو پهرين نالو بيهق هو. مشهور تاريخ نويس ابوالفضل بيهقي به هن شهر جو هو ۽ 995 ۾ هتي ڄائو هو. ان وقت هن شهر بيهق جو اڃان سبزوار نالو نه پيو هو)
* اسلامڪ آزاد يونيورسٽي تربت جام
* اسلامڪ آزاد يونيورسٽي سبزاوار
* اسلامڪ آزاد يونيورسٽي نيشاپور
* امام رضا يونيورسٽي
* يونيورسٽي آف برجند
* برجند يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
(برجند کي ڪوهستان به سڏين ٿا ۽ ڏکڻ خراسان صوبي جي گادي جو هنڌ يعني مرڪز آهي. سورهين صديءَ جو علم فلڪيات Astronomy جو ماهر عبدالعلي ابن محمد البرجندي جو هن شهر برجند سان واسطو هو جتي هن 1528ع ۾ وفات ڪئي. هن جا تيرهن کن ڪتاب لکيل آهن. ٻارهين صديءَ جو مشهور فرگ قلعو (ارگ فرگ) هن شهر برجند وٽ آهي.
فارسي ۾ يونيورسٽي کي ”دانشگاهه“ سڏين ٿا جيئن ته ”دانشگاهه آزاد، اسلامي واحد، مشهد“ ۽ انسٽيٽيوٽ کي موسسه سڏين ٿا جيئن ته ”موسسه آموزش عالي سجاد“ معنيٰ سجاد انسٽيٽيوٽ آف هائير ايڊوڪيشن.