ايران مختصر لفظن ۾
لياقت عزيز ٽنڊو محمد خان ۾ 10- سيپٽمبر 1949ع تي ڄائو ۽ اتان پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. کيس تعليم ۾ لکڻ پڙهڻ لاءِ اُتساهه سندس دوستن غلام نبي بهراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏنو. پاڻ ٻڌائين ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هن جو ڪيترن ئي سٺن ۽ هڏ ڏوکي ٽيچرس سان واسطو رهيو. جن کي هو اڄ به ياد ڪري ٿو ۽ انهن مان ڪجهه آهن: ٽنڊي محمد خان جا محمد عثمان ميمڻ ۽ سائين محمد اسحاق صاحب، سنڌ يونيورسٽي جا سائين محمد عمر ميمڻ هالن وارو، حسن ڀٽو ۽ خالد شهيد آخوند.
لياقت عزيز کي ٽي ٻار آهن، جن مان وڏو پٽ جمال ناصر ۽ ننڍي نياڻي شازيا عزيز ڊاڪٽر آهن ۽ ٽيون ٻار نازيا عزيز ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc آهي. هتي پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه معلومات لاءِ لياقت عزيز جو ايران بابت لکيل ڪالم هوبهو ڏيان ٿو جنهن ۾ بيحد سچائي ۽ حقيقت آهي ۽ اسان جهڙن پاڙيسري مسلمان ملڪن لاءِ ان ۾ سبق آهي، جيڪو اسان پرائي پاڻ ۾ سجاڳي آڻي سگهون ٿا. اسان به ملڪن ۽ قومن جي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳيان نڪري سگهون ٿا.
ايران ۾ 1979ع جي انقلاب جي سالگره ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي ايران جي صدر محمود احمد نجاد چيو آهي ته ايران ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا جي آڏو نه جهڪندو. صدارتي اليڪشن دوران هن عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا هئا انهن کي هر صورت ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو. جنگ مڙهڻ جي صورت ۾ هر مرد، عورت ۽ ٻار پنهنجي مادر وطن جي حفاظت ڪندو.
ڪنهن به مهذب جمهوري رياست جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته ان ۾ ڪجهه اخلاقي، سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن. انهن ماپن ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، سماجي انصاف ۽ شهري آزاديون شامل آهن. آءٌ جڏهن ايران ويو هئس ته مون اتي ايران جي موجوده سياسي نظام کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته 1979ع ۾ امام خمينيءَ جي قيادت ۾ ايندڙ انقلاب ۽ شهنشاهيت جي خاتمي کان پوءِ ايران ۾ ڪهڙيون سياسي معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن؟
سڀ کان پهرين ته ايران ۾ نئين ٺاهيل آئين تحت سڀ ادارا هلايا وڃن ٿا. ڪابه شخصيت آئين کان بالاتر ناهي. هر سياسي اداري پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه کي ڌار ڌار اختيار مليل آهن ۽ هر ادارو پنهنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي. ايران ۾ قانون جي حڪمراني کي تمام گهڻي اهميت مليل آهي. سمورا شهري قانون جي اطاعت ڪن ٿا، ايستائين جو ڪنهن به ڪار يا بس کي اجازت ناهي ته اها رستي تي ٻي ڪنهن گاڏي کي ڪراس ڪري سگهي. ايران جي وڏن شهرن ۾ مون کي ڪٿي به پوليس يا قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مداخلت نظر نه آئي. قانون جي حڪمراني جو هڪ مثال اهو به آهي ته اصفهان جي دوري دوران جڏهن سج لٿي کان پوءِ ٿڪ ڀڃ خاطر هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين ته ڏٺوسين ته ٻه نوجوان ڇوڪريون پارڪ جي ڪنڊ ۾ پينٽنگس ٺاهي رهيون هيون. اهي تختي تي لڳل ڪاغذ تي مصوريءَ جا رنگ پکيڙي رهيون هيون. اهي خوف کان بي نياز ۽ مطمئن هيون. هنن سان گڏ ڪو مرد به نه هو. اسان وٽ سج لٿي کان پوءِ اڪيلي سر پارڪ ۾ وڃي مصوري ڪرڻ جو نوجوان نياڻيون سوچي به نه ٿيون سگهن. ايران جي سول سوسائٽي ۾ پوليس جي مداخلت نه هجڻ برابر آهي. اتي پوليس انسانن لاءِ آزار ڪونهي، پر ماڻهن جي مددگار آهي. ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي ته ايران جي سپاهي وٽ متعلقه شهر جو نقشو موجود هوندو آهي. اهو آساني سان راهه ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي ڇڏيندو آهي.
ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل سماجي انصاف Social Justice جو آهي. ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آهي ته هر ايراني شهري کي ان جون بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن، جنهن ۾ اٽو، لٽو ۽ اجهو. تعليم ۽ صحت جون سهولتون شامل آهن. ايران سياسي نظام ۽ سول سوسائٽي ۾ عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ انهن کي برابري جي حيثيت ڏني وئي آهي. مرڪزي ڪابينه ۾ عورتن کي معقول نمائندگي مليل آهي. فوج، ايئر فورس نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن کي مناسب نمائندگي مليل آهي. صوبن ۾ جيڪڏهن مرد گورنر آهي ته ڊپٽي گورنر جي عهدي تي خاتون مقرر ٿيل آهي. بازار ۾ نجي دڪانن تي پڻ عورتون ڪاروبار هلائين ٿيون. ايران جي خلاف اها مغربي پروپئگنڊا بلڪل غلط آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ عورت کي گهرجي ته چار ديواري ۾ قيد ڪيو ويو آهي. 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو عورت کي مليو آهي، اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آهي، صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آهي. عورت جي تقدس جي پائمال وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آهي. فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آهي.
ايران ۾ عوام کي مڪمل شهري حق مليل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آهي. عقيدي ۾ عبادت جي آزادي آهي. جيتري رواداري سهپ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آهي، ايتري شايد ئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ملي.
ايران ۾ سرڪاري ملازم کي سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي ناهي، صرف ”لازمي سروس“ يعني ”فوج“ جي اهلڪار تي سياست ۾ حصو وٺڻ تي پابندي آهي. ان جو هڪ مثال هي آهي ته موجوده ايراني صدر محمود احمد نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هو تهران جي انجنيئرنگ يونيورسٽي جو مستقل استاد آهي. هن کان اڳ اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو ۽ اڄڪلهه تهران جي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آرٿوپيڊڪ وارڊ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي.
سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنهن سياسي عهدي لاءِ بيهي سگهي ٿو. محمود احمدي نجاد پهريائين تهران جو ميئر جي عهدي تي ڪاميابي ماڻي ۽ هاڻ جو صدارتي فرض سرانجام ڏئي ٿو. گذريل سيپٽمبر ۾ جڏهن اسان ايران ۾ هئاسين ته اسان ڏٺو ته ايران جي فضائي ڪمپني جي جهاز ۾ هڪ عام مسافر جي حيثيت ۾ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. هن لاءِ ڪو ڌار اسپيشل جهاز موجود نه هو ۽ ساڻس صرف پنجن ڄڻن تي مشتمل صدارتي عهدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين هر ماڻهو سادگي ۽ قناعت سان پنهنجا سرڪاري فرض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا آفيسر پينٽ ڪوٽ پائين ٿا. پر ٽائي استعمال نٿا ڪن. ٽائي کي هو صليب جي نشاني سمجهن ٿا. عام مرد ۽ عورت پڻ گهڻو ڪري ”جين“ ۽ ”شرٽ“ استعمال ڪن ٿا. خواتين مٿان حجاب پائين ٿيون. مون شهر مقدس ايئر پورٽ تي واپسي مهل جڏهن مسافرن جي لائونج ۾ هڪ اڌڙوٽ عورت کي سگريٽ پيئندي ڏٺو ته مون کي حيراني ٿي. ايران ۾ حقي ۽ سگريٽ پيئڻ تي ڪا پابندي ناهي. حقي ڇڪڻ جون باقائده هوٽلون هر وڏي شهر ۾ موجود آهن.
سير و تفريح لاءِ هر وڏي شهر ۾ خوبصورت پارڪ ۽ ريسٽورانٽ آهن، ايران ۾ رهندڙ بسن جا ٽرمينل ڪنهن به ايئر پورٽ کان گهٽ ناهن. اصفهان کان تهران ويندڙ بس ۾ ٽڪيٽ جي بڪنگ ڪرائڻ کان پوءِ سوار ٿياسين. ائين محسوس ٿيو ته پي آءِ اي جي ڪنهن بوئنگ جهاز ۾ سوار ٿيا آهيون. بس ۾ ماني ۽ مشروب جو پڻ بندوبست آهي ۽ هر بس ۾ ٽي وي لڳل آهي. جتي ايراني ۽ هندستاني فلمون هلايون وڃن ٿيون. ايران جي هر شهر ۾ سئنيمائون پڻ موجود آهن، جن ۾ ايراني ۽ هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون.
ايران جي وڏي خوبي اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کان پوءِ انهن پنهنجي ”ايراني ڪلچر“ کي دائم ۽ قائم رکيو آهي. قديم عمارتون ۽ قديم مجسمه هر شهر ۾ موجود آهن. ايران ۾ ايمانداري ۽ اعتبار کي وڏي اهميت مليل آهي، ٽيڪسي ڊرائيور جڏهن ڪنهن پيٽرول پمپ تي وڃي ڪار ۾ پيٽرول ڀرائيندو آهي ته اهو پاڻ هٿ سان ڪار ۾ پيٽرول ڀريندو آهي ۽ پيٽرول جا پئسا پاڻ ئي پيٽرول پمپ جي مالڪ کي ادا ڪندو آهي.
ايراني سڪي کي ”تمن“ سڏيو ويندو آهي. هڪ پاڪستاني رپئي جي قيمت 15 تمن جي برابر آهي. مون 30 سالن جي نوڪري ۾ ڪڏهن هڪ لک گڏ نه ڏٺا آهن، ايران ۾ پاڪستاني رپين جي عيوض جڏهن ايراني ڪرنسي ۾ تمن ورتاسين ته مون کي ڏهه هزار روپين جي عيوض ڏيڍ لک تمن مليا، مون رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ته مان اڄ لک پتي ٿي ويو آهيان. پر چئن ڏينهن ۾ اهي سمورا پئسا ختم ٿي ويا. ايران ۾ پيٽرول، سي اين جي ۽ بجلي بلڪل سستي آهي. ٽيليفون جي لوڪل ڪال فري آهي. ڪراچي کان تهران، تهران کان مشهد جهاز جي Return Ticket لاءِ اسان صرف ايڪويهه هزار روپيه ڀريا، پر جيڪڏهن ڪوئٽا ۽ تافتان جي رستي بسن ذريعي وڃبو ته بلڪل گهٽ خرچ ايندو. زائرين جيڪي قافلن جي صورت ۾ ايران وڃن ٿا، اهي ٽيهه هزار رپين ۾ ايران جون سڀ زيارتون ڪري سگهن ٿا. انهن پئسن ۾ ڀاڙي، ماني ۽ رهائش جو بندوبست ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان سوات، ايوبيه، ڪوهه مري، مدائين، ڪالام وغيره سير و تفريح لاءِ وينداسين ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک روپيه خرچ ٿي سگهي ٿو. ايترن پئسن ۾ هوائي جهاز، لگزري بسن ذريعي اسان سڄو ايران 15 ڏينهن ۾ گهمي ڦري سگهون ٿا.
ايران ۾ جوراب، سوئيٽر ۽ ڪمبل بلڪل سستا آهن. پاڪستاني ٻن رپين ۾ جوراب جي هڪ سٺي جوڙي ملي سگهي ٿي، پاڪستاني 100 رپين ۾ هڪ سٺو گرم سوئيٽر ملي سگهي ٿو، جڏهن ته 300 روپين ۾ هڪ سٺو سهڻو ڪمبل ملي ويندو آهي.
ايران جون سرحدون ٻن سمنڊن يعني عربي سمنڊ ۽ ڪئسپين سمنڊ سان ملن ٿيون. انڪري هن ملڪ ۾ 8 وڏا بندرگاهه آهن. سڀني کان وڏو بندرگاهه بندر عباس آهي. سمنڊ جي ڪناري تي به تفريح جا ڪافي سهڻا ۽ دلچسپ ماڳ ٺهيل آهن. ايران صفائي، سهڻن، ماڳن، خوبصورت، روشن، رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن، مواصلاتي نظام جي ڪري ڪيترن ئي مغربي ملڪن کان خوبصورت ملڪ آهي.
ايران جي صدر محمود احمدي نجاد ڪيوٽو ۾ ايڪواڊور جي صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪا مخالف ملڪن کي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايراني صدر ان موقعي تي اهو پڻ چيو آهي ته ايران عالمي امن جو حامي آهي. جڏهن ته آمريڪا جنگ مڙهي رهيو آهي.
ايران هڪ قديم شاندار تهذيب رکي ٿو. ايراني قوم پنهنجي وطن ۽ زبان سان بيحد محبت ڪري ٿي. ايران جا ماڻهو فارسي زبان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ سياحن ۽ زائرين سان ٻي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ايران جي تعليمي نظام ۾ پهرئين درجي کان وٺي پوسٽ گرئجوئيشن تائين سڀ مضمون فارسي زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ايستائين جو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ به ”ميڊم آف انسٽرڪشن“ فارسي زبان ئي آهي. ايران جي ايئر پورٽ، ريلوي اسٽيشن، سرڪاري آفيسن ۽ اهم شاهراهن ۽ رستن تي سڀ سائن بورڊ به فارسي زبان ۾ لکيل آهن. ايران جو نئون سال جنهن کي هو ”نو روز“ سڏين ٿا هر سال 21 مارچ تي وڏي پئماني ٿي ملهايو ويندو آهي. 2004ع ۾ اقوام متحده جي اداري UNESCO ”نور روز“ کي انساني قومي ورثي جو عظيم ڏينهن قرار ڏنو آهي.
1979ع جي انقلاب کان پوءِ اٽڪل 3 ڪروڙ ماڻهو اتر آمريڪا، يورپ، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ڏانهن هليا ويا آهن، ايران ۾ خانداني منصوبه بندي ناهي، آڪٽوبر 2006ع جي چونڊ کٽڻ کان پوءِ موجوده خانداني منصوبه بندي جي پروگرام جي مخالفت ڪئي. صدر احمد نجاد چاهي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪروڙ ماڻهو پيدا ٿين ته جيئن عراق، ايران جنگ ۾ مارجي ويل آبادي جو ازالو ٿي سگهي.
ايران ۾ افغانستان ۽ عراق مان آيل لکين پناهگير پڻ موجود آهن. ايران جي خواهش آهي ته اهي پناهگير پنهنجي ملڪ موٽي وڃن. ايران جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي، جن مان 90 سيڪڙو شيعه مسلمان 8 سيڪڙو سني مسلمانن سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي 2 سيڪڙو غير مسلم آهن، جن ۾ بهائي، مندين، هندو، يهودي ۽ عيسائي وغيره شامل آهن. ايران جي پارليامينٽ يعني مجلس ۾ زرتشت جي پوئلڳن، يهودين ۽ عيسائين لاءِ مخصوص سيٽون آهن. بهائي عقيدي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي اڪثريت آهي، پر انهن لاءِ نه سيٽون مخصوص آهن نه ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي.
ايران جون 50 سيڪڙو صنعتون تهران ۾ آهن، جن ۾ ڪارون ٺاهڻ جون فيڪٽريون، اليڪٽرانڪس جو سامان، هٿيارن، ٽيڪسٽائل شگر، سيمينٽ ۽ ٻين پراڊڪشن جا ڪارخانا موجود آهن، تهران ۾ انڊر گرائونڊ ريلوي جو نظام آهي، جتي فرانس کان برآمد ڪيل ٽرينون هلايون وڃن ٿيون. مشهد ايران جو مقدس شهر آهي، جتي حضرت امام علي رضاؑ جو روضو مبارڪ آهي. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک ماڻهو اتي زيارت لاءِ اچن ٿا. حضرت امام علي رضاؑ جي روضي مبارڪ جا 16 ايوان آهن، جن ۾ ڪلچرل سينٽر پڻ شامل آهي، جتي ٻاهران آيل زائرين کي فارسي، اردو، انگريزي ۽ روسي زبان ۾ لٽريچر مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. ايوانن جي پکيڙ 100 ڪلوميٽر چورس ميل کان وڌيڪ آهي. ٻين وڏن شهرن مان اصفهان به هڪ آهي. جيڪو هڪ انتهائي خوبصورت شهر آهي. اصفهان کي عام چوڻي ۾ ”نصف جهان“ سڏيو ويندو آهي. بيگم نصرت ڀٽو جو آبائي شهر آهي. ان کان پوءِ شيراز اهم شهر آهي. جتي فارسي جي عظيم شاعرن حافظ شيرازي ۽ سعدي جون آخري آرامگاهون آهن. ”قم“ شهر به مذهبي لحاظ کان اهم آهي. ”قم“ ۾ هزارين مدرسا آهن. جن ۾ دنيا جي سڀني ملڪن سان تعلق رکندڙ طالب عالم تعليم حاصل ڪن ٿا. هن شهر ۾ اٽڪل ڏهه هزار سنڌي پڻ آباد آهن.
ايران هڪ شاندار تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿو، جنهن ۾ آرٽ، ميوزڪ، فن تعمير، شاعري، فلاسافي روايتون ۽ آئيڊيالاجي شامل آهي. ايران جي شاعري ۾ وطن دوستي جو عنصر موجود آهي. فارسي زبان جي عظيم شاعر نظامي مطابق:
همه عالم تن است و ايران دل
نيست گوبنده زرين قياس خجل
(ايران سڄي دنيا جي دل آهي، ان خيال تي مون کي ڪو افسوس ناهي) شاهنامه جي تخليقڪار فردوسي مطابق:
که ايران بهشت است يا بوستان
همي بوي مشک آيد از دوستان
(ايران عدن آهي يا باغن جو بهشت آهي، جنهن جي خوشبوءَ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي)
عظيم شاعر سعدي مطابق:
بني آدم اعضاءِ يک پيکرند
که درا افزيشن زيک گوهر ند
چو عضوي بدرد آ ورد روزگار
دگر عضو هارا نماند قرار
(انساني نسل هڪ اهم خوشبوءِ آهي، جنهن جو بنياد تخليق آهي، هڪ عضوو ئي ڪافي آهي دنيا کي اهميت محسوس ڪرائڻ لاءِ)
ايران صفائي سٿرائي جي لحاظ کان دنيا جو اهم ملڪ آهي، مغرب جي اذان کان پوءِ صفائي ڪندڙ عملو سڄي رات شهرن جي رستن ۽ گهٽين جي صفائي ڪري ٿو ۽ رستن کي پاڻي سان ڌوتو وڃي ٿو، پر صبح جو ايران جي ڪنهن به شهر ۾ پاڻي جو دٻو نظر نه ايندو، روڊ رستا چمڪندا نظر ايندا. ان ڪري گندگي جي اهم نشاني ”مک“ ايران جي ڪنهن به شهر ۾ نظر نه ايندي.
هر شهر جي چوڪن تي مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار ”واش روم“ ٺهيل آهن، جن کي ڏسي ڪنهن فور اسٽار هوٽل جا باٿ روم ياد اچي ويندا. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ايران ۾ ڪٿي به پينو فقير ۽ ڪتو نظر نه ايندو. مشهد مقدس ۾ جڏهن مون ايراني ڪلچرل سينٽر ۾ هڪ ”خادم“ کان پڇيو ته ايران ۾ ڪتا ڇو نه آهن جڏهن ته ٻيا جانور موجود آهن ته هن مذاق ۾ وراڻيو ته ”سڀ ڪتا آمريڪا ۽ اسرائيل هليا ويا آهن.“
ايراني آمريڪا ۽ اسرائيل کان سخت نفرت ڪن ٿا. انهن کي هر خطبي ۽ مذهبي واعظ ۾ سخت تنقيد جو نشانو بنائين ٿا. ايراني انهن ملڪن کي به دوست نٿا سمجهن جتي آمريڪا جا حامي حڪمران آهن، يا وري جتي آمريڪي مفادن تحت پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون، ايران ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪري لاءِ ٻه سال فوجي ٽريننگ لازمي آهي، جتي کين هر هٿيار هلائڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي ته جيئن پنهنجي وطن تي ڪنهن پرڏيهي جارحيت جي ضرورت ۾ دفاع ڪري سگهن.