تهران هوائي اڏو ۽ سئيٽرن جي گمشدگي
فارسيءَ ۾ ايئرپورٽ کي پڪ فرود گاهه سڏيندا هوندا تڏهن ته تهران جي هن نئين ايئرپورٽ تي انگريزي ۾ Imam Khomeini Interntional Airport سان گڏ فارسيءَ ۾ ”بين الملي امام خميني فرود گاهه“ لکيل آهي. تهران جو هي نئون ايئرپورٽ تهران شهر کان 35 ڪلوميٽر کن ڏکڻ ۾ آهي ۽ پراڻو وارو يعني مهرآباد ايئرپورٽ شهر جو اولهه ۾ ۽ شهر جي حدن ۾ آهي. هن نئين ايئرپورٽ بابت شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ئي سوچيو ويو هو ته شهر کان پري ڪو وڏو ايئرپورٽ ٺاهيو وڃي جيڪو ايران جي وڌندڙ هوائي ضرورت کي منهن ڏيئي سگهي ۽ هن هوائي اڏي جو نالو پهرين احمد آباد ايئرپورٽ سوچيو ويو پر پوءِ 1979ع واري ايراني انقلاب جي باني آيت الله روح الله خميني نالي رکيو ويو. هن ايئرپورٽ جو ٺيڪو پهرين ٻاهر جي ڪمپني کي ڏنو ويو پر انقلاب بعد اهوئي سوچيو ويو ته هي ايئرپورٽ پنهنجن ئي ماڻهن کان ٺهرائجي هن ايئرپورٽ ۾ ڪافي رنڊڪون درپيش اينديون رهيون. اٺ سال ته ايران ۽ عراق جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جي ڪري ايئرپورٽ تي ڪڏهن ڪم هليو ٿي ته ڪڏهن رڪجي ويو ٿي. بهرحال سال ڏيڍ کن اڳ ايئرپورٽ جو ڪم Operational حالت ۾ پهچي ويو پر هن ايئرپورٽ جي رن وي تي جهاز لهڻ ڪو هن سال کان شروع ٿيو آهي ۽ ڪراچي کان ايندڙ هيءَ اسان جي پهرين اڏام آهي جنهن کي هن ايئرپورٽ تي هاڻ لهڻ جي اجازت ملي آهي. ان سان اسان پاڪستانين کي فائدي بدران نقصان ئي ٿيندو جو اسان جي ماڻهن کي تهران هوائي اڏي تي لهڻ بعد مشهد وڃڻو ٿو پوي جنهن لاءِ هنن کي ٽئڪسي جو ڀاڙو ڀري وري پراڻي ايئرپورٽ مهرآباد وڃڻو پوندو.
ايران ايئر جي هوائي جهازن جي اها ڳالهه هتي لکندو هلان ته ايران ايئر جي ڪنهن به جهاز تي شراب Serve نٿو ٿئي. ايران جي سڀني هوائي جهازن تي حلال کاڌو ملي ٿو. ايران جون سڀ اڏامون Non Smoking آهن. يعني ڪنهن به جهاز تي سگريٽ ڇڪڻ جي اجازت ناهي. ايران جي بين الاقوامي سڀني اڏامن تي نماز پڙهڻ لاءِ جاءِ ڇڏيل آهي. هما ڪلاس هتي جو Executive Class آهي جنهن ۾ ٽنگون ڊگهيون ڪرڻ جي وڌيڪ جاءِ آهي ۽ مانيءَ جي پڻ ڪافي ورائٽي آهي. يعني ٻن ٽن ڊشن مان توهان پنهنجي پسند جو ڊش چونڊي سگهو ٿا.
تهران جي هن نئين ايئرپورٽ IKIA لاءِ آخر ۾ ايترو چوندس ته دنيا جي صاف سٿرن هوائي اڏن مان هڪ آهي. اميگريشن ۽ ڪسٽمس جا معاملا جهٽ پٽ ٿيو وڃن ۽ هڪ ٿڪل مسافر کي وڌيڪ پريشان ۽ بيمار نٿو ٿيڻو پوي. ايئرپورٽ جو اسٽاف مسافرن کي خوش اخلاقي سان رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه جتي ڪٿي وهڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪرسيون نظر اچن ٿيون. جيئن اسان به وارو اچڻ تائين ڪرسين تي ويٺا رهياسين، نه ته گهڻو ڪري سڀني هوائي اڏن تي اميگريشن ۽ ڪسٽمس وارن ڪمرن ۾ بيهڻو پوي ٿو. بس رڳو شهر کان ڏور هجڻ جي مسافرن کي تڪليف رهي ٿي جنهن لاءِ هتي ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙن ٻڌايو ان لاءِ ميٽرو (شهر کان ايئرپورٽ تائين هلندڙ ريل) جو ڪم مڪمل ٿيڻ تي آهي. ان بعد هي ايئرپورٽ شهر جي وچ سان ائين ڳنڍجي ويندو جيئن نيويارڪ جو هوائي اڏو IJFK نيويارڪ شهر سان آهي. في الحال شهر کان هوائي اڏي تي پهچڻ لاءِ ٽيڪسي ڪرڻي پوي ٿي جيڪا هڪ لک ريال يعني ڏهه هزار تُمن وٺي ٿي. اها رقم اسان جي ست سو رپين (ٻارهن آمريڪن ڊالرن) برابر ٿي. بهرحال ڪي ٽئڪسي ڊرائيور پنجاهه سو رپيا گهٽ به وٺن ٿا ۽ جي توهان ٽي ڄڻا گڏجي هڪ ٽئڪسي ڪريو ٿا ته پوءِ ٻن سو رپين ۾ ڪراچي کان به سستو ٿيو جو ڪراچي ۾ ميٽرو ٽئڪسي وارا ايئرپورٽ کان صدر تائين ٽي سو رپيا وٺن ٿا.
ايران جي هوائي جهاز جي اڳئين ڪلاس يعني بزنس ڪلاس جو نالو ”هما“Homa هجڻ کان علاوه ايران ايئر جي نالي جي آخر ۾ پڻ هما لکيل آهي ۽ ان سان گڏ هڪ پکي جي ٺهيل شڪل ڇا جي آهي؟ هما دراصل ديو مالائي پکي آهي. جنهن جي تاريخ ايران جي قديمي شهنشاهن Achaemenid کان وٺي آهي ۽ تخت جمشيد Persepolis جي محلات ۽ ٻين عمارتن جي ٿنڀن مٿان ٺاهيو ويندو هو. ايراني لوڪ ڪهاڻين مطابق بادشاهه جي مرڻ تي هي پکي جنهن جي مٿان اچي وهندو هو ان کي بادشاهه چونڊيو ويندو هو. بهرحال هن خيالي Mythological پکيءَ جي پرشين آرٽ ۾ وڏي اهميت آهي. ان ڪري (شايد) ايران ايئر وارن پنهنجي هوائي ڪمپني جو نشان هما چونڊيو آهي. هونءَ به ايئر ايران جي فارسي نالي ”هوا پيمائي ملي ايران“ جو شارٽ فارم (مخخف) ”هما“ ٿو ٺهي.
آخرڪار اسان جي گروپ جا سڀ ماڻهو ايئرپورٽ جي ٻاهران پهچي ويا. ان وقت هڪ به ٽئڪسي نه بچي هئي. پري کان ٻه بسيون (هڪ ننڍي هڪ وڏي) بيٺيون هيون. جن مان هڪ وڏي اسان لاءِ ڪافي هئي پر جيئن ته انهن بسين ۾ سامان رکڻ جي مٿي ڇت تي يا هيٺ الڳ جاءِ نه هئي ۽ پاڻ سان رکڻو هو ان ڪري اسان جي ٽوئر آرگنائيز ڪرڻ وارن کي ٻه بسيون ڀاڙي تي ڪرڻ جي چٽي پئجي وئي. پوئين 30 سيٽن واري بس ۾ هن ٽوئر جو انچارج محمد علي، آءٌ ۽ هڪ فئملي جنهن ۾ زال مڙس ۽ چار ٻار هئا. اهي ٺهي سگهيا. هنن سان گڏ کانئن وڌيڪ وڏيون ڪنگ سائيز بئگون هيون جيڪي مهيني اڌ جي سفر لاءِ نه پر ڪنهن ملڪ ۾ ٻه يا ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن اهو ملڪ ڇڏبو آهي ته ان سائيز جون بئگون کڻبيون آهن. هر هڪ تعجب ۾ هو ته هنن هيڏيون وڏيون بئگون ڇو کنيون آهن جيڪي کڻڻ وقت کين ئي سورن ۾ ٿيون وجهن. بعد ۾ خبر پيئي ته هنن انهن ۾ صبح شام بدلائڻ لاءِ وڳا ۽ کاڌي پيتي جون شيون کنيون آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته گهمڻ لاءِ نڪرڻ وقت سکيو مسافر اهو ٿو رهي جيڪو پاڻ سان گهٽ سامان ٿو کڻي. خاص ڪري ايران جهڙي ملڪ ۾ جتي عورتن لاءِ ته ٻه وڳا به ڪافي آهن جو هنن کي هر وقت چادر ۾ ڍڪجي هلڻو پوي ٿو ۽ ڪير ٿو ڏسي ته ڪنهن جو وڳو ڪهڙي ڪپڙي يا سلائي جو آهي. استري ٿيل آهي يا اڻ استري آهي. مردن کي به کپي ته ٻن بدران کڻي ٽي وڳا کڻن ۽ شلوار قميص بدران هو ٽرائوزر (پجامي جهڙي ڍري پتلون يا ڪارگو پينٽ)۾ تڪليف نٿا محسوس ڪن ته اها سڀ ۾ بهترين آهي هو ان جي کيسن ۾ توهان سفري ڪاغذات، پئسا ۽ پاسپورٽ وڌيڪ سهولت سان رکي سگهو ٿا. هتي جا ايراني ماڻهو به توهان کي اهڙين ٽرائوزرن ۾ نظر ايندا، ڪو هزارين ۾ هڪ، توهان کي شلوار قميص ۾ نظر ايندو جنهن کان پڇڻ تي خبر پوندي ته هو خيرپور، ملتان يا سبيءَ جو آهي. کاڌي پيتي جي معاملي ۾ به ايران جهڙو بهتر ملڪ ٿي نه سگهندو. ائين ته انڊيا ۽ ملائيشيا به ان معاملي ۾ ايران وانگر آهن پر انڊيا ۾ ڪٿي ڪٿي اسان جي ملڪ وانگر غير صحتمند کاڌي جو خوف به رهي ٿو ۽ ملائيشيا ۾ حلال کاڌو عام ملي ٿو پر اتي ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي وڃي. ايران ۾ ٿورا ڊش آهن پر سٺا ۽ سستا آهن زغفران جي خوشبوءَ ڪري ايران جا رکا چانور به ڀلا لڳن ٿا سو اهڙي ملڪ ۾ پنهنجي گهران ٻوڙن جا پئڪ دٻا کڻي نڪرڻ بيوقوفي آهي.
اسان جي گائيڊ محمد علي ٻنهي بسين جي ڊرائيورن کي هاڻ جلد تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ هلڻ لاءِ فارسي ۾ انسٽرڪشن ڏنا. هاڻ وقت سوڙهو ٿيندو پئي ويو جو اسان کي مشهد وڃڻ لاءِ ٻي فلائيٽ مهرآباد ايئرپورٽ تان پڪڙڻي هئي. اڳيان وڏي بس ٿي. پويان اسان جي ننڍي، رستا ويڪرا، سڌا ۽ روشن هجڻ ڪري بسيون ڄڻ ترنديون پئي ويون. اڃان ڪي ڏهه پندرهن ڪلوميٽر مس سفر ڪيوسين ته اسان سان ويٺل فئملي جي ٻارن (جيڪي پڻ ماشاءُ الله جوان آهن) ان بعد سندن ماءُ پيءُ هاءِ گهوڙا مچائي ته اسان جي سئيٽرن ۽ جئڪٽن جو ٿيلهو ته ايئرپورٽ جي ٻاهران ئي رهجي ويو. هو هڪ ٻئي تي ڏوهه مڙهڻ لڳا ته بس ۾ ڇو نه رکئي. ”هتي ئي ڪيڏي ٿڌ آهي مشهد ۾ ڇا ٿيندو.“ هو چوڻ لڳا ۽ هنن محمد علي کي بس موٽائڻ لاءِ چيو جيئن هو اها گرم ڪپڙن جي ٿيلهي کڻي سگهن ٿا. اهو لکڻ وسري ويو ته اسان کان علاوه اسان جي بس ۾، اسان جي ٽولي جي هڪ ٻي به عورت هئي جيڪا ايران جي هن سفر تي اڪيلي نڪتي هئي اها هن وقت پاڻ ته اسان جي بس ۾ هئي پر سندس بئگ اڳيان ويندڙ وڏي بس ۾ هئي. سو بس جي واپس هلڻ جون ڳالهيون ٻڌي هن دانهون ڪيون ته سندس بئگ جو ڇا ٿيندو جو اڳيان ويندڙ بس مهرآباد هوائي اڏي تي ماڻهو ۽ سامان لاهي هلي ويندي ۽ هن جي بئگ جي ڪير سنڀال ڪندو. آءٌ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا ٿيندو. گروپ کي وٺي هلڻ وارو به عجيب سورن ۾ پئجيو وڃي. پر محمد عليءَ اسان جي گائيڊ ڏاڍي سڪون سان ان خاتون کي سمجهايو ته ”هر هڪ کي پنهنجي سامان جو پاڻ خيال ڪرڻ کپي جو آءٌ پنهنجو سامان کڻان يا ٻين جي سامان جي نظرداري ڪريان. منهنجو ڪم بس مهيا ڪرڻ ۽ ان کي ڀاڙو ڏيڻ آهي.“ جن جا گرم ڪپڙا ايئرپورٽ ٻاهران رهجي ويا هئا انهن کي چيو ته پاڻ هن وقت واپس موٽي نٿا سگهون جو هن هاءِ وي تي ڪٿي توهان کي U-Turn نظر اچي ٿو جو واپس ايئرپورٽ ڏي ويندڙ رستي تي چڙهي سگهون ۽ ٻي ڳالهه ته هاڻ انهن سئيٽرن پٺيان جي وينداسين ته ٽيهن ماڻهن جي مشهد واري اڏام نڪري ويندي. ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته مشهد مان هلي نوان سئيٽر وٺجو. ايران جهڙا سٺا ۽ سستا سئيٽر ڪٿي به نه ملندا.
خميني ايئرپورٽ کان تهران تائين جو 30 ڪلوميٽر جو فاصلو ته مني ڪلاڪ ۾ طيءَ ٿي ويو پر تهران شهر جي هڪ لارينس روڊ ۽ گارڊن جهڙي علائقي مان گذري مهرآباد ايئرپورٽ تائين پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. ايئرپورٽ تي پهچي بس مان سامان لاٿوسين ته جن جا سئيٽر رهجي ويا هئا. انهن جي ئي وڏين بئگن هيٺيان سئيٽرن وارو شاپر به پيو هو، جيڪو هنن سمجهيو پئي ته شايد ايئرپورٽ تي رهجي ويو آهي. سڀني شڪر ڪيو. ان ڳالهه جو نه ته سئيٽر ۽ جئڪيٽون ملي ويون پر ان ڳالهه جو ته چڱو جو محمد عليءَ عقلمندي ڪئي ۽ بس کي ايئرپورٽ ڏي نه موٽايو نه ته سڀني کان مشهد واري اڏام ڇُٽي وڃي ها.