بيبي شهربانو جي مقبري تي...
”تاريخ جي هيڏي اهم شخصيت کان توهان واقف نه آهيو؟“ ڊرائيور چيو: ”هيءَ بيبي شهربانو اسان جي ٽئي امام حضرت امام حسين ابن علي (680-626) جي گهرواري هئي. جنهن چوٿين امام علي ابن حسين (زين العابدين) کي 658 ۾ جنم ڏنو.“
”پر هيٺ بيٺل هڪ ٻئي ايراني گائيڊ ٻڌايو ته بيبي شهربانو آتش پرست ايراني هئي.“ اسان جي پاڪستاني همراهن مان هڪ چيو.
”بلڪل صحيح آهي هن توهان کي“. ڊرائيور سگريٽ جو آخري ڪش هڻي ان کي پيرن هيٺان چيڀاٽيو. ”بيبي شهربانو شادي کان اڳ زوروسٽن (باهه جي پوڄاري) ۽ اسان جي ملڪ جي شهزادي هئي هوءَ ايران جي آخري ساساني شهنشاهه يزدگرد سوم جي وڏي ڌيءَ دختر جهان شاهه (دنيا جي بادشاه جي ڌي هئي).“
مون هن جبل جي چوٽي تان چوڌاري پري پري تائين نظر ڊوڙائي شهزادي شهربانو جو پيءَ شهنشاهه يزدگرد (جنهن جي لفظي معنيٰ الله جوڙيو يا الله ڏتو) ٿي، ابن ڏاڏن جي 400 سالن کان هلندڙ ساساني گهراڻي جي حڪومت جو اوڻٽيهون ۽ آخري بادشاهه هو، جيڪو 16 جون 632ع تي ايران جي تخت تي ويٺو. پاڻ ساساني گهراڻي جي بيحد مشهور ۽ طاقتور بادشاهه خسرائو دوم (جنهن ايران تي 590ع کان 628ع تائين حڪومت ڪئي)، ان جو پوٽو هو. شهنشاهه خسرو دوم ايران جو اهو شهنشاهه آهي، جنهن جي ڏينهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي 571ع ۾ مڪي ۾ ولادت ٿي ۽ جڏهن چاليهه سالن جي ڄمار ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي 611ع ۾ وحي نازل ٿيو ته ان وقت خسارئو دوم جو والد هرمزد چهارم جي وفات ٿي چڪي هئي ۽ خسرائو دوم تخت تي ويٺل هو، جنهن کي ڪجهه سالن کانپوءِ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت جو خط موڪليو هو، جنهن جي موٽ هن سٺي نموني نه ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ايران (جيڪو پرشيا سڏبو هو) طاقت، علم، ايراضي ۾ دنيا جو سپر پاور ائين هو جيئن اڄ آمريڪا آهي. جنهن جي اڳيان عربستان ائين هو جيئن اڄ جو فجي نيپال يا هائيتي جهڙو ڪو ملڪ آمريڪا اڳيان آهي. جنهن ٿي سوچيو ته دنيا جو هي طاقتور ملڪ پرشيا جنهن جي حدن ۾ عراق، ڪويت، افغانستان، آذربائيجان ويندي اڄ جي پاڪستان ۽ انڊيا جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويو، فقط ٽن ڏهاڪن اندر هڪ عرب رياست کان شڪست کائي ويندو، ۽ پنج سو سالن کان مٿي لڳاتار ٻرندڙ آتش پرستن جي باهه، اجهامي ويندي ۽ هن ملڪ جا ماڻهو نه فقط اسلام قبول ڪندا پر مثالي مسلمان ثابت ٿيندا، عالم، زاهد، پرهيزگار متقي پيدا ٿيندا.
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي وفات کان فقط ڪجهه سال پوءَ جڏهن حضرت عمر فاروق خليفو هو ته هن جي ڏينهن ۾ سعد ابن ابي وقاص جي اڳواڻي ۾ مسلمانن 650ع ڌاري ايران تي عراق ۽ ڪويت واري پاسي کان حملو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ عراق، ڪويت ۽ اڄ واري سعودي عرب جو اتراهون حصو به ساساني حڪومت هيٺ هو، يعني پرشيا جو حصو هو. عربن جو هي حملو ڪافي طاقتور هو ۽ ان وقت جو ايراني شهنشاهه بيبي شهربانو جو پيءُ يزدگرد سوم مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ عرب اهو سڄو علائقو آساني سان فتح ڪري ويا. ساساني گهراڻي جي حڪومت جيڪا 400 سالن تائين رومين جو مقابلو ڪندي رهي، ان حڪومت جي بادشاهه يزدگرد سوم پنهنجن وڏن جو گادي وارو شهر ۽ انهن ڏينهن ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر طيسفون Ctesiphone ڇڏي ايران جي اندرين علائقن ۾ وڃي پناهه ورتي. جتي هن کي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزور 651ع ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ساسانين جي ساڍا چار صديون کن حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. جنگي قيدي جيڪي مديني پهچايا ويا، انهن ۾ هن ساساني بادشاهه يزگرد جي وڏي ڌيءَ به هئي. سب اچي مديني جي مسجد ۾ گڏ ٿيا ته قيدين بابت وقت جو خليفو ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري، چون ٿا ته حضرت عمر جو اهو ارادو هو ته جنگ ۾ قبضي آيل سمورن قيدين جو نيلام ڪيو وڃي ۽ جيڪو وڏو واڪ ڏئي ان جو اهو غلام ٿئي، ان تي حضرت علي صلاح ڏني ته ڇوڪرين کي پنهنجي مڙس چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي. سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي. حضرت علي ان بعد شهزادي شهربانو کي مڙس چونڊڻ لاءِ چيو. شهزادي شهربانو ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن مان هڪ هڪ کي ڏسندي وڌندي رهي، آخر هڪ هنڌ هن جون اکيون ڄمي ويون. ”مون هن شخص کي هن کان اڳ خواب ۾ به ڏٺو آهي“. شهزاديءَچيو سڀني مڙي ان شخص ڏي ڏٺو. اهو حضرت علي جو فرزند امام حسين هو حضرت علي پنهنجي پٽ امام حسين کي چيو ته تو کي هن مان اعليٰ ٻار پيدا ٿيندو. ان بعد حضرت علي شهزاديءَ جي ويجهو اچي هن کان نالو پڇيو: ”منهنجو نالو دختر جهان شاهه آهي.“ شهزادي ٻڌايو.
”هاڻ اڄ ڏينهن کان پوءِ توکي شهربانو جي نالي سان سڏيو ويندو.“ حضرت علي چيو.
(مٿيون ڳالهيون جن مختلف ماڻهن ٻڌايون، اهي منهنجا ايراني گائيڊ ۽ واقفڪار حوالي طور هيٺيان ڪتاب ٻڌائين ٿا)
الدرجات اولرافي
موجم البلادان
نهج البلاغه
نفس الرحمان وغيره
هن شاديءَ مان، امام حسين کي علي زين العابدين پٽ ڄائو جيڪو شيعن جو چوٿون امام سڏيو وڃي ٿو. هونءَ زباني ته ڪيتريون ئي ڳالهيون هتي ايران ۾ ايندڙ ڌارين ملڪن جي زائرين ۽ مڪاني ماڻهن کان ٻڌجن ٿيون ۽ اها ڳالهه پڻ هتي عام آهي ته حضرت فاطمه زهره (امام حسين جي والده محترمه) عربن جي ايران تي ڪاهه کان اڳ شهربانو کي خواب ۾ نظر آئي ۽ کيس چيو ته توکي خوش ٿيڻ کپي جو تنهنجي مقدر ۾ نامياري شادي آهي. ان خواب ۾ شهربانو کي سندس مستقبل جي گهوٽ امام حسين جي به تصوير ڏيکاري وئي هئي.
هتي ايران جي مختلف لئبررين ۾ موجود ڪتابن ۾ هن بيبي بابت مختلف ڳالهيون لکيل نظر اچن ٿيون. هڪ هنڌ پڙهيم ته شهربانو جي والد، ايران جي شهنشاهه يزدگرد سوم جي شڪست بعد جڏهن شهربانو ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن کي قيدين طور فاتح عرب فوج مديني پهچايو ته پرشيا جي هارايل حاڪم يزدگرد سوم جي ڌيءَ شهربانو کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه اچي گڏ ٿيا. خليفي عمر ابن الختاب حڪم ڪيو ته شهنشاهه عالي جي ڌيءَ کي هن اڳيان پيش ڪيو وڃي. سپاهين شهربانو کي خليفي جي اڳيان آندو. جنهن هن جو نقاب هٽايو ته شهزادي ان کي واپس ڇڪي چيو ته ”وي! روئي هرمز سياد شدا.“
خليفي سمجهيو ته شهزادي شايد سندس بي عزتي ڪئي آهي ۽ شهزادي کي ان جي سزا لاءِ قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر حضرت علي کين يڪدم ٻڌايو ته هن جو ان فارسي جملي مان ڪوبه اهڙو مطلب نه هو، ان بعد حضرت عمر شهربانو کي نيلام ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، جيڪو پوءِ حضرت علي جي صلاح سان نڪاح جو فيصلو ٿيو. جنهن لاءِ شهزادي حضرت امام حسين جو انتخاب ڪيو.
روايتن موجب اهو پڻ ٻڌايو ٿو وڃي ته ڪربلا جي ميدان ۾ جتي 10 آڪٽوبر 680ع تي حضرت امام حسين شهادت ورتي اتي مڙس سان گڏ بيبي شهربانو به موجود هئي. حضرت امام حسين جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ بيبي شهربانو کي پنهنجي مشهور گهوڙي ذوالجناح تي ويهاريو ۽ کيس سندس سلامتيءَ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن ايران وڃڻ لاءِ چيو:
”تون شهزادي آهين ۽ اسان جي قوم مان به نه آهين“ امام حسين شهربانو کي چيو، ”۽ نه وري هيءَ جنگ تنهنجي آهي.“
هوءَ هن تيز رفتار گهوڙي تي چڙهي ايران جي ان وقت جي مشهور شهر ري Ray ۾ پهتي. تن ڏينهن ۾ تهران اڃا مشهور نه ٿيو هو. هي شهر ري جيڪو اڄ ڪلهه تهران جو حصو بڻجي ويو آهي. تهران کان ائين پري هو جيئن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت (1843ع ) ۾، ڪراچي جو تن ڏينهن جو ننڍڙو شهر (يعني کارادر ۽ ميٺادر واري علائقي تي مشتمل) ملير کان هو. ري پهچڻ تي شهربانو جي جان بخشي نه ٿي سگهي. دشمن هن جي ويجهو اچي ويا، جن کان لڪڻ لاءِ هوءَ هن پهاڙي تي چڙهي وئي. اسان جي گائيڊ محمد علي ۽ سندس دوست مستان علي ٻڌايو ته دشمنن جي هتي پهچڻ تي جبل ڦاٽي پيو ۽ بيبي شهربانو کي ڳڙڪائي ڇڏيو ۽ دشمن هٿ مليندا رهجي ويا.
اڄ جنهن قافلي سان گڏ آءٌ سفر ڪري رهيو آهيان، ان جا ماڻهو هن بيبي جي جبل جي چوٽي تي ان هنڌ بيهي پري کان تهران جو نظارو ڪري رهيا آهن. جتي جبل ۾ ڏار آهي ۽ روايتن موجب جتي هيءَ فارس جي ايراني شهزادي ۽ اسلام خاطر سر قربان ڪرڻ ۽ حق جي جنگ وڙهڻ واري حضرت امام حسين جي نيڪ زوجه، جنهن شيعن جي چوٿين امام علي زين العابدين کي جنم ڏنو، دفن ٿيل آهي. ڪي روايتون اهو به بيان ڪن ٿيون ته بيبي شهربانو علي زين العابدين کي 658ع جنم ڏيڻ بعد سگهو ئي وفات ڪري وئي ۽ 680 ع (ڪربلا جي ميدان تائين زنده نه رهي هئي).
ڪو زمانو هو، جڏهن ستر واري ڏهي ۾ جهاز هلائي جپان پاسي ايندو هوس ته ايران جي ان وقت جي جهازران آريا ڪمپني (يعني شهنشاهه پهلوي دور) جا ايراني دوست اهو ٻڌائي فخر محسوس ڪندا هئا ته سندن چوٿين امام (شهربانو جي فرند علي زين العابدين) کان ٻارهين (آخري) امام تائين ايران (پرشيا) جي شاهي خاندانن مان آهن جي اسلام کان اڳ ايران Persia تي سلطنت هئي پر هاڻ هتي پهچي ڏسان پيو ته اڄ جي ايرانين جي ان سلسلي ۾ راءِ ڪافي بدليل نظر اچي ٿي، جنهن لاءِ هتي جي عالمن ۽ ڏاهن علي شريئتي ۽ آيت الله مطاهري جو خيال آهي ته اهي روايتون ڪمزور آهن. هو ته اهو به چون ٿا ته شهربانو جو ساساني شهزادي هجڻ واري ڳالهه ۾ گمان آهي پر ڪي فارسي زبان جا ڄاڻو ۽ علم جا محقق المباراد، الديناوري ۽ ويندي علامه طباطبائي (جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ۽ جنهن جي نالي تهران ۾ طباطبائي يونيورسٽي پڻ آهي) مٿين عالمن سان Dis agree ڪن ٿا. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته شهربانو شيعن جي چوٿين امام علي زين العابدين جي واقعي والده هئي. اهائي ڳالهه ڪيترائي سني عالم به ڪن ٿا، جنهن لاءِ هو قبوص نامي جي ٻاويهين باب جو حوالو ڏين ٿا. جنهن ۾ حضرت سلمان فارسي جي پڻ ان شادي لاءِ دلچسپي يا صلاح مشوري جو ذڪر ڪن ٿا. مشهور اصحابي سلمان فارسي حضرت عمر جي ڏينهن ۾ حيات هو، چون ٿا ته هن سو ورهن کان به مٿي ڄمار ماڻي ۽ سن 655ع ڌاري وفات ڪئي. جڏهن حضرت عثمان رضه مسلمانن جو خليفو هو. ان بعد سگهو ئي 656ع ۾ حضرت عثمان جي شهادت ٿي ۽ 661ع تائين حضرت علي شيعن جو پهريون امام، عالم اسلام جو چوٿون خليفو ٿي رهيو. هونءَ شروع جي راوين، خاص ڪري ابن سعد ۽ ابن قطيبه جي حوالن سان اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته حضرت امام حسين جي زال هڪ غلام ڇوڪري هئي جنهن جو سنڌ سان تعلق هو. مٿيان راوي هن جي شهزادي هجڻ جو ڪو اشارو نٿا ڪن. دراصل پهريون اسڪالر جنهن حضرت امام حسين جي گهرواريءَ جو تعلق ساساني شاهي گهراڻي سان هجڻ جي ڄاڻ ڏني اهو نائين صدي جو عالم زبان موبارد هو.