ابن شمشير، ابن شمشير، ابن...
انهن ڏينهن ۾ هند توڙي سنڌ جي سياسي توڙي معاشي حالت بيحد ڪمزور هئي ۽ نادر شاهه کي پنهنجن حملن ۽ ڦرلٽ دوران ڪابه مزاحمت پيش نه آئي.
سومرا، ان بعد سما، جيڪي سنڌ جا مڪاني حاڪم سڏيا وڃن ٿا، انهن جو سنڌ تي 500 سالن کان مٿي اقتدار رهيو، جنهن ۾ سنڌ پنهنجو وڃايل اڳوڻو اوج وري حاصل ڪيو. سن 1520 ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو ۽ ان حملي سان سنڌ جي تاريخ جي هڪ سنهري باب جو خاتمو ٿي ويو. ان بعد، بقول شوڪت شورو جي، سنڌ ملڪ هڪ ڀيرو وري اهڙي غلامي، ظلم ۽ بربريت واري دور ۾ داخل ٿي ويو. جنهن ۾ ٻه صديون ارغون، ترخان ۽ مغل مٿس حڪومت ڪندا رهيا، سنڌي معاشرو ان تباهي ۽ ڀڃ ڊاهه واري دور مان گذري ته وري سنئين لڱي نه ٿي سگهيو. مغل بادشاهه شاهجهان جي زماني ۾ يوسف ميرڪ ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ لکيو آهي ته ”هن ملڪ (سنڌ) جون حالتون وڃي ان حد تي پهتيون جو ان جي ماڻهن کي ڪو پڇڻ وارو ڪونه رهيو ۽ اهي مظلوم ۽ بي واها بنجي ويا.“
هندستان جو مغل بادشاهه اورنگزيب 1707ع ۾ گذاري ويو. سنڌ ان وقت سخت انتشار واري دور مان گذري رهي هئي. اها ٽڪرن ۾ ورهايل هئي. بکر، سيوستان، سبي ۽ ٺٽي جون الڳ الڳ نظامتون هيون. ميان نصير ڪلهوڙي پنهنجو لشڪر ٺاهي سنڌ تي ڪلهوڙن جي اقتدار قائم ڪرڻ لاءِ ان کي ڌارين کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي. 1629ع ۾ هن جي وفات بعد سندس وڏي پٽ ميان دين محمد به 8 سال اقتدار سنڀاليو. کيس اورنگزيب جي پٽ ۽ ان وقت ملتان جي گورنر شهزادي معزالدين 1700ع ۾ گرفتار ڪري ملتان ۾ ڦاهي ڏيئي ڇڏي. ان بعد ميان نصير جي وچئين پٽ ميان يار محمد کي مغلن طرفان اڌ گابري سنڌ جو اقتدار حوالي ڪيو ويو. 1707ع ۾ اورنگزيب جي گذاري وڃڻ بعد جيئن ته ان جي اولاد ۾ حال نه هو ان ڪري ميان يار محمد هڪ سگهارو حڪمران ٿي اڀريو. اورنگزيب جي باقيات ايتري ته سست قسم جي هئي جو بقول ڪلائيو جي:
"With the death of Aurangzeb, sovereigny had fallen to the ground, for any body to pick it up.”
سو سنڌ ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجو پاڻ کي پختو ڪري ورتو. هن جي هٿياربند فقيرن تاجي ۽ جادي، مغل ڪمانڊر امير شيخ جهان کي قتل ڪري، بکر جي گورنر الهه يار خان کي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو. اورنگزيب جو پٽ معيز الدين جيڪو لاهور جو گورنر هو تنهن دين محمد وانگر هن ڪلهوڙي حاڪم کي به صحيح ڪرڻ جو سوچيو پر حالتن جو ابتڙ رخ ڏسي، هن يار محمد کي سنڌ جو گورنر ئي ٿي رهڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري.
ميان يار محمد سبي، ڍاڍر، گنجابا، بکر ۽ سيوهڻ کي پنهنجي حڪومت هيٺ آڻي سنڌ جي وجود کي نئين سرڳنڍيو، پر ٺٽي جو صوبو اڃا مغل حاڪمن جي تسلط هيٺ هو. ميان يار محمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان نور محمد 1719ع ۾ سواءِ ٺٽي جي باقي سنڌ جي آزاد حصن تي حڪمران ٿي ويٺو ۽ سگهوئي ٺٽو به مغلن کان آزاد ٿي ويو ۽ سنڌ جو نالو ڄڻ ته نئين سر زنده ٿي ويو. ان لحاظ کان ڪلهوڙن جو دور خاص اهميت وارو ليکجڻ لڳو پر بدقسمتيءَ سان ٿوري وقت کان پوءِ هڪ نئين دهشتناڪ مصيبت دهليءَ کي باهه ۽ رت جي وهڪري ۾ وهائيندي، طوفان وانگر سنڌ جي افق تي ڇانئجي وئي. ايران کان لشڪر سميت نڪتل نادر شاهه بادشاهه 1739ع ۾ دهلي تي حملو ڪري، ڦرلٽ بعد انڊيا جي سرزمين کي پنهنجي حڪم هيٺ آڻي مشهد ڏي روانگي اختيار ڪئي. واٽ تي ڪابل پهچي ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي منزل ڪئي، ۽ سنڌ جي حاڪم نور محمد کي ڪابل ۾ پاڻ وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ گهرايو. پر نور محمد نه ڪابل ويو ۽ نه ئي کيس ڪو جواب موڪليو. هن اهوئي سوچيو ته بهتر آهي ته نادر شاهه جهڙي خوفناڪ ماڻهو کان پري ئي رهجي. هن اهو به سوچيو ته نادر شاهه دهليءَ کي ايڏو لٽي مال دولت پاڻ سان کڻي پيو وڃي سو هن کي سنڌ جهڙي غريب علائقي سان ڪهڙي دلچسپي ۽ ڪهڙي ياد پاد! جنهن لاءِ هو وري خاص بندوبست ڪري سڄي لشڪر سان هلي ملي اچي سنڌ تي حملو ڪري. ٻن ٽن ڏينهن بعد هن کان اهو به وسري ويندو ته هن ڪو نور محمد کي گهرائڻ لاءِ نياپو ڪيو هو. پر هوڏانهن نادر شاهه ڪجهه ٻيو ئي سوچيو. هن کي خبر هئي ته اهڙي ريت هڪ گورنر جي پاڻ بچائي ويو ته پوءِ ٻيا به ائين ئي ڪندا ۽ ڪنٽرول مان نڪري ويندا سو نادر شاهه اڳتي پنهنجي وطن مشهد وڃڻ بدران، سپاهين کي ساڻ ڪري سنڌ ڏي ڪوچ ڪيو.
نادر شاهه جي حملي سنڌ تي ڪاپاري ڌڪ هنيو. نادر شاهه ڌاڙو هڻي سنڌ مان سڀ ڪجهه ميڙي ٻهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويو. نادر شاهه جي حملي دوران سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ ويران ٿي ويا. بيٺل فصل ڀيلجي ويا. ماڻهن جا گهر ٻار اجڙي ويا. اهي پنهنجا اجها ڇڏي دربدر خاڪ بسر رلندا رهيا. سندن ميڙي چونڊي سڀ لٽجي وئي. ملڪ جي عام وسيلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ انتظامي سرشتو تباه ٿي ويو. ايڏي تباهي ۽ بربادي باوجود ميان نور محمد ڪلهوڙي، نادر شاهه جو مقابلو نه ڪيو ۽ ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪرڻ بدران پنهنجي جان بچائي عمرڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي. عمرڪوٽ جي آس پاس پري پري تائين واريءَ جون ڀٽون هيون. ميان نور محمد سمجهيو ته ٿر جهڙي ريگستان ۾ نادر شاهه وڏي فوج سان اچي نه سگهندو. پر سندس اها ڀُل ثابت ٿي نادر شاهه عمرڪوٽ پهچي ويو ۽ ميان نور محمد کي هن اڳيان پيش ٿيڻو پيو. نادر شاهه شڪارپور جو حصو دائود پوٽن حوالي ڪيو. سبي، ڍاڍر جو علائقو بروهين حوالي ڪيو. باقي سنڌ ميان نور محمد کي ان شرط سان بخشي ويو ته هو هر سال ويهه لک رپيا ڏن طور ايران کي موڪليندو رهندو، ياد رهي ته ان وقت هڪ رپيو به تمام وڏي ڳالهه هو جنهن ۾ 16 آنا هئا۽ هر آني ۾ 4 پئسا هئا ۽ هر پئسي ۾ ٻارهن پايون ۽ هر پائي ۾ پنج ڪسيرا هئا ۽ ڪسيري جي به شيءَ ملي ٿي، تڏهن ته پهاڪو عام هو ته ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان. (ٽڪي ۾ ٻه پئسا هئا). نادر شاهه جي ان حملي کان پورا ٻه سو سال پوءِ 1939ع ۾ به هڪ رپئي جي ايڏي Value هئي جو تولو چانديءَ جو مليو ٿي ۽ 55 رپين ۾ سون جو تولو مليو ٿي.
نادر شاهه هن سڄي تر ۾ خوف ۽ خطري جي علامت بڻيل هو. ڳالهه ٿا ڪن ته سنڌ تي حملي دوران جڏهن هن پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائي ته مڪاني رسم رواج موجب سڄي ڄڃ اڳيان گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي ستن پيڙهين جو شجرو ٻڌائڻو پيو ٿي ته جيئن ماڻهن کي سندن وڏن جي وڏ ماڻهپي جي خبر پئجي سگهي. سڀني کي خبر هئي ته نادر شاهه هڪ غريب هاريءَ جو پٽ آهي ۽ سڀ اهو سوچي خوش پئي ٿيا ته نادر شاهه پنهنجن وڏن جا نالا کڻندي وڏو ذليل ٿيندو جو اهي ڪجهه به نه آهن. پر نادر شاهه وڏي واڪ چيو ته ”ناصر ابن نادر ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير ۽ ابن شمشير!“ (يعني ناصر پٽ نادر پٽ تلوار پٽ تلوار....) يعني ڪهڙا ويٺا شجرا پڇو. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، يا جنهن جي لٺ تنهن جي مينهن! گهڻو گهڻو پوءِ اٽڪل ٻه سو ورهين بعد چين جي مائوءَ به اهائي نادر شاهه واري ڳالهه ورجائي هئي ته:
“Power issues from the barrel of a gun”
مٿي لکي چڪو آهيان ته نادر شاهه جي اچڻ جي ڊپ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پاڻ کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪايو. جڏهن نادر شاهه اتي ڪڙڪيس ۽ هن کان پڇيو:
”تون ڀڄي ڇو وئين؟“
ڪلهوڙي حاڪم يڪدم وراڻيس ”اسان هميشه هندستان جي بادشاهه جا وفادار نوڪر ٿي رهيا آهيون. اسان ائين جهٽ پٽ وفاداريون بدلائيندا نه آهيون.“
نادر شاهه کي ميان نور محمد جو اهو جواب ڏاڍو وڻيو. چون ٿا ته ان جواب ڪري نادر شاهه هن کان سڄي سنڌ کسڻ بدران ان جي ڪجهه حصي جو گورنر بڻايائين. سنڌ جي هن ڪلهوڙي حاڪم کان اهو به پڇيو ويو ته هن وٽ ٻه اعليٰ قسم جا هيرا آهن. نور محمد ڪلهوڙي ان بابت هائوڪار ڪئي ۽ نادر شاهه کي هڪ ڳوڻ ڪڻڪ جي اٽي جي ۽ چئونري گيهه جي پيش ڪندي چيو:
”هي اسان جا هيرا آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ هي آهن، ته هن کي ٻي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت ناهي ۽ جي ڪڏهن ڪنهن وٽ هي نه آهن ته دنيا جي ڪابه شيءَ انهن جو پورائو نٿي ڪري سگهي.“
اهو ٻڌي نادر شاهه ڏاڍو خوش ٿيو. اتان پوءِ هو ٺٽي روانو ٿيو. ٺٽي ۾ سورهن ڏينهن نادر شاهه ۽ سندس سپاهين جي هر قسم جي خذمت چاڪري ٿيندي رهي. واپسي تي وڃڻ وقت هن نه فقط ڪلهوڙن جي خزاني جي ٽجوڙي خالي ڪئي پر ٻيو مال ملڪيت پڻ- ويندي ڪلهوڙن جي لئبريري جا ناياب ڪتاب ۽ هٿ جا لکيل نسخا، پاڻ سان ايران کڻائي ويو. ان کان علاوه هن نور محمد ڪلهوڙي جا ٽي پٽ ۽ ٻارهن هزار سنڌي سپاهي پاڻ سان گڏ يرغمال طور کنيا ته جيئن وقت تي ساليانو ڏن روانو ڪندو رهي. ايتري ڦرلٽ بعد جڏهن نادر شاهه سنڌ ڇڏي ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو ته هو هتان ٽري ويو. ڪيترن اهو به سوچيو ته جڏهن هيڏي ڦر ٿي ۽ هيڏو ڪوس ٿيو ۽ هيترا ماڻهو يرغمال ٿيا ته پوءِ ان کان بهتر اهو هو ته سڀ گڏجي نادر جو مقابلو ڪن ها. شايد انهي ئي ڳالهه جي هي بيت عڪاسي ڪري ٿو.
سوين آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سِوا ٻي واهه
متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ تان
سنڌ جي تاريخدان ۽ اسڪالر ڪيولرام ملڪاڻيءَ جو هڪ ڪتاب The Story of Sindh انڊيا مان ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيو آهي. ان ۾ نادر شاهه جو هڪ واقعو پڙهيم ته جڏهن هو دهليءَ ۽ آگري مان ڦرلٽ ڪري نڪتو ته هن پاڻ سان ڪيترائي مٿرا جا برهمڻ قيدي بنائي، ان خيال کان ايران وٺي پئي ويو ته اتي انهن کي غلام ڪري وڪڻندو. شڪارپور سنڌ جي تخت ٻائي نالي هڪ نيڪ عورت کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ پريشان ٿي وئي. هن پنهنجي مڙس سيٺ ڪيولرام پوڄواڻي کي منٿ ميڙ ڪئي ته ڪنهن به طرح انهن جي لاءِ ڀنگ جي رقم ڏئي برهمڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ڪيولرام جون نادر شاهه واري روٽ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ واپار جون ڪوٺيون هيون، جتي هن حڪم جاري ڪيا ته نادر شاهه جي ڊمانڊ مطابق پئسا ڏيئي بدنصيب برهمڻ آزاد ڪيا وڃن ۽ نه فقط انهن کي آزاد ڪرايو ويو پر گهر پهچڻ لاءِ سفر جو خرچ به ڏنو ويو. (هي ڪتاب سنڌ جي نامور شخصيتن الله بخش سومرو ۽ ڀڳت ڪنورام کي منسوب ٿيل آهي).
هند سنڌ جي هن سفر نادر شاهه کي ٿڪائي رکيو ۽ کيس اهڙي ذهني بيماري ٿي پئي جو هو ڏينهون ڏينهن ويو چڙچڙو ۽ شڪي ٿيندو. ان حالت ۾ هو ويو ٿي پنهنجن پروان جا قتل ڪندو. خود سندس مائٽ ئي هن مان بيزار ٿي پيا. آخر کيس گهاٽي ننڊ ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان حالت ۾ به مرڻ کان اڳ ٻه ڄڻا ماري رکيائين.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نادر شاهه غريب جو ٻار ٿي ڪري ننڍي هوندي کان ئي وڏو ذهين ۽ چالاڪ هو. هو ايران (پرشيا) جو قابل ملٽري ليڊر هو جنهن کي دنيا ٻيو سڪندر اعظم ۽ پرشيا جو نيپولين مڃي ٿي. جنهن وقت هو حاڪم ٿيو ته ان وقت پرشيا گمنامين ۽ مايوسين جي اونهي کڏ ۾ ڦاٿل هو ان کي نادر ئي اچي بلندين تي پهچايو ۽ پراڻو اوج ڏياريو جنهن تي پرشيا جا ماڻهو فخر ڪرڻ لڳا. پرشيا (ايران) ايشيا جو ائين سپر پاور ٿي پيو جيئن اڄ آمريڪا آهي. پر نادر جي اها بدقسمتي چئبي جو هو آخري ڏينهن ۾ سخت قسم جو ذهني مريض ٿي پيو. بقول هڪ مغربي تاريخ نويس جي.
“Nadir Shah’s triumphs were at the expense of incalulable suffering and his egocentric behaviour suggests a narcissistic personality disorder and his last years he seems to have developed some paranoid tendencies.”
نادر چار شاديون ڪيون ۽ پنج پٽ ۽ پنڌرهن پوٽا ٿيس جن کي سندس مرڻ بعد تخت تي ويٺل بادشاهه قتل جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
مولانا غلام رسول مهر جي لکڻ موجب ”نادر جي موت بعد نادر جي مصيبتن کان نجات ملي ۽ سنڌ جي لاءِ يقيناً هن کان وڌيڪ خوشگوار واقعو ٻيو ڪوبه ٿي نٿي سگهيو، پر امن ۽ راحت جا هي ڏينهن به ڪي ٿورا هئا. نادر شاهه کان پوءِ سندس سپهه سالار احمد شاهه دراني خراسان ۽ نادري سلطنت جي اوڀر وارن ڀاڱن جو دعويدار بنجي ويو. سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ ٻيو نوڙ بنجي ويو“.
ميان نور محمد کي احمد شاهه ابداليءَ جو حڪم مليو ته سنڌ هاڻ افغانستان کي ڏن ڏئي. هن گهڻو ئي لنوايو ۽ نٽايو ته سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري قائم رهي، نيٺ هن کي افغان طاقت اڳيان جهڪڻو پيو. 1754ع ڌاري (هيءُ شاهه لطيف جي وفات کان به سال پوءِ جي ڳالهه آهي) ميان نور محمد ڪلهوڙي، سنڌ تي احمد شاهه ابدالي جي ڪاهه جون خبرون ٻڌي، وري ٻيو ڀيرو ڊپ وچان جيسلمير ڀڄي ويو ۽ اتي ئي هو ان ئي سال گذاري ويو.