ويزائن جون ٺڳيون ۽ پرديس ۾ پريشانيون
ايران لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. هزار يا ٻارهن سو رپين جي في ۽ بلڊ رپورٽ جمع ڪرائڻ سان ٽن مهينن جي ويزا مليو وڃي. اڄڪلهه پاڪستان ۾ سلهه جي بيماري وڌڻ جي افواهن ڪري ايران جو قونصل خانو ايران ويندڙ مسافر جي ڦڦڙن جو ايڪسري به گهري ٿو. ان لاءِ هنن هر شهر ۾ ڪو ڊاڪٽر يا ڪلينڪ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جيئن ڪراچي ۾ عيسيٰ خان لئبارٽريز آهن جن جون ڪلفٽن، ڊفينس، ناظم آباد، صدر ۽ ٻين هنڌن تي برانچون آهن. ويزا ۾ سنگل انٽري به ٿئي ٿي ته ڊبل به. اهي جيڪي فقط ايران جي زيارتن لاءِ وڃن ٿا انهن لاءِ سنگل ويزا ڪافي آهي باقي عراق ۽ شام ويندڙن لاءِ ڊبل ويزا ضروري آهي، جو هنن کي ايران اچي پوءِ بس ذريعي ڪربلا (عراق) ۽ شام وڃڻو پوي ٿو جتان وري هنن کي ٻيو دفعو ايران اچڻو پوي ٿو. ان ڪري انهن لاءِ ڊبل انٽري ضروري آهي. بهرحال هي ڪم توهان پاڻ به ڪري سگهو ٿا. هڪ ڏينهن ايران جي قونصلر سيد مجدد دين افقا سان ملڻ ويس ته قونصل خاني ٻاهران ڪيترائي ٻهراڙي جي ڳوٺن جا اڻ پڙهيل ۽ پوڙها ويٺل نظر آيا جن ٻڌايو ته هو پاڻ ويزا لاءِ فارم ڀريندا آهن ۽ ٻن ڏينهن بعد وٺي ويندا آهن. افقا وٽ عبدالهادي نالي هڪ پاڪستاني آفيسر، جنهن فارسي به سٺي ڳالهائي ٿي. تنهن پڻ ٻڌايو ته گهربل ڊاڪومينٽ صحيح آهن ته اسان ڪنهن کي به ويزا ڏيڻ ۾ دير نٿا ڪريون. اسان جي گروپ جي ماڻهن پنهنجو پنهنجو پاسپورٽ، بلڊ رپورٽ، ايڪس ري ۽ ويزا في الحرمين ٽريول ايجنٽس کي ڏني. جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان مختلف زيارتن ۽ ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون ۽ گروپ ٺاهي هنن کي حج، عمري، ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي وٺي هلن ٿا ۽ جتي ڪٿي رهائش، کاڌي پيتي ۽ گهمائڻ لاءِ بسين جو بندوبست ڪن ٿا، هنن جي آفيس ايم اي جناح روڊ تي امام بارگاهه علي رضا جي سامهون آهي. مون کي به هنن سان منهنجي جهاز جي شيعا دوستن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ملرايو. جيڪي سالن کان هنن جي رهنمائي ۾ وڃن ٿا ۽ هي فائدي کان وڌيڪ اجر خاطر ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. بهرحال ايران وڃڻ ڪو اهڙو ڏکيو ڪم ناهي ۽ نه وري ايران جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جهد پٽڻا ٿا پون يا وڏو خرچ ڪرڻو پوي ٿو، پر افسوس جي اها ڳالهه ته ڪيترائي اسان جا پنهنجا ماڻهو هن نيڪ ڪم ۾ به اٻوجهه ۽ سادن ماڻهن کي چند رپين جي فائدي لاءِ رلائيندا رهن ٿا. هنن کان پئسا وٺي ٻي نمبر جون جعلي ويزائون هڻرائي ڏين ٿا. پوءِ غريب ڳوٺاڻا پرديس ۾ يا بارڊر وٽ دربدر ٿيو وڃن. اهي ٺڳيون گهڻو ڪري باءِ روڊ اچڻ وارن سان بلوچستان واري بارڊر تي ٿين ٿيون. قم ۾ ٻه شيعا مولوي مولانا غلام شبير وڌهو ۽ زوار خان محمد چانڊيو مليا جيڪي ڳوٺ جي ٽيهارو کن ماڻهن کي وٺي ايران ۽ عراق جي زيارتن لاءِ آيا هئا. هنن ٻڌايو ته هو باءِ روڊ يعني ڪوئيٽا کان ٿيندا پهتا آهن.
”اسان کان فلاڻي همراه پئسا وٺي چيو ته توهان کي اسلام آباد مان ايران جي ويزا لڳرائي ٿو ڏيان.“ مولانا غلام شبير ٻڌايو اهو ٻڌي اسان جي گروپ جي هڪ همراهه ٻڌايس. ”پهرين ڳالهه ته اسلام آباد مان ويزا نٿي لڳي. ٻي ڳالهه ته اهو ماڻهو ته مشهور ٺڳ آهي. اهو ان قسم جا دو نمبري ڪم ڪري ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهي رهيو آهي.“
”بس مون کي ته خبر نه هئي.“ مولانا شبير چيو ”اسان ته ان وقت وائڙو وياسين جڏهن ڪوه تافتان (پاڪستان جي بارڊر واري شهر) کان ايران واري بارڊر واري شهر مير جاوا کان روانا ٿياسين. ايران جي اميگريشن پوليس اسان کي اتي ئي وهاري ڇڏيو. توهان پاڻ سوچيو ته اسان جو قافلو جنهن ۾ گهڻا پوڙها مرد ۽ عورتون هيون، جيڪي دادو ضلعي کان سفر ڪري ڪوئيٽا پهتا جتان پوءِ سڄي رات بلوچستان جي ڀڳل رستي تان سفر ڪري بارڊر تي پهتا ته هنن کي واپس پئي ڪيو ويو.“
مولانا غلام شبير ٻڌايو ته ”پوءِ ڪجهه سڀني جي دعائن جي اثر ڪري ۽ ڪجهه منهنجي ايران ۾ سڃاڻپ ڪري، جو هتي مون ڪيترائي سال درس، تدريس جو ڪم ڪيو آهي. اسان کي ايران اندر گهڙڻ جي اجازت ڏني وئي نه ته منهنجي ڳوٺ ۾ ڇا عزت رهي ها. ڇو جو ڪيترائي ماڻهو اٻوجهه عوام کي زيارتون ڪرائڻ جي چڪر ۾ بيوقوف بڻائيندا وتن.“
ان وقت مون سان گڏ الحرمين جو عابد جعفري به هو تنهن نالو وٺي هڪ ايجنٽ لاءِ ٻڌايو ته اهو اهڙو ٺڳ آهي جو سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن جي ماڻهن کان سواِ سوا لک رپيا وٺي کين حج ڪرائڻ بدران هيڏانهن ايران وٺيو اچي. ”کين مشهد ۾ امام رضا جي روضي تي آڻي چوي ته هي مڪي شريف ۾ اچي ويا آهيون ۽ پوءِ قم ۽ حضرت معصوما جي درگاهه تان گهمائي کين چوين ته اها مسجد نبوي آهي. توبه توبه! ڪهڙا ٺڳ ۽ ظالم ماڻهو آهن. غريبن سان دوکو ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڄڻ هنن کي ٻئي جهان ۾ هلڻو ئي ناهي. اهڙن ٺڳن جا ته توهان کي نالا لکڻ کپن ته جيئن عوام خبردار ٿئي.“ عابد چيو.
هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته ڪوئيٽا کان تافتان (سڄو نالو ڪوه تافتان) 630 کن ميل آهي. رستي تي نوشڪي، احمد وال، پاڊاگ روڊ، دلبندين، يڪمچ ۽ نوڪ ڪنڊي جهڙا ننڍا ڳوٺ اچن ٿا. رستو ايڏو خراب آهي جو رستي تي ترسندي ٻيو ڏينهن ٿيو وڃي. يعني گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ لڳيو وڃن. پاڪستان جو بارڊر ٽپڻ بعد ٽن چئن ڪلوميٽرن بعد ايران جو پهريون شهر ميرجاوا اچي ٿو ان بعد100 کن ڪلوميٽرن بعد ايران جو هڪ وڏو ۽ بلوچستان جي گادي وارو شهر زاهدان اچي ٿو ۽ پاڪستان جي مقابلي ۾ ايران جا رستا ايڏا ته ويڪرا ۽ پر امن آهن جو 100 ڪلوميٽرن جو فاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ پورو ٿيو وڃي ۽ اسان ڏي نوڪ ڪنڊي کان ڪوه ڪوفتان جو 120 ميل رستو طيءَ ڪرڻ ۾ ڏهن ڪلاڪن کان مٿي وقت لڳيو وڃي. پر اهو آهي ته باءِ روڊ ايران اچڻ سان وڏو خرچ بچيو پوي جو ان جي مقابلي ۾ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ تمام گهڻي مهانگي آهي.ايران ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سامان به ايترو مهانگو ناهي. خاص ڪري عرب ملڪن جي مقابلي ۾. ڪي شيون ته اسان کان به سستيون آهن. ڪي شيون انڊيا ۽ پاڪستان کان کڻي سستيون نه هجن پر صاف سٿريون ۽ هائيجنڪ ته آهن. ايران جي شهرن جي ٽئپ واٽر يعني نلڪن جو پاڻي به پيئڻ لائق آهي. ٻيو ڇا کپي! اسان وٽ اڌ کان وڌيڪ بيماريون پاڻي جي آلودگي ۽ بيمار وهٽ کائڻ ڪري آهن، اهو ئي سبب آهي جو ايراني اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کان تندرست آهن ۽ گهٽ کائڻ ۽ گهڻي پنڌ ڪرڻ ڪري ڀر وارن ملڪن جي عربن کان سنها ۽ سمارٽ آهن. ايران جي حڪومت کي ان ڳالهه تي ڪريڊٽ نه ڏيڻ سخت بخيلپڻو ٿيندو ته هن عوام جي سواري لاءِ سک ڪري ڇڏيا آهن. ايران جي هر شهر ۾ تهران مشهد هجي يا قم، اصفهان يا تبريز ۽ شيراز، بس جو ڀاڙو نه برابر آهي. ايران جي هر شهر ۾ واندڪائي وقت بس ۾ چڙهي شهر جا چڪر هڻڻ منهنجو ايران ۾ خاص مشغلو رهيو ٿي. توهان کي جي رستن جي ڪجهه ڄاڻ ٿي وڃي ته چار ماڻهو هلڻ واريون ٽئڪسيون به سستيون آهن، جن بابت مون کي به پهريون دفعو قم ۾ خميني مدرسي جي هڪ آفريڪي طالب علم ٻڌايو. ايران جو هي وڏو بين الاقوامي مدرسو ڏسي بس لاءِ اچي بيٺس ته ڪانگو جو هي ذوالقعد نالي شاگرد جيڪو مدرسي جي هاسٽل ۾ رهي ٿو، مون کي چئن ماڻهن واري ٽئڪسي ۾ بازار قم ۾ وٺي آيو. کيس سٺي انگريزي آئي ٿي سو مونکي هتي جي هنن ٽئڪسين جو سسٽم سمجهائي ڇڏيو. قم جي هن مشهور امام خميني مدرسي جو احوال ڪٿي اڳتي هلي ڪنداسين جتي منهنجي ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن ۽ شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل مولانا غلام شبير وڌهو هتي جي عالمن ۽ تعليم يافته ماڻهن مان آهي پاڻ مولانا عبيد الله جو فرزند آهي ۽ سندن ڳوٺ تعلقي شهدادڪوٽ جو چاڪياڻي نالي آهي. جتي سندس جنم پهرين مارچ 1961ع تي ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ميرو خان ۾ مرحوم مولانا اختر حسين چانڊيو کان ورتائون خاص ڪري جامع المقدمات ۾. ان بعد ڪجهه عرصو ڪوئيٽا ۾ جامع امام صادق علمدار روڊ واري مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. ”ان کان پوءِ.“ مولانا شبير ٻڌايو ته ”ايران آيس جتي حوزه علميه قم ۾ آيت الله سيد محمد مفتي الشيعه اردبيلي وٽ هي درس ورتم.
نهج البلاغه
صحيفه سجاديه
ڪتب اربع
اصول ڪافي
من لايحضر الفضيه
الاستبصار
تهذيب ۽
علوم تاريخ.“
مولانا غلام شبير ٻڌايو ته هن قم ۾ انهن سبجيڪٽن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ”امام زمانا مهدي موعود“ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هو ڪيترائي دفعا ڪربلا ۽ شام زيارت لاءِ توڙي ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي چڪو آهي. پاڻ تمام سٺي فارسي ڳالهايئين ٿي. ساڻس گڏ دادو ضلعي جي ماڏو ڳوٺ جي زوار فيض محمد چانڊيو جو فرزند زوار خان محمد چانڊيو پڻ هو. سندس ڏاڏو زوار رئيس مرحوم جان محمد چانڊيو شيعن جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. جنهن 1952ع ۾ سنڌ ۾ پهريون مناظرو ڪرايو هو. زوار خان محمد ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان ايم. اي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان M.Ed حاصل ڪئي آهي.