رستم، سهراب، تهمينا ۽ زرينا وغيره
ڪيومرس کان پوءِ هن جو پوٽو هوشنگ تخت تي ويٺو. هي بادشاه عدل ۽ انصاف کان مشهور هو. هن لوهه جي ٽُڪرين کي مهٽڻ سان باه ايجاد ڪئي. هوشنگ بادشاه شهر ”سوسا“ جو بنياد رکيو ۽ ايراني نار (خليج فارس) جي ڪناري تي آباد سڀني قومن کي پنهنجي حڪم هيٺ آندو ۽ پنهنجي سلطنت کي وڌايو.
هوشنگ کان پوءِ تهمور هن تخت تي ويٺو جنهن جي وفات بعد جمشيد شهر اصطخر جو بنياد وڌو جنهن کي يوناني ”پرسي پوليس“ سڏين ٿا. هي شهر شيراز کان 35 ميلن جي فاصلي تي آهي. هن بادشاهه پنهنجي زماني ۾ هڪ مسافر خانو (سراءِ) ٺهرائي جيڪا ”تخت جمشيد“ سڏجڻ لڳي. هن مسافر خاني جا ڪجهه بنياد اڃا تائين قائم آهن. ايران ۾ شراب ۽ موسيقي هن بادشاه جي ڏينهن ۾ ايجاد ٿي. جام جم جا داستان پڻ هن سان وابسته آهن.
سال شمسي پڻ جمشيد بادشاه ايجاد ڪيو جنهن جو پهريون ڏينهن نوروز سڏجي ٿو. هن کان اڳ جنگ جي ميدان ۾ پٿر ۽ لٺيون استعمال ٿيون ٿي، جمشيد تلوار ۽ تير ايجاد ڪيا. کيتي ٻاري، سُٽ ڪتڻ ۽ ڪپڙو اڻڻ هن جي زماني جون ايجادون آهن.
جمشيد کان پوءِ هن جو پوٽو ضحاڪ تخت تي ويٺو. هي شخص تمام ظالم هو. هن ڪاوه نالي هڪ همراه جي ٻن پٽن کي ڦاسي ڏني جنهن تي ڪاوه، ماڻهن کي گڏ ڪري ضحاڪ خلاف بغاوت ڪئي ۽ فوج گڏ ڪري ضحاڪ کي شڪست ڏئي، آذربائيجان ۾ قيد ڪري سندس پوٽي فريدون کي تخت تي وهاريو.
فريدون نهايت عقلمند ۽ عظيم الشان بادشاهه رهيو. هن پنهنجي سلطنت ۾ ڪيتريون ئي سٺايون آنديون. مرڻ وقت هن پنهنجي ڏهٽي ”منوچهر“ کي نصيحت ڪئي ته تنهنجي عمر جو هڪ هڪ ڏينهن تنهنجي زندگي جي تاريخ جو هڪ هڪ ورق آهي. خبردار جو انهن ورقن مان ڪنهن ورق تي ڪا اهڙي ڳالهه لکي وڃي جيڪا ايندڙ نسل خراب نگاهه سان ڏسن.
منوچهر عقلمند بادشاهه هو. هن ڪيترائي جنگل صاف ڪرائي سرسبز باغ ۽ رهائش جا علائقا ٺهرايا.
خراسان صوبي جي اتر ۾ توران جو ملڪ هو جنهن جي بادشاهه افراسياب، خراسان ڏي فوج موڪلي منوچهر تي حملو ڪري ڇڏيو.
منوچهر جي جي خوشحاليءَ جو وڏو سبب هن جو وزير سام هو. هي شخص (يعني سام) ايران جي اڄ واري صوبي سيستان جو شهزادو هو. هن جي پٽ جو نالو ”زالزر“ ۽ پوٽي جو نالو ”رستم“ هو. منوچهر کان پوءِ هن جو پٽ نوذر ايران جي تخت تي ويٺو، پر هن کي افراسياب قتل ڪري ڇڏيو . سام جي پٽ زالزر هن غاصب کي شڪت ڏئي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو ۽ نوذر جو پٽ زاب تخت تي وهاريو. زاب کان پوءِ هن جو پٽ گرشاسپ تختِ ايران تي ويٺو. هي هن خاندان (پيش داديان) جو آخري بادشاهه هو. هن جي ڏينهن ۾ افراسياب هڪ دفعو وري ايران تي حملو ڪيو ۽ گرشاسپ کي قتل ڪري وڌو.
گرشاسپ جي قتل بعد افراسياب ڪجهه سالن تائين ايران تي حڪومت ڪندو رهيو. ان عرصي دوران ” زالزر “ هڪ وڏي فوج گڏ ڪئي ۽ پنهنجي پٽ رستم کي ان جو سپھ سالار ٺاهي افراسياب تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. افراسياب کي سخت شڪست ملي. منوچهر جو پوٽو ڪيقباد جيڪو ”ڪيان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو“، ان کي ايران جو بادشاهه بنايو ويو. ڪيقباد تمام انصاف پسند ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي بادشاهه ثابت ٿيو. هن ايران جي شهر همدان جو بنياد وڌو ۽ شهر جي چوڌاري ستن رنگن جون ست ڀتيون ٺهرايائين.
ڪيقباد کان پوءِ هن جو پٽ ڪيڪائوس ايران جي تخت تي ويٺو، ۽ ڪجهه سالن بعد مازندران جي جابلو علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. نتيجو اهو نڪتو ته هو ديو سفيد جي چنگل ۾ گرفتار ٿي ويو. پراڻي زماني ۾ مازندران جي جنگلي ۽ جابلو ماڻهن کي ديو سڏيندا هئا.
زالزر جو پٽ رستم هن کي ڇڏائڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ست ڏکيون منزلون (جن کي فردوسيءَ ”هفتخوان رستم“ سان تعبير ڪيو آهي) ماريندو اتي پهتو ۽ ڪيڪائوس کي ديو سفيد جي چنبي مان آزاد ڪرايو. هي اهي منزلون آهن جن جي نقش ڪاري فردوسي جي قبر جي چوڌاري ڀتين تي ٿيل آهي، جنهن جو احوال گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته انهن تصويرن جو ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هجڻ جي باوجود منهنجي ڪئميرا سان هڪ ايرانيءَ مون لاءِ ڪڍي ورتا. بهرحال رستم هن مصيبت مان ڪيڪائوس کي آزاد ڪرائي آيو ته هن بدبخت بادشاهه هڪ دفعو وري ”شاهه باماوران“ تي حملو ڪري پاڻ کي ڦاسائي وڌو. رستم جي هڪ دفعو گُهر ٿي. هن جنگ ۾ هڪ عجيب واقعو رونما ٿيو. جواني جي ڏينهن ۾ رستم تهمينا سان شادي ڪئي هئي. هن کان جدا ٿيڻ وقت رستم هن کي پنهنجي نشاني ڏيندي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پٽ ڄمي ته ان جي ٻانهن ۾ منهنجي يادگيري خاطر ٻڌي ڇڏجانس. هاڻ هيئن ٿيو جو هن کي پٽ ڄائو ۽ تهمينا هن جي ٻانهن ۾ اها نشاني طور مليل مهر ٻڌي به ڇڏي پر هن ان ڊپ کان ته متان ڪڏهن رستم پنهنجي پٽ کي پاڻ نه گهرائي وٺي. هن کي چورائي موڪليو ته توکي ڌيءَ ڄائي آهي. تهمينا مان رستم کي ڄاول پٽ سهراب پنهنجي علائقي جي بادشاهه افراسياب وٽ نوڪري اختيار ڪئي ۽ اتفاق اهڙو ٿيو جو جڏهن افراسياب جي فوج جو رستم جي فوج سان مقابلو ٿيو ته هن مقابلي ۾ پيءُ پٽ (يعني رستم ۽ سهراب) دوبدو اچي ويا. نه پيءُ کي معلوم ته هي سندس پٽ آهي ۽ نه پٽ کي معلوم ته هي سندس پيءُ آهي. فردوسيءَ هن داستان کي هن طرح شروع ڪيو آهي:
يڪي داستان است پر آب چشم
دل نازڪ از رستم آيد بخشم!
مطلب ته ٻنهي جي لڙائي شروع ٿي. جيتوڻيڪ سهراب رستم کان طاقت ۾ ڪو گهٽ نه هو پر آخر پيءُ وڏو تجربيڪار ۽ همت وارو هو. هن سهراب کي اهڙو زخمي ڪيو جو هن جي بچڻ جي ڪا اُميد نظر نه رهي. ان وقت سهراب جي زبان مان نڪتو ته ”منهنجو پيءُ رستم توکان منهنجي خون جو بدلو وٺندو“. جڏهن رستم اهو ٻڌو ته هن جو دماغ گهوماٽجي ويو ۽ سهراب کان پڇيو ته تو وٽ ان جي ڪهڙي نشاني آهي؟ هن پنهنجي ٻانهن ڏي اشارو ڪري چيو ته اها منهنجي پيءُ رستم جي نشاني آهي. رستم ان کي کولي ڏٺو ته اها هن جي ئي نشاني هئي.
فردوسي لکي ٿو ته رستم منهن مٿو پٽيندي ڏاڍيون رڙيون ڪيون پر جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو.
ڪيڪائوس کان پوءِ ڪيخسرو ايران جي تخت تي ويٺو. هن مصر، شام ۽ ايشيا جو وڏو حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. سٺ سال حڪومت ڪرڻ بعد هن تخت ۽ تاج ڇڏي وڃي ڪنڊ پاسو وسايو ۽ حڪومت جون واڳون لهراسپ کي سونپيون.
لهراسپ ڪجهه عرصو حڪومت ڪرڻ بعد سلطنت جو تخت، گشتاشپ حوالي ڪيو. گشتاشپ جي زماني ۾ زرتشت (Zoroastar)جي پيغمبري جو قصو عام ٿيو ۽ هو پاڻ بادشاهه سلامت وٽ آيو. فردوسيءَ جو شعر آهي:
به شاه جهان گفت پيغمبرم
ترا سوئي يزدان همي مي برم
گشتاشپ جي ان وقت بلخ ۾ حڪومت ٿي. هن هي نئون مذهب قبول ڪيو ۽ پوءِ هن پٺيان عوام به هن مذهب جي دائري ۾ اچي وئي. چون ٿا ته بادشاهه سلامت (گشتاشپ) زرتشتن جي پاڪ ڪتاب ”اوستا“ جا چمڙي (جانورن جي کلن) تي ٻارهن هزار نسخا لکرائي سڄي ملڪ ۾ ورهايا. ايران جا گهڻي ڀاڱي آتشڪده به هن بادشاه ٺهرايا.
گشتاشپ جي پٽ اسفنديار پنهنجي حڪومت ۾ مغرب جا ڪافي ملڪ فتح ڪيا. ان بعد رستم سان وڙهڻ لاءِ هن سيستان جو رخ ڪيو. اسفنديار رستم جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ مارجي ويو. ان بعد اسفنديار جو پٽ ”بهمن“ ايران جو بادشاهه ٿيو.
بهمن پنهنجي ڏاڏي گشتاشپ وانگر عادل ۽ عقلمند هو. هن جي رهائش ڪڏهن بابل ۾ ٿي ته ڪڏهن همدان ۾. بهمن کان پوءِ هن جي ڌيءَ هُما تخت تي ويٺي. هُما کان پوءِ دُراب، ۽ دُراب کان پوءِ دارا تخت تي ويٺو. هي اهو ئي دارا آهي جنهن بابت سنڌي جو راڳ ٻڌندا آهيون ته:
ٿيا هزار سڪندر دارا
ويا پنهنجا وڄائي وارا.
هن ايراني بادشاه دارا جي ڏينهن ۾ سڪندر ايران تي فوجي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيان گهراڻي جو خاتمو ڪيو.
دارا جي مارجي وڃڻ بعد ايران جي سلطنت سڪندر جي قبضي ۾ آئي. سڪندر جي مرڻ بعد اها ڪجهه عرصي لاءِ سڪندر جي يوناني نائبن جي هٿ ۾ رهي.
بهرحال ان قسم جو تاريخي Mythical ۽ پهلواني جون ڳالهيون فردوسي جي شاهنامي ۾ آهن ۽ توهان کي هاڻ اها به خبر پئجي وئي هوندي ته رستم، سهراب، اسفنديار، دارا ۽ سڪندر ڪي مسلمان نه هئا. ان وقت اسلام اڃا آيو ڪٿي هو. ان وقت ته ايران ۽ اوسي پاسي ۾ رهندڙ زرتشت (آتش پرست) هئا يا وري اسان جي پاسي- يعني ننڍي کنڊ، چين، جاپان ڏي هندو ڌرم هو يا ٻڌ ڌرم. جيئن ڪيترا ماڻهو زرينا کي به مسلمان ٿا سمجهن، جيتوڻيڪ هوءَ روس جي عيسائي بادشاه زار جي زال هئي.