سنڌ ايران ۽ ميرن جي حوالي سان
تاريخ نويس لکن ٿا ته سڪندراعظم جي سنڌ تي حملي کان گهڻو اڳ ايراني حاڪمن کي سنڌ جي ڄاڻ هئي. ايراني شهنشاهه داريوس اول جنهن ايران تي 521 ق. م کان 486 تائين 35 سال کن حڪومت ڪئي، تخت تي ويهڻ بعد اٺن سالن اندر، هن پنهنجي ملڪ (پرشيا) جون سرحدون سنڌ تائين ملائي ڇڏيون. هي B.C 513 جي ڳالهه آهي.
712 عيسوي سن ۾ محمد بن قاسم جي حملي بعد عربن جي حڪومت سنڌ ۾ قدم ڄمايو. الادريسي تاريخدان موجب شهدادپور کان 6 ميل کن پري شهر منصوريا عباسي خاندان جي ٻئي خليفي منصور ٻَڌرايو، جيڪو 754ع کان 755ع تائين خليفو رهيو. هارون رشيد خليفي پنهنجي حڪومت جي دور (809ع-786ع) ۾ پنهنجي حڪومت جون سرحدون سنڌ تائين قائم رکيون. 712ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو، ان بعد پورا ٻه سئو سال سنڌ عربن جي اُميه ۽ عباسي گهراڻن جي حڪومتن جو حصو ٿي رهي. اهي عرب خليفا ئي صوبائي گورنر مقرر ڪندا هئا ۽ تاريخ ۾ اهڙن 37 گورنرن جو رڪارڊ موجود آهي. ان دوران ڪيترن سنڌي اسڪالرن مسلم دنيا ۾ مشهوري ماڻي. ايگريڪلچر ۽ ڪامرس ۾ ترقي ٿي. جنهن جا ثبوت منصوريا جي کنڊرن مان ملن ٿا. ڏهين صدي ۾ سنڌ تي عربن بدران مڪاني ماڻهن جي حڪومت شروع ٿي. سمن ۽ سومرن سنڌ تي ڊگهو عرصو حڪومت ڪئي. سومرن جو واسطو مڪاني سنڌي ۽ عربن سان هو. شروع وارا سومرا حاڪم فاطمي شيعا اسماعيلي هئا ۽ هنن جون وفاداريون قاهري (مصر) جي فاطمي خليفي سان رهيون. جن ڏي هنن وقت بوقت ڏن (تحفا ۽ سوکڙيون) پيش ڪيون ٿي ۽ جنهن جو نالو جمعي جي خطبي ۾ ورتو ويو ٿي. سومرن سنڌ تي 1026ع کان 1351ع تائين حڪومت ڪئي سومرن منصوره کي گادي جو هنڌ ٺاهيو. محمود غزنوي جي حملي بعد هن ٺري (ماتلي کان 8 ميل کن پري) کي گادي جو شهر بڻايو، ان بعد 1351ع تائين تقريبن 95 سالن تائين ٺٽو گاديءَ جو شهر رهيو.
سومرن کي سمن (لس ٻيلي جي ڄامن، جيڪي اڄ ڪلهه عالياڻي سڏجن ٿا) 1351ع ۾ شڪست ڏني. ڄام نظام الدين سمن جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. مندرا، رونجها، لاسي ۽ ابڙا سمن جون ذاتيون Sub-castes آهن. بلوچستان وارو اڳوڻو وڏو وزير ڄام يوسف هن قبيلي جو سردار آهي ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق علي مرحوم جو پٽ ڄام معشوق علي سردار آهي. سمن 1351ع کان 1551ع تائين سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪجهه حصن تي حڪومت ڪئي.
سمن بعد سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت رهي. سما گهراڻي جي ڄام تماچي جي وفات بعد ڪيترا سما نواب گجرات لڏي ويا، جتي هنن جو اولاد اڄ تائين رهي ٿو. انهن مان هڪ ڀاءُ وري سنڌ موٽي آيو هو ۽ سيکاٽ ۾ اچي رهيو. هالا جي اسڪول ۾ هن سيکاٽ جا ٽي سما؛ عبدالغفور، محمد عمر ۽ خير محمد منهنجا به ڪلاس ميٽ رهيا ۽ سيکاٽ جو هڪ نوجوان سمو ڊاڪٽر حاجي محمد منهنجو جنرل فزيشن آهي. اسان جي ڪتابن جو پبلشر علي نواز گهانگهرو جي ذات پڻ سمن جي Sub-castes آهي، جيڪي رتوديرو، حيدرآباد ۽ ميهڙ ۾ رهن ٿا.
سنڌ هڪ وڏي عرصي تائين افراتفري جو شڪار رهي. سورهين صدي جي آخر ۾ دهلي جي حاڪم شهنشاهه اڪبر مغل جو ڪنٽرول رهيو ۽ ڏيڍ صدي تائين سنڌ جا سردار ۽ حاڪم هن کي ڏن ڏيندا رهيا. پوءِ ڪلهوڙا خاندان، جيڪي پنهنجو پاڻ کي عباسي گهراڻي جو اولاد ٿا سڏرائين ۽ سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي هئائون. انهن ۾ ڪيترائي مذهبي ليڊر پيدا ٿيا، جن مان ميان آدم شاهه تمام مشهور ٿي گذريو آهي. هن جي پوئلڳن ۽ معتقدن جو تعداد ايڏو ته وڌي ويو جو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ هنن سترهين صدي ۾ اتر اولهه سنڌ تي سياسي ۽ انتظامي طرح قبضو ڪري ورتو ۽ ميان يار محمد جي اڳواڻي ۾ سنڌ مڪمل طور ڪلهوڙن جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ سندس پٽ نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سنڌ جو هيٺيون حصو به ڪلهوڙن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو، جنهن جو ٺٽو گادي وارو شهر رهيو. ڪلهوڙن جي سنڌ تي 1784ع تائين حڪومت رهي. ڪلهوڙن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو جنهن جي 1772ع ۾ وفات ٿي، سنڌ جو بيحد ناميارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هي ڪلهوڙو حاڪم هو، جنهن قديمي نيرون ڪوٽ واري ڊٺل شهر جي جاءِ تي اڄ وارو حيدرآباد شهر ٻڌرايو ۽ حيدرآباد جي ٽن ٽڪرين مان هڪ تي 1766ع ۾ پڪو قلعو ٺهرايو، جنهن جو ڪم سانده ٻه سال هلندو رهيو. غلام شاهه ڪلهوڙي حضرت عليءَ رضه جي لقب ”حيدر“ نالي تي هن شهر جو نالو رکيو.
مير (ٽالپر) اڄ جي ايران واري بلوچستان ۽ سيستان واري صوبي کان اسان واري بلوچستان ۽ سنڌ واري صوبي ۾ آيا، جن کي وقت جي ڪلهوڙا حاڪمن مڪاني باغي بلوچن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج ۾ ڪمانڊرن ۽ ڪورٽ ۾ وزيرن جي عهدي تي رکيو. ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ هنن ميرن جي وڌندڙ طاقت ڏسي ۽ ڪجهه شڪ شبهي جي بنياد تي ميرن جي خونريزي شروع ڪئي. 1775ع ۾ ميرن جي هڪ سردار مير بهرام خان جي قتل تي ميرن جي قبيلن ۾ سخت بيچيني وڌي وئي ۽ ست اٺ سالن جي ويڙهاند بعد آخر ڪلهوڙن کي ڪڍيو ويو ۽ 1783ع ۾ اپر سنڌ جو ڪنٽرول مير سهراب خان سنڀاليو ۽ برهان نالي شهر کي هن پنهنجي گادي مقرر ڪئي ۽ اهو نالو بدلائي خيرپور رکيو يعني خير جي زمين.
مير سهراب خان افغانين کي سنڌ مان تڙي حيدرآباد ۾ پنهنجي عزيز مير فتح علي خان ٽالپر کي اتي جو حاڪم بنايو. پاڻ 1811ع تائين پنهنجي حڪومت کي ٽن حصن ۾ ورهائي ان جو انتظام پٽن حوالي ڪيو ۽ پاڻ احمد آباد قلعي ۾ جنهن جو بعد ۾ ڪوٽڏيجي قلعو نالو رکيو ويو، نئين زال سان شادي ڪري رٽائرڊ زندگي گذارڻ لڳو. کيس هن زال مان 1815ع ڌاري هن قلعي ۾ مير علي مراد ڄائو جيڪو سندس وفات بعد 1842ع ۾ خيرپور جو والي ملڪ خداداد ٿيو. کيس 1876ع ۾ پرنس آف ويلس جو ۽ 1877ع ۾ قيصر هند جو ميڊل مليو. پاڻ ڪيترين ئي زالن سان شادي ڪيائين جن مان کيس ڇهه پٽ ٿيا. 1894ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جيئن حيدرآباد جي شاهداداڻي ميرن جو قبرستان حيدرآباد ۾ آهي جيڪو ”ميرن جا قبا“ سڏجي ٿو، تيئن خيرپور جي سهراباڻي ميرن جو قبرستان ”قادر بخش جا قبا“ سڏجي ٿو.
مير علي مراد خان ٽالپر (1894ع- 1842ع) بعد خيرپور تي هيٺين حاڪمن حڪومت ڪئي:
• مير فيض محمد خان ٽالپر- 1894ع کان 1909ع تائين
• مير امام بخش خان ٽالپر- 1909ع کان 1921ع تائين
• مير علي نواز خان ٽالپر- 1921ع کان 1936ع تائين
• مير فيض محمد خان II- 1936ع کان 1947ع تائين
• مير علي مراد خان ٽالپر II- (جارج) 1951ع کان 1954ع تائين (خيرپور رياست جو آخري والي)
1838ع ۾ انگريزن جي اچڻ بعد ٽالپرن حڪومت جي رٽ (Writ) سنڌ تي ڪمزور ٿيڻ لڳي، پر خيرپور جا مير اجايو مهاڏو (Confrontation) ڪرڻ بدران حڪومت جو ڪم هلائيندا رهيا ۽ حڪومت جون واڳون هڪ کان ٻي مير وارث ڏي ٽرانسفر ٿينديون رهيون. مير فيض محمد ٽالپر دوم (1947ع- 1936ع) واحد حاڪم هو، جنهن کي انگريزن لاهي ڇڏيو. هن جي صغير ۽ اڪيلي پٽ مير علي مراد خان تالپر دوم (جارج) جي تاجپوشي ڪرڻ بعد کيس انڊيا جي بهترين اسڪولن مان تعليم ڏياري، تيستائين خيرپور رياست جو انتظام انگريز هلائيندا رهيا. پاڻ مير فيض محمد جي ٻي زال دلهن پاشا بيگم مان هو، جيڪا خاتون ڪئمبرج يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ هئي.
خيرپور رياست جو هي آخري والي مير علي مراد خان ٽالپر II انگريزي نالي جارج سان به سڏيو ويندو هو ۽ آرمي جي ليفٽيننٽ ڪرنل جو عهدو پڻ حاصل هوس، پاڻ نون مهينن جو هو ته سندس پيءُ مير فيض محمد ٽالپر (دوم) کان حادثاتي طور بندوق ڇٽي وئي ۽ گولي هن نون مهينن جي ٻار جي پيٽ ۽ ساڄي ڦڦڙ مان ٿيندي پٺ کان ٻاهر نڪري وئي. حياتي هئي جو بچي ويو. پاڻ (علي مراد ٽالپر) ٻه شاديون ڪيائين. هڪ بهاولپور جي امير نواب سر صادق محمد خان عباسي جي ڌيءَ سان ۽ ٻي علامه رشيد ترابي جي ڌيءَ سان. کيس ٽي ٻار ٿيا:
مير عباس خان ٽالپر (ڄم جو سال 1965ع) انگلنڊ مان پڙهيو ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. ٻيو پٽ مير مهدي رضا خان ٽالپر (ولادت 1967ع) آمريڪا مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ خيرپور ۾ رهي ٿو. پاڻ خيرپور ميرس تاريخي ۽ ڪلچرل سوسائٽي جو سرپرست ۽ مهراڻو جنگلي جيوت جيڪو پارڪ مير سهراب خان 1790ع ۾ ٺهرايو، جو مئنيجر پڻ آهي ۽ ٽيون ٻار، ڌيءَ صاحبزادي زهرا آهي.
اڄ جي هند ۽ سنڌ جو سنڌي خيرپور جي هنن سهراباڻي مير حاڪمن مان سڀ کان گهڻو مير علي نواز خان ٽالپر (ڄم جو سال 1884، وفات 1937 ۽ گادي تي ويهڻ جو سال 1921ع ) کان واقف آهي، جو سندس لاهور جي هڪ ڳائڻي بالي سان عشق جو مشهور داستان ويجهڙائي ۾ KTN ٽي وي چئنل تان ڊرامي جي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ مغل صاحب جنهن جي چهري تي دشمني خاطر تيزاب هاريو ويو هو، مير علي نواز جو پارٽ ادا ڪيو ۽ بالي جو پارٽ سبرين هيسباڻي (مشهور راڳي ماريا بلوچ جي ڌيءَ) ادا ڪيو. مير صاحب جيتوڻيڪ لاهور جي ايڇيسن ڪاليج مان پڙهيو، جنهن مان تن ڏينهن ۾ فقط انگريزن جا ٻار ۽ انڊيا جي نوابن ۽ راجائن جا ٻار پڙهيا ٿي، ان بعد انڊيا جي ملٽري ڪاليج ديرادون مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن ڪاليج جي فوجي ٽريننگ جو معيار انگلينڊ جي سئنڊهرسٽ اڪيڊمي جيان سخت مڃيو وڃي ٿو پر مير صاحب کي اڳتي هلي عشق جي اهڙي چپيٽ لڳي جو پنهنجا حال افعال وڃائي ويٺو. مير صاحب جي عشق جو نظارو علي محمد راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ هن ريت چٽيو آهي.
..... مير علي نواز ٽالپر شاعر هو ۽ تنهن ڪري عاشق مزاج پڻ هو. سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان ٿي ويو ۽ عشق به اهڙو جنهن کي واقعي عشق چئجي. لاهور هلي ويندي هئي ته پوءِ ويهي ڏسي مير مهجور جو حال! نينهن جي نانَوَ ۾ نوڙت ڀريا نو سئو نياپا، سوز ۽ گداز جا دلدوز ثبوت، هجر جي رات جون ڪاريون ڪهاڻيون، شامِ غم ۽ صبحِ فراق جا قهري قصا، آزيون نيزاريون، ميڙيون منٿون ۽ ان اپرانڌ رپين جون همياڻيون....
وڏي محنت ۽ مشقت بعد آخر مير صاحب جي باليءَ سان 1923ع يا شايد 1924ع ۾ شادي رچائي وئي. ڄڻ مئي مڙهه ۾ ساهه پئجي ويو، مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مهمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئي منجهان اچي ويا. مختار بيگم امرتسري، جنهن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو. اڃا سندس اوائلي زمانو هو. سندس حسن ۽ جواني واري ٻوٽي کي اڃان ڪوسو واءُ نه لڳو هو. هڪ ٺمري خاص مزي سان ڳايائين.
مين تو سي ناهين بولون ري!
بمبئي مان هيرا ٻائي نالي هڪ طوائف آيل هئي جنهن جا وار ايڏا ڊگها هئا جو وارن جو مچو کڙين هيٺان ڏيئي ڇڏيندي هئي. مجلس هلندي خزانو خالي ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن تائين پنهنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.
ميرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت ڪلهوڙن جو آخري حاڪم ميان عبدالنبي ڪلهوڙو هو. هڪ ٻي پويان هالاڻي جي ٽن لڙائين بعد ڪلهوڙن کي مڪمل طور شڪست اچي وئي ۽ حيدرآباد جو پڪو قلعو ٽالپرن جي هٿن ۾ آيو. هي سال 1783ع جي ڳالهه آهي. هالاڻي جي هنن لڙائين ۾ بلوچن جي ڪمانڊ هنن مير سردارن وٽ هئي.
مير فتح علي خان شاهدادڻي
مير ٺارو خان ولد مير فتح خان مانڪاڻي
مير الهه يار خان مانڪاڻي ۽
مير سهراب خان
ميرن جي طبيعت لالچ ۽ حرص واري نه هئي ۽ نه وري ڪي خود غرض هئا. هنن ٽالپر حڪمرانن لاءِ مشهور آهي ته هنن جا مزاج شاعراڻا ۽ طبيعت بخمل جيان نفيس هئي. پُر اثر لهجو ۽ رعبدار آواز سندن سڃاڻپ هئي. هنن هن ڌرتي تي امن ٿي چاهيو. گهڻي اندروني ويڙهه کان بچڻ لاءِ سنڌ ۾ ٽي پرڳڻا قائم ڪري ٽي گڏيل حڪومتون قائم ڪيون ويون. انهن مان هڪ پرڳڻو حيدرآباد مير فتح علي ٽالپر حوالي هو، جيڪي شاهداداڻي مير سڏجن ٿا. ٻيو ٿر ۽ ميرپور خاص وارو مير ٺاري جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو اولاد مانڪاڻي مير سڏجن ٿا ۽ ٽيون خيرپور وارو مير سهراب حوالي جيڪي سهراباڻي مير سڏجن ٿا.
الوحيد اخبار جي هڪ پراڻي پرچي جي ڪٽنگ منهنجي سامهون آهي ميرپور خاص جي ٽالپرن لاءِ لکيل آهي ته:
”سنڌ فتح ڪرڻ وقت ميرپور خاص جي ٽالپرن مان مير ٺاري خان جو وڏو هٿ هو، جنهن کي ٿرپارڪر وارو ملڪ حصي ۾ ڏنو ويو. مير ٺاري خان جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مير علي مراد خان خيرپور جي گادي تي ويٺو، جنهن 1838ع ۾ ٻه پٽ ڇڏي وفات ڪئي. هڪ مير شير محمد خان ۽ ٻيو مير خان محمد خان، مير شير محمد خان انگريزي ۽ فارسي تاريخن ۾ ”شير سنڌ“ سڏيو ويو آهي. 1828ع ۾ ڪمشنر مانسفيلڊ عمرڪوٽ ۾ هڪ درٻار ڪئي، جتي مير صاحب مرحوم کي ستاره هند تمغه لقب سميت ڏنو ويو. پاڻ 1888ع ۾ وفات ڪيائين. مير شير محمد 24 مارچ 1843ع تي سپاهين سميت حيدرآباد ڀرسان دٻي جي ميدان جنگ تي انگريزن جو دليري سان مقابلو ڪيو پر انگريز کٽي ويا ۽ سنڌ جي آزاد رياست برٽش انڊيا سان ملائي وئي.
هن دٻي جي لڙائي کان اڳ انگريزن جي لڙائي حيدرآباد جي ميرن سان 16 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جو مشهور هيرو هوش محمد شيدي ميرن طرفان انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو.
ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ مير فتح علي خان ٽالپر خداآباد ۾ رهيو ٿي. ڪلهوڙن کان سنڌ حاصل ڪرڻ بعد مير فتح علي ٽالپر خداآباد ڇڏي 1789ع ۾ حيدرآباد کي گادي جو شهر بڻايو. مير فتح علي خان پنهنجي حيدرآباد واري پرڳڻي تي اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ بدران پنهنجن ٽن ڀائرن کي شامل ڪيو، جيڪا ميرن جي چوياري سڏجي ٿي. حيدرآباد ايندڙ اڌ صدي تائين (1843ع ۾ انگريزن جي فتح تائين) سنڌ جي گادي جو شهر رهيو. هي حيدرآباد وارو مير فتح علي ٽالپر آهي، جنهن جي ۽ خيرپور ميرس واري مير سهراب خان جي بندوق، مشهد شهر ۾ امام علي رضا جي مقبري ڀرسان هٿيارن جي ميوزيم ۾ رکيل آهي.